ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

هني مُون تي موت

ان ڏينهن هوُ پاڻ گاڏي هلائي رهيو هو ۽ سندس چوڻ موجب هُو ٻئي ڪنهن ڳالهه تي ٽهڪ ڏئي رهيا هئا ته اوچتو سندن اڳيان ويندڙ ٽرڪ بلڪل ڪار جي سامهون اچي وئي، زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ سندن ٽهڪ هوا سان ملي پولارن ۾ گم ٿي ويا.
اسپتال ۾ جڏهن کيس هوش آيو ته سندس ڀاءُ ۽ ٻيا مائٽ هن جي ڀر ۾ موجود هئا. ڪيتري دير تائين هيءُ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو رهيو پر سندس زبان اٿلي نه سگھي ۽ هن اکيون پوري ڇڏيون.
ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته پهريائين پيٽ ۾ ٻار جو موت ٿيو ۽ پوءِ ماءُ به گذاري وئي.

*****
هن کي لڳو ته هڪڙو جهاز تباهه ٿيو آهي، جنهن مان هوُ اڪيلو مسافر بچيو آهي. ان جهاز ۾ هڪ نئون شادي شدهه جوڙو به شامل هو جيڪو هني مُون ملهائڻ لاءِ پنهنجن مڙني مٽن مائٽن کان موڪلائي نڪتو هو پر سندن هني مون ان حادثي جو شڪار ٿي ويو. هن جا سارا هوش حواس خطا آهن ۽ آخر تائين اها خبر نه پئجي سگهي ته آخر اهو جهاز موسم جي خرابي سبب تباهه ٿيو يا پائليٽ جي غلطي سببان، جنهن ۾ اهو جوڙو پنهنجي بي انتها خوشين جي مُهڙ ۾ ئي هزارين ڪهاڻين جو پلاٽ بنجي ويو ته “آخر هني مُون تي موت ڪيئن ٿيو؟.”

“ هڪ طويل خواب
ڄڻ ته زندگي جو مختصر باب
زندگي جي ارپنا ڇا ٿيندي آهي
۽ برباد دل جي دنيا ڇا ٿيندي آهي.”
****

پاڻ ته اڃا به هني مُون تي آهيون پرين!
چنڊ جي ٿڌي برف جهڙي روشني ۾
پهاڙن جي چوٽين کي ڇهڻ لاءِ
پاڻ پنهنجا خواب اُڏايا هئا
اکين ۾ سارا رنگ سمايا هئا،
گلن ڦلن تي لنوندڙ ڀونئرن جيان
گلن سان به ڪائي دوستي،
ڪي رشتا جڙي پيا هئا،
من ۾ ڪي ئي گلاب ٽڙي پيا هئا.
*****

انتظار جو سفر به ڪيترو طويل هو
پر اڄ ته وڇوڙي جو به ڪو ڇيهه ناهي،
وقت بي لغام آهي،
سارا خط، البم ۽ تصويرون،
هني مُون جون يادون ڪاغذ تي آڻڻ کان اڳ ۾
هر هر تنهنجو نانءُ اچي ٿو.
*****

ساڻس دوست ملڻ لاءِ اچن ٿا ته کيس لڳي ٿو ته اهي سڀ صحافي آهن ۽ کانئس ان جهاز جي تباهي ۽ “هني مُون” تي ويندڙ ان جوڙي متعلق معلوم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي واري لاءِ منتظر آهن. پر هوُ مسلسل نٽائيندو ٿو رهي جو هوُ اڃا صدمي ۾ آهي ۽ ڳالهائيندي سندس اکيون ڀرجي اچن ٿيون ۽ سندس زبان هن جي زخمي ٽنگ وانگر ڌيڏو کائي بيهي رهي ٿي.
هوُ لڳاتار هن جي چهري کي تڪيندا ٿا رهن ته متان ڪو جملو، ڪو لفظ، ڪو اشارو اهڙو هجي جيڪو ان بدقسمت جهاز متعلق سندن معلومات ۾ اضافو ڪري سگھي ته آخر “هني مُون تي موت ڪئن ٿيو؟”
هو هر فون جي گھنٽي تي رسيور کڻي ائين ئي ڳالهائي پيو جيئن کيس ڳالهائڻ کپي پر رسيور رکندي ئي سندس اکيون ڪنهن جي ڳولا ۾ گُم ٿي پي ويون؛

“وڇوڙي جا پيرا ته
قبرستان جي هڪ ڪنڊ ۾ وڃائجي ويا آهن
۽ اتي رڳو ڪُتبا ئي ڪتبا آهن”
*****

دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آيل زلزلا، ٻوڏون، تباهيون، جهازن جو ڪرڻ، حادثا، نئين جنم کان موت تائين انساني سفر جي شروعات ۽ پڄاڻي، عشق ۽ سياست، وقت جي هر ايندڙ ۽ ويندڙ لمحي جو تصور. هر دوست پنهنجي پنهنجي مهم جوئي جي ڪهاڻي ۽ ڪاميابيءَ جا راز ٻڌائي رهيو هو ۽ ناڪامين کي نظر انداز ڪندي لڄي ٿي رهيو هو. هن هر دوست سان موڪلائڻ وقت ڳالهائڻ چاهيو پر سندس زبان هن جي زخمي ٽنگ وانگر ڌيڏو کائي بيهي ٿي رهي. لٺ هن جو عارضي سهارو بنجي وئي هئي.
شام جا پاڇا مڙندا ٿي ويا، ڪجھه دير کان پوءِ هوُ جڏهن اڪيلو ٿيو ته فليٽ جي سمنڊ طرف کلندڙ دري آڏو اچي بيٺو پر سامهون ماڻهن جي هجوم ۾ هُو ڇولين جي چڙهڻ ۽ لهڻ وارو منظر ڏسي نه سگهيو. کيس لڳو ته هوُ لڄي ٿي رهيو آهي جو هو هاڻي جڏهن به ساحل تي پسار ڪرڻ لاءِ ويندو ته سمنڊ ڇولين جي سرگوشين ذريعي کانئس زندگي ۾ داخل ٿيل هن اذيتناڪ تنهائي جو سبب ضرور پڇندو.
سوچن جي تسلسل ۾ شام گهري ٿي وئي هئي. ٻيڙيائتا واپس وڃي رهيا هئا. ڇوليون ساحل تي پسار ڪندڙ ماڻهن جي پيرن کي ڇهنديون لهنديون رهيون. نيڻ نهار تائين جوڙا ڇولين جي سرگوشين کي ڪنائيندا ٽهڪ اڏاريندا رهيا ۽ هن جون نظرون سمنڊ ۾ لهندڙ سج جي گولي کي تڪينديون رهيون، جيڪو آهستي آهستي سمنڊ ۾ لهندو پي ويو.