آزادي
“خير! سڀني ڳالهين کي ڇڏ ڊاڪٽر جو به چيو ڪونه ورتوسين. ڇوڪري کي تڪليف وڃي پئي وڌندي، مائٽن عزيزن کي ڪهڙو ٻڌايون. طهر جي رسم پوري ڪريون. اسپتال نه سهي جڙئي حجم کي ئي منٿ ڪري ڪونڊيءَ تي ويهارينس. ويچارو پيشاب ڪندي ايذاءَ ۾ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو”.
هو ڳالهائيندي رهي ۽ هو يڪايڪ اکيون اڀ ۾ کُپائي ٻڌي رهيو هو. شهراڻي ڳوٺ ۾ بجلي ڪنهن مهل کان هلي وئي هئي ۽ اوندهه ڄڻ ته پاڻ سان گڏ سانت کڻي آئي هئي. هوءَ ڪنهن جواب لاءِ پنهنجي مڙس جو منهن تڪيندي رهي.ڪجهه دير کانپوءِ هو پنهنجن پورن مان نڪتو ۽ چيو ته: “جڙئي حجم کي ته مون چئي ڇڏيو آهي. اهو جمعي جي ڏينهن شام جو ايندو. پاءُ مصريءَ جو پنهنجو ٻار ڇا کائيندو، حجم جي زال جو وات مٺو ڪنداسين. ڪونڊي به نئين وٺڻي پوندي. پاڙي جي ماين لاءِ مٺائي به وٺنداسين، نه ته ڪا مائي مبارڪ ڏيڻ آئي ته خوامخواه مهڻي هاب ٿينداسين”.
“ها!ٻيو مون پي سوچيو ته منهنجي ماءُ ته مري وئي، تون پنهنجي ماءُ کي کڻي ڪوٺ ڏئي گهرائين ها، من ان بهاني تنهنجون ماساتيون به اچن ها. ننڍڙي گهوٽ جي ماءُ پاران جنڊ جو پڙ سر تي رکڻ جو ته زمانو ئي ڪونهي. ڳيچ به ڪير ڳائيندو. گهٽ ۾ گهٽ ڪو هجي جو تنهنجي مٿي تي پاڻيءَ جي ڇل هاري مبارڪ ته ڏئي. پهريون ڪاڄ آهي. خير تنهنجي مرضي.”
هن ڏٺو ته هوءَڇوڪري کي ٿڃ ڏيندي پورن ۾ هلي وئي. ڪجهه گھڙي سهي هن وري کيس ياد ڏياريو ته: “اڄ ته ماني به ڪانه ڏنئي، بتي الائي ڪڏهن اچي....”
ڇوڪرو سمهي رهيوهو تنهن کي هن گاديلي تي ليٽائي، ڇاتي ٿڦڪي، مٿان گنديءَ جو پلئه رکي، هوءَ اٿي ۽ ماني کڻي آئي ۽ هو ماني کائڻ لڳي ويو.
هوءَ روزانو وانگر بتي وڃڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري خاموش ٿي وئي هئي. هو به ماني کائي خالي ٿانوَ کٽ هيٺان رکي گرڙي ڪري، هنڌ تي آهلي پيو. ٻئي ننڊ جو انتظار ڪري رهيا هئا پر ڪنهن ڪنهن مهل پاڙي مان ٻار جي روئڻ جي آواز سندن خيالن کي ٽوڙي پي ڇڏيو ۽ هو پاسا بدلائيندا رهيا.
هن وري سانت کي ٽوڙيو: “مون پي سوچيو ته هيڏي اوندهه ٿي اچي وڃي پئي پر پاڻ ته هتي ڪڏهن کڙکٻيتو به ٽمڪندي ڪونه ڏٺو ۽ نڪو ڀنڀورين جا لامارا ڏٺاسين. هي وڏو ٿيندو ته کيس ڪيئن ٻڌائينداسين ته اونداهه ۾ کڙکٻيتا ڪيئن ٽمڪندا هئا ۽ انهن پويان ٻار ڪيئن ڊوڙندا هئا ۽ ڀنڀوريون ڪيئن اڏامنديون هيون.”
هن ڳوٺ جون يادون ورجائيندي پٽ جي ڇاتيءَ تي هٿ رکي هن ڏانهن پاسو ورايو، پر هو پنهنجي خيالن ۾ هو ۽ ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو.
******
صبح جو سوير چانهه سان نيرن تي کيس الائي ڇا سُجهي آيو ۽ چيائين ته: “منهنجي ماءُ ته مونکي ڪني آڱر سمجهي وڍي ڇڏيو. توسان جند ڇا اڙي، سڀ رشتا ڄڻ ته ٽٽي ويا. مونکي ڇا، هي ڄائو ته امان کيس ڪپڙن جو وڳو به ڪو نه وٺي ڏنو ۽ نڪو منهن سان مبارڪ ڏنئين. منهنجون ماساتيون ته سندن مائرن وانگر خود غرض آهن، تن کي، ڪهڙي، ڪوٺ ڏيان، ان کان ته چڱو ته تون پنهنجي ڪيڙ مان ئي ڪنهن کي گهراءُ.”
هن چيو: “اميد خاتون! مون تو سان گهاريل ساڍن ٽن سالن جي عرصي ۾ ڪڏهن به اها ٻٽاڪ ڪانه هنئين آهي ته آئون تو لاءِ تارا لاهي ايندس، اها الڳ ڳالهه آهي ته آئون توسان ڪڏهن ڪڏهن پيار ۾ ڪيتريون ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون ڪري ويو هوندس.”
هو مانيءَ جو گرهه چٻاڙيندي خاموش ٿي ويو هو.
زال ڏانهس ڏٺو ته کيس لڳو ته هن جي گهرين اکين مان ڪو ڪُمهلو خيالن جو کڙکٻيتو اڏيو هوندو يا سندس اکين جي ڪنارن تي ڪا سوچ جي پري لٿي هوندي، جنهن سان وندري ويو هوندو. کيس الائي ڇو پڇتاءُ ٿيو ته هن پنهنجي پيار کي، پٽ کي طهرائڻ جي تڪڙ ڪري شايد رنج ڏنو آهي، انڪري هوءَ ڏاڍو محتاط ٿي وئي هئي.
”توکي ڪيئن ٻڌايان ته مزوري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيڏا ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا. ڪيڏو انتظار ڪرڻو پوي ٿو. جيڪو ڏهاڙي ڏئي ٿو اهو ڪهڙو ورتاءُ ڪري ٿو. انسان هوندي به پاڻ کي جانور سمجهي سڀ ڪجهه برداشت ڪري به ڏوڪڙ آڻي دال ۽ بصر وٺي وات ڪڙو ڪريون ٿا.”
اهو چئي هُو کٽ تان اٿيو، هٿ کي پاڻيءَ ۾ پسائي، زال ڏانهن آخري ڀيرو نهاري نڪري ويو ۽ زال پنهنجي پٽ کي مانيءَ جا ننڍا ڀور چانهه ۾ ٻوڙي کارائي رهي هئي.
*** ***
اهو آزادي جو ڏينهن هو. عمارتن کي هڪ ڏينهن اڳ ئي رنگين بلبن ۽ جهنڊين جي جهالرن سان سجايو ويو هو. هر دل خوش هئي . بسن وارا جنگي نغمن جي ڌن تي گاڏيون پڄائي رهيا هئا. والدين پنهنجن ٻارن جي قومي جوش ۽ جذبي کي محسوس ڪرڻ لاءِ صبح جو سويل اسڪولن ڏانهن ويل هئا، پر هوُ ان ڏينهن به ڪجهه ماڻهن سان گڏ روزانو وانگر ساڳئي چوڪ تي مزوريءَ جو انتظار ڪري رهيو هو. گهر ۾ اڻهوند کيس اهو محسوس ئي نه ڪرائي سگهي ته اڄ وطن جي آزاديءَ جو ڏينهن آهي ۽ هر ماڻهوجشن ۾ شريڪ هوندو.
ڪافي دير کانپوءِ پاڇولا مڙيا ته کيس پڪ ٿي ته اڄ سندس قسمت جو ستارو نه چمڪندو. هن ڏٺو ته سامهون واري اخباري اسٽال تي معمول کان وڌيڪ رش هئي. ڀر واري اسڪول ۾ ٻار قومي نغما ڳائي رهيا هئا. هو اٿيو، کيس لڳو ته سڀ رستا ملڪ جي باني اڳواڻ جي مزار ڏانهن وڃن پيا. رستن جي رفتار ڏاڍي تيز ٿي وئي هئي. سڄي شور ۾ هو اڪيلو هو. سندس اکين ۾ ڪابه خوشي نه هئي. جنگي نغمن جي ڌن تي ڪنهن مهل هن جي قدمن جو رڌم ٽٽو ٿي ۽ ٻئي لمحي هن پاڻ سنڀالي ٿي ورتو. کيس ايندي جو هلڪي بک جو احساس ٿيو هوسو ايڏي شور ۾ماٺو ٿي ويو هو. کيس ڏک اهو هو ته اڄ به ڏهاڙي هڻي نه سگهيو. پرينهن جمعي جو ڏينهن آهي ۽ جڙيو حجم ايندو. اڻهوند ۾ ڪاڄ به الائي ڪيئن ٿيندو؟.
هن قائد جي مزار جي چوڪ تي بيهي جائزو ورتو. اسڪولي ٻارن جا قافلا جنگي نغمن جي ڌن تي مزار ڏانهن وڌي رهيا هئا. پري کان اڇي اجري مزار جو گنبذ چنڊ جي مجسمي جهڙو لڳي رهيو هو. ڪنهن ڪنهن مهل اڀ تي ڊوڙندڙ ڪڪرن سج کي ڍڪي پي ڇڏيو. ٿڌي اس، چنڊ جو مجسمو ۽ ٻوٽا. جنگي نغمن جي ڌن تي ڪنهن ڪنهن مهل هن جا قدم ٿڙيا ٿي ۽ ٻئي لمحي هن پاڻ سنڀالي پي ورتو. هي ٻاهريون در ٽپي اڳتي وڃي بيٺو.
بکي جي هلڪي احساس ٻيهر هن جو ڌيان ڇڪايو ۽ واپس ورڻ لڳو. رستو، ٽريفڪ، شور، جنگي نغما. گاڏيءَ ۾ ويٺي هن کي لڳوته سندس گهر ڏانهن ويندڙ رستي جي رفتار سست ٿي وئي هئي. شور گهٽبو پي ويو ۽ هو يڪا يڪ پورن ۾ هليوويو هو. جڏهن گاڏيءَ مان لٿو ته پاڙي ۾رمون راهگذر جي دڪان تي چار ماڻهو ويٺا هئا. عدنان استري وارو پنهنجي ڪم ۾ مصروف هو. جمعي موچيءَ کي جوتن ڳنڍڻ کان فرصت نه هئي، ان ڪري اڄ کيس سلام نه ڪري سگهيو. هن گهر جي چانئٺ کان ٿورو ٻاهر ٿيڙ کاڌو. هن جي وات مان گار نڪتي، هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري گهر اندر قدم رکيو، سندس زال رليءَ جو پڙ سڄو ڪري چڪي هئي. ٻيءَ کٽ تي ڇوڪرو ستو پيو هو، هن مڙس کي ايندو ڏسي رليءَ کي پاسيرو رکي کيس جاءِ ڏني ۽ گهڙيءَ کانپوءِ ماني کڻي اچي سندس اڳيان رکي. هن کي آيو ته زال ضرور کانئس پڇندي انڪري سندس زبان مان پاڻ مرادو نڪتو: “اڄ آزاديءَ جو ڏينهن هو” ۽ هُن وراڻيو “ڪنهنجي آزادي؟” ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو پر وٽن ڪو به جواب نه هو.