شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• دل کــــــــــــــــــي ڇُهندڙ يادون

تاريخ جو قائل وقت جو قائل هوندو آهي تنهنڪري مان به هر غم توڙي هر خوشي هر ارمان يا نئين اميد کي بيحد محسوس ڪندو آهيان. هر ڳالهه کي ذهن ۾ رکي ياد ڪري ڇڏيندو آهيان هر انسان کي پنهنجي زندگي ۾ ڏک سک درد ۽ صدمه ته ايندا رهندا آهن پر جئين فرنيچر مٿان ڪجهه وقت کانپوءِ مٽي جي دز ڄمي ويندي آهي ۽ ڪپڙي سان صاف ٿي ويندي آهي تئين وري انسان جي زندگي جي خاڪي تي انهن ڏکن صدمن ۽ دردن واري دز جا ڄميل تهه ڪڏهن صاف نه ٿيندا آهن وقت گذرڻ سان اهي ڄميل تهه يادن جي صورت ۾ هوندا آهن مان صرف پنهنجي ڳالهه ڪندس ته مان جڏهن به پنهنجي بچپن يا جواني جي يادن جي ڳوٿري جي ڳنڍ کوليندو آهيان ته پراڻيون بچپن واريون شرارتون عادتون ماضي جا قصا ۽ روح جا راز ياد اچي ويندا آهن. ڪجهه هتي لکي دل تان بار هلڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو.
1؛ مونکي ياد آهن پنهنجي زندگي ۾آيل اولاد جا ڏک ۽ تڪليفون پر انهن کي هتي هر گز نه لکندس ڇو ته دل برداشت نه ٿي ڪري سگهي
2؛ مونکي ياد آهن اهي بچپن ۽ ناسمجهي وارا ڏينهن جو مان سڄو ڏينهن جهنگ ۾ اڏرندڙ ڪبوترن جي پويان ڊوڙندو هوس ته انهن کي پڪڙيان. پر پڪڙي نه سگهيس.
3؛ مونکي ياد آهن اهي خوبصورت ڏينهن جڏهن اسان ننڍپڻ ۾ واري جي دڙن تان هيٺ ليٽهڙيون ۽ گسڪڙيون ڏيندا هئاسين جڏهن ته ڪابه نفعي ۽ نقصان جي خبر نه هئي.
4؛ مونکي ياد آهن گرمي جا اهي ڏينهن جڏهن ٻاراني زندگي ۾ هڪ جيڏن سان گڏجي سڄو ڏينهن ميرواھ ۾ وهنجندا ۽ تڙڳندا هئاسين ۽ اڃ ۽ بک جي به پرواھ نه هوندي هئي.
5؛ مونکي ياد آهي استاد مرحوم محمد ابراهيم ڪُٻر صاحب واري مار جيڪا هن مونکي نائنٿ ڪلاس ۾ ورڊ پڪا نه ڪرڻ تي ڏني جو مان بيمار ٿي پيس. پڙهڻ تان روح لهي ويو پر پندرهن ڏينهن بعد ٻيهر وڃي اسڪول ۾ پڙهيم.
6؛ مونکي ياد آهي جڏهن سورهن سالن جي عمر ۾ ڪاليج ۾ پڙهندو هوس ته پئسه ختم ٿي ويا محمد سومر سومرو وٽ ويس ته پر ان وٽ به نه هئا، بحرحال ان سان گڏجي هڪ ٺڪر وڪڻندڙ دڪاندار کان ٻه رپيه اُڌارا گهريم ته ڪرايو ڪري گهر وڃان. هن سڄي ڏينهن ۾ اٺ دلا وڪڻي ٻه رپيه ڏنا ۽ ڪرايو ڪري گهر آيس.
7؛ مونکي ياد آهي ٿر جي ڀٽن جي تتل واري ۾ ڪنڊي جو اهو وڻ جنهن ۾ شنڱرين سان ڀريل لامون هوا ۾ لُڏن پيون ۽ هڪ اُٺ اچي اهي شنڱريون پٽي کائي پيو. ۽ آءُ هڪ دڙي تي ڪرڙ جي ڇانو ۾ ويٺو ڏسي رهيو هوس.
8؛ مونکي ياد آهي اها چانڊوڪي رات جو مان پنهنجي ريگستاني اوطاق آڏو ويٺو هوس ۽ ٿوري مفاصلي تي هڪ لومڙي چانڊوڪي ۾ پنهنجو پاڇو ڏسي ڊپ وچان ننڍري ٻار جي روئڻ جهڙي آواز ۾ دانهون ڪري رهي هئي ۽ مان محظ تماشي خاطر لٺ کڻي ان لومڙي جي ڪڍ لڳس. ۽ ٻه ماٿريون اڳتي ڀڄائي هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڍنڍ کٿ ۾ ڇڏي آيس.
9؛ مونکي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن ذولفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ ان جي گهر واري ۽ ڌيءُ کي منهن ڏسڻ به نه ڏنو ويو.
10؛مونکي ياد آهي جڏهن مان بي ايڊ ڪاليج سکر ۾ پڙهندو هوس ته چار دوست هڪ مرحوم قمرالدين ساريو، نثار رند، ولي محمد شر، گل مير انصاري سدائين گهيري يا دائري ۾ مونسان گڏ هئا پر پوءِ الڳ ٿي وياسين.
11؛ مونکي ياد آهي برسات واري موسم جڏهن مان دوستن سان گڏ سوات جو شهر مرگزار گهمون پيا منهنجي خريد ڪيل ڇٽي مونکان ((هڪ دوست)) وٺي برسات کان بچڻ لاءِ پنهنجي مٿان کولي.
12؛ مونکي ياد آهي اُهو خوبصورت ڏينهن جڏهن ايوبيه گهمون پيا جبل جي هيٺان بادل هوا ۾ اڏري اچي رهيو هو، مون هڪ دوست سان گڏ ان کي ڇهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڇهي نه سگهياسين.
13؛ مونکي ياد آهي اهو ڏينهن جڏهن بصيري ۾ نوڪري دوران خليفي عرض محمد راڄپر وٽ رهون پيا شام جو سير ۽ تفريح لاءِ اسان ٽي استاد محراب علي ويسر، عبدلحڪيم شر، ۽ آءُ گڏجي هڪ ريگستان جي هڪ دڙي تي وياسون علائقي جي ماڻهن اسانکي ڌاڙيل سمجهي فائرنگ ڪئي ۽ اسان اتان بچي نڪتاسون.
14؛ مونکي ياد آهي اهو وقت جڏهن آءُ ڪراچي ۾ ڪرفيو دوران پنهنجي پٽ دامن علي سان گڏ هڪ فليٽ ۾ موريل عباسي وٽ پنج ڏينهن ڦاٿل هئاسين. پنجن ڏينهن بعد ڪرفيو ۾ 2 ڪلاڪن جي نرمي ٿي ۽ پٽ کي ڪلهي تي کڻي لياقت آباد مان گرومندر تائين نڪري آيس.
15؛ مونکي ياد آهي اهو ڏينهن جو راولپنڊي ۾ محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي فائرنگ ڪري شديد زخمي ڪيو ويو ۽ هوءَ بچي نه سگهي.
16؛ مونکي ياد آهي اُهو ڏينهن منهنجو پيارو دوست قمرالدين ساريو پنجاب جي شهر قصور ۾ وفات ڪري ويو ۽ ٻئي ڏينهن سندس اباڻي شهر باڊھ کڻي آيا.
17؛ ۽ ها........... اگر الله چاهيو ته مونکي اهو ڏينهن ڪيترو ياد رهندو جڏهن آءُ نوڪري تان رٽائر ٿيڻ وقت حاضري رجسٽر تي آخري ڏينهن واري صحيح ڪندس ۽ مونکي احساس ٿيندو سٺ سال جي عمر جو. (الله نصيب ڪندو) آمين.