پنهنجي پاران: گونگي طوفان جو اجاڙ ۽ منهنجيون ڪهاڻيون
منهنجي هٿ ۾ جھليل قلم، برش ۽ مختلف رنگ هئا، گلن جون پنکڙيون هيون، ٿر جي واريءَ تان اُتاريل مينهن جون زندهه ڦڙيون هيون، چانڊوڪي جون ڪوريل سونهري ڪليون هيون ۽ ٻيو به الائي ڇا ڇا هو جن سان مونکي پنهنجي ان رٿيل ڪهاڻي کي سينگارڻو هو، جيڪا ان وقت منهنجي هٿن مان نڪري اکين جي اسٽيج تي هوا ۾ ناچ ڪري رهي هئي. هُن جا وار بلڪل سنوت ۾ هئا، کيس سرخي لڳائڻ نه وڻندي هئي ان ڪري سندس چپ ائين ئي سٺا لڳي رهيا هئا. پوءِ هُوءَ رقص ڪندي ڪندي اوچتو هٻڪي بيهي رهي. اصل ۾ ان جي پسمنظر ۾ منهنجو آواز هو جيڪو اوچتو گرهڻجي ويو هو ۽ ڪهاڻيءَ جي هيروئن کي خود به خبر نه پئي ته اها جنهن آواز جي رڌم تي ناچ ڪري رهي هئي اهو اصل ۾ منهنجي زبان جي وراڻي هو. جڏهن اهو آواز بيٺو ته هيروئن خود گرهڻجي وئي هئي ۽ مون ڏٺو ته منهنجي اکين مان درد سان وهندڙ ڳوڙها خود تماشبين ٿي هوڪريا ڪري رهيا هئا. انهن جو آواز آئون پروڙي پئي سگهيس ڇاڪاڻ ته درد جي زبان اهي گونگا ڳوڙها ئي ته هوندا آهن.
اصل ۾ اهو سڄو خيال هو جيڪو منهنجي ڪهاڻيءَ جي هيروئن اجايو محسوس ڪري رهي هئي ۽ هڪڙي کل هئي جيڪا تماشبينن کي الجھائي رهي هئي. اها ته منهن جي زبان جي اٽڪ هئي جنهن کي ڪو به سمجھي نه سگھيو ۽ خوام خواهه هيروئن تي ملامت وسندي رهي.
اهو سڀ اتفاق هو. اکين جي اسٽيج تي ڪهاڻيءَ جي هيروئن جي پيرن جي ٿاپ هئي ۽ ان جي پسمنظر ۾ هڪڙو آواز هو جيڪو اوچتو گرهڻجي ويو هو. اهو سڀ ڪجھه ايترو اوچتو ٿيو جو ڪنهن کي ڪا ڪل نه رهي. ان وقت مون پنهنجي اکين کان پڇڻ جي ڪوشش ڪئي جتي هڪڙو لڙڪ ٿورو اڳ اکين جي پاندرن کان ٽپڪي اتي ئي خوف ۾ ڄمي ويو هو. اهو ئي هڪڙو گواهه ٿي پئي سگهيو ته اکين ۾ ٿيل ان ماجرا جو سربستو حال ٻڌائي سگھي ها. پر افسوس صد افسوس!
ان لمحي مون پنهنجي پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي. سڀ ٽهڪ ۽ لڙڪ منهنجي رهنمائي ڪندا رهيا ۽ پوءِ آئون انهن ٽهڪن سان به وندرندو ئي رهيس ۽ لڙڪن کي ٻيهر پنهنجي اکين ۾ لاهي وري وري انهن کي پنهنجي اکين مان، ڳلن تي ۽ پوءِ انهن لڙڪن کي چکي ڏسندو، محسوس ڪندو رهيس ته انهن ۾ ڪيترو غمناڪ لوڻ جو تاثير آهي. پر عجيب اتفاق آهي ته هيروئن منهنجي اکين ۾ ئي رهي ۽ آئون وري جهونگارڻ جي مشق ڪرڻ لڳي ٿو وڃان. هڪڙو سوال آخر تائين اڀ ۾ لٽڪيل ئي رهيو ته آخر زبان کي ائين اوچتو گرهڻ ڪيئن لڳو، جنهن اڃا بلڪل سرجڻ واري مرحلي تي هن ڪهاڻيءَ جي معصوم هيروئن کي هڪو ٻڪو بنائي ڇڏيو ۽ سامهو ويٺل ماڻهو هوڪريا ڪري رهيا هئا. اصل ۾ ان رقص ۾ هڪڙو خيال هو، هڪڙي نماڻي گذارش هئي ته سمجھي سگھجي ته هن سماج ۾ بک ۽ غربت جو رتبو ڪهڙو آهي ۽ اهو پيغام هن هيروئن جي ذريعي ترتيب ڏئي پکيڙڻو هو، جيڪو اصل ۾ لمحي پل لاءِ رڪجي ويو هو.
اهو مون پوءِ محسوس ڪيو ته اها ساڳي ڪهاڻي هئي جيڪا گھڻا سال اڳ مون لکڻ پي چاهي پر چاهيندي به سالن تائين لکي نه سگھيس. اها مشق مون لڳاتار ڪرڻ جو رٿيو هو ته ڪنهن طرح ان ڪهاڻيءَ کي ڪاغّذ تي اتاري سگھان. پوءِ هڪ رات مون تصور ۾ غمن کي الڳ ڪري رکيو هو ۽ انهن سان ڳالهائڻ لڳس. هڪ غم منهنجي اکين مان هڪ لڙڪ بنجي ٽپڪيو ۽ آڏو ويهي ميارون ڏيڻ لڳو ته هن کي اکين ۾ مناسب جاءِ نٿي ملي جو هو ٻين لڙڪن سان گڏ وهي سگهي ها ۽ ڪنهن واري جي انتظار ۾ پاڻ مرادو اچي منهنجي ڳل تي ٽپڪي ها ۽ منهنجي هٿ جي گرمي کيس ڇهي سگھي ها. پر شايد ان لڙڪ کي سدائين ائين ئي رهڻو پيو ۽ جڏهن به منهنجي اکين مان غمناڪين جي هجوم جو گذر ٿيو ته هو الائي ڪيئن انهن کان ٽٽي ٿي ويو ۽ کيس ان ئي دڳ تي ڏينهن تائين واري جو انتظار ڪرڻو پيو ۽ شايد هن تما۾ گھڻو ڀوڳيو هو جو لمحي پل لاءِ هُو منهنجي اک جي پاندرن ۾ ئي خشڪ ٿي ويو هو. اکين کان آئون ڪيئن پڇان ته انهن جي اندر انتظامڪاري ۽ برابري جو ڪهڙو تصور آهي جو هڪڙو غم اها شڪايت ڪرڻ ويٺو آهي ته کيس ٻين لڙڪن جيتري اهميت نٿي ملي.
پوءِ جڏهن مون خوشين ڏانهن نهاريو ته ٽهڪ ائين ئي ٻاڙيا ويٺا هئا ۽ اهي هڪ هڪ ٿي پنهنجي پوري رڌم سان گونجڻ لڳا ۽ آئون انهن سان وندرندو ئي رهجي ٿو وڃان. پر پوءِ مون ڏٺو ته سالن کان اڌ ۾ رهجي ويل اها ڪهاڻي ساهه کڻڻ لڳي آهي. هن جي چپن تي مختصر مرڪ ٽڙي ۽ مونکي سُرندي جي آواز جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ هڪ اميد پيدا ٿي.
هڪڙي خوشي ته مونکي بلڪل منهنجي ڌيءَ وانگر لڳي رهي هئي ۽ مون ڏٺو ته ان جي تصوير ڪيئن اچي وئي آهي. کيس ته هر گھر جو ڀاتي ڀائيندو هو پر هُن جو خيال هو ته کيس خوابن ڏسڻ مهل آئون شايد وساري ٿو ويهان جو اها اچي ئي خوابن جي وقت ٿي. تنهن ڏينهن به هوءَ پرين جي ديس کان ٿيندي هڪڙي خواب جي روپ ۾ آئي پر شايد ڪنهن سبب ان خواب جون تندون وقت کان پهرين ٽٽي پيون ۽ سڀ لمحا ٽڙ پکڙ ٿي ويا. پوءِ مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر ٽٽل خواب جي انهن تندن کي جوڙي نه سگھيس.
ان وقت مون ڪنايو ته هڪ ٻي اڌ ۾ رهجي ويل ڪهاڻيءَ جي هيروئن سامهون هئي جنهن جي ٻانهن مان رت ٽمي رهيو هو، هن جي ڇاتي ۽ پٺن تي ڇرين جا گھاءَ لڳل هئا پر سندس ڪيهن کي ڪو به ڪنائڻ وارو نه هو. اها هڪ ئي پٽ جي ماءُ آهي جيڪو شهر ۾ هڪ زورار بم ڌماڪي کان پوءِ گم ٿي ويو هو ۽ هيءَ سدائين هن جي آمد جي انظار ۾ هر روز سج لٿي کان ٿورو پوءِ اڱڻ تي ڏيئا ٻاري ڌيان جي مشق ڪندي آهي ته هُن جي معصوم سڏن کي ٻُڌي سگھي. ۽ پوءِ پنهنجي اکين مان ڳڙندڙ لڙڪن کي گندي جي پلئه ۾ ٻڌي دنياوي ڪم ڪار سان لڳي ويندي آهي.
ٺيڪ ٻئي لمحي ان ئي ڪهاڻي جي هيرو جو مٿو هٿوڙي سان چٿيل ڏٺو ويو هو. هوُ ڪجھ لمحن تائين زندهه رهيو ۽ پوءِ منهنجي اکين ۾ هڪڙي لڙڪ وانگر ٺري ويو. مون ان جي سڀني تصويرن کي پنهنجي اکين جي وسيع فريم ۾ سجائي رکيو آهي ته جيئن کيس ان الزام کان بچائي سگھان ته منهنجو هيرو سماج ۾ موجود افراتفري جي ڪري پيدا ٿيل بي رحمي ۾ ڪو آپگھات ڪيو آهي.
هيءَ ڪهاڻي ته مونکي ڪوڙهه جي اسپتال مان ملي هئي، پنهنجي ئي وارڊ ۾ رکيل بستري تي مسڪرائي رهي هئي. مون جڏهن کانئس پڇڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان ئي وارڊ ۾ هنن کي کاڌو ڏيندڙ بزرگ بورچي جو چوڻ هو ته هن عورت جي ابتدائي ڪهاڻي به اهائي آهي ته هن اهو سڀڪجھه وساري ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته جيئن پنهنجي من کي کي شانت رکي سگهي. هن جا هٿ ٽُنڊا آهن، هوءَ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جا حواس وڃائي ويٺي آهي، ان ڪري کيس ڪنهنجي به پرواهه ناهي، جو هوءَ ائين اڪيلي آئي. پوئتي سندس ڪو به اوهي واهي ناهي. مون ان ڪهاڻيءَ کي سندس ئي بستري تان کڻي ڪاغذ تي اتاريو ۽ هاڻي جڏهن به پنو اٿلايان ٿو ته کيس کلندي ئي ڏسان ٿو.
پوءِ مون سوچيو ته هن سماج ۾ ڪو گونگو طوفان آيو آهي جنهن ايتري اجاڙ ڪئي آهي جو ڪنهن کي خبر ئي نه پئي. هڪڙو خوف آهي جنهن وڻن تي رهندڙ پکي پکڻ کي آکيرن ۾ قيد ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. بلبليون ۽ جھرڪيون پنهنجي اندر جھونگارين ٿيون. شايد اهو ئي سبب آهي جو آئون جڏهن به ڪنهن لفظ کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ته سچ پچ ته نقطا هڪڙي خوفناڪ تصوير بنجي آڏو اچن ٿا ۽ آئون خوف ۾ انهن ورقن ۾ ويڙهجي وڃان ٿو. صرف ساهه آهي جيڪو مونکي تقويت ڏئي ٿو ته سماج ۾ هي گونگو طوفان آيو آهي ته اچڻ ڏي. آئون ان کي به پينٽ ڪندس. مونکي صرف اوستائين وڃڻ ڏيو جتان مون هر وار قلم، برش، رنگ، گلن جون پنکڙيون ، ٿر جي واريءَ تي وٺل مينهن جون ڦڙيون ۽ چانڊوڪي جون سونهري ڪليون چونڊيون هيون ته جيئن ان ڪهاڻي کي سجائي سگھان. ان ڪهاڻيءَ سچ پچ ته منهنجي ننڊ کي ڪارآمد بنايو آهي ته آئون جاڳان، پنهنجي گهري ساهه جي لمحن کي ڪنهن ڌاڳي ۾ پوئي، سماج ۾ آيل هن گونگي طوفان جي تباهين تان پردو کڻان.