شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• دُٻــــــــــي ۾ رهندڙ ذاتيون/قبيلا

دُٻي ۾ مستقل طور ٽي ذاتيون رهن ٿيون ، جسڪاڻي، خاصخيلي ۽ ملاح قبيلي جا ماڻهو آباد آهن. جسڪاڻي هتان جي علائقي ۾ گهڻو آڳاٽو آباد آهي تاريخي حوالن ۽ وڏن جي ڪيل ڳالهين مان ايئن لڳي ٿو ته هي قبيلو سترهين ۽ ارڙهين صدي ۾ هت آباد هو انهي جو تفصيل هيٺ چڱي طرح بيان ٿيل آهي. خاصخيلي قبيلي جا ماڻهو هن علائقي ۾ 1932ع ۾ اچي آباد ٿيا جڏهن ته ملاح قبيلي جا ماڻهو 1940ع ۾ ڦارهيارو ناري کان لڏي اچي ويٺا ۽ مستقل آباد ٿي ويا. هر هڪ قبيلي جو هيٺ تفصيل ساڻ ذڪر ڪجي ٿو بحرحال برادري جي لحاظ ساڻ هن ڳوٺ جون ٽئي ذاتيون هڪ ٻئي سان ويجهو آهن. غمي توڙي خوشي ۾ هڪ ٻئي سان گڏ آهن تعليم به هڪ جاءِ تي حاصل ڪئي وڃي ٿي، جيتوڻيڪ تعليم جي باري ۾ الڳ باب هن ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي جنهن ۾ مڪمل تفصيل بيان ٿيل آهي.