شخصيتون ۽ خاڪا

منهنجو ماڳ منهنجون يادون

هي ڪتاب “منهنجو ماڳ منهنجون يادون” اوهان اڳيان پيش آهي، جنهن جو ليکڪ استاد عطا محمد جسڪاڻي آهي. هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ دُٻي سان گڏ ناز هاء اسڪول خيرپور ۽ ٻيون يادون شامل آهن.
Title Cover of book منهنجو ماڳ منهنجون يادون

• هڪ پس منظر

هر سوال جو هڪ جواب هوندو آهي، هر رات جو ڪو نه ڪو خواب هوندو آهي. هر لمحي کي هڪ صبح ۽ ان پٺيان هڪ شام هوندي آهي، اڄ سڀاڻي نه آهي ۽ ڪالهه اڄ نه هيو. سڀني حوالن سان هڪ راز آهي. جئين زندگي ۽ موت، جئين اکيون ۽ اوسيئڙو، جئين وڇوڙو ۽ ياد. اُهو وقت جيڪو گذري ويو ۽ ڪڏهن به واپس نه ٿيندو، اُهي گهڙيون جيڪي وقت جي جهولي ۾ اُڀري اسان جي مٿان لنگهي عدم فنا سان ٽڪرائجي ختم ٿي ويون. تن کي اسان صرف لفظن جي زنجير ٺاهي پنن تي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. جيتري قدر اسان جي وجود جو سوال آهي سو حقيقت ۾ هر ڪو اڪيلو آهي ۽ اڪيلي سر زندگي جي سولي ڪلهن تي کڻي ڦاسي گهاٽ وڃي رهيو آهي. اسان سڀ وجود جي ڪوٽ ۾ اڪيلا قيد آهيون. زندگي هڪ اهڙو سفر آهي جنهن جي نه شروعات جي ڪنهن کي خبر آهي ۽ نه منزل جي پوري ٿيڻ جي ڪنهن کي خبر هوندي آهي زندگي جي لمحي تي ڪنهن جو به اختيار نه هوندو آهي هي سفر خود به خود طئي ٿيندو رهندو آهي زندگي روان دوان آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀاڻي نه آهي ٿري ماڻهن جي چوڻي آهي ته ڏينهن کي پويان پير نه آهن گذري ويل ڏينهن وري ڪڏهن ڪونه ايندو اهڙي طرح سڄي موج ۽ هستي کان پوءِ عمر به ڪڏهن پوئتي ڪان موٽندي آهي جواني کان اڳتي پوڙهائپ ۽ پوڙهائي کان پوءِ ان جو انت موت جي صورت ۾ اچڻو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته هر جاندار کي مرڻو آهي