ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

خالي هٿن تي پکڙيل آسمان

ٻار وقت جي ڪانٽن سان گڏو گڏ ڊوڙي رهيو آهي. هوُ پنهنجي ماءُ کان ٿورو وٿيرڪو ٿي هڪ ئي وقت سڀني گاڏين جي بيهڻ ۽ رش ۾ وڃائجي ويل رستي تي بي چين ڊوڙندڙ ماڻهن آڏو پنهنجي ماءُ جي بک جو کليو اعتراف ڪري ٿو.

مون پنهنجي گھڙيءَ ڏي ڏٺو ۽ هُن ٻار جي اڌ اگھاڙين ٽنگن کي ڏٺو. . .
وقت جا ڪانٽا ٻار جي ننڍڙن پيرن جي رفتار سان گڏ ڊوڙي رهيا هُئا. مون کي لڳو ته ٿڌي هوا جو خُمار مون تي ڇانئجي ويو آهي.

مون پنهنجي اڪيلائي کي ڳولڻ چاهيو. گلدستا آڇيندڙ ڇوڪري ۽ ڪانگن جي شور ۾ پريشان عمارتن کان آئون پڇي نه سگھيس. آئون پنهنجي چوڌاري ڊوڙندڙ ماڻهن کان پڇڻ لاءِ وڌان ٿو ته رستو مون آڏو سواليه نشان بنجي اچي ٿو.
رستو؟ اهڙو سوال هو جيڪو آئون صرف ٻار ۽ سندس ماءُ کان پڇي سگھيس ٿي. صرف اهي ٻه ماڻهو هئا جيڪي ڌماڪي کان پوءِ ان سڄي بي چيني ۽ خوف ۾ ورتل ماڻهن کي بچائي پنهنجي پنهنجي واٽ تي آڻي پي سگھيا. پر بُک انهن ٻنهي ماءُ ۽ پٽ جي رفتار گھڙيءَ جي ڪانٽن سان آڻي برابر ڪئي هئي.

اُهو ٻار ۽ دوُر بيٺل سندس ماءُ.

هوا جي ٿڌ ڀرئي خمار ۾ مون نهاريو ته دوُر دوُر کان ايندڙ سڀ رستا، هُل ۾ هڪڙي ئي رستي ۾ اچي وڃائبا پيا وڃن.

“رستو؟” مون وري پاڻ کان سوال ڪيو. مون کي لڳو ته منهنجا چپ خشڪ ٿيڻ لڳا آهن.

*****

آئون رستي جي هُن پار کان وڃي رهيو هئس. منهنجي رفتار ٺيڪ ٻين ماڻهن وانگر ڪنهن به حوالي سان ويندڙ گاڏين کان گهٽ نه هئي. صبح جو ان ويل رستي تي گاڏين جي هلڪي وڻندڙ شور ۾ اوچتو ڌماڪو ٿيو هو. گاڏين کي بريڪ لڳي. ماڻهو مختلف رخن تي ڊوڙي ڀڳا ۽ پوءِ بيهندا ويا.
هڪ طرف باه هئي ۽ ٻئي طرف گاڏين ۽ ماڻهن جي اجائي هُل ۾ رستو وڃائجي ويو هو. ماڻهن، گاڏين، رستي ۽ عمارتن کي هڪ ئي وقت خوف وڪوڙي ويو هو. بلڪل ساڳيو خوف.

باه ۾ خدا ڄاڻي ڇا سڙي رهيو هو. مون ڏٺو ته منهن جي ڀر ۾ گلدستا آڇيندڙ ٻار سميت هر ماڻهو پنهنجي پاڻ کي وساري چڪو هو. ساه جو سهڪو گھڙيءَ جي ڪانٽن کي اڳتي ڌڪيندو ٿو رهي.

هوا آهستي آهستي لڳي رهي هئي ۽ گھران روزگار لاءِ نڪتل ماڻهو پاڻ ۾ وڃائبا پي ويا. ماڻهن جي انبوه ۾ گم ٿي ويل عاليشان شهر جو هي شاهي رستو ۽ هڪڙي تنهائي.

لُڙ ۾ عمارتون پريشان ٿي رهيون هيون. ايمبولينس ۽ فائربرگيڊ جي گاڏين جو شور وقت کي بيهاري نه سگھيو هو. مون ڪچي منجھند جي سج ڏانهن نهاريو ۽ ٻار کي گُھوريو. مون کي لڳو ته سڄو آسمان ٻار جي پکڙيل هٿن تي ڪري پيو آهي. سڄو سُرمئي رنگ ۽ سڄي ڌنڌلاڻ ٻار جي مٽيءَ هاڻين ٽنگن سان ملي ويا آهن.
هيڏي هجوم ۾ وڃائجي ويل تنهائي کي ڳولڻ لاءِ مون وک کڻڻ چاهي. گلدستا آڇيندڙ ڇوڪرو لڳاتار پاڻ کي ڳوليندو، گُلن کان اڳ ئي ڪومائجندو پيو وڃي.
هوا ۾ ڀرجي آيل ٿڌ جو خُمار هلڪو ٿيندو پيو وڃي. رستا، بڪتربند گاڏيون، سائرن جا آواز، صحافي، پوليس ۽ ڪُتن جي دوستي. سوڳ . . . .هميشه وانگر جھنڊا سرنگون ٿيندا پيا وڃن. ڄڻ هر ماڻهو ڀاڄ ۾ آهي ۽ هر دل ۾ هڪ ٽائيم بم رکيل آهي.
ڊوڙندڙ ٻار جي هٿن تي اُڪريل لڪيرن تي ويساه جو تصور. ٻار جون ٽنگون، وقت جا ڪانٽا. . . ٽڪ ٽڪ، ٽڪ ٽڪ، ٽڪ ٽڪ . . . .
بم ڌماڪي، باه ۽ شور کان بي پرواه ماءُ، بُک جي ايذاءَ کان بچڻ جي خواهش. ٻار پنهنجي هٿن تي ٻرندڙ اميدن جو سج کڻي اڳتي، اڃا اڳتي وڌندو ٿو وڃي ۽ وقت جا ڪانٽا ان ٻار جي ننڍڙن پيرن جي رفتار سان گڏوگڏ ڊوڙندا ٿا رهن.