• نـــــــــــــــــــــاز ۾ نــــــــــــــــــاز
تاريخي ناز هاءِ اسڪول ۾ مونکي نوڪري ڪرڻ جو ايترو شوق رهندو هو جيترو ڪنهن ٻار کي رانديڪي حاصل ڪرڻ جو شوق هوندو آهي. ڇو ته شهر جو بهترين ماحول، اسڪول جي بلڊنگ، استادن ۽ شاگردن جو معيار، گل ٻوٽا پارڪ وغيره سڀئي ڳالهيون دل کي بي حد وڻندڙ ۽ پسند آهن. دل ۾ هميشه اهيا حسرت رهندي هئي ته پٽ وحيد علي کي هن تاريخي اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرايان. خيرپور ۾ ان وقت ڪا خاص واقفيت به ڪانه هئي. ٺري ۾ هڪ رٽائر استاد محمد صالح منگي صاحب جيڪو منهنجو محسن به هو ۽ همدرد به هو. جنهن سان ٺري ۾ اڪثر ڪچهريون ٿينديون هيون. ان سان حال احوال اوريندي مون اهڙو ذڪر ڪيو. سائين چيو ته منهنجو پٽ امان الله ناز هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي ان معرفت ڪم ٿي ويندو بحرحال هڪ نڪتو نڪري پيو. ان دوران استاد محمد صالح منگي صاحب وفات ڪري ويو. دعا آهي الله سندس مغفرت ڪري. سندس اوطاق تي استاد امان الله سان ملاقات ٿي جنهن وڏي دلچسپي سان منهنجي بدلي به ڪرائي ۽ منهنجي پٽ جي داخلا به ڪرائي ڏني. خيرپور شهر ۾ رهائش ۽ نوڪري سبب آءُ صرف گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول جو ذڪر ڪندس ڇو ته هن اسڪول ۾ نوڪري ڪري رهيو آهيان. ۽ هن تمام وڏي اداري سان روح جا رشتا آهن اسڪول جي رڪارڊ موجب جيڪو بلڊنگ اندر هڪ بورڊ تي خوبصورت نموني سان لکيل آهي هن اسڪول جو بنياد 1906ع ۾ اينگلو ورنيڪيولر اسڪول جي حيثيت سان ٿيو. 1915ع ۾ اپگريڊ ڪري هاءِ اسڪول ڪيو ويو. 1923ع ۾ خيرپور رياست جي والي هز هائنيس مير علي نواز خان ٽالپور ناز جي نالي پٺيان ناز هاءِ اسڪول سان منصوب ڪيو ويو. موجوده ناز هاءِ اسڪول جي بلڊنگ جو پيڙھ جو پٿر 1953ع ۾ ان وقت موجود هز هائينس مير علي مراد خان ٽالپور (ثاني) نصب ڪيو. 1960ع ناز هاءِ اسڪول کي پائلٽ اسڪول جو درجو ڏئي گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور ڪيو ويو. اسڪول جي بلڊنگ جي وڏي دروازي کان اندر داخل ٿيندي هڪ بورڊ تي انهن ماڻهن جا نالا لکيل آهن جيڪي هن اسڪول ۾ پڙهي وڏن وڏن عهدن تي پهتا آهن. 1915ع کان هن وقت تائين هيڊ ماستر صاحب جن جي آفيس ۾ ٽوٽل هيڊ ماسترن جو رڪارڊ لکيل آهي جن جو تعداد 35 آهي، 1915ع ۾ پهريون هيڊ ماستر عبدلمجيد حبيب الله درشاڻي لکيل آهي ۽ هن وقت موجوده هيڊ ماستر استاد نثار احمد ميمڻ صاحب جن آهن جيڪو تمام سٺي نموني سان انتظامي معاملا هلائي رهيا آهن. هن اسڪول ۾ هن وقت هڪ سو کان وڌيڪ استاد ۽ تقريباً 2500 کان وڌيڪ شاگرد آهن. ۽ هر هڪ ڪلاس جا ست سيڪشن آهن. هيڊ ماستر جي سجايل خوبصورت آفيس ۾ قائداعظم محمد علي جناح ۽ سابق والي آف رياست خيرپور هز هائينس مير علي نواز خان ٽالپور ناز جون تصويرون لڳل آهن. مير علي نواز خان ناز جي هڪ خوبصورت وڏي تصوير اسڪول جي مکيه گيٽ اڳيان اسٽيشن روڊ تي به لڳل آهي. اسڪول جي اڳيان توڙي پويان تقريباً ويهن ايڪڙن تي مشتمل پارڪ خوبصورت وڻ ۽ هزارين قسمن جا گل ۽ ٻوٽا لڳل آهن. جنهنڪري هن اسڪول کي صدارتي ايوارڊ پڻ مليل آهي. اسڪول جي پارڪن وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جي خوبصورتي جو سهرو استاد نظير احمد سولنگي جي مٿان آهي. جنهن پنهنجي سڄي نوڪري جو عرصو هن ڪم ۾ گذاريو آهي. تمام پري پري کان گل ۽ ٻوٽا آڻي وڏي مهارت سان انهن کي هتي نصب ڪيو آهي ڪوبه ماڻهو انهن کي ڏسي تعريف کان رهي نه ٿو سگهي.
ناز هاءِ اسڪول بابت هڪ پني تي لکيل مڪمل تاريخ استاد اقبال جتوئي صاحب کان ملي آهي جيڪا سندس والد صاحب استاد مرحوم فتح محمد جتوئي جيڪو ناز هاءِ اسڪول جو اڳوڻو هيڊ ماستر پڻ رهي چڪو هو جي لکيل آهي معلومات لاءِ لکي رهيو آهيان. ““گورنمينٽ ناز پائلٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور مير علي نواز ناز جي نالي سان ياد ڪيو پيو وڃي. اهو سن 1915ع کان خيرپور رياست جي عوام جي خدمت ڪندو پيو اچي. هن اسڪول مان هزارن جي تعداد ۾ شاگرد تعليم حاصل ڪري نڪتا آهن. جن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي علمي صلاحيتن جو سڪو جمايو آهي. اڄ به هن اسڪول کي سنڌ جي بهترين اسڪولن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. نه رڳو عمارت جي خوبصورتي سبب بلڪه تعليمي نصابي سرگرمين کان علاوه غيرنصابي مشغولين ۾ به سندس نالو عيان آهي.
سن 1894ع ۾ رياست خيرپور جي والي مير فيض محمد خان ٽالپور جن قادرداد خان کي رياست خيرپور جو اسٽيٽ منسٽر مقرر ڪيو. جنهن 1896ع ۾ سنڌ مان جاهليت ۽ بي علمي کي ختم ڪرڻ جو مسمم ارادو ڪري رياست ۾ تقريباً 37 پرائمري اسڪولن جو بنياد وڌو. خان بهادر گل محمد خان کي رياست جي پرائمري اسڪولن جو سپريڊينٽ مقرر ڪيو. خان بهادر قادرداد خان رياست جي ماڻهن جي عملي صلاحيتن ۽ لاڙن جو اڀياس ڪندي جلدئي محسوس ڪري ورتو ته رياست ۾ هڪ هنري اسڪول پڻ قائم ڪيو وڃي جتي پرائمري تعليم سان گڏ شاگردن کي هنري تعليم پڻ ڏني وڃي سن 1902ع ۾ تعليم جو درد رکندڙ هڪ هندو شخصيت ديوان سخاوت راءِ اينگلو ورينڪيولر اسڪول جو رياست ۾ بنياد رکيو. جتي انگريزي مضمون کي پڻ تجرباتي طور نصاب ۾ شامل ڪيو ويو. ۽ ان اسڪول جي جملي خرچ برداشت ڪرڻ جو ٻيڙو پڻ رياست پنهنجي ذمي کنيو. سن 1903ع ۾ خان بهادر قادرداد خان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ۽ سردار يعقوب خان کي اسٽيٽ منسٽر مقرر ڪيو ويو جو پڻ تعليمي لاٽ کي روشن ڪرڻ جو درد رکڻ لاءِ وڌيڪ محنت ۽ ڪوشش سان 37 کان وڌائي 45 تائين پرائمري اسڪولن جي انگ کي وڌايو. سن 1906ع هڪ ٻيA.V اسڪول کي قائم ڪيو ويو. ۽ سخاوت راءِ جي قائم ڪيل اسڪول کي پڻ ان اسڪول ۾ شامل ڪيو ويو. ان اسڪول پنهنجو ڪم پراڻي فوجداري جي عمارت ۾ شروع ڪري ڏنو. جتي تقريباً پنجاھ شاگردن تعليم حاصل ڪرڻ لڳا جملي شاگرد فري بورڊر تي رهڻ لڳا. ان اسڪول ترقي جون منزلون طئي ڪندي موجوده ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي نالي سان قدم ڄمايو. ان پراڻي بلڊنگ کي ڊهرائي ان جاءِ تي پي. سي اسڪول ٺهرايو ويو آهي. سن 1952ع ۾ هن اسڪول کي ان وقت جي وزير تعليم جناب الله ڏنو سيال صاحب ڪرنل شاھ ھاسٽل خيرپور ڏانهن منتقل ڪيو. سست ئي موجوده ناز هاءِ اسڪول جو بنياد هاڻوڪي والي رياست مير علي مراد خان ٽالپور 1953ع ۾ رکيو. هي شاندار عمارت تقريباً ڏيڍ يا ٻن سالن ۾ جڙي راس ٿي. سن 1955ع ۾ ناز هاءِ اسڪول نئي بلڊنگ ۾ ڪم شروع ڪيو. 1960ع ۾ هن اسڪول کي ترقي ڏئي پائلٽ اسڪول بنايو ويو.””
یہ دن نصیب نہ ہوتی تو کتنا اچھا تھا
بچھڑ کر تجھ سے بھی جینا ھے یہ نہ سوچا تھا