ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

وڃايل اسٽيشن ۽ هُو

هو بستري جي سيراندي کان دري ۾ سنهي سنگهر سان ٻڌل ريڊئي جي سُئي گهمائي رهيو آهي، پر ڄڻ ته اها اسٽيشن هو گهڻو اڳي پوئتي ڇڏي آيو آهي ۽ هاڻي هوُ ڪنهن اڄاتي اسٽيشن جي تلاش ۾ پنهنجي ڪمزور ۽ نٻل هٿن ۾ باقي رهيل قوت سان سوئچ گهمائي رهيو هو. مدتن کان ان تلاش ۾ جستجو ۾ ڏسندي ڏسندي هو پنهنجو نُور به وڃائي چڪو آهي ۽ هاڻي آواز سڃاڻڻ لاءِ ڪن ريڊئي جي ويجهو ڪري ٿو. ڄڻ ته سڀ آواز اوپرا آهن. ڪنهن مهل موسيقي جي رڌم تي هو ڪنڌ ڌوڻي اظهار ڪري ٿو ۽ وري هن جا هٿ چرپر ڪن ٿا. ائين ئي ريڊئي جي هڪ اسٽيشن کان ٻيءَ تائين سوئچ گهمائيندي ڄڻ ته هو خود وڃائجو وڃي.
ٻاهر نمن جي ڇانوَ آهي، مسجد ۾ شور، مندر، ڪليسا، آسمان تي لهندڙ ۽ چڙهندڙ ڪڪر، جبلن تي وسڪاري کان پوءِ ٻُورجي آيل ساوا سلا، منگهي پير جي درگاهه، ان جي ڪڇ ۾ ٿڌو چشمو، واڳون، شهر جي پيٽ ۾ گرم چشمن جون ڪشتيون، ڊگهيون کجون ۽ هر لمحي ڌڪار جو ڏنڀيندڙ احساس. سڀ ڪجهه هاڻي هن جي اکين کان اوجهل آهن ۽ هو لڳاتار پنهنجي وڃايل اسٽيشن جي تلاش ۾ مگن آهي. زندگيءَ جي سڄي ٿڪاوٽ هن جي بستري تي جمع ٿيندي پئي رهي. هن جا اوجاڳا، اولاد ۽ سندس وچ ۾ نفرت جي ديوار بنجندڙ ڪوڙهه جو مرض، طلاق وٺي ويل زال ۽ ساهه جي آخري هڏڪي جو انتطار. سوئچ گهمائي گهمائي، هوپنهنجي ٿڪاوٽ جو گڏ ڪيل بوجهه لاهڻ لاءِ وهاڻي ڀر ڪري ٿو ۽ پنهنجي سُن ٿي ويل هٿن جي ڏوڏين سان پنهنجي پيرن جي زخمي حصن کي ڇهي ٿو ۽ پوءِ اهو الائي ڪٿي گم ٿي وڃي ٿو.
هن جي سامهون آهي سندس 25 سالن جي طويل زندگي جو ساٿي، جنهن جو هيٺيون ڌڙ سڪل آهي. ٻنهي کٽن جي وچ تي ٽن فوٽن جي وٿي آهي. وچ تي رکيل ننڍي الماڙي تي هڪ ئي ڪُولر ٻنهي جي نڙي سائي ڪري ٿو. بورچي ايندي ئي الماڙي سان ڳالهائي ٿو. الماڙي ٻانهون کولي ٿي ۽ هو کاڌو سندس سيني تي رکيو هليو وڃي. ڀنگي ايندي ئي ٻهاري، پسيل ڪپڙي ۽ مدتن کان پيرن جي انتظار ۾ پيل چمپل، ڪاڪوس ۽ پيشاب لاءِ رکيل برتن سان ڳالهائي هليو وڃي.
ڪوڙهه جو مرض، نفرتن جون ڏنڀيندڙ ڪهاڻيون. ٻاهر نفرتون ئي نفرتون آهن. بس کان هوٽل تائين ۽ گهٽين ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻهو. هن کي لڳي ٿو ڄڻ ته گهٽين، هوٽلن ۽ بس جي انتظار ۾ بيٺل ماڻهو هن جي وارڊ ۾ ڪاهي آيا آهن ۽ سندن اکين مان اٿندڙ نفرتون هن جو گلو گهٽي رهيون آهن.
عمر جا 25 سال اسپتال ۾. اکيون ڪئلينڊر جا ڏينهن، تاريخون، مهينا، کجين جي لامن مان سج جو اڀرڻ ۽ پهاڙن جي هُن پار لهڻ توڙي چانڊوڪي جي احساس کان قاصر آهن. بيچيني جي عجيب ڪيفيت ۾ هو هٿ کڻي موت کي سڏي ٿو. موت ڄڻ ته هن جو ننڍو پٽ آهي جيڪو هن جي هٿ جي اشاري تي اچي ساڻس گلي ملندو. يادن جا ٽٽل دائرا هن جي آڏو ٺهندا ۽ ٽٽندا ٿا رهن.
“ڪوڙهه لڳڻ کان پوءِ مون سڀني پٽن ۽ ڌيئرن ڏانهن ڏٺو هو ته لڳو هو ڄڻ ته انهن جي اکين ۾ نفرت جي باهه دکي رهي هئي. سڀئي پنهنجن ئي نفرتن ۾ جلي رهيا هئا. زال طلاق ورتي. هن اولاد ۽ منهنجي وچ ۾ نفرت جي وڏي ديوار اُڀي ڪري ڇڏي ۽ پوءِ گهر جا دروازا مون لاءِ هميشه لاءِ بند ٿي ويا.”
هو زندگي جي ٽٽل مالها کي ڳنڍڻ لاءِ زور ڏئي ٿو پر يادن جا وکريل موتي هاڻي هن جون اکيون کولي نٿا سگهن. ڪنهن مهل کان بيچيني جو لهرون هن کي ڌونڌاڙينديون ٿيون رهن. هن کي لڳي ٿو ڄڻ کيس ڪنهن پهاڙ جي چوٽيءَ تان ڪيرايو ويو آهي ۽ هن جو جسم ڇيهون ڇيهون ٿي ويو آهي.
هو سالن پڄاڻا وري اهو ساڳيو سوال ورجائي ٿو:
”ها عبدالرزاق! جڏهن اورنگ آباد ۾ هنگامي کانپوءِ ڪرفيو لڳو هو ته پوءِ ڇا ٿيو هو؟“
هُوسدائين وانگر اهو ئي سادو جواب ڏئي ٿو:
“ستن ڏينهن کانپوءِ ڪرفيو ۾ وقفو مليو هو ته آئون به بازار ۾ ويو هئس. شهر لٽجي رهيو هو. سڀ دڪان، ماڻهو، دليون ۽ اکين ۾ سانڍيل هڪ هڪ ڪهاڻي لٽجي رهي هئي ۽ پوءِ ڪل نه رهي ته آئون ڪيئن نڪتس. گهر جا ڀاتي ڪٿي رهيا ۽ آئون ڪهڙي ضرورت تحت هڪ اجنبي ملڪ جون سرحدون اُڪري آيس.”
هُو ماٺ ٿي وڃي ٿو ۽ ٻنهي بسترن تان ٿڌا ساهه جا شوڪارا اٿيا ۽ هڪ ٻئي سان ٻکجي ويا. خاموشيءَ جي هڪ طويل لهر آئي ۽ ٻنهي کي ڪناري تان کڻي هلي وئي ۽ بسترن تي رهجي ويا ٻه يادگار مجسما.
هن کي لڳو ڄڻ هو به اورنگ آباد جو هو. ساڳيا هنگاما، ساڳيا ڪرفيو، هن کي لڳو ته هو مدتن کان ساڳئي ڪرفيو ۾ آهي. زندگي جو طويل بليڪ آئوٽ.
عبدالرزاق پنهنجي هيٺئين ڪمزور ڌڙ کي سهاري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪولر مان پاڻي جو گلاس پيتو ۽ ڀڻڪيو:
“اسپتال ايندي مون وٽ صرف گيس جي ٽينڪي، ڪجهه ڦوڪڻا ۽ اڌورو ٺهيل گهر هو. اهو به ڄڻ ته حياتي جو بوجهه هو سو لاهي آيس. هاڻي خبر ناهي ته اورنگ آباد ڇاهي؟ ڪراچي ڇاهي؟. انهن جي گهٽين ۽ لٽجي ويل دلين جو حال ڇاهي؟”
۽ پوءِ سڄو ڪمرو خاموش ٿي ويو.
هيرانند ڪوڙهه اسپتال جي رستن تي افغانستان، ايران، گلگت، ڪاغان ۽ برفيلين وادين جا ڀورا ڇوڪرا سائيڪلن ٿي جهونگاريندا رهن ٿا. مسجد جون اذانون، مدرسن ۾ شور، امام بارگاهه جو علم. پراڻي مندر ۾ رکيل مورتيون، گرجا گهر جا گهنڊ، مريضن جون خوشيون ۽ غم، رستن تي وڻن جون ڇانئون، بورچي خانو، ڀنگي، سڀ عبادتگاهون ۽ مذهب ڄڻ ته هڪ ٻئي سان ملي هڪ ٿي ويا آهن. لمحي پل لاءِ وارڊ ۾ محفوظ هجڻ جو احساس ۽ پوءِ هن کي لڳو ڄڻ سڄو سماج ڪوڙهه ۾ ورتل آهي. هر ماڻهو پنهنجو عيبدار چهرو لڪائڻ لاءِ ڊوڙ ۾ آهي. ڪنهن لپرسي اسپتال جا رستا پري ٿيندا پيا وڃن ۽ نفرتون ماڻهن جو پيڇو ڪنديون ٿيون رهن.