ڪوريئڙو
“سازشن جا ڄار ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن،” هو چپ ٿي ويو.
ڪچي منجهند ڪڪرن جي ڀاڪرن ۾ هئي. هو ڪنهن مهل کان ٻوٽن تي لامارا ڏيندڙ ڀنڀوري کي فوڪس ڪرڻ لاءِ بيچين هو. هُو هر لمحي ڪئمرا جو بٽڻ “آن” “ڪري اداس ٿي پئي ويو ته ”شايد اهو فوٽو به صحيح نه آيو هوندو” ۽ ائين هو ڀنڀوريءَ جي پنن ۽ گلن سان محبت جون ڪهاڻيون فوڪس ڪرڻ ٿو چاهي ۽ هر لمحي ناريل جي وڻ جي هُن پار کان ايندڙ ڪوئل جي آواز ڏانهن ڪنائي ڪا آرزو سندس ڪنڌ ڦيرائڻ تي مجبور ٿي ڪري. پر ڪوئل کي نه ڏسندي هو ڀنڀوريءَ کي اکين کان پري ٿيڻ نٿو ڏي. هن جون اکيون ڀنڀوريءَ جي پرن تي جهپڪا ڏينديون ٿيون رهن.
هو روز وانگر پريس ڪلب جي مختصر پارڪ جي هڪ تنها ڪنڊ ۾ اچي ويٺا هئا. هو هن کي لڳاتار سمجهائي رهيو هو ته “تون ڪلب جو ملازم هوندي به هن سماج جو ذميوار فرد آهين ۽ ان فرد جي ناتي توکي آزاديءَ سان سوچڻ جو بنيادي حق آهي. تون لمحي لاءِ ان احساس مان نڪري ايندو ڪر. ڇاڪاڻ ته هتي ايندڙ سڀ صحافي ڪتا ناهن. ڪمتريءَ جو احساس ڏاڍو زهريلو هوندو آهي. تون آرٽسٽ آهين ۽ اهي رنگ توکي نئين زندگي ڏئي سگهن ٿا”.
هو سڀني ڳالهين کي اطمينان سان ٻڌي رهيو هو پر هن کي لڳو ته هو هڪ آرٽسٽ هوندي به هڪ ملازم آهي، ماتحت ۽ ڪمزور ملازم. اوچتو هن زوردار ٽهڪ ڏئي پريشانين کان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو ٽهڪ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. هن سامهون کان ايندڙ آواز ڏي ڪنايو ۽ چپ چاپ مئنيجر ڏانهن ڇڪجي آيو.
“تون ڪلب جو ملازم آهين, توکي پنهنجي ذميوارين جو احساس هجڻ کپي. هتي ڊيوٽيءَ دوران ٻيون مصروفيتون توکي نه ٿيون سونهن”.
هو چئيدار ٻار جيان چپ چاپ بورچي خاني ڏانهن هليو ويو.
هنن مان هڪ مئنيجر جي پويان آواز ڏنو.
“ڪوريئڙو!” ٻئي چيو “ٻچي ڏاڙهي ٽارزن”
مئنيجر پوئتي لئوڻو هنيو پر ڳالهه کي سمجهندي هو اندر هليو ويو. لمحي لاءِ هو ٻئي ڄڻا پنهنجي پنهنجي تنهائيءَ ۾ هليا ويا.
موسم جهڙالي هئي، هلڪي بوند وسندي وسندي رڪجي پي وئي. ان ڪري ٻاهر ٽريفڪ جو گوڙ هوندي به ڪانگن جي چرپر وڌيڪ وڻندڙ لڳي رهي هئي. ناريل جي وڻ جي هن پار بيٺل ڪنهن جهڳٽي مان ڪوئل جو آواز به ڏاڍو اتساهيندڙ هو.
هن سگريٽ دکايو ۽ دونهين جي دائرن کي تڪيندو سوچ ۾ ٻڏاڻل رهيو. هو بورچي خاني مان ظاهر ٿيو ته هن کيس ٻيهر آواز ڏنو هو آيو پر خاموش هو، اٻاڻڪو، ڪمزور ۽ تنها.
هن وري کيس چيو “اهي ڪوريئڙا آهن ۽ سازشن جا ڄار اڻين ٿا ۽ پاڻ معصوم ماڪوڙا آهيون جيڪي انهن نه ڏسڻ ۾ ايندڙ ڄارن ۾ ڦاسي پئون ٿا. اسان کي هر قدم ڏسي وائسي کڻڻو پوندو. پريشاني جي ڪابه ضرورت ناهي. “
هن ڪيترو وقت اداس رهڻ کان پوءِ ٿڪ اڇلي پنهنجو هانءُ هلڪو ڪيو ۽ چپ چاپ هيٺ گهوريندو رهيو. هلڪي بوند شروع ٿي ته هن کي الائجي ڇا ياد آيو ۽ ڪجهه سوچندي جهونگارڻ لڳو.
”جنان باغان دي مالي مرگئي رب انهان دا والي
باغان دي وچ هرئيل طوطي بولي ڊالي ڊالي “
جهونگاريندي جهونگاريندي هن جي اکين ۾ تري آيل لڙڪن کي هو روڪي نه سگهيو ۽ اهي سٽون ورجائيندي ورجائيندي هو پنهنجي ئي لڙڪن ۾ ٻڏندو ۽ ترندو رهيو.
ٻيو ڏينهن
“آئون هڪڙو اهڙو ڊرامو ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن جي ڪهاڻي ۾ ڪوبه هيرو ڪابه هيروئن نه هوندي ۽ نه ئي ڪو ولن هن ڊرامي ۾ ڪو هنگامو فساد ڪري ماڻهن کي بي چين بنائي سگهندو. ان جا راوي، ڪردار ۽ ڊائريڪٽر سڀ ڪجهه اسان هونداسين. اسان پنهنجي ذهنن ۾ ايندڙ معصوم ۽ شرارتي خيال هن انوکي ٿيٽر ذريعي عوام سان ونڊڻ چاهيون ٿا. اسان اهو ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا جيڪو دنيا نه ٿي ڪري سگهي. اسان هڪ تبديلي چاهيون ٿا. جيڪا ڪنهن به نه ڏٺي آهي. بظاهر هيءَ ڪهاڻي اڻ لکيل هوندي”. هن داد وٺڻ لاءِ هنن ڏي نهاريو. هنن هن جي اداڪاري تي تاڙيون وڄايون.
ٻئي چيو آئون چوان ٿو ته “منهنجي 25 سالن جي سانڀر ۾ هر ڊرامي ۾ صحافيءَ کي ٻُچي ڏاڙهي ۽ چشمي سان هڪ تباهه حال ڪردار ڏيکاري صحافيءَ جي بيعزتي ڪئي وڃي ٿي. ڪٿي آهي اڄ جي دور جو”سمارٽ “ صحافي؟ آئون صحافيءَ جي ان ڪردار کي تبديل ڪرڻ چاهيان ٿو”.
”بلڪل غلط! پاڻ صحافي جي ڪردار کي تبديل نه ڪري سگهنداسين. پاڻ کي صرف پنهنجو پنهنجو ڪردار تبديل ڪرڻو پوندو. هاڻي اسان کي خواهشن جي کوهه مان نڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته صحافي، صحافي آهي. صحافي ڪتو يا ڪبوتر ناهي. “
“يعني توهان صحافين کي بلڪل هيٺين سطح تي بيهي ڏسو ٿا. ٻي صورت ۾ منهنجو خيال آهي ته صحافي هن سماج جي عيبن کي وائکو ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. توهان صرف هن کي پوليس ٿاڻي جي ڀڳل ڪرسي ۽ چڪلي جي ڏاڪڻ تي بيٺل نٿا ڏيکاري سگهو. توهان رڳو مسٽر ايڇ کي نه ڏسو جنهن جي پينٽ تي جونءَ سري رهيون هونديون آهن ۽ هو مهيني ۾ هڪ ڀيرو وهنجي ٿو. ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ کي ٺٺول ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي.”
هن چيو “پيارا دوستو! توهان جا ڊائيلاگس ته ڏاڍا اثرائتا آهن پر انهن ۾ ڪوبه ايڪشن ناهي. منهنجو خيال آهي ته توهان پنهنجي تنهائيءَ مان نڪري اچو. تصور ڪريو ته هي هڪڙو اسٽيج آهي. جتان پاڻ سماج جي عيبن کي وائکو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. توهان تصور ڪريو ته پاڻ زندگي جي گوناگون مسئلن تي ويچارڻ لاءِ عوام سان غير مشروط طور شامل ٿي رهيا آهيون. عوام آزاد پکي آهن. اڄ توهان کي موقعو مليو آهي ته عوام جي دل جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪريو. اٻهرائي توهان جو ڊرامو ناڪام بڻائي سگهي ٿي.”
هن وات ۾ آڱر وجهي زور سان سيٽي وڄائي ۽ هنن ٻنهي کي مخاطب ٿيندي چيو. “منهنجي هٿ جي اشاري جو انتظار ڪيو وڃي”. هن هٿ مٿي ڪري آواز ڏنو.
“هڪ .... ٻه.... ٽي..” ۽ هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو.
هو اٿي ڪينٽين ڏانهن هليو ويو ۽ ٽي ڪوپ چانهن جا کڻي موٽي آيو. سڀني پنهنجو پنهنجو ڪوپ کنيو ۽ پنهنجي پنهنجي تنهائيءَ کي پيئڻ لڳا.
“توکي اهو سوچڻ کپي ته تون ڪينٽين جو”ويٽر “ نه پر هن سماج جو ذميوار فرد آهين. تون پنهنجي اندر جي دنيا ۾ رهندي سڄي ڪائنات تي نظر رکين ٿو. هن ٻچي ڏاڙهي واري مئنيجر کي ڪرپٽ بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان هن انوکي ڊرامي جي ذريعي دنيا جا سڀ راز فاش ڪنداسين ۽ اسان هن مئنيجر کي ڪتو بنائڻ نه ڏينداسين”.
هن چيو منهنجو خيال آهي ته گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ ڊگهي ريهرسل جي ضرورت آهي.
هن ناريل جي وڻ جي هن پار کان ايندڙ ڪوئل جي آواز ڏانهن ڪنايو ۽ مٿي آسمان ڏانهن نهاريو. ڦڙ ڦڙ جي رفتار ۾ ڪوبه اضافو نه آيو هو.
هن ساٿيءَ جي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙيءَ ڏي ڏٺو ۽ سگريٽن جو پاڪيٽ، آفيس ڪارڊ ۽ چاٻي کنئي ۽ بنا موڪلائڻ جي هليو ويو.
”وڌيڪ ريهرسل سڀاڻي ڪنداسين. “ هو کليو ۽ سڀ هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويا ۽ ڪوئل جو آواز هن جي ڪنن ۾ گونجندو رهيو.