ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

غلاظت

ان ڏينهن به هن پنهنجي ڪم جي مڪملتا تي فتح جو ٽهڪ ڏنو هو. خوشيءَ سان ڀرپور اهو ٽهڪ ڇا هو سڄي آفيس ۾ مختلف ماڻهن ان کي پنهنجي پاڻ تي طنز سمجھي، ڇاڪاڻ ته انهن جي نظر ۾ ان اظهار لاءِ شايد اهو وقت مناسب نه هو.
هن جڏهن به ۽ جيڪو به ڪم پورو ڪيو ٿي ته هن جي اندر مان بي انتها خوشيءَ ۾ ٽهڪ ئي اٿيا ٿي. ائين هن ٽهڪن کي ڪڏهن به ڪو عار نه سمجھيو ۽ روزانو هر ننڍي ڪم جي تڪميل تي هن سدائين پنهنجي من کي ئي شريڪ سمجھيو. هر ننڍي خوشي هن جي لاءِ وڏي جشن سمان ئي رهي ۽ هر وڏي خوشي لاءِ هن ڪڏهن به انتظار نه ڪيو.
هن جي سدائين اها ڪوشش رهي ته اجتماعي طور ٽهڪ ڏجن ۽ انهن ٽهڪن جا پڙاڏا گونجن ۽ اها مشق جاري رهڻ کپي. گھر، گھٽي، آفيس توڙي رستي ۽ پارڪ ۾ گھمندي مرڪ سجائي رکڻ ۽ اڃا به اڳتي ٽهڪن ۾ به ڪو راز سمايل آهي جو انهن سان دل جو بار هلڪو ٿي وڃي ٿو.
ٺيڪ ائين تنهن ڏينهن به هن پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ جي فتح تي پنهنجي دل کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ ٽهڪ جو سهارو ورتو هو. جڏهن ڪم پورو ٿيو ته خوشيءَ ۾ بي اختيار ٽهڪ نڪتا ۽ ڏسندي لمحي پل لاءِ هي ڄڻ ته من ۾ سڀني ڀوڳنائن جي بار کان آجو ٿي ويو هو. هن جي آڏو ڪنهن پرواهه ڪئي بغير دل جي اها هلڪائي سدائين ڄڻ ته زندگي جي جيت ئي رهي.
ان وقت مختصر آفيس ۾ ٿوري وٿي تي هڪڙو دوست پنهنجي سالگرهه جي رٿابندي ڪندي ٻئي کي ڪجھه ٻڌائي رهيو هو ته “ان موقعي تي ڪو اهڙو مثال قائم ڪرڻو آهي جو خوشين جا رنگ ئي مٽجي وڃن. صرف ڪيڪ ۽ 24 ميڻ بتين جو معاملو ناهي اڄ ته دل چوي ٿي ته پنهنجي جنم ڏينهن تي ڪلهي ۾ گٽار لٽڪائي اسٽيج تي اچڻ گھرجي ۽ سڀني دوستن کي اسٽيج تي گھرائي ڪو رقص ڪجي.”
ٺيڪ ان وقت ٻيو دوست وڌي هن کي سالگرهه جي مبارڪ ڏئي رهيو هو ۽ هو سچ پچ ته خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو.
اها ئي گھڙي هئي هڪ ڄڻو پنهنجي باس کي تعويزن جو مشورو ڏئي رهيو هو ته هن تعويز ڏيڻ واري جو اهڙو ڪمال آهي جو هڪ ڌاڳي ٻڌڻ سان هر ماڻهو ٺيڪ ٿي وڃي ٿو، دليون ڌوپي وڃن ٿيون. ۽ مشوري جي موٽ ۾ باس هن کي شاباس ڏئي رهيو هو.
ڪجھه ئي لمحن کان پوءِ آفيس جو پٽيوالو پڪوڙن جي پليٽ سڀني آڏو ڦيرائي رهيو هو ته جيڪڏهن ڪو هڪ يا ٻه پڪوڙا کڻي وٺي جو باس کي تعويذ ملڻ وارو آهي ۽ هن جون سڀ باسون پوريون ٿينديون.
ظاهري طور اهو لمحو سڀني لاءِ مختلف خوشين جو هو. پر ان وقت هڪ زوردار ٽهڪ ڇا هو ڪا قيامت برپا ٿي پئي. هر ماڻهو پنهنجي ليکي اندازو لڳائي رهيو هو ته شايد ٽهڪ ڏيڻ واري کي ڪا ڳالهه ناگذار گذري هجي ۽ هن ٽهڪ ڏئي ٺٺول ڪئي آهي. ڪجھه ماڻهن پنهنجي دلين تي هٿ رکي اکيون پوري ڇڏيون. ٻين هن جي ان عجيب حرڪت تي کيس گٿا لفظ ڳالهايا. هر ماڻهو هن ڏانهن ڏسي وڏي وات چئي رهيو هو ته “اهو سڀڪجھه هن سٺو نه ڪيو آهي.”
پر هن کي حيراني ٿي رهي هئي ته هنن ائين ڇو سمجھيو. “آئون ته صرف پنهنجي دل کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ سڀ ڪجھه ڪري رهيو هئس.”
هن هر ماڻهو جي سمجھه جي سطح جو اندازو لڳايو پر ناڪام ويو ۽ چيو ته اهو منهنجو ڪم ناهي ته سڀني کي ٻڌايان ته هيئن يا هونئن ڪريو. هر ماڻهو پنهنجي دل آڏو زميوار آهي ۽ اها آزادي مون کي به ملڻ کپي.
پر هن کي شايد اهي سڀ ٺٺوليون، سڄو غصو ڪجھه نه ڪري سگھيو ۽ هن وري ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا. ان وقت ان آفيس ۾ شايد صرف ٻه ماڻهو ئي هئا جن ان سڄي عمل کي تماشو ڪوٺڻ بدران هن ڏانهن نهاري پنهنجي پنهنجي دلين جي مير ڪڍڻ لاءِ مسڪرائڻ کا وڌي آهستي ٽهڪ ڏيڻ جي همت ڪئي. توڙي جو باس خود هڪڙي عجيب عادت جو شڪار هو، ان ڪري اهو عمل هر ملازم لاءِ خطري کان ٻاهر نه هو. پر هوُ سدائين اهڙن خطرن کان بي پرواهه پنهنجي دل جي آڏو مهڻي هاب ٿيڻ بدران ڪڏهن به کل روڪي نه سگھيو.
هن لمحي لاءِ سوچيو ته آخر ائين ڇو ٿيو جو هر ماڻهو کي مرڪڻ کان وڌي ٽهڪ ڏيڻ کان روڪيو پيو وڃي. پر اهو عجيب اتفاق آهي ته هڪڙي خاص دلين جي جوڙ جڪ جي حوالي سان ماڻهو شايد مرڪڻ ۽ خوشي کي طنز سان مشابهت ڏين ٿا.
اهو به عجيب لمحو هو جو ان وقت سڀ ماڻهو هن کي خراب ڪوٺي رهيا هئا ۽ هي سڀني کان الڳ ٿلڳ صرف کلي رهيو هو. اها کل هن جي زندگي جي الڳ رنگ ڍنگ جو مثال هئي جنهن لاءِ کيس ڪنهن به گواهه جي ضرورت نه هئي. پر اتي موجود هڪ صفائي واري سميت ٻه ماڻهو هئا جن سدائين هن جي خوش طبيعت کي داد ٿي ڏنو جو اهي آفيس ۾ سدائين غير ضروري گوڙ گھمسان ۾ رهندي کلڻ ۽ مسڪرائڻ ئي وساري چڪا هئا. پر ان ڏينهن شايد ان داد کان وڌيڪ رد عمل خوفناڪ ماحول جوڙي ڇڏيو هو.
هن آخر اهو چئي ڏنو ته “ان ۾ ڪهڙو حرج آهي. هر ماڻهو کي کلڻ جي اجازت ملڻ کپي. ڇڏيو ته ماڻهو کلي خوشي جو اظهار ڪن جو ان عمل سان ئي قوت ملندي آهي. ٻين کي خوشي ڏيڻ ۾ ئي پنهنجي خوشي جو احساس لڪل آهي. پر عجيب زندگي جو ڪرشمو آهي جو ماڻهو ٻين کي خوش ٿيندي پنهنجي پڄرڻ کي ترجيح ڏين ٿا.”
هن آفيس ۾ صفائي ڪندڙ ڏانهن نهاريو جيڪو غربت، نفرتن ۽ استحصال سميت سڀني ايذائيندڙ روين کان بي پرواهه هر وقت کلندو رهندو هو. پر اهو به هڪڙو فن هو جيڪو اهڙن ئي ماڻهن کي سونهين ٿو، جيڪي گھٽ ۾ گھٽ ٻين کي خوشيون ڏيڻ ۾ ئي پنهنجي من جي خوشي سمجهن.
ان ڏينهن به آفيس ۾ هيڏي گوڙ گھمسان ۾ صفائي واري پنهنجي معصوم چهري تان مرڪ نه هٽائي، ۽ اڃا به هن وڏي وات کلڻ تي چاهيو. پر پوءِ کيس خبر ئي نه پئي ته ان مرڪڻ جي سزا طور سندس پگھار روڪي وئي ۽ پوءِ بهانو بنائي کيس نوڪري مان نيڪالي ڏني وئي. وقت وقت جي ڳالهه آهي ته هو وري به پنهنجي زندگي ۾ انهن ايندڙ مرحلن ۾ شايد هري ويو هو. اهو ئي سبب هو جو هن کي جتي به ڪنهن ڏٺو ته مسڪرائيندي ئي ڏٺو.
ان ڏينهن به هوُ ٻئي رستي تي مليا. صفائي ڪرڻ وارو ڇوڪرو صاف سٿرن ڪپڙن ۾ ملبوس مسڪرائي رهيو هو. ان ئي رستي تي ٻئي ڄڻا ننڍڙي هوٽل تي چانهن پيئڻ لاءِ ويٺا. ٻنهي زندگي جي ان گُوناگون مصروفيتن جو بهانو نه بنايو. بينچ تي ويهندي ئي ٻئي کليا، هنن ڳالهائڻ بدران ڀرپور ٽهڪ ڏنا. اتي ويٺل ماڻهن هنن ڏانهن لمحي لاءِ ڏٺو ٿي ۽ ٻئي لمحي انهن اهي نظرون هٽائي ٿي ڇڏيون. ان ئي کل ۾ ڪا خاموشي لڪل هئي ۽ اکيون هيون جيڪي ٻنهي جي دلين جو راز پروڙي رهيون هيون.
هن حال اوريو ته هيڏي شهر ۾ صفائي ڪرڻ واري نوڪري نٿي ملي. ان لمحي هن محسوس ڪيو ته “هن شهرجي ماڻهن جو اندر شايد گندگي سان ڀرپور آهي ۽ انهن جي چوڌاري غلاظتن سان ڪيتري نه رغبت آهي.”
هي ڀڻڪيو “غلاظت به ماڻهن کي وڻي ٿي!”
هن لمحي لاءِ اکيون پوري ۽ کوليون ته هن جي چهري تي مرڪ ٽڙي پئي.
پوءِ چانهن پيئڻ دوران واري وٿي تي هنن رڳو اکين سان ڳالهايو. ٻئي اٿيا، رستي تي بيٺي هنن ٻنهي وري ٽهڪ ڏنا ۽ ٻئي پنهنجي پاڻ کي پنهنجي ئي دلين مان نڪرندڙ ٽهڪن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. کل هئي جيڪا هنن پنهنجي چهري تي سجائي رکي هئي. پوءِ هڪڙي طويل ٽهڪ سان ٻنهي موڪلايو.
ايندڙ ۽ ويندڙ گاڏيون دونهون ڇڏينديون هوا ۾ بدبوءَ جي لهر سان گذرنديون رهيون ۽ هي ٻئي ان ئي بدبودار ماحول ۾ ساهه کڻندا، پنهنجي ئي اندر جي خاموشي سان وندرندا پنهنجي پنهنجي منزلن ڏانهن هلندا رهيا.