شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• نالو دٻي ڪيئن پيو؟

سنڌ تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڳ آهن جيڪي اصل نالي ۽ تاريخي پسمنظر جي لحاظ کان مونجهاري جو شڪار آهن. اڄ تائين انهن ماڳن يا انهن جي نالن بابت ڪا به سنجيده تحقيق نه ڪئي وئي آهي. ماڳ جي غلط راٰءِ واري نالي تي ڪيترائي مونجهارا پيدا ٿي وڃن ٿا. زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته اسين ڪنهن ڳالهه کي سمجهي نه سگهندا آهيون ۽ نه ڳالهين کي تڪي توري سگهندا آهيون پوءِ جڏهن ان ڳالهه جي تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسندا آهيون ته ڪجهه نه ڪجهه حقيقت سامهون اچي ويندي آهي ۽ ڳالهه ڪجهه سمجهي وٺندا آهيو. اڄ آءُ پنهنجي ڳوٺ دٻي بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته هن ڳوٺ تي اهيو نالو دٻي ڪيئن پيو. منهنجو اهو پيارو ڳوٺ يا ماڳ جنهن ۾ منهنجو جنم ٿيو، معصوميت ۽ بچپن گذاريم، ان وقت جا نه وسرڻ وارا واقعا ۽ لمحا چٽا ياد آهن. هڪ جيڏن سان گڏجي رانديون ڪيم. جن جو خوبصورت احساس ياد آهي. اتي پڙهيس،جوان ٿيس، ننڍن توڙي وڏن مائٽن ۽ دوستن سان گڏ گذاريم، ڏک ۽ سک نه رڳو پنهنجا ڏٺم پر مائٽن ۽ عزيزن جي زندگي جا لمحا ۽ ڏک سک ڏٺم. جيڪي هن وقت موجود نه آهن. پر مونکي ته هر ڳالهه ائين ياد آهي ڄڻ ڪالهه جي ڪا ڳالهه آهي. هر گذرندڙ لمحو توڙي ان کي سال مهينا ڏينهن توڙي گهڙيون ٿي وڃن ٿيون جيڪي ماضي جي فائيل ۾ هليا وڃن ٿا. جئين بيڪار ۽ ردي پنن کي ويڙهي ڪنهن اهڙي گدام ۾ اڇلايو ويندو آهي جيڪو ٻيهر سنڀالي نه سگهبو آهي. پر ڪي ماڻهو پنهنجي حياتي دوران پوئتي نظر ڦيرائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مان به پنهنجي احساس طبع ڪري ڪجهه سوچيندو رهندو آهيان ۽ انهن سوچن ۾ اها ڳالهه به آهي ته اسان جي ماڳ تي دٻي نالو ڪيئن پيو؟ جڏهن مان اسڪول ۾ پڙهندو هوس ڇو ته اسڪول جو نالو به دٻي آهي ته دٻي جو نالو ڪيئن پيو. وڏن کان پڇندو هوس ته پر ڪو به مونکي مطمعن ڪري نه سگهيو. ڪو چوندو هو ته هتي پاڻي جو دٻو هو تنهن ڪري نالو پيو پر اهو دٻو ڪٿي هو اها خبر به نه پئي پوي. ڪيتريون ئي ڳالهيون پيا ٻڌون. البته هڪ تمام وڏي عمر جي ماڻهو حاجي محمد صديق چيو ته اسان کي پنهنجن وڏن ٻڌايو هو ته پراڻي وقت ۾ جڏهن درياه تي ڪو به ڪنٽرول نه هو ۽ پنهنجي رخ تي وهندو هو ته هتان سندس لانگهو (لنگهه) هو درياه جي ڪناري تي ماڻهو آباد هئا. سندن لنگهه جي ڪري پتڻ يا ٻيڙيون هيون جن وسيلي علائقي جا ماڻهو درياه پار ڪندا هئا. ۽ سندن لنگهه هو. انهن ٻيڙين کي ميربحر آباد ڪيون ويٺا هوندا هئا. انهن ۾ ڪجهه مرد ۽ ڪجهه عورتون هونديون هيون. سندن نالا سنهڙو، تلي، دٻي، سانيسو، هيڪل، جانهيرو ۽ ڊيڍاڻو وغيره رکيل هئا. اهي سڀئي ڳوٺ هڪ ئي قطار جي سلسلي سان اتر کان ڏکڻ طرف تقريباً ويهن ميلن جي ڊيگهه ۾ واقع آهن . سڀ کان اتر ۾ سنهڙو ۽ ڏکڻ ۾ ڊيڍاڻو آهن. باقي سڀ ڳوٺ انهي جي وچ تي هڪ خوبصورت سلسلي سان قطار ۾ آهن انهن ڳوٺن جي اولهه ۾ جھوجهاڻ جو علائقو آهي جتان درياه وهندو هو جنهن جا اڄ به واضع ثبوت ملن ٿا. وقت جي ڌارا ۾ سڀ ڪجهه مٽجي ۽ تبديل ٿي ويا ليڪن باقي نشان ۽ نالا رهجي ڳوٺن تي پئجي ويا. گذريل وقت جي هر ڳالهه عجيب لڳي ٿي ڪا به اصلي خبر نه ٿي پوي.
هڪ دفعي منهنجي ملاقات حيدرآباد جي هڪ دوست ڊاڪٽر عزيز ٽالپور سان سندس رهائش گاه تي حيدرآباد ۾ ٿي. تقريباً ٻه ٽي ڪلاڪ گڏ رهياسون. هو صاحب لکڻ پڙهڻ جو تمام گهڻو شوقين آهي ڪالم به لکندو آهي. گفتگو دوران هن صاحب مونکان پڇيو ته توهان جي ڳوٺ دٻي تي اهو نالو ڪيئن پيو. مون کيس ڪو خاطر خواھ جواب ته نه ڏنو پر رهندو کيس ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جا به عجيب نالا ٻڌايا جيئن ڪنمب، ٺري، سيري، مروڙو، موٿر، ڪڻڇي، ۽ واڳهه وغيره. تبصري مٿان تبصرو شروع ٿي ويو. هن چيو هتي حيدرآباد ۽ ان جي پسگردائي ۾ اهڙا عجيب غريب نالا ڳوٺن، ذاتين، ۽ خود ماڻهن تي رکيل آهن. جن جو ڪو مقصد نه ٿو نڪري مان سندس ڳالهين کي ذهن ۾ نوٽ ڪندو ويس بلڪه جيڪي مون هن سان ڳالهيون ڪيون سي به ذهن ۾ نوٽ ڪندو ويس صرف دٻي ڳوٺ جي نالي تان اچي معاملو ۽ بيان انگهيو. ڊاڪٽر صاحب چيو ته سنڌ ۾ اهڙيون ذاتيون آهن جيڪي ٻڌڻ سان حيرت ٿئي ٿي. جهڙوڪ کودا، کاڙڪ، کارائي، ککر، ٺوڙها، وهريا، ۽ ٻائيتال وغيره. ماڻهو جيڪي ڏسن ٻارن تي اهي نالا رکي ڇڏين ٿا. جيئن ڪرڙ، ڪانڊيرو، کبڙ، انب، ليمون، صوف، اڪ، برسات، بادل، جهڙ، آچر، سومر، خميس، جمعو، مور طوطو، ڪانگل ۽ ٻيا عجيب قسم جا نالا. ان ڳالهه تي به ڏاڍو کلياسون ته همراه جي گهر ۾ توڙي ڪوپ به ڀڳل هوندس پر نالو هوندس نواب خان، مائي ويچاري جو گهر ۾ قدر به نه هوندو پر نالو هوندس بادشاه زادي. ڪنهن ويچاري جي شڪل ڪنهن پاسي نه هوندي پر نالو هوندس پري. ڪنهن جو توڙي مڙس وٽ قدر به نه هوندو ۽ هميشه پئي مڙس جو تشدد سهندي پر نالو هوندس ڀاڳ ڀري. ڪجي ته ڇا ڪجي؟
ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته حيدرآباد جي ڀر ۾ ٽنڊا سڀ ميرن جا آهن خاص طور ٽنڊو سائينداد، ٽنڊو آدم، توڙي ٽنڊو ڪولاچي پر اتي ٽالپور ڪو به هٿ ڪونه ايندو، تلهار کان پريان وڏو شهر سيد پور آهي پر اتي هڪ به سيد نه ملندو. مون کيس چيو ته اسان جي خيرپور ۾ وري هڪ وڏو محلو آهي ڀرڳڙي ديهه يونين ڪائونسل، توڙي واھ تي ريگيوليٽر تي نالو به ڀرڳڙي آهي، پر هڪ به ڀرڳڙي نه ملندو. الائي ڪڏهن جو نالو پيل آهي مونکي چٽو ياد آهي ته ڪجهه پراڻي زماني ۾ حيدرآباد ريڊيو تان فرمائشي پروگرام هلي رهيو هو. هڪ ماڻهو رونا ليلا جي ڪلام جي فرمائش ڪئي. ڪمپئر کيس چيو ته ڦلاڻا صاحب توهان جي ڦرمائش پوري ڪيون ٿا پر خدا جي نالي پنهنجي ڳوٺ وڏا ماڇيون جو نالو ته تبديل ڪري ڇڏيو. آخر ۾ ڊاڪٽر صاحب چيو ته ادا گهڻيون ڳالهيون آهن رڳو دٻي نه پر ٻيا به ڪيترائي عجيب نالا آهن ٺارو شاھ ڀرسان ڳوٺ آهي اڇي مسيت، حيدرآباد ۾ اڇي موري ۽ ڪاري موري، نواب شاھ ۾ هڪ ڳوٺ اٺهٺ موري ٽنڊو محمد خان ۾ وري ستر موري اٺهٺ موري ۽ ستر موري ڇا آهن. ڪائي خبر ڪانهي مون وري سوچيو ته خيرپور ۾ هڪ محلو آهي جنهن جو نالو اڇي کوهي آهي پر کوهي اڇي آهي به يا ناهي. بحرحال اسان کي گهڻو اهو ڏسڻو آهي ته دٻي تي اهيو نالو ڪيئن پيو. اڄ کان ڪجهه وقت اڳ جي ڪتابن ۾ به ذڪر آيو آهي ۽ عام طور اها چوڻي آهي ته هتي هڪ پاڻي جو دٻو هو جنهن تي مير شڪار ڪندا هئا ڊاڪٽر عطا محمد حامي صاحب پنهنجي ڪتاب (خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو) ۾ صفحو 212 تي اهڙو ذڪر ڪندي لکيو آهي ٻيلي ۾ ڪجهه پاڻي جا دٻا هوندا هئا جن جي ڀر سان کڏڻا ٺاهي لڪي ويهبو هو سوئر يا ڦاڙها پاڻي پيئڻ لاءِ ايندا هئا ۽ شڪارين هٿان مرندا هئا، ان ڪتاب ۾ ميرن جا ڪُها ۾ دُٻي جو وڏو ذڪر ٿيل آهي. ساڳئي ڪتاب ۾ رياست خيرپور جي ڍنڍن جي ذڪر ۾ دُٻي جي ڍنڍ جو به احوال لکيل آهي. ميرن جي فصلن بابت اهو به لکيل آهي ته دُٻي ۾ ميرن جا ديرا هوندا هئا. انهي سڀ ڪجهه جي باوجود اسان کي پنهنجن وڏن ٻڌايو ته ڳوٺ تي دُٻي نالو پراڻو آهي ميرن جي حڪومت اڄ کان سو سال اڳ هئي پر اڃا به گهڻو وقت اڳ جو نالو پيل آهي جيڪو اسان کي پنهنجن وڏن ٻڌايو. بحرحال ان ڳالهه جي تصديق ڏيڍ يا ٻه صديون اڳ تائين پوي ٿي. خير! جيڪي به آهي هن وقت ڳوٺ دُٻي تي دُٻي نالو رهجي ويو آهي.