شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• زراعت فصل

انسان کي اڄ نه پر هزارين سال اڳ کان خبر آهي ته زندگي جو بقا پاڻي سان آهي. اهو پاڻي جيڪو قدرتي چشمن درياھن ندين، نهرن ، ۽ ڍنڍن جي صورت ۾ آهي سو نه رڳو ساھ وارن جي اڃ اجهائي ٿو پر فصلن، ٻنين ۽ باغن کي به سيراب ڪري ٿو. نه رڳو پر دنيا جي مير ۽ گند کي صاف ڪري ٿو. خوشگوار ماحول پيدا ڪري ٿو. جٿي هي نعمت آهي اتي وڏي خوشنصيبي آهي. ان لحاظ سان اسان جي ماڳ سان به الله جي اهڙي ڀلائي آهي جو زراعت ۽ فصلن لاءِ هڪ سدا وهندڙ واھ وهي ٿو ۽ ڌرتي آباد ڪري ٿو جنهن ڪري فصل اپايا وڃن ٿا. جيئن جو اسان وٽ پاڻي ٻنهي مندن سيارو توڙي انهارو ۾ وهي ٿو تنهن ڪري ربيع توڙي خريف جا فصل عمده ٿين ٿا. هتان جي زمين تمام ڀلي زرخيز نرم ۽ سم ڪلر کان آجي آهي تنهن ڪري هتي هر فصل سبزيون ۽ باغات ٿين ٿا. تاهم فصلن ۾ اڪثر اهي فصل ڪاهيا وڃن ٿا جن جي تمام گهڻي ضرورت آهي ربيع ۾ ڪڻڪ ۽ خريف ۾ ڪپھ جو فصل عام ٿئي ٿو. ڪڻڪ خوراڪ طور ۽ ڪپھ ناڻي حاصل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪئي وڃي ٿي ان کان علاوه باغات ۾ انب، کجي، زيتون، ڪيلا، ٻير، ڦاروا، وغيره جڏهن هر قسم جي سبزي پن اپائي ويندي آهي. چوپائي مال جي چاري جي لاءِ گاھ طور برسيم، گوار، ۽ جوئر پوکي ويندي آهي هن کان اڳ اهو به ٻڌائيندو هلان ته 1960ع ۽ 1970ع جي دوران جڏهن آبادي مختصر هوندي هئي ۽ ڪڻڪ اڻلڀ هوندي هئي تڏهن هن سڄي علائقي ۾ جوئر جو فصل عام جام ٿيندو هو ۽ جڏهن آبادي وڌي ته ان جي پورائي لاءِ ڪڻڪ جو فصل عام ٿي ويو ۽ ڪڻڪ جون اعلى گهڻي پيداوار ڏيڻ واريون جنسون حڪومت طرفان متعارف ڪريون ويون.
مونکي انهن سڀني حوالن سان هڪ ياد آهي جيڪا اڄ به ياد پوندي آهي هتي مختصر طور بيال ڪريان ٿو. جڏهن يادن جو ذڪر آيوآهي ته هڪ ڳالهه لکندو هلان جنهن جو واسطو ياد سان به آهي، ۽ ان وقت سان به آهي جيڪو وقت گذرڻ سان گڏ تبديليون به آڻِيندو آهي ۽ اسان جي زندگي سان پڻ وابسته آهي اسان جڏهن به ننڍا هوندا هئا سون ته ڪڻڪ جي فصل ۾ هڪ ٻوٽو ڦٽندو هو جنهن کي ماڻهون بصرو ڪري ڪوٺيندا هئا ڇو ته بصر وانگر اهو ته ايترو ته گهڻو ٿيندو هو جو ڪڻڪ جو فصل مارجي ويندو هو وقت گذرڻ سان گڏ سندس وجود ئي ختم ٿي ويو ان بعد وري هڪ ٻيو ٻوٽو نمودار ٿيو جنهن کي انڌڙي جي نالي سان سڏيو ويندو هو سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي ڪجهه سالن بعد ان جو به وجود ختم ٿي ويو وري هڪ ٻيو ٻوٽو ميدان تي اچي ويو جنهن جو نالو وڻ ويڙهي هو جنهن کي جانور به شوق سان کائيندا هئا خريف جي فصل ۾ ايتري ته وڏي ول هوندي هئي جو ٻه يا ٽي ٻوڙا پٽڻ سان گاهه جي ڀري ٿي ويندي هئي، ڪافي سالن بعد اهو گاهه به ختم ٿي ويو ۽ ٻيو گاهه وجود ۾ اچي ويو جيڪو ربيع جي فصل ۾ ٿيندو هو جنهن کي سنجهه سڏيو ويندو هو، جنهن جو وجود اڄ به ڪٿي ڪٿي ٿوري انداز ۾ ملي ٿو اوج ماڻڻ بعد اهو گاهه به ختم ٿيندو ويو، وري هڪ نئون گاهه نمودار ٿيو جنهن کي ندو يا ناڙو ڪري ڪوٺبو هو جيڪو خريف جي موسم ۾ ٿيندو هو تمام گهڻي انداز ۾ ٿيندو هو پر وقت ان کي به تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اڄ به ڪٿي ڪٿي سندس نشان ملن ٿا بحرحال ڪافي ٻوٽا زمين ۾ اڀريا ۽ ختم ٿي ويا، پر اڄ ڪلهه جيڪو ٻوٽوعام آهي ان کي،ڪامهه ڪري چون ٿا جيڪو جهرجهنگ زمين توڙي رستا ۽ ڪڙيا هجن عام ڏسڻ ۾ ايندوآهي اهڙِي طرح هي هڪ قدرتي نظام آهي، هڪڙن جو فنا ۽ زوال آهي ۽ ٻين جو وجود آهي.