خوابن جو عجائب گھر
راوي ٻڌائي رهيو هو ته گھڻو اڳي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ هن ديس جي خوابن جي جيڪا خونريزي ٿي آهي ۽ گھوٽن ۽ ڪنوارين جون جيڪي حسرتون لٽيون ويون آهن، اهي هتي نمايان طور رکيل آهن. . . . .
هوُ کيس ٻڌائڻ لڳو ته هي خواب ان ڀڳتڻ جا آهن جيڪا ان شهر جي رهاڪو هئي جيڪو خود ڪنهن دور ۾ شهرن جي راڻي سمجھيو ويندو هو. اها ڀڳتڻ هڪ ڏينهن مندر ۾ صبح جو سوير ڀڳوان جي حضور ۾ ڳائيندي جيڪي آلاپ اُچاريا هئا اهي ڪجھه ماڻهن کي نه آئڙيا ۽ هوءَ باک مهل انهن جي هٿان قتل ٿي وئي. ڀڳتڻ جي ساه وڃڻ کان لمحو اڳ هن جي اکين مان سندس خواب ٽاه کائي اڏاڻا هئا، جن جي پنکڙين جهڙن جسمن تي انهن زخمي آلاپن جا رنگ اڃا آلا هئا. هن کي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ سندس چچريل خواب هتي رکيا ويا آهن ۽ اڃا تائين انهن جي پنکڙين جهڙن جسمن تي سُرن جا رنگ آلا آهن. هن شهر جا ماڻهو هن ڀڳتڻ کي ياد ڪندي ڪيترن ڏينهن تائين روئيندا رهيا ته هوءَ بيگناه هئي.
هي مور جا ٽهوڪا آهن. جڏهن مور اُونهاري جي تپش ۾ پاڻي لاءِ اڏامي ٿڪا ته ائين ئي تتل واري تي ڦٿڪي ڪريا ۽ سندن نڙين ۾ اٽڪي پيل ٽهوڪا گھڻو پوءِ هٿ ڪري محفوظ ڪيا ويا. ان جي دريافت به ٿر جي هڪ نامياري ڀڳتڻ ڪئي هئي.
هي ڪوئل جي ڪوڪ آهي جيڪا الائي ڪٿان ڀٽڪي هتي پهتي هئي، چون ٿا ته جڏهن هن ديس ۾ پکين جو قتل عام ٿي رهيو هو ته خوف ۾ ان ڪوئل جو آواز آسمانن ڏانهن اڏاڻو هو جيڪو هن ديس جي درد وند دلين کي گھائيندو ڪٿي زخمي ٿي ڪريو هو. ان ڪوئل به الائي ڪيترن گائڪن ۽ شاعرن کي پنهنجن گيتن ۽ نظمن کي تراشڻ جو هنر عطا ڪيو هو. پر پوءِ هن جي قتل تي ته اهي گائڪ ۽ شاعر به خاموش ئي رهيا ۽ سندن قلمن ۽ آلاپن کي ڪا جنبش نه آئي. ۽ پوءِ؟؟ ؟ . . .
راوي جي اکين مان ٻه ٽي لڙڪ سندس ڳلن تائين آيا ۽ اتي ئي جذب ٿي ويا. . . .
هي کٿي تي رکيل هڪ ٿرياڻي جون حسرتون آهن جيڪي اصل ۾ ڪنهن شاعر جون تشبيهون هيون جيڪي تتل واريءَ تي تڙپي تڙپي، جڏهن اسپتال پهتيون ته رتو ڇاڻ ٿي ڪريون ۽ حڪمرانن دعوا ڪئي ته اهي هن ديس جي عظمت تان وارجي ويون آهن. انهن کي شهادت جو رتبو ڏنو ويو هو.
هي بي ربط ٿي ويل گھنگھرو آهن. چون ٿا ته جڏهن ديس جي ڪجھه آرٽسٽن لالچ ۾ اچي پنهنجي ثقافت جي علامتن جي توهين ڪئي ته هي گھنگھرو ان احتجاج ۾ ائين ئي ٿي ويا ۽ پوءِ سالن پڄاڻا سڄي ديس ۾ ظاهري طور تي ڇيرين ۾ ٻڌل گھنگھرو يا ته بي آواز آهن يا انهن جو رڌم جُڙي ئي نٿو. هي گھنگھرو خود به انهن ڪهاڻين تان پردو کڻي سگھن ٿا جن ۾ ڪجھه لالچي ماڻهن پنهنجي ئي ثقافت جي توهين ڪرڻ شروع ڪئي هئي ۽ پوءِ . . . .
هيءَ هڪ سياسي انتقام جو شڪار ٿيل ماڻهوءَ جي ڪيهه آهي جيڪا هن جي ڦاسي تي لٽڪڻ کان پوءِ هن جي گلي ۾ اٽڪي پئي ۽ پوءِ ان ڪيهه کي هتي محفوظ ڪيو ويو آهي ته جيئن مورخ ان دور جي تاريخ کي ڦلهورڻ لاءِ هن ڪيهه مان ڪا معلومات وٺي سگھن.
هي خواب اصل ۾ هن ديس جي هڪ نامياري غزل گائڪ جا سُر هئا جيڪي ڪنهن حملي جي زد ۾ آيا ۽ پوءِ هن ديس تان وارجي ويا. اڃا تائين ڪجھه هنڌن تي بلبلين جا ولر ڪنهن گھاٽي کٻڙ تي گڏ ويهي انهن سُرن جي سوڳ ۾ هڪ لمحي لاءِ چنهنبون چورڻ بند ڪري ڇڏينديون آهن.
هي آرٽسٽ جو خواب هو جيڪو هن گٽار تي پنهنجي گيت جي ڌن ٺاهڻ جي مشق ۾ محو هو. پوءِ گٽار جي تارن کي ڇيڙيندي جڏهن هوُ ڌن جي تڪميل تي پهتو ته گھڻي دير ٿي وئي هئي ۽ هوپنهنجي ئي بک ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويو. ان آرٽسٽ کي مڃتا ڏيڻ لاءِ هن کي سندس گٽار جي ٽٽل تارن سان چنبڙيل آڱرين سميت هتي رکيو ويو آهي.
هي هڪ نظم جو ڪتبو آهي. اهو نظم هڪ شاعر جنگ خلاف احتجاج طور تي لکيو هو جنهن کي گھڻو پوءِ ان نظم سميت قتل ڪري گلابن جي کيت ۾ پوريو ويو هو. سالن پڄاڻا ان جي قبر ٻوڏ ۾ لڙهي وئي هئي ۽ هي ڪتبو ڪٿان هٿ آيو هو جنهن تي چنبڙيل گلن جون پنکڙيون اها شاهدي ڏين ٿيون ته گلابن جي کيت سان ان جو ڪهڙو لاڳاپو هو. هاڻي جنگ خلاف ان اڌوري نظم جو اهو ڪتبو هتي اعزازي طور رکيو ويو آهي.
ڪتبي تي ڊهي ويل اکرن جي سڃاڻ؛
“هن ديس جا ٻار جنگ نٿا چاهين،
مائرن کي مهلت ڏيو ته
اهي پنهنجي پٽن جون اميدون پسن،
ڪنوارن کي نه ماريو،
انهن کي لاڏن جي ڌن تي نکوڙجڻ ڏيو،
بم نه پوکيو،
هن ڌرتي جي ڪُک کي
نه ايذايو!
ٻار اسان جو آئيندو آهن
هنن کي جنگ نه،
انُ، اجھو ۽ امن کپي.”
* * *
ان عجائب گھر ۾ ٻيو الائي ڇا ڇا پيو هو. هن جو چوڻ هو ته هتي تمام گھڻو اڳ جنگين ۾ بي بگناه مارجي ويل خوابن، چچريل خواهشن، قتل ٿيل حسرتن جا ڍانچا ڏاڍو ڌيان سان رکيا ويا آهن. هو ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان ٻڌائي رهيو هو ته هي ملڪ ، تمام گھڻو اڳ هڪ آزاد ملڪ هو، هن جي الڳ ڪرنسي هئي، ۽ پوءِ هن ملڪ جي راڻن ۽ راڻين پنهنجي رعيت، نوڪرياڻين ۽ ٻانهين سان جيڪو سلوڪ ڪيو هو انهن مان ڪجھه جا اهڃاڻ هنن خوابن، رهجي ويل حسرتن، معذور سوچن جي صورت ۾ سجائي فخر لائق بنائي رکيا ويا آهن.
هي قطارن ۾ سجايل ڍانچا اصل ۾ شاعرن جون تشبيهون، ڪهاڻيڪارن جي اکين ۾ ڊوڙي ڊوڙي ڪريل خوددار ڪردار ۽ گائڪن جي گلي ۾ اٽڪي پيل سُر هئا جيڪي انهن جي موت کان پوءِ منتشر ٿيا. انهن کي اتي ئي رکيو ويو آهي. . . . .
* * *
آخر ۾ جڏهن هي سڄو عجائب گھر گھمي نڪتو ته هن جي ڳلن جي گُھٻن تي وهندڙ لڙڪن جا نيسارا هئا ۽ کيس ننڍپڻ جو اهو ڀوائتو خواب ياد اچي ويو هو جنهن ۾ هي اڏامندڙ پري تي سوار هو ۽ ڪٿان اوچتي تير هن جي خوابن جي پري کي گھائي ڇڏيو هو ۽ اها چانڊوڪي رات ۾ هن سميت ڪنهن ڍنڍ جي ڪناري تي پرزا پرزا ٿي ڪري هئي ۽ هي ڪيترن سالن تائين ان ئي ياد ۾ رات جو ڇرڪ ڀري پنهنجي اڱڻ تي دانهون ڪندو ڊوڙڻ لڳندو هو.
هن کي تاثراتي نوٽبوڪ تي تاثرات قلم بند ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته هن پنهنجون آڱريون ڏيکاريون جيڪي سُن ٿيل هيون، کيس ڳالهائڻ جو چيو ويو ته هن اشارن سان ٻڌايو ته هن جي زبان لفظ اچارڻ کا قاصر هئي. ۽ پوءِ راوي ڏٺو ته سندس ڳلن جي گھُٻن تي لڙڪ اڃا تائين آلا هئا ۽ هي لڳاتار سوچ ۾ ٻڏل هو . . .