مرده معاشري جي زنده تصوير
ضمير جي قيديءَ نالي رچايل شام، رنگين اسٽيج، هر ماڻهو ڄڻ ته ڪنهن نئين پيغام ٻڌڻ لاءِ بيچين آهي. اسٽيج تي ڳالهائيندڙ وڃي ٿو ماڻهن جي من جا راز کوليندو. هر تقرير کان پوءِ اسٽيج سيڪريٽري لفظن ۾ رنگ ڀري ٻئي کي سڏي ٿو، ۽ مٿي ايندڙ اعتماد سان سماج، غربت، برابري عورت جو رتبو، زندگيءَ جو وهڪرو، بک. لفظ هنن جي چپن تان ترڪندا ٿا وڃن ۽ ٻڌندڙ اتساه سان پنهنجي خشڪ ٿي ويل امنگن کي ريج ڏئي رهيا آهن.
شڪستون وري ٿيون فتح ڏانهن وڌن، فاصلا فاصلا ويڙهبا پيا وڃن. پر هن جي زندگي پاروٿي ڀور جيان سينئارجي رهي آهي. هر وار درد هن جي سيني ۾ اٻڙڪو کائي ماٺو ٿي وڃي ٿو. سندس ڪڇ تي پرائو ٻار آهي. هنومان جهڙو ڦڙتيلو، ايوان ۾ ويٺل هر ماڻهوءَ جي اکين ۾ ترندڙ نڪور امنگن جهڙو ننڍڙو ٻار.
شاعر ڌرتيءَ جو گيت جهونگاري ٿو. ايوان ۾ تاڙيون وڄن ٿيون ۽ ٻار ڪڇ تي ڇڙهيون هڻي زوريءَ لهي اسٽيج ڏانهن ڀڄي ٿو. هوءَ به ٻار جي پٺيان ڊوڙي ٿي. لمحي لاءِ سندس موٽندڙ وهيءَ جو درد ٻار جي نازڪ پيرن هيٺيان چيٿاڙجي ٿو. اسٽيج جي سامهون ويٺل ٻار جي ماءُ پٽ کي ٻانهن کان جهلي کڻي ٿي ۽ پٺيان ايندڙ عورت جي اکين ۾ گهوري نه ڄاڻ ڪيتريون يادون سندس اکين ۾ ٽنبي ٿي ڇڏي، ۽ پوءِ هوءَ اسٽيج تي گونجندڙ لفظن کي ٻڌڻ کان اڳ ۾ ٻار کي کڻي رستي ڏانهن وڌي ٿي. ٻارڙو ڦٿڪي ٿو ۽ هوءَ پنهنجي ٻانهن کي قابو ڀڪوڙي ٿي.
چڀڪارون چڀڪارون مستقبل جا عڪس.
”الا هيڏي شهر جي گُهٽ ڪيتري ڏکي آهي”، هوءَ ڀڻڪي پنهنجي اکين مان لڙڪ اگهي ٿي. ٻار اسٽيج تي ٻرندڙ روشني لاءِ واجهائي ٿو. هن کي پنهنجي نوڪريءَ جو احساس ٿئي ٿو ۽ نه چاهيندي به ٻار کي قابو جهلي ٿي. هن جا نيڻ بيدمشڪ جي پاندرن مان سامهون ٺهندڙ عمارت جي پاسي ۾ ٻڌل تختن تي ڊوڙندڙ مزدورن سان ٽڪرائن ٿا ۽ ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جيان هن جا خيال به لُڏن لمن ٿا. هُوءَ ٻار کي رستي جي هن پار کڻي مزدورن کي ائين ڏسي رهي آهي ڄڻ ته هر مزدور سندس ئي گرڀ مان نڪتو آهي ۽ هن جي ڇاتي کي چڳڙي چڳڙي مٿي ڊوڙڻ جهڙو ٿيو آهي.
ٻارڙو ڪڇ تي ڦٿڪي ٿو ۽ هوءَ روشني ڏانهن وڌي ٿي پر بلبن جي روشن تاءَ ۾ سامهون ويٺل ٻار جي ماءُ هن ڏانهن ڏٺو . سندس اکين ۾ ويٺل عقاب اڏاڻا ۽ هوءَ ڊناڻي عورت ڇرڪ ڀري پوئتي ڀڳي. ٻار هن جا وار پٽيا ۽ سندس زوردار ڪيهون اسٽيج تي ويٺل ضمير جي قيديءَ جي هانءَ ۾ رهنڊا هڻڻ لڳيون. هن پنهنجي ساٿين کي ڏٺو. ويجهي ويٺل ساٿيءَ مرڪي ڏنو. ضمير جي قيديءَ پنهنجو گريبان ڏٺو ۽ پوءِ هن جون نظرون تيزيءَ سان ان ٻار ۽ عورت کي ڳولڻ لڳيون پر اها عورت اکين جا لڙڪ لڪائي وڻن جي پاڇولن ۾ ڀٽڪڻ لڳي هئي.
”ڇا هيءَ به ڪا تصوير آهي؟” ضمير جي قيديءَ ڀڻڪيو.
هڪ سياستدان ڳالهائي رهيو آهي. “هر پورهيت جو ڏک اسان جو ڏک آهي. اسان دنيا جي عدوليل ماڻهن جي امنگن جا ترجمان آهيون. اسان سماج مان اڻ برابري مٽائي خوشحالي آڻڻ جو پيغام کڻي آيا آهيون”، تاڙيون وڄن ٿيون.
ضمير جو قيدي سگريٽ جي ڪاري ناسي دونهين مان تارن کي گهُوري ٿو ۽ ڪيتريون ئي سواليه نشانيون هن جي اکين ۾ چڀڪن ٿيون.
”ڇا عقاب ۽ ڪبوتر به هڪ وڻ تي ويهي ننڍن ۽ وڏن پکين جي مستقبل لاءِ سوچي سگهن ٿا؟”. مرڪ هن جي چپن ۾ ڦٿڪڻ لڳي ۽ هن جون نهارون ان مالڪ عورت جي اکين ۾ ويٺل عقابن سان ٽڪرائيون. مگر اسٽيج تان ٻيهر آواز آيو.
“اسان پنهنجي جدوجهد جو دائرو هارين، ڌراڙن ۽ پنهوارن تائين وڌائڻ چاهيون ٿا. مظلوم ماڻهن جي آزادي، عورتن جي آزاد آهي”. مالڪ عورت اٿي نعرو هنيو، “نامنظور نامنظور، غلامي نامنظور”!
پر هوءَ مرده معاشري جي زنده تصوير جيان هر ڳالهه کان بي پرواهه چُري پُري رهي آهي. سڀ ڳالهيون ۽ سڀ نعرا هن جي خوابن جي شيشي کي ڪرچون ڪرچون ڪري رهيا هئا ۽ سُور ويو ٿي من جي هر مُراد کي ڪوڙهيندو.
”الا هن هيڏي شهر جي گُهٽ ته ڪيڏي ڏکي آهي. شهر جون مائرون ............”!
هن جي تصور ۾ زندگيءَ جو طويل افسانو وکرندو ٿو رهي ۽ اکين جون ترايون ٽمٽار مٿي اٿلڻ لڳيون. عجيب قسم جو خوف ويو ٿي نرڙ جي گهنجن ۾ پيهندو.
هڪ نوجوان ضمير جي قيديءَ سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ شعر جهونگاري ٿو. .
هوا جي تيز لهر هن جي پگهر هاڻي چولي کي ڇُهيو ۽ سندس بدن مان سيئوڪاري نڪتي. هن اڀ ڏانهن ڏٺو. بلبلن جي تيز روشني ۾ سڄو اڀ ڄڻ ته ستارن کان خالي هو.
“اي قسمت جا بادشاهه! هي ڪهڙو کيل آهي. اسان ماڻهو هتي ڪونه سونهون، درياء جو پيٽ سائو ڪر ته وڃي پنهنجي گهرن ۾ لڪون”
هوءَ پنهنجي ڦاٽل هانوتي پٽيون رکڻ لاءِ ڀڻڪندي وڃي ٿي يادن جي تهه خانن ۾ گم ٿيندي ۽ رات دردن جو ڄار اڻندي ٿي وڃي
اسٽيچ تي ڳالهائيندڙ اعتماد سان ڳالهائيندا ٿا رهن. ڪئمرامين جا چمڪاٽ کڙندڙ تارن جيان دور دور تائين محسوس ٿي رهيا آهن. مگر هوءَ مرده معاشري جي زنده تصوير بيدمشڪ جي پاندرن مان پنهنجي قسمت جي ستارن کي ڳولي رهي آهي.