• خاصخيلي قبيلو
هتي هڪ ذّڪر استاد مرحوم صوفي طالب علي جو ڪندو هلان ته هي شخصيت ڳوٺ مٽ کان لڏي اچي دُٻي کي رونق افروز ڪيو هو سائين بهترين استاد ۽ محنتي هو، ارادي جو پڪو دل جو دلير، طبيعت جو شوخ ۽ جوشيلو ماڻهو هو. جڏهن کيس ڪاوڙ ايندي هئي ته سندس اڳيان ڪوبه بيهي نه سگهندو هو سڀ کان وڌيڪ اهيا ڳالهه ته تمام هوشيار استاد اديب ۽ شاعر به هو. ڪجهه وقت اسڪول دُٻي ۾ استاد حاجي محمد ڇٽل جسڪاڻي استاد غوث بخش ملاح سان گڏجي تعليم ڏنائون. سنڌي گرامر جو ماهر استاد هو تعليم جي لحاظ سان منهنجو ان سان واسطو 1971ع ۾ پيو جڏهن آءُ خيرپور ڪاليج ۾ پڙهندو هوس. مون کائونس چالهه ليسن پلان ٺهرايا. سائين مونکي چيو استاد غوث بخش ظفر آباد بدلي ٿي ويو آهي مونکي انگريزي گهٽ ايندي آهي خانگي طور انگريزي تعليم حاصل ڪندڙ ٻن نياڻين کي ڪجهه انگريزي سبق توهان سيکاريو ۽ ليسن پلان مان ٺاهي ٿو ڏيان. نياڻين کي ويهن ڏينهن ۾ مون انگريزي جا پندرھ سبق پڙهايا ۽ سائين مونکي چاليھ ليسن پلان ٺاھي ڏنا. تمام گهڻين خوبين جو مالڪ استاد صوفي طالب علي خاصخيلي طبيعت ناساز هئڻ ڪري ڊاڪٽر کان انجيڪشن ڪرائي. انجيڪشن جي ردعمل ڪري وفات ڪري ويو. سندس مزار دُٻي ۾ آهي سندس پٽ صوفي ديدار علي خاصخيلي مزار مٿان مقبرو ٺهرايو آهي. هر سال سندس ورسي جي موقعي تي ميلو لڳندو آهي راڳ ۽ موسيقي جي محفل ٿيندي آهي لنگر ۽ نياز به تقسيم ڪيو ويندو آهي.