تصوير نمبر 1
“توهان جي پئنٽنگ ۾ رنگن کان وٿيرڪو آمريڪي سربراه کي ڏيکاريو وڃي ها، جنهن جي وات ۾ هڪڙي ڊگھي گوليءَ نما سگار ۽ ان جي دونهين جي وچ ۾ گلوب هجي ها. . . . ٻي صورت م هيءَ تصوير پنهنجو ڀرپور تاثر نٿي ڇڏي.”
ٻئي چيو“منهنجو خيال آهي ته ان تصوير ۾ حڪمرانن آڏو ان ماءُ جو درد ڏيکاريو وڃي ها جنهن جي پُٽ کي ڌاڙيلن ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ڪري ڇڏيو ۽ اها ماءُ شهر جي گھٽين ۾ پٽ جي قاتلن کي پاراتا ڏيندي رهي ٿي.”
ٽئين چيو؛ “منهنجي خيال ۾ ان ٻار جي بُک واري ڪيهه جي قوت کي ڏيکارڻ لاءِ ضروري هو ته آسمان کي ٻه اڌ ٿيندي ڏيکاريو وڃي ها.”
هو نمائش ۾ سندس تصويرن کي ڏسندي سڀني جي راين کي به ٻڌي رهيو هو ۽ هر بار ڪجھه لمحن لاءِ خاموش ئي رهيو ۽ پوءِ چيو؛ “آسمان دانگي ناهي جو ان کي لت هڻي ڀڃي ڇڏيان. اڀ کي توهان ڪو به نالو ڏئي سگھو ٿا. منهنجو خيال آهي ته هن تصوير جي موضوع کي سمجھڻ ضوري آهي. اصل ۾ مون پنهنجي بُک کي پئنٽ ڪيو آهي. اهو ٻار آئون پاڻ آهيان. هندستان ۽ پاڪستان منهنجي ڌرتي آهن. مون کي افسوس آهي ته توهان پنهنجي دل جي ترجماني به نٿا ڪري سگھو.”
هوُ سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ لائيٽر کڻي اٿڻ لڳو ته هڪ چيو؛ “جناب عالي! اسان توهان جي تصوير کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. منهنجو خيال آهي ته ڳالهين جي ميز ڏانهن وڌندڙ ٻنهي ملڪن جي علامتي ڪردارن کي هڪ ٻار جي ڪمزور ڪيهه تي ٿڙندو ڏيکاري آخر توهان ان ٻار کي ڇا ٿا ڏيکارڻ چاهيو؟“
“بلڪل درست.” ٻئي چيو؛ اسان جي سماج م ٻار اهڙو جنسي رانديڪو آهي جنهن سان جنسي بک اجهائي وڃي ٿي. اهڙي نا اميد صورتحال ۾ اهو بهتر نه هو ته ٻار کي روئڻ بدران مرڪندو ڏيکاري پوري دنيا کي ڪو اميد جو پيغام ڏيو ها؟”
تصوير ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي ڳالهين جي ميز تي ٻنهي ملڪن جي جھنڊن ۾ ويڙهيل ميزائيل ڏيکاريل آهن. ٻئي حصي ۾ زنده پر ڏٻرا ۽ بُک وگھي مرندڙ ۽ بي حال ماڻهو ۽ سندن ڀرسان ڳجھون بيٺل ڏيکاريل آهن. انهن ماڻهن جون نظرون ڳجھن ۾ آهن ڇاڪاڻ ته اهي سمجھي رهيا آهن ته اهي ڳجھون سندن موت جي انتظار ۾ آهن ۽ انهن جي اکين مان خوف جي ڀيانڪ تصوير نمايان آهي. ان تصوير جي ٽائيٽل تي صرف سواليه نشان آهن.
“اها موتمار مايوسي آهي جناب!”، هڪ چيو. “آخر هن تصوير ۾ بيوسيءَ کي اڀاري توهان اسان جي ايندڙ نسلن کي ڇا ٿا ڏيڻ چاهيو؟ توهان ان موڙ تي گڏيل قومن جي پناهگيرن جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ اداري جو امدادي هٿ وڌندي ڏيکاريو ها.”
تصوير جي پسمنظر ۾ ٻرندڙ باه جي شعلن ۾ سڙندڙ پکيءَ ڏانهن اشارو ڪندي ٻئي چيو ته؛ “هتي ان پکيءَ جي بدران ڪنهن پلازا کي ڏيکاريو وڃي ها ۽ خوف ۾ ورتل ماڻهن جي ان باه جي شعلن خلاف ڪيفيت کي پئنٽ ڪيو ها. اهو ئي ته اصل آرٽ آهي.”
هن سگريٽ جي آخري حصي کي جانچي ڏٺو ۽ پوءِ اڇلائي ٻيو سگريٽ ڪڍيو ۽ دکائڻ کان اڳ ۾ چيو ته؛ “اهو منهنجو احتجاج آهي. اها باه سوچ جي سرحدن تي لڳل آهي. اهو پکي تنهنجي، منهنجي ۽ هنن سڀني ماڻهن جي سوچ جي علامت آهي. آئون سوچن تي مڙهيل پابندين کي ٽوڙڻ جو حامي آهيان. توهان منهنجي هن خيال کي دنيا جي ڪنهن به نظرئي جو نالو ڏئي سگھو ٿا.”
ان تصوير جي هڪ ڪنڊ ۾ واريءَ جي ڀٽ جي ڪوڀ ۾ بيٺل هڪ راوي سندس مٿان اڏامندڙ ايف _16 کي ڏسي چوي ٿو؛ “منهنجي هن ڏٻري ڍڳي کي گاه ۽ پاڻي گھرجي ۽ منهنجي پٽ کي تعليم کپي. آخر توهان هنن کي جديد ريڊار سان ڇو ڀيٽي رهيا آهيو؟”
تصوير جي آخري حصي ۾ آمريڪي صدر پنهنجي آفيس ۾ رکيل انساني ڍانچي نما مجسمي ڏانهن گھوري رهيو آهي ۽ سندس وات ۾ جھليل سگار مان نڪرندڙ دونهون ان مجسمي ڏانهن وڌي رهيو آهي. دونهون جڏهن ڍانچي سان ٽڪرائي ٿو ته دونهين جي رنگ ۾ اڻ لکو نوٽ لکجي اچي ٿو؛ “ڪا اهڙي تخليق نٿي ايجاد ڪري سگھجي جنهن ۾ انساني ڍانچي جو درست استعمال ڪيو وڃي؟ ائين هر ماڻهوءَ جو موت کان پوءِ مُلهه وڌي ويندو ۽ دنيا جي وڌندڙ غربت کي گھوگھو ڏئي سگھبو.”
هن پنهنجي سگريٽ مان لڳاتار ڪش هڻي دونهون اڇلايو ۽ لمحي لاءِ ڇانئجي ويل خاموشي کي ٽوڙيو؛ “منهنجي هن خيال کي مڪمل نه سمجهيو وڃي.”
هي اڳتي نڪري ويو ۽ هو اڃا تائين تصوير کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.