ڪاٽا ٿي ويل لغڙ
ڪا مهل ٿي آهي هوُ لغڙ سان ڳالهائيندو پيو رهي ۽ هيءَ پنهنجي ساڄي پاسي کان نهاريندي ٿي رهي لغڙ ۾.
لغڙ وڃي پيو ڍرو ٿيندو. اڳيا اڏامندڙ لغڙ ۾ ڇوڪري جون اکيون. “ڪاٽا ٿئي نه ٿئي ان سان اڏامڻو آهي”.
پُٽ جي لغڙ ۾ ماءُ جون اکيون ترڪنديون، خوشيءَ سان ٽمٽار ڳوڙهن سان اٿلنديون پيون رهن. هن جي اندر مان اٿلون ڏئي نڪرندڙ لفظ هن کي اتساهيندا ٿا رهن؛
“هاءِ هيءُ لغڙ منهنجي من جو،
هاءِ اڏاڻو منهنجو من
اُڏ اُڏ اي لغڙ اُڏ تون
ڪڪرن سان وڃي مل
اُڏ اُڏ اي لغڙ وڃي جُھڙ سان مل تون.”
هوُ واراڪا ڏيو، لفظ ڳنڍيو پئي دل بهلائي. ٻار جي اڳيان آهي ٻيو لغڙ. هن جي هٿن ۾ جھليل ڍيري جي ڏور وڃي پئي ڍرڪندي. ويلڻ وڃي پيو گھوماٽبو. لفظ وريو وريو پيا ورائجن. خوشيءَ جي لڙڪن سان ٽمٽار اکيون اٿليو پيون اٿلن. تئي تي هر ماني پڪي نه پڪي جهڙي سڙيو پئي اٿلي. پر هن جون اکيون آهن لغڙ ۾؛
“لغڙ ته خوابن جهڙو
هاءِ ملائڪن جهڙو
منهنجو هينئون جھل تون
اُڏ اُڏ اي لغڙ وڃي جُھڙ سان مل تون.”
مانيون سڙنديون پيون وڃن ۽ هن جو هينئون اٿليو پيو اٿلي، ڄڻ ته لغڙ ۾ هن جو ساهه آهي ۽ جيئن جيئن ڌاڳو ڍرو ٿيندو پيو وڃي تيئن تيئن هوُءَ دل ئي دل ۾ وڃي پئي هوڪاريندي، جهونگاريندي.
لغڙ هڪ طرف آهي ۽ ٻئي پاسي آهي هن جي اميدن جو لغڙ. جنهن ۾ آهي هن جي حياتي جي ڏور سا وڃي پئي ڍرڪندي. ڇوڪري جون اکيون آهن لغڙ ۾.
“الا منهنجو منڙو!
هاءِ لغڙ منهنجي من جو
تون ته حياتي جهڙو
ڏور ته منهنجي جھل تون
اُڏ اُڏ اي لغڙ وڃي جُھڙ سان مل تون.”
لغڙ وڃي ڀر ورتي آهي سامهون واري لغڙ جي. هن جي اکين ۾ ڀرجي آيو آهي آگم ڳوڙهن جو. ماني ويليندي ورچي ئي نٿي. مٿان هن جي اميدن جو لغڙ وڃي پيو سامهو واري لغڙ کان گوءِ کڻڻ.
هن کي وري وري اچي ٿو ته هوُءَ ماني کڻي پٽ کي سڏ ڪري پر اميدن جو ڌاڳو وڃي ۾ ڍرڪندو. خواهش هن جي اکين ۾ مهمان جو روپ ڌاري آئي آهي. دل ۾ آهي سوڀ جي آس.
لغڙ اچي ڀر ورتي آهي سامهون واري لغڙ سان ۽ ڌاڳو به اچي کٽو آهي.
هوُ ماني پاڻي سڀ ڪجھه وساري ويٺو آهي. هن جي آڏو آهي سوڀ جي ڪمزور خواهش جنهن جو مدار آهي ڏور تي جيڪا کٽڻ واري آهي.
“سامهون واري لغڙ جي پويان خدا ڄاڻي ڪيتري ڏور هوندي.”
ماءُ سڙي سوڪ ٿيندڙ مانين کي چلهه جي پويان رکندي پئي وڃي. مهمان بنجي آيل خواهش سوڀ جي. پٽ لاءِ ور ور ڏيو پئي دعائون جھونگاري؛
“مولا منهنجي من جي
ڏور اينگهائي ڇڏ
پتنگ ناهه اڏاڻو،
اڏاڻو منهنجو من،
ڏور اينگهائي ڇڏ
مولا منهنجي من جي.”
ڪاٽا جي تصور کان بي پرواهه ڇوڪرو ڌاڳو ڍاري چڪو آهي، پر خواهش کيس کڻيو پئي هلائي اڀ ۾. ڄڻ ته اجھو ڪين اجھو هوُ پاڻ اڏامندو ۽ سامهو واري لغڙ کان گوءِ کڻي وڃي ڪڪرن سان ملي وري موٽي ايندو پنهنجي گھر. پر وقت هن جي هٿن مان ڍرڪندڙ ڌاڳي کان گھڻو تڻو اڳي نڪري چڪو آهي. ڌاڳي جو پڇڙ قابو آهي گليءَ ۾ ۽ هُو ڄڻ ته تار تار ترندو وڃي خلائن ۾.
کُڏ جي ڇيڙي تي وڃو موٽيو اچي. کيس ڪل ئي ناهي ته هُو کُڏ تي آهي يا خلائن ۾. هُو پاڻ کي وساري ويٺو آهي.
هوُءَ ويٺي آهي چلهه جي ڀرسان آس رکيو. هن جون اکيون آهن لغڙ ۾. دل شڪست مڃڻ لاءِ تيار ناهي. سامهون واري لغڙ سان هي ڀر وٺيو بيٺو آهي، پر خواهش آهي ته هي لغڙ ان کان وٿي وٺي ته دل ۾ جشن ٿين.
هن چلهه مان اڏامندڙ چڻنگ ڏانهن نهاري ، ماني اٿلائي مٿي نهاريو ته هيءَ خوشيءَ مان اٿي پئي. لغڙ وڃي پيو اڏامندو اڳتي اڃا اڳتي. پر لمحي کان پوءِ هن گھر جي هُن پار ڏٺو ته سندس اميدن جو لغڙ ڪاٽا ٿي ڪريو آهي. زخمي پٽ کي کڻي اچي هن کٽ تي سمهاريو.
هن ڏٺو ته تئي تي سڙندڙ مانيءَ سميت ڪا به ماني کائڻ جهڙي نه هئي.