ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

ضمير آڏو

هو ڪنهن مهل کان سمنڊ تي بيٺو آهي. نيڻ نهار تائين ڇوليون ڪنارن تي پسار ڪندڙ ماڻهن جي ٽنگن کي چمنديون، چڙهنديون، لهنديون ٿيون رهن. سامهون سج ٻڏندو پيو وڃي. هن کي لڳو ته اهو سج ڄڻ ته سندس اکين ۾ آپگھات ڪري رهيو آهي. هن جي اکين توڙي سمنڊ ۾ ڪا به وڇوٽي ۽ ڪو به فرق نه رهيو هو. هن اکيون پوريون ته کيس لڳو ڄڻ سج جا تيز ڪرڻا سندس اکين جي تارن کي ڇليندا ٿا وڃن.
هن پويان نهاريو ته ماڻهن جو سمنڊ هو. چڙهندڙ ۽ لهندڙ لهرون هيون. ماڻهن جون نظرون، ڄڻ ته ڪيترائي اجنبي سج هن جي اکين ۾ آپگھات ڪري رهيا هئا.

هي عجيب خوف ۾ آهي. هو ته پنهنجي اندر جي اڪيلائيءَ کي سمنڊ ۾ ٻوڙڻ آيو هو پراڪيلائي سندس رڳن ۾ ڊوڙي رهي هئي. هن مٿي نهاريو ته سج سندس اکين ۾ ٻڏي چڪو هو سامهون صرف ڪو نالي ماتر اهڃاڻ هو جيڪو اکين ۾ جذب ٿيندو پي ويو. هو جھاڳيندو ٿو رهي ماڻهن جي سمنڊ مان. رستا، اڻ ٽٽ رشتا. ڪيترا ماڻهو ڄڻ ته ڀڳل ٻيڙيون.سڄي زندگي خواهشن جي ٻوڏ ۾ آهي ۽ مڙئي اجنبي نهارن جا سج هن جي اکين ۾ آپگھات ڪندا پيا وڃن.
هر قدم تي نيون نظرون. دائرا وڌندا، ننڍا ٿيندا ختم ٿيندا پيا وڃن.

• * * * *
هن ديس ۾
ووٽ ماني کان به سستو ٿو وڪامي
۽ ضميرن جي منڊي ۾ ، ڪيترا نعرن جا واڪ،
ڪيتريون رنگين پتليون تن جو ناچ
۽ بکن ۾ پاه ٿيندڙ خشڪ نيڻ
اٽڪيو ٿا پون آڪاس ۾،
بک جي احساس ۾،
اعتماد جي ڪچي ڏوري_ پلصراط.

رستا وهندا ٿا رهن. گاڏيون، هارن، زندگي، آواز، سگنل جون ڳاڙهيون بتيون ٻرن ٿيون. گاڏيون، هي قافلا، تسلسل، ماضي، حال ۽ مستقبل.

• * * * * * *
“ڪالهه اوهان جي شهر آيا هئاسين، شهر ڇا هو؟ ڄڻ خنجر کُپي ويو هو سيني ۾ ۽ شم ٿي ويا هئاسين پسيني ۾. چوائنٺ چُمي سين، مرادون پُنيون، وري مينهن وٺو ته اينداسين.”

• * * * * * *
اڄ هوُ ڪو نه آيو ته سڀ ڪرسيون، ميزون، ٽي وي هال، ميز تي شيشي جي هيٺان رکيل اگھوتري، سڀ ڪجھه خاموش هو. گھڙيال جا ڪانٽا هن جي اکين کي چيريندا ٿي ويا. ڪالهه پي چيائين ته “فلاڻي دوست جي وڏي پٽ جو هيٺيون ڌڙ سُڪي ويو آهي. جڏهن سندس گھر ويس ته پٽس کٽ تي ڄڻ ته کليل قبر ۾ هو. هن جي زندگي، اعتماد جي ڪچي ڏوري، پلصراط. هن پنهنجي پٽ جي اکين ۾ پاڻ کي ڳولڻ چاهيو ته سندس اکيون اٿلي پيون ۽ اهو منظر مون کان ڏٺو نه ٿيو.”

• * * * * * *
هوُ هميشه سوچيندو آيو آهي ته هيءَ “درازا هيءَ ڀٽ”، هي ڪونڀٽ ڪونڀٽ نظم، هن جي نيڻن جهڙيون تشبيهون ۽ هي پيارا پيارا پوپٽ. کڙ کٻيتن کي پڪڙڻ لاءِ ڊوڙندڙ خواهشون. سمنڊ جي طوفان ۾ لڙهي ويل ڪي سپنا، هي موهن ڪلپنا ۽ علي بابا، هي شيام، هي اياز، هي شهر هالا ڄڻ ته ڪي ڀالا آهن کتل سيني ۾. ڪنهن کي ياد ڪري هي زخم ڀرجن. هي ڏوراپن جي موسم آهي. اڀ تان بادل ٿا برسن ۽ هيٺ نيڻ نٿا بس ڪن.

• * * * * * *
تون هتان ڪيڏو پري!
ڪيئن چئجي،
نئين ڀريل گھاگھريءَ جي گُھمنڊ ۾
سار جون ساريون ستارون اڻندي ٿي رهين،
ياد ايندي ٿي رهين.

۽ اسان آدميت جي سمنڊ ۾
ڄڻ ٻڏل آهيون پرين!
رستن تي هي سگنل جون بتيون،
هر موڙ تي تاڙن ٿيون.

شهر جا رستا اسين،
ڄڻ ٽٽل رشتا اسين،
ڏور ٿيندا ٿا رهون،
۽ ٿڪاوٽ جي اڻيل ڄار ۾ ڦٿڪي اسان ڄاتو نه آ،
سمنڊ جي ڪنهن وير ۾ آهيون اڃا
۽ ڪنارا دور ڪنهن سرحد جيان
روز ٻاڏائي ٿڪا آهيون،
لڙڪ جي قيمت اگهامي ئي نٿي.

تون مون کان خواب گُھرندي ٿي رهين!
خواب جيڪي ياد جي ڪنهن لڙڪ جهڙا هئا حسين
جن الائي ڪڏهين،
اداس موسم جي هڪ شام جو
اپگهات ڪري هئي ڇڏي.
اسان جي آڏو ته بس رهجي ويا
پنهنجي اکين جا لڙڪ ڏيئا،
جيڪي اوهان جي آمد لاءِ ٽمڪندا ئي رهيا.
طويل راتيون، اسان ٿي ڄاتو،
اسان جو ناتو رهي هميشه،
۽ اسان اوهان جي قدم قدم تي،
نوان نوان ڪي خواب، گلاب پوکيون.
اها تمنا اڃا آ باقي _ _

سڀ آواز، گيت، غزل، ڌنون، هن کي اتساهيندا ٿا رهن. ٽٽل، اڻ پورا دائرا، رستا، بتيون ۽ هُو. هر شيءَ هن جي اکين ۾ جذب ٿيندي پئي وڃي. کيس لڳو ته منزل ويجھي پوندي پئي وڃي ۽ هوُ تيز تيز وکون کڻندو هلندو پيو وڃي.