ڀٽ تي ڦٽل خواب
پنهنجي ايندڙ نسلن، جهنگلي ۽ آبي جيوت جو آئيندو اهڙو سوال آهي جنهن کيس بي چين ڪري وڌو آهي. کيس لڳندو آهي ته سڀ ڀٽون، ڀونگا ۽ ماڻهو ساڻس گڏ آهن. خواهش هن کي تار تار تاريندي پئي اچي. ڍونڍي ٻيڙيءَ تي ويٺل ملاح ڇوڪري جون اکيون ڍنڍ جي صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جي گهرائي کان اڳتي تڪينديون پيون رهن ۽ سندس هٿن جي لوڏ تي ٻيڙي پل ۽ ڪنگور جي وچ مان ڌڪبي پيچرو ٺاهيندي پئي هلي.
هن جي ذهن تي ڇائنجي ويا آهن ڪئين نڪورا تصور، اڇڙي ٿر جي ڀٽن سان لڳندڙ بقار ڍنڍ، مهاڻن جي ڪهاڻين ۽ ٿاريلڻين جي سدا بهار مرڪن تائين، مال جي ڳچين ۾ ٻڌل چڙن جون لارون ۽ سُر ڄڻ ته آڪاس تي جهڙ کي جهولائيندا پيا اچن ۽ هو آهي پنهنجي دل جي خواهشن جو امين.
ٿر جي ڀٽن تي ڪڪر ڇانئيا آهن. کنوڻ سدا بهار آس کڻي نروار ٿي آهي ۽ اترائين ڪنڊ کان چڙهيو آهي آگم اميدن جو.
”هيل لڳي ٿو مينهن وسندا ۽ هي ڀڙڀانگ ڀٽون به اميد سان ٿينديون، گاهه ڦٽندا ۽ ڦوڳ ڦولاربا. “
هو الائي ڇو اداسين کي مرڪن جي مڃتا ڏيڻ لاءِ اوٺائين سفر کان ٻيڙيائتن جي ٻاجهه تائين هر شيءَ کي وتي پيو اٿلائيندو پٿلائيندو. صبح کان شام تائين ڀٽن جي ڪوڀ ۾ پيچرا ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۾ رڌل مال، چڙن جون لارون ۽ اٺن جون قطارون. ”اسان ته الائي ڇو هتي ڄاوا هئاسون.
“ٻيڙي ڪناري سان لڳي ته هو اگهاڙي پيرين پاڻيءَ کان ڀٽ ڏانهن وڌي ٿو. ڳالهيون وڃن پيون وڌنديون ۽ اهو الائي ڪٿي وڃي رسيو آهي. ”چوٽياريون ڊيم” ٺهڻ جي تصور کان اڳاهون هن جو پنڌ. آس پوري ٿيڻ خاطر جهڙ کي اوچين ڀٽن تان تاريندي هن ته عمر ڏئي ڇڏي آهي.
چونئري آڏو پيل کٽ تي هو آهلي سڄي ڏينهن جي ٿڪ کي اڇلائي ٿو. شام، سج، تارا ۽ سپنا. ڀٽن تي ڇانئجي ويل جُهڙ ۾ آهن هن جون اکيون.
”موليٰ! هيل اسان جي اميدن جو مينهن وسندو يا نه”. کيس لڳو ته اها خواهش آهي جيڪا هتي آباد هر ماڻهوءَ جي سيني ۾ وسي ٿي.
“هي چونئرو منهنجو گهر آهي
آئون هتان جي خوابن تي قتل جو اکين ڏٺو شاهد
جُهڙ جي رُسامن تي به احتجاج آهي
۽ پنهنجي خوابن جي قتل تي به احتجاج آهي
هي چونئرو منهنجو گهر،
منهنجي تمنائن جو خالق آهي
آئون تارن جي روبرو آهيان،
درد آهي ۽ آئون، ڏور منزل،
جهڙ جهولائن کي به زندگي آهي.”
ڀٽ جي هيٺاهين تي بيٺل مال جي وڳ مان آيل ٽاڏ تي هن جي خيالن جون تندون ٽٽيون. هن آسمان ڏانهن ڏٺو، رات جُهڙ کي وڌيڪ گهرو ڪري ڇڏيو هو. وسڪاري جي خواهش هن کي بي چين ڪندي ٿي رهي. اصل بي چيني جو سبب ته اهي فيصلا آهن جيڪي شاهي ايوانن ۾ ٿين ٿا جن هتي صدين کان آباد ماڻهن جو آئيندو غير محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.
”آئون مينهوڳي رت جي رسامن تي ڪيئن لکي سگهندس ۽ پنهنجي درد ڪٿائن تي ڇا لکي سگهندس. “
هن اڀ تي نهار وڌي ۽ اٿيو، ڪرو کڻي وضوع ڪيو ۽ مصلي تي نماز جوٽي فرض ۽ نفل پڙهي هن دعا لاءِ هٿ کنيا؛
“هي اڇڙو ٿر، منهنجو گهر آهي
سڀاڻي ڪيئن چئجي ته
منهنجي خواهشن جو قتل نه ٿيندو؟
اسان جي نسلن جو آئيندو محفوظ ئي رهندو
موليٰ اسان جي خوابن ۽ تمنائن کي پناهه ۾ رکجان!
اسان جي اکين ۾ رهجي ويل لڙڪن کي پناهه ۾ رکجان!
هي ڍنڍون، ڀٽون، وڻ ۽ آکيرا اسان جي نسلن جي امانت آهن.
اسان جي دلين کي امان ۾ رکجان! ”
هي کٽ تي آهلي پيو. رات هن جي اکين جي پنبڻين ۾ اٽڪي پئي آهي. ڀٽون ۽ جهڙ مان ليئا پائيندڙ تارا. هن جي سوچ جي هُن دنگ تي آهي آئيندي جي بهتري لاءِ جدوجهد جو مورچو. هڪ آس، جنهن کي ماڻڻ لاءِ هو ڄڻ ته سالن کان سفر ۾ آهي. سندس سوچ جون تندون ٽٽنديون ۽ جڙنديون ٿيون رهن.
”هي سڀ ماڻهو، هن رياست جنگل جي راڄ جا راڻا آهن. اسان کي ته ڀٽون ئي وڻن ٿيون.” عمر پڇڻي اٿو ته ناري ماٿريءَ جي مالوندن کان پڇو. هر ماڻهوءَ جو من ڦلهوربو ته تاريخ جو مواد سهيڙي وٺبو. انهن کي خبر آهي ته عمر، کير ۽ ڏڌ جو به پاڻ ۾ ڪو تعلق آهي.
هلڪي بوند تي گهڙي لاءِ پاڻ پساري هو چوئنري ۾ اندر وڃي ٿو.
“منهنجي چوئنري تي ٽمندڙ هي بادلڙو
منهنجي دنيا آهي.
جو منهنجي اک جا لڙڪ ڏئي ٿو موٽائي”
ٿوري دير کان پوءِ بوند بيهي وئي هئي ۽ هو ڀٽ تي پير ساهڻ لڳو، ستارا جهڙ مان ليئا پائڻ لڳا ۽ چنڊ ڪڪرن مان آجو ٿي آيو هو.
پُرهه وٿيءَ تي، چند لڏي پيو چوئنري تي
آئون ته سدائين
جنڊ جي موسيقي تي جاڳان.
ممتا جي ٻوليءَ تي جاڳن منهنجا سپنا
وڳ وڃي پيو ۽ هي لارون منهنجي دل جون پڪارون آهن
هي توڏو واريءَ جو ٻيڙو
چونئرن سان ڀيڙو آهي منهنجو من.
منهنجي چونئري جي چوڌاري منهنجي دنيا آهي
آئون ته سدائين
جنڊ جي موسيقي تي جاڳان
۽ شام ٽاڻي
چنڊ لهي ٿو منهنجي اک جي ڀٽ تي
رات لنوي ٿي منهنجي چونري جي چوڌاري
هي چونرو منهنجي دنيا آهي.”
هو سوالن جي گهراين ۾ وڃي پيو لهندو. رات، جُهڙ، ليئا ليئا چنڊ، وسوسا ۽ هُو. هنن ڀڙڀانگ ڀٽن سان بي انتها محبت جو مثال. کيس سڀاڻي وري وڃڻو آهي هوڏانهن. خوابن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ جهاڳڻو آهي پنڌ جيڪو کٽڻ جي ئي نٿو ڪري.
”آرزو ۽ اوجاڳي کي به ته ڪا معنيٰ آهي ،“ هي ڀڻڪيو. سندس ننڊ اکين ۽ اڀ جي وچ تي اٽڪي پئي آهي ۽ هو جاڳندو ٿو رهي, ٽٽل سوچ جون تندون ڳنڍڻ لاءِ.