ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

ڪڪرن جي ڇانو ۾ سمهي پيل اداس پاڇا

سڄي رات ڪڪر ويا ٿي رڻ روهه مٽيندا. ڪا به گجگوڙ نه ٿي ۽ نه کنوڻ کجڪا ڪيا. هنن جي اکين ۾ شرافت ۽ رحم جا سڀ خيال ڪڏهوڪا پنهنجي ئي ارادي جي هٿان قتل ٿي چڪا هئا. ارادو، انتقام ۽ قتل ڪرڻ جي خواهش.

ڪمند جي مڙسان تار فصل ۾ ٻڌل آهي هڪڙي مامتا جو خواب. رسن هٿن جو ست نپوڙي ڇڏيو آهي. پگھر سان سڄو جسم گھمجي ويو آهي. جيئن جيئن رات ٺري ٿي، آرن جي سيٽين، ڏيڏرن جي ٽان ٽان ۽ تڏين جي چر چر ۾ ڪمند جي وٿين مان مٿي آهي ستارن جي رم جھم سان جهيڙيندڙ ڪڪر جن کي ڏسندي ۽ فطرت جا آواز ڪنائيندي هُن کي جيئڻ جو احساس ٿئي ٿو، پر بي انتها خوف ۽ ڪاوڙ هن جي رڳ رڳ ۾ وڃي پئي پيهندي.

موت هن جي اکين مان ڪجھه ڳولي ٿو. انتقام جي مضبوط رسي هن جي هر عضوي کي سيٽي رکيو آهي. هوُ جيئن جيئن تاڻي ٿو، چنگھه هن جي بزدليءَ جو تاثر ڏئي ٿي ۽ هوُ پنهنجو جسم ڍاري ڇڏي ٿو. اڌ مئل جسم ۽ رات، مٿان بيٺل آهي موت جهڙي گهري سانت.

“خبر ناهي ته ڇا ٿيندو؟” کُٽڪو هن جي دل سان گڏو گڏ ڌڙڪي رهيو آهي. ڪڪر ويا ٿي رڻ روهه مٽيندا. ڪا به گجگوڙ نه ٿي ۽ نه کنوڻ کجڪا ڪيا. هوا جون لهرون ۽ رات سڄي ڪائنات کي گھڻو اڳي سمهاري چڪيون هيون. رڳو اوجاڳو ڪماند جي لتاڙ ۾ چوکنڀو ٻڌو پيو آهي، جنهن تي موت جو پهرو جاري آهي.

• * * * * * * * * *

ڏينهن اڃا نه ٿيو آهي پر ملي جي اذان تي ڄڻ ته رات، سڄي سانت ڪماند جي فصل ۾ ئي پرزا پرزا ٿي ڇڻي آهي ۽ ڪنوار جهڙي باک ڪڪرن جي ڪمزور برقعي کي ڦاڙي نڪتي آهي، وڃي پئي ڇانئبي اکين تي. جيئن جيئن ڏينهن کُلي ٿو، ڪنهن جي انتظار ۾، ڪماند جي فصل جي چوڌاري گسن پيچرن تي مورچابند ٿي بيٺل اکيون وڌيڪ چوڪس ٿينديون پيون وڃن.

دوُر دوُر تائين ڪو به آواز، ڪو به پڙلاءُ ڪونه پيو اچي. هُن جون اکيون پوريل آهن. هر وار جسم سيٽي ٿو ته چنگهه جو آواز هن جي بزدليءَ جو تاثر ڏئي ٿو ۽ هي پنهنجي جسم کي ڍاري ڇڏي ٿو. عجيب اڻ تڻ آهي هن جي من ۾ پر حياتيءَ جو کوڙو ئي ڪو نه ٿو لڳي.

مورچي بند ٿي بيٺل اکيون. ڇوڪريءَ جي آمد جو انتظار. هُن جي ٽور تي، وک وک کي توريندڙ وحشي نهارون. لوُسڻ جي گاه جي پهرين ڪُهڙي تي ڄمي بيهن ٿيون ۽ هڪل تي ڏاٽو ڪمزور هٿن مان ڪري پوي ٿو. هُن هيٺ، مٿي نهاريو. چوڌاري وحشي نظرن جو ڄار اُڻجي چڪو هو. سڀ دانهون هن جي لڄاري جواني ۽ عزت لاءِ ڍال بنجي نه سگھيون ۽ نيٺ هوءَ ساڻي ٿي ڪري پئي. هوُءَ گهلجندي، رڙندي، چنگھندي ٿي اچي. هوُ بي ستو ٻڌو پيو آهي ڪماند جي لتاڙ تي.

ڪو آواز، روئڻ جو آواز. هوُ ڪنن کي چيريندڙ آواز تي ڪنائي ٿو. ڪئين وسوسن ۾ هن جو چوکنڀو ٻڌل جسم سيٽجي ٿو. هوُ تاڻي ٿو هر وار پر چنگھه هن جي ڪمزوريءَ جو تاثر ڏئي ٿي ۽ هوُ پنهنجو جسم ڍارڻ ٿو چاهي.
آواز بنهه ويجھو پوندو ڄڻ ته هن جي ڪنن کان نڙيءَ ۾ لهندو پيو وڃي. هوا جون لهرون ڪماند جي پنن ۾ تحرڪ پيدا ڪنديون ٿيون رهن ۽ پوءِ تيز ڪيهه تي هُن اک پٽڻ چاهي پر ڪهاڙيءَ جي ڌار هن جي جسم کي ٺاري ڇڏيو ۽ پوءِ ٻه فائر ٿيا ۽ ڪڪر ويا ٿي رڻ روهه مٽيندا ۽ ڪماند جي لتاڙ تي هاريل رت اگھاڙن جسمن تي ڪارنهن جو داغ لڳائڻ کا اڳ ۾ جذب ٿي ويو هو.
ڪچي جي ڀر کان هُن پار پڪي جي بلڪل آسائتي ڳوٺ ۾ صدين کان اڀري ايندڙ صبح جي اوچتي قتل تي ڳوٺ ڇا رهيو، هڪ قهرام متو پر ڪهاڙيءَ جي تيز ڌار ۽ پستول جون گوليون اگھاڙن جسمن کي ڪارنهن جو داغ لڳائي نه سگھيون.
ٻنهي کي مارڻ وارو نظريو. هڪ انتقام، قانون کان بچڻ جي تمنا، الزام.

ڪماند ۾ لڪل بزدل موت ۽ مورچابند ٿي بيٺل سڀ پاسايون نظرون هڪ هڪ ٿي مليون. سڀ ارادا خاڪ ٿيا. وحشت هئي پر ڏينهن ڊناڻو نه ڊنو گولين کان. ڪڪر وڃن پيا رڻ روهه مٽيندا. ڪا به گجگوڙ نه ٿي ۽ نه کنوڻ کجڪا ڪيا.

ڳالهه کلي آهي خون جي ۽ ڳوٺ جون آڱريون، سڀ تکيون آڱريون کڄنديون، قاتل جي اکين ۾ لهنديون پيون وڃن. ڏينهن جا اداس پاڇا ته ڪڏهوڪا ڪڪرن جي ڇانو ۾ سمهي پيا هئا.