ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

پاڳل

ڏيک پهريون؛
هوُ ڊائريڪٽر کي اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته آخرڪار هن ڊرامي جو اهم ڪردار جيڪڏهن سماجي دٻاءَ تحت آپگھات ڪرڻ چاهي ٿو ته آئون هُن کي بچائڻ جي ڪوشش ڇو ڪريان. سندس خيال هو ته پوءِ هن ڊرامي جي اهميت ختم ٿي ويندي. هن جو آپگھات اصل ۾ سماجي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف کليو احتجاج آهي جنهن جو هن کي حق آهي.

پر ڊائريڪٽر جو چوڻ هو “ته نه صرف اهو ته هن ڪردار جي آپگھات بدران سندس شادي پوڙهي مائي سان ڏيکاري وڃي، پر شاديءَ جي رات کيس ڪاري ڪري مارڻ پڻ ڏيکاريو وڃي”.
هن ڏٺو ته ڊائريڪٽر ڏاڍو جذباتي لڳو پيو هو.
ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته “اها ئي اصل ۾ اڄ جي سنڌ جي تصوير آهي. سڄي سنڌ ڪاري آهي ان لاءِ هر ڪهاڙيءَ جي آجيان ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ ته ڊرامي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ان جي اصل رُوح کي سمجھڻ انتهائي ضروري آهي. توهان ليکڪن کي کپي ته سنڌ جي غيرت کي سمجھو ۽ ان عظيم تصور کي همٿايو. ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي قديم ثقافت کي تباهه ڪري ويهنداسين.”
ٿڌي روم ۾ اهي ڳالهيون ٻڌندي هن ڪيترائي ڀيرا پگھر اُگھيو پر ڊائريڪٽر کي قائل نه ڪري سگھيو ۽ نيٺ هوُ اهو سوچي اٿيو ته ان ڪهاڻي تي هُو وڌيڪ ڪم ڪري ٻيهر ڏيکاريندو.

* * * *

ڏيک ٻيو؛

“توهان ليکڪ به عجيب خلائن ۾ سفر ڪيو ٿا. ڀلا هن علائقي جي ماڻهن کي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
منهنجو مطلب آهي ته . . . . ”

ڊائريڪٽر سگريٽ دکايو ۽ لمحي لاءِ ڪرسيءَ تي آهلجي دونهون اڇلايو. پوءِ هُن سگريٽ کي ايشٽري جي وٽ تي رکي انهن آڱرين ۾ پين کڻي چيو؛ “انهيءَ شيدي کي هيرو ڏيکارڻ سڄي سماج جي توهين آهي. شيدي، ڪمپيوٽر، ڊسڪو ڊانس؟ منهنجو مطلب آهي ته سنڌي ماڻهو کي ڪمپيوٽر جي ويجھو ڏيکارڻ اسان کي سيکاريو ئي نه ويو آهي. ان سان منهنجي نوڪري تيل ٿي سگھي ٿي، جناب!”
“منهنجو خيال آهي ته شيدي کي ڪمپيوٽر جي ڀرسان ڏيکارڻ بدران ڍڳي گاڏي تي ويٺل ڏيکاريو وڃي. ڍڳي گاڏي سنڌ جي ثقافت ۽ ترقي جي علامت آهي. توهان منهنجي ڳالهه کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو. هن ملڪ جا شيدي ڊرامن جا هيرو نٿا ٿي سگھن. مهرباني ڪري اهڙي انقلابي مشق منهنجي آفيس بدران پنهنجي گھر ۾ وڃي ڪريو ته توهان کي خبر پوندي ته هن سماج جا هيرا ڪير ٿي سگھن ٿا،” ڊائريڪٽر جو سگريٽ لڳاتار ايشٽري جي وٽ تي جلي رهيو هو.
“ڊائريڪٽر صاحب! آئون چوان ٿو ته اهي شيدي ئي اصل ۾هن سماج جا هيرا آهن. اسان جي ثقافت اجاگر ڪرڻ ۾ انهن جو اهم ڪرار رهيو آهي. هن ڪهاڻي ۾ مُگرمان کان ڪميوٽر تائين هڪ شيدي جو سفر آهي. منهنجو هيرو عظيم انسان آهي جنهن کي مون ويجھي کان ڏٺو آهي. ماسي حوُر شيدڻ هيرو جي ماءُ جو تصوراتي ڪردار آهي. اها عورت اسان جي هن مرندڙ سماج ۾ رُوح ڦوڪي ان کي زندگي ڏيارڻ جي تمنا رکي ٿي. بهرحال مونکي افسوس آهي ته آئون توهان کي قائل نه ڪري سگھيس. خدا حافظ!”
هوُ اٿيو ته ڊائريڪٽر طنز سان ڀرپور ٽهڪ ڏئي ڪرسي تي آهلي پيو.

* * * *

ڏيک ٽيون؛

“ڊائريڪٽر صاحب! منهنجي هن ڊرامي جو ولن هڪ نابين آهي. هن وحشي سماج جو اهو باغي ڪردار جنهن کي توهان ڪو به نالو ڏئي سگھو ٿا. آئون چوان ٿو ته هن ۾ خداداد صلاحيتون آهن. هوُ ڳائي به سگھي ٿو، روئي به سگھي ٿو، تقرير به ڪري سگھي ٿو، دُهل وڄائي عوام کي به گڏ ڪري سگھي ٿو، پر رڳو هوُ پنهنجي زال کان ڊڄي ٿو. ان ڪري شُوٽنگ دوران جيڪڏهن سندس زال کي خبر پئي ته مسئلو پيدا ٿي سگھي ٿو.”

ڊائريڪٽر صاحب! هن ڊرامي جي اهم ڳالهه اها آهي ته منهنجي هن ڊرامي جو هيرو ڀنگي آهي، جنهنجي عشقيا شادي هڪ الڳ داستان آهي. هوُ صبح جي ڪم ڪار کان واندو ٿي جڏهن شام جو عاليشان ڪپڙا پائي گھران نڪري ٿو ته دُ نيا جون ڏندين آڱريون اچيو وڃن. هنن جي هڪ ڏينهن جي هڙتال تي سڄو شهر ڍونڍ بنجي وڃي ٿو،” هن پنهنجي ڪهاڻي جي هڪ لائين ٻڌائيندي فخر سان مرڪي ڏنو.
کيس پڪ هئي ته ڊائريڪٽر هن زبردست خيال سان قائل ٿي چڪو هوندو پر هُن جڏهن منهن تان ٻُڪ هٽايو ته ٽهڪن ۾ اٽوڻجي رهيو هو ۽ هي خاموش ٿي ويو.
کيس ذهن ۾ آيو ته ڊائريڪٽر کان پڇي ته ڪهڙوسبب آهي جو انڌا ولن نٿا ٿي سگهن ۽ ڀنگي هيرا نٿا ٿي سگھن.
پر ان کان اڳ ڊائريڪٽر سوال ڪيو؛ “ليکڪ صاحب! اهو ٻڌائينداو ته ڊرامي جي ميدان ۾ توهان جو ڪيترو تجربو آهي؟”
“ڊائريڪٽر صاحب! منهنجي 37 سالن جي زندگي هڪ ليبارٽري آهي جتي بنا ساهيءَ جي تجربا ٿيندا رهن ٿا. اصل ۾ آئون ڪتابن جا جلد ٻڌندو آهيان. ڦاٽل ڪتابن کي نئون روپ ڏئي ڇڏيندو آهيان. مون دنيا جو ادب پڙهيو آهي ۽ هاڻي آئون ان کي انٽرنيٽ جي اک سان ڏسان ٿو. اصل ۾ مونکي خيال آيو ته آئون ڪو بنهه نئون خيال متعارف ڪرائي ٽي وي جي ڊرامي ۾ ڪا تبديلي آڻي سگھان. پر افسوس . . .!
هن لمحي لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪري، کوليون ۽ چپ ٿي ويو.
ڊائريڪٽر فون جو نمبر ملائي چانهن جو آرڊر ڏنو ۽ سوچ ئي سوچ ۾ ويٺي اداڪاري ڪرڻ لڳو.
ليکڪ صاحب! توڙي جو آرٽ ۽ ادب وڏي شيءَ آهي پر اهو سچ آهي ته مون زندگي ۾ پنهنجي پياري ماءُ کي به ڪڏهن خط جو جواب نه ڏنو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪو مضمون لکي ڪنهن اخبار ۾ ڇپرايو. پر بهرحال آئون توهان کان وڌيڪ تجربو رکان ٿو. هڪ ئي ڪمري ۾ سڀ سيٽ رکڻ، ڪردارن جي چونڊ ۽ کين هدايتون ڏيڻ ۽ ڊرامو ريڪارڊ ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي، جيڪو اڪيلو سر انجام ڏيان ٿو. آئون پاڻ گدڙ جي اُوناڙ ڪري سگھان ٿو. تون يقين ڪر ته آئون هر ڪردار ادا ڪري سگھان ٿو. وڏيري، پوليس واري ۽ ماستر جي ڪردار جي لاءِ ايتري مشق جي ضرورت ناهي.”
هُو اطمينان سان ڊائريڪٽر جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. هن چانهن به پيتي. پر هن کان سوال ڪرڻ جي همت نه ڪري سگھيو.
“ اصل ۾ اسان جي ليکڪ جو ذهن سڪي ويل ڍنڍ وانگر آهي جتي هاڻي نه ڪو ٻوٽو اڀري سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪو پياسو پکي اتان اڃ اجھائي سگهي ٿو. مون کي لڳو ته توهان ۾ لکڻ جي سگھه ته آهي پر توهان جو خيال ڪمزور آهي، ان لاءِ توهان کي وڌيڪ مشق ڪرڻ جي ضرورت آهي. مون کي افسوس آهي ته اها ڪهاڻي هتي هلي نه سگھندي. . . .
هن کي لڳو ته ڪو ڌماڪو ٿيو آهي ۽ هي دونهين ۾ جلي رهيو آهي. هن لمحي لاءِ اکيون پوري مٿي نهاريو ته ڊائريڪٽر جواب جو انتظار ڪري رهيو هو ۽ هي خاموشي سان تڪيندو ئي رهيو.

* * * *

ڏيک چوٿون؛

ليکڪ صاحب! توهان يقيني طور تي نوان ليکڪ آهيو ۽ آئون توهان جي آجيان ڪريان ٿو. سچي ڳالهه اها آهي ته ڊرامو ۽ ڪهاڻي هڪ فن آهي توهان لاءِ عرض آهي ته ڀرسان ڀت تي لڳل هن چارٽ کي نظر مان ڪڍي وٺو. اهو چارٽ ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر جي سمجھوتي لاءِ هڪ مضبوط “گائيڊلائين” آهي.
ليکڪ ڪرسي تان اٿي ٻه قدم پوئتي هٽي ان چارٽ جي ويجھو آيو ۽ ڊائريڪٽر به اچي بيٺو ۽ چيو ته هي جيڪو نقشو آهي ان کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي. هي نقشو اصل ۾ هڪ ايبنارمل ڪڪڙ جو بيضو آهي جيڪو ڦڏو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان کي هتي جيڪا حقيقت سمجھائي وئي آهي ان مطابق هر ماڻهو عيبدار آهي. اسان صرف سماج جون خاميون ڏيکاري سگھون ٿا، پر تعمير ڪرڻ اسان جو ڪم ناهي. يعني هاريءَ جو ڏاٽو، ڀنگي جو ٻهارو، شيديءَ جو مُگرمان، ڪارئي جي ڪهاڙي، لوهار جو وڏاڻ، واڍي جو واهلو ۽ ڪنڀار جو چڪ انقلاب ۽ جدوجهد جون علامتون آهن. مون کي سخت افسوس آهي ته اسان اهي ڪردار نٿا ڏيکاري سگھون. ان ڪري معاف ڪجو سنڌ جي مستقبل جو نقشو اهو ڦڏو بيضو آهي جنهن تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون. هي جيڪو شينهن جو چهرو زخمي نظر اچي ٿو اهو هتي اسان جي وڏن جي ڪيل غلطين جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن مان اسان کي سبق حاصل ڪري اڳتي وڌڻو آهي. ان ڪري اسان جون ذميواريون تبديل ڪيون ويون آهن. اسان جي ليکڪن کي سمجھڻ کپي ته اسان جو سماج پوئتي پيل آهي ۽ سماجي ضرورتن تحت اسان کي اهڙو ڊرامو کپي جنهن جو هيرو اهڙو هجي جيڪو هيروئن کي ڇُهي نه سگھي. ماستر، پوليس وارو، وڏيرو ۽ ڪمدار اسان جي ثقافت آهن انهن کي جيئرو رکڻ جي شديد ضرورت آهي.
هن ڏٺو ته ڊائريڪٽر ڏڪي رهيو هو.
ڊائريڪٽر صاحب! مونکي افسوس آهي ته آئون جيڪا ڪهاڻي کڻي آيو آهيان ان جو هيرو هڪ موڙ تي اچي پاڳل ٿي وڃي ٿو. اهو پاڳل هن سماج جي بي حسي جي زندهه تصوير آهي ته ڪيئن هڪ بي عيب ماڻهو کي ڌڪاري ۽ اذيتون ڏئي پاڳل بنايو وڃي ٿو. پر مونکي افسوس آهي ته آئون هن ڪردار کي پاڳل ٿيڻ ۽ پوءِ کيس آپگھات کان بچائي نٿو سگھان. ڇاڪاڻ ته شايد هن ڪردار وٽ ڪو به رستو نٿو بچي ته هو زندگي کي وڌيڪ سمجھڻ لاءِ زندهه رهي سگھي
هن ڏٺو ته ڊائريڪٽر هن جي پاڳل ڪردار وانگر ٽهڪ ڏئي رهيو هو. هن جي عجيب طنز ۽ خوفناڪ ٽهڪن کان ڊڄي ليکڪ ڪمري کان نڪري ٻاهرئين گيٽ ڏانهن تيز تيز وڌڻ لڳي ٿو ۽ خوفناڪ ٽهڪ سندس پيڇو ڪندا رهن ٿا.