ڪئميرا، عڪس ۽ زندگي
مئل شخص جو ڌڙ ۽ مُنڍي ڌار هئا. هنن سڀني پنهنجون ڪئميرائون تيار ڪيون. فليش جا جھٽڪا هڪڙو ماحول بنائي رهيا هئا. پر بهرحال ان تي بحث جاري هو ته اها منڍي ۽ ڌڙ ڪيئن ۽ ڪهڙي پاسي رکجن ته جيئن بهتر فوٽو ڪڍي سگھجي.
“منهنجو خيال آهي ته هن ڌڙ ۽ منڍيءَ کي ڪنهن طرح جوڙيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڌڙ ۽ منڍي ڌار هئڻ واري تصوير ڏاڍي ڀوائتي ٿي سگھي ٿي ۽ منهنجي ڇوڪري هاڻي اهڙين تصويرن کان ڊڄي ٿي.”
ٻئي چيو، “منهنجو خيال آهي ته جيئن ڌڙ ۽ منڍي ڌار رکيا آهن اها ئي اصل تصوير ٿي سگھي ٿي. مصنوعيت کان ڪم نه ورتو وڃي. جلدي ڪريو. تيسين شهر ۾ ٻيو ڪجھ ٿي چڪو هوندو.”
بحث هلندي ٻه ٽي فوٽو گرافر پنهنجون ڪئميرائون اونڌيون سنئيون ڪري ، فليش جا جھٽڪا ڏئي وڃي چڪا هئا.
• * * * * * *
پريس ڪلب جي لان تي چانهه پيئڻ دوران ڪيترائي ٽهڪ هن جي خوفزده روح کي وڌيڪ ڀوائتو بنائي رهيا هئا ۽ هوُ چڙڻ بدران ور ور ڏئي اهو ئي چئي رهيو هو؛
“آئون قسم کڻي ٿو چوان ته جيڪڏهن توهان اهي ڀوائتيون تصويرون نه ڪڍندائو ته ايڊيٽر توهان کي ڪجھه نه ڪري سگھندا. . . .”
ڳالهائيندي هوُ منجھي پيو ۽ ساه جي سهڪي ۾ هوُ ڏاڍو بي چين لڳي رهيو هو، ۽ هوُ مٿس کلي رهيا هئا.
پوءِ نيٺ هڪڙي کيس چئي ڏنو ته “جيڪڏهن تون هن شهر جي ايذائيندڙ ۽ ڀوائتي تصوير نٿو ڪڍي سگھين ته پوءِ وڃي رانديڪا کپاءُ. خوبصورت رانديڪا ڏسي تنهنجي ڌيءَ يقينن خوش ٿيندي.”
“آئون تصوير ذريعي بهرحال گواه نٿو بنجي سگھان. ڇاڪاڻ ته آئون نه قاتل کي سڃاڻنا ٿو ۽ نه مقتول کي. ان ڪري انهن تصويرن سان توهان جيڪو خوف پيدا ڪري رهيا آهيو ان جو ٿورو تصور ڪريو. توهين هن شهر جي ماحول کي وڌيڪ ڀوائتو بنائي رهيا آهيو.”
بحث هلندي موبائيل فون جون گھٽيون وڄڻ لڳن ٿيون. سڀني مختلف لفظن ۾ اهو پيغام وصول ڪيو ۽ هڪ ٻئي کي ٻڌايو ته لياقت آباد جي چونا ڊپو وٽ ٻه لاش مليا آهن. بنا نمبر پليٽ هاءِ روف ۾ پيل اهي ٻئي لاش سڃاپجي نه سگھيا آهن.
سڀ اوڏانهن روانا ٿيا. پوليس فوٽوگرافرن کان اڳ پهتي. اڳيا بيٺل فوٽوگرافر جو خيال هو ته لاشن جي ترتيب ٺيڪ ناهي ان ڪري پهرين انهن کي گڏ سمهاريو وڃي. هن مٿي چڙهي ٻنهي لاشن کي گڏوگڏ سمهاريو پر جڏهن هن فوڪس ورتو ته سندس خيال هو ته انهن جا چٿيل چهرا ٺيڪ نموني اچي نه سگھندا. ان ڪري ضروري آهي ته انهن چٿيل چهرن کي مٿڀرو ڪري رکجي. هن هاءِ روف ۾ پيل ڪپڙي کي ڏٺو ۽ پوءِ ڀر واري دڪان مان هڪڙي صندلي آڻي ٻنهي جا چهرا مٿي ڪيا. پر هو مطمئن نه ٿي سگهيا. هنن هاءِ روف جي درين، کاٻي ۽ ساڄي کان بيهي فوڪس ورتا ۽ پوءِ هليا ويا.
توڙي جو هن سڄي عمل ۾ هوُ به ساڻن گڏ هو پر کيس سمجھه ۾ ئي نه پي آيو ته هنن چٿيل چهرن جون تصويرون، هر لاش جي تصوير، هر سڙي ويل ڍانچي جي تصوير ڪڍڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي؟
“اخبار جي ضرورت ڇا آهي ۽ تاريخ کي ڪيئن محفوظ رکي سگھجي ٿو؟”
هوُ شديد بي چيني ۾ سوچي رهيو هو ته چٿيل لاشن جون تصويرون نه ڪڍڻ سان آخر اخبار جي مارڪيٽ کي ڪهڙو نقصان پوندو. پر هر وار هن جي راءِ زوردار ٽهڪن ۾ دٻجي ٿي وئي.
“ٺيڪ آهي جيڪڏهن توهان جي تصوير اخبار جي مارڪيٽ لاءِ انتهائي ضروري هي ته پوءِ جيئن آهي تيئن ڪڍي وڃي. انهن لاشن کي ڏيڍو ۽ پاسيرو ڪرڻ، هيٺ مٿي ڪرڻ واري بي حرمتي نه ڪريو.”
“صحافي اڄ جو مورخ آهي. هر واقعي کي محفوظ ڪرڻ پنهنجي ذميواري آهي.”
• * * * * * *
پريس ڪلب جي هال ۾ ٽي وي تي وائيلڊ لائيف تي فيچر فلم هلي رهي هئي. ماهرن جو خيال هو ته نانگ فطرت جو حصو آهن پر نانگن جو نسل تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهو وڌيڪ ماحول دشمن ٿيندو پيو وڃي. هن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن ميوزڪ چينل آن ڪيو. ميوزڪ ۽ رقص جي رڌم تي سڀني پنهنجي پنهنجي رومانس جو تصور ڪيو ۽ آهستي آهستي پنهنجي ئي پاڻ ۾ گم ٿيندا، ويڙهبا ۽ کُلندا رهيا. ٺيڪ ان وقت موبائيل فون جي گھنٽين سڄي رومانس واري ماحول کي بگاڙي ڇڏيو. سڀني پنهنجا پنهنجا ميسيج ڏٺا. هڪڙي ڪائونٽر ڏي ڊوڙ پائي نمبر ملايو “شير شاه جي علائقي مان ٻه اهڙا لاش مليا آهن جن جا سڀ عضوا الڳ الڳ آهن. مختلف جاين تان ملندڙ عضون ۾ انهن جون منڍيون بهرحال اڃا ملي نه سگھيون آهن. پوليس ۽ مقامي رضاڪار اهي منڍيون ڳولي رهيا آهن.”
سڀ فوٽوگرافر هڪٻئي جي پٺيان ان جاءِ تي پهچن ٿا جتي اهي عضوا گڏ ڪيا ويا آهن.
هڪڙي جو خيال هو ته “انتظار ڪريو. جڏهن منڍيون ملنديون ته تصوير مڪمل ٿي سگھندي.”
ٻئي جو خيال هو ته “ننڍن ۽ وڏن عضون مان لڳي ٿو ته ٻئي پيءُ ۽ پٽ آهن. سڀني عضون کي هڪ جاءِ تي ڍير ڪيو وڃي ته تصوير مڪمل ٿي سگھندي.”
هڪڙي شام واري اخبار جي فوٽوگرافر تمام هوشياري سان ٻار جي ڍڍري جي تصوير ڪڍي ورتي ۽ چيو ته “منهنجو خيال آهي ته وڌيڪ انتظار ڪرڻ مان ڪو به فائدو ڪونهي. ان ڪري فوري طور واپس هلڻ کپي.”
ٻئي فوٽوگرافر پنهنجي هٿن سان انهن ٻنهي لاشن جي عضون کي ملائي فوڪس ورتو ۽ پوءِ چيو “هو صحيح پيو چوي ته اجائي دير ٿيندي.”
هن اسڪوٽر کي “ڪڪ” هنئي ۽ زوزاٽ ڪري هليو ويو. ڪجھه ٻين به ٿوري انتظار کان پوءِ ڍڍرين جون تصويرون ڪڍيون ۽ هليا ويا.
“آئون عيسى جو قسم کڻي چوان ٿو ته هنن ماڻهن کي مرڻ نه کپندو هو. پر افسوس ته بي رحم قوتن کين وقت کان گھڻو اڳي قتل ڪري ڇڏيو.” هن لمحي لاءِ اکيون پوريون ۽ چپ ٿي ويو.
• * * * * * *
پريس ڪلب پهچندي ئي هن کي اطلاع مليو ته ڊفينس سوسائٽي ۾ هڪڙي خوبصورت ڇوڪري کي “ريپ” کان پوء قتل ڪيو ويو آهي. هن واردات واري هنڌ وڃي ڏٺو ته خوبصورت پر اگھاڙي لاش جي تصوير ڪيئن ۽ ڪهڙي ٿي سگھي ٿي. هن سوچيو ۽ پو۽ هوُ بنا تصوير ڪڍڻ جي واپس هليو آيوِ ۽ ساٿي فوٽوگرافر کي چيو ته هڪڙو اهڙو واقعو ٿيو آهي جنهن کي محفوظ ڪرڻ کپي پر . . . . ! هوُ ڏڪي رهيو هو. “هن ڇوڪريءَ جي ڪا به سڃاڻپ نه ٿي سگھي آهي.”
• * * * * * *
ٻئي ڏينهن جڏهن هوُ پريس ڪلب توڙي اخبار نه پهتو ته سندس دوست پريشان ٿي ويا ۽ پڇڻ تي هن ٻڌايو ته “گذريل ڏينهن حادثي کان پوءِ سول اسپتال جي مرده خاني ۾ پيل بي ترتيب ۽ ڪچليل لاشن جون تصويرون ڪڍڻ کان پوءِ مون کي لڳو ته آئون هاڻي هتان مرده خاني مان نڪري نه سگھندس. آئون ڄڻ ته مسلسل ڊوڙي رهيو آهيان ۽ لاش منهنجو پيڇو ڪري رهيا آهن. آئون، لاش ۽ ڪيميرا”. ڳالهائيندي سندس اکيون کليون رهجي ويون ۽ هوُ چپ ٿي ويو.
• * * * * * *
اڄ سينٽرل جيل ۾ ڦاهي اچڻ وارين تصويرن لاءِ سڄي رات جاڳڻ به هن جي ساڳي مجبوري هئي ۽ هوُ اها سڄي رات جاڳيو ۽ صبح جو سوير ڦاهي ايندڙ نوجوان کي ڦاسي گھاٽ ڏي نيئڻ دوران هنن کي لڳو ته اهو نوجوان مايوس هو. هن جي چهري مان پڇتاءَ جون لهرون ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون. فوٽوگرافر هن جي وکن جي ڳراڻ ۽ هن جي لوڏ سميت هر لمحي کي محفوظ ڪندا ٿي هليا ۽ ائين سرڪڻ، هن جي لٽڪيل لاش توڙي جيل کان ٻاهر نڪرڻ کان هن جي گھر واري گھٽيءَ ۾ گڏ ٿيل مائٽن تائين آڏو ايندڙ مختلف ڪيفيتن کي سڀني پنهنجي پنهنجي ليکي محفوظ ڪيو. سڀ پنهنجن اسڪوٽرن تي واپس ڪلب ڏانهن اچي رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪو ٿيو. اسڪوٽر ۽ هوُ الڳ الڳ وڃي ڪريا. هوُ هوش ۾ هو.
“اسان کي سخت افسوس آهي پيارا دوست! اسان تنهنجي ڪرڻ واري لمحي کي به محفوظ ڪري رهيا آهيون.”
هن پنهنجي چوڌاري چمڪا ڏيندڙ ڪئميرائن کي ڏٺو ۽ چپ ٿي ويو.