ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

هڪ گمنام ماڻهوءَ جو موت

توڙي جو هن جو موت ڪنهن کان به ڳجھو نه رهيو هو پر روايتي بي حسيءَ ۾ سندس موت کي ڄاڻي واڻي فطري موت کان قتل تائين ويچاريو پي ويو. “گمنام ماڻهو جو موت ۽ بس.”
زندگيءَ جي سڄي ڪار ونهوار ۾ هوُ پنهنجي سڀني دوستن ۽ مٽن مائٽن آڏو انتهائي بزدل رهيو. سندس کل جهڙين حرڪتن کي هر ماڻهو نظرانداز ڪندو رهيو، پر هوُ گھڻو وقت پاڻ کي بچائي نه سگھيو.
هوُ ان رات الائي ڇا کائي ستو هو ۽ صبح جو کيس سندس بستري تي مئل ڏٺو ويو. هوُ روزانو وانگر جڏهن صبح جو نه اٿيو ته پاڙي واري عورت کي ڏاڍي ڳڻتي ٿي پئي ۽ هوءَ ٻي عورت ساڻ ڪري، پاڙي وارن جون نظرون لڪائي سندس در تي پهتي. جڏهن در کڙڪائڻ تي به ڪو جواب نه مليو ته اوچتو سڄي پاڙِي ۾ هُل مچي ويو.
هن لاءِ ڪو به ڳوڙهو نه وهيو ۽ نه ئي ڪنهن “انا للله و انا عليه راجعون” چيو. سندس لاش به ڄڻ پاڙي تي بوجھه هو نه ته ساڻس ڪنهن جي به همدردي نه رهي هئي. خودڪشي جي خبر به تڏهن پئي جڏهن سندس پاسي واري کيسي مان هڪڙو ڪاغذ ڪڍي پڙهيو ويو.
جنهن ماڻهوءَ اها چٺي پڙهي سو پنهنجي لڙڪن کي روڪي نه سگھيو پر هن کان بي انتها نفرت ڪندڙ ماڻهو خط پڙهندڙ جي چريائپ تي کلي رهيا هئا.
* * * * * * * *

گمنامي جي زندگي کيس سڀني کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو هو. سڀني مائٽن کيس پنهنجي حالت تي ڇڏي ڏنو. هوُ رشتن جو محتاج نه رهيو هو ان ڪري گذر سفر واري وقت کان پوءِ هوُ سدائين گمنام ئي رهيو. بي پرواهي جي عالم ۾ هوُ علائقي جي گھٽين مان چپ چاپ گذري ويندو هو. پارڪ، گلن، وڻن جي ڇانو، ڪتابن ۽ تنهائي سان سندس دوستي هئي. ظاهري طور تي هن پنهنجي مختصر زندگيءَ ۾ ڪنهن کي به ڪو ڏک نه رسايو هو. سندس ڏوهه صرف تنهائي هئي جنهن کان هو الڳ نه ٿي سگھيو. آخري ڏينهن ۾ جڏهن به ڪنهن ساڻس ڳالهائڻ چاهيو ته هن سدائين مرڪي ڪجھه چوڻ کان لنوائي ٿي ڇڏيو. بس اها مرڪ ماڻهن کي ڏکي لڳي. هنن سدائين ان مسڪراهٽ کي پاڻ تي طنز سمجھيو ۽ پوءِ هر گھٽي ۽ گام تي هو جڏهن ۽ جتي به مرڪيو اتي ڄڻ ته هن دشمني جو ٻج ڇٽيو. مرڻ کان صرف هڪ رات اڳ بهار جي پهرين هلڪي بوند ۾ کيس پنهنجي مختصر اڱڻ تي هلندي ڏٺو ويو هو. هلڪي هلڪي بوند ۾ هوُ ڏاڍو پرسڪون نموني هلي رهيو هو. سندس پاڙيِ واريءَ ته مڙس آڏو اهو به چئي ڏنو ته ؛ “بکيو هوندو. هن ضرور اڄ ماني نه کاڌي هوندي. ان ڪري رات جو مينهن جي وسڪار ۾ به اڱڻ تي هلي رهيو آهي.”
پوءِ هن پنهنجي مڙس کي ڏيڍ ماني ۽ وٽيءَ ۾ دال ڏني ته هوُ وڃي کيس ڏئي اچي. پوءِ هُن ائين ڪرڻ لاءِ وڃي سندس در کڙڪايو. هن جي تنهائي دوران ايندڙ خيالن کي ڪنهن ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. هُن پنهنجي پيٽ تي هٿ رکيو. کيس لڳو ته هو ٻه اڌ ٿي ويو آهي.
پوءِ هوُ در تي آيو ۽ پاڙي واري جي حرڪت تي ڏاڍو لڄي ٿيو پر هُو کيس ڪجھه به چئي نه سگھيو. بي انتها تڪليف واري حالت ۾ به هو مرڪيو ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيو.
پاڙي واري جي چوڻ موجب؛ “هوُ وڏو انا پرست آهي. شرم نٿو اچيس. بک ڀلا ڪنهن جي مائٽياڻي آهي. انُ نوُر موٽائڻ اسان جي روايتن جي خلاف آهي.” پوءِ هن پنهنجي زال آڏو الائي ڪيترو بد شد ڳالهايو ۽ سندس زال ورندي ڏيڻ کان سواءِ ئي ڪمري ۾ هلي وئي.
پوءِ جڏهن سندس مڙس مينهن ڦڙين کان بيزاري ڏيکاريندي ڪمري ۾ قميص لاهي هنڌ تي آهلي پيو ته سندس زال الائي ڪيڏي مهل ٻاهر اڱڻ تي نڪري آئي. کنوڻ جي هلڪي جھٽڪي تي هن اوڏانهن نهاريو ۽ پوءِ مٿي آسمان ڏي ڏٺو. پوءِ هُن جون نظرون پاڻ مرادو ننڍي ڀت جي هن پار هليون ويون ۽ هوءَ کيس ڏسندي رهي. مختصر اڱڻ تي سندس کڄندڙ قدم بلڪل بي آواز هئا. هوُ لڳاتار هلي رهيو هو.
عرصي پڄاڻان هن کي الائي ڇو خيال آيو ته هوُ ڏانهس نهاري. رات جي ان وقت هو زبان سان نه سهي اکين سان ئي ڪجھه ڳالهائي ته جيئن هُو سندس تنهائي کي گھٽائي کيس ڪا آٿت ڏئي سگھي. پر هُوءَ دير دير تائين نهارڻ کان پوءِ به ناڪام رهي. سندس ڪنڌ معمول وانگر جھڪيل ئي رهيو. هن پنهنجي گھڙامنجيءَ تي رکيل دلن جي ڍڪڻ لهڻ ۽ گلاس جي آواز تي سندس ڌيان ڇڪائڻ چاهيو پر کيس احساس ٿيو ته سندس مڙس جاڳي رهيو هوندو. “خوام خواه جي شڪ تي . . . .” ۽ هن پنهنجو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو. سندس سنهڙو چولو مينهن ۾ پسي ويو هو پر هوءَ پگھر ۾ شل ٿي رهي هئي.
* * * * * * *

هن جي لاش کي تڙ ڏيندڙ مُلي کان ٻن پاڙيسرين ۽ مائٽن تائين ڪنهن به ڪو تبصرو نه ڪيو. ڪلمن ۽ صلواتن جي ورد تي کيس تڙ ڏنو ويو. تڙ واري تختي کان ٿوري وٿي تي کٽ تي ڪفن ۾ ويڙهيل هن جو لاش رکيو ويو. قبر کوٽجي وڃڻ جي اطلاع تي ماڻهن سندس کٽ کي ڪلهو ڏنو ۽ ساڳين ئي ڪلهن تي کٽ هلڪن چيڪٽن سان مسجد جي آڳر تي لاٿي وئي. مولانا کان سواءِ صرف ٻن ماڻهن جنازي نماز پڙهي، رسمي طور تي هن جو منهن ڏٺو ۽ وري کٽ ساڳين ڪلهن تي آئي. مولانا پنهنجي ڏاڙهي تي هٿ ڦيريو “سبحان الله سبحان الله”.
سڄي واٽ ڪلمي ۽ صلوات جي ورد تي کٽ کي ٻيهر لاٿو ويو. ڳوٺ جي ماستر سامي ۾ لهي دعا گھري ۽ لاش کي آهستي آهستي قبر ۾ هيٺ لاٿو ويو. ڪچي گاري سان سرن کي بيهاري ڀنجو هيٺ لاٿو ويو. قبر ٺهي چڪي هئي. کٽ تي رلي ۽ ٻه اجرڪون پيون هيون. ماستر ٻيهر دعا گھري. آخري ڀيرو مٽيءَ جي ڍڳ کي ڏٺو ۽ ڪانڌي روايت جي بلڪل ابتڙ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن هليا ويا.

* * * * * * *
پاڙي واري عورت هن جي گھر وڃي سندس کٽ، بستري، ڪتابن، ٽڙ پکڙ ڪاغذن ۽ بتيءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ هُن پنهنجي پويان نهاريو ۽ فريم ۾ پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪڙي پڇاتاءَ جي لهر سندس جسم ۾ ڊوڙي وئي. هن تصوير وارو فريم لاٿو، در ٻيڪڙي تصوير ڪڍي پنهنجي ڇاتي سان لڳائي ڇڏي. سندس دل تيز تيز ڌڙڪي رهي هئي. هن پنهنجي اندر جي شڪ کي دٻائڻ چاهيو پر اهو خوف بنجي هن جي اکين کان سندس رڳ رڳ ۾ ڊوڙي رهيو هو. هوُءَ اها تصوير پنهنجي مڙس کان لڪائڻ ۾ ڪامياب وئي پر پنهنجي اندر کي مطمئن نه ڪري سگھي.

* * * * * * *
ٻئي ڏينهن سندس مڙس تبصرو ڪندي چيو ته فلاڻو بيوقوف هن نڀاڳي جي کيسي مان مليل ڪاڳر کي چنبڙي بلڪن چرين وانگر ديواني وار روئي رهيو هو ۽ سڀ ڪانڌي مٿس کلي رهيا هئا.
“بيوقوف! اهڙا واهيات ۽ ڪميڻا ماڻهو به زنده آهن جيڪي هڪڙي غليظ ماڻهوءَ جي موت تي روئين ٿا. ڪُتن جي موت تي ڀلا ڪير روئيندو؟”
هن جي زال جي اندر ۾ اهو کٽڪو ويتر وڌي ويو ته ان ڪاڳر ۾ ڇا ٿو ٿي سگھي، جيڪو هن آخري امانت طور پنهنجي کيسي ۾ ڇڏيو. ڪنهن ڳالهه کُلي وڃڻ جي کٽڪي کيس ويتر بي چين بنائي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪچي منجھند جو هوءَ اُن شخص جي زال ڏانهن هلي آئي. اها پنهنجي ٻار کي کٽ ۾ ٻڌل جھوليءَ ۾ لوڏي رهي هئي. ڌاڳو آر ۾ چنبڙيل هو ۽ ڪپڙو سندس جھوليءَ ۾ پيو هو. هن جي اچڻ تي کيس ڪو به کٽڪو نه ٿيو. هن پنهنجي مڙس پاران ٻڌايل ڳالهه ۽ چٺي کي امانت سمجھي محفوظ ڪري ڇڏيو هو.
هوءَ ويٺي. ڪمري جي سڀني ڀتين ڏي نهاريو. ٻار جو پڇيو ۽ پوءِ چيو؛ “ويچارو فلاڻو به گذاري ويو. . . . پويان ڪير روئڻ وارو به ڪو نه هئس. هُن ته زندگي ۾ ڪنهن کي به ڪو نه ڏکويو پر ماڻهن هن مان عيب ڪڍيا، ۽ هميشه کيس بد شد ڳالهايو.”
پوءِ ٻئي پنهنجي اکين کي روڪي نه سگھيون. ڪمري ۾ هنن جي ساهه جي سهڪن ۽ سڏڪن خاموشيءَ کي ٽوڙي پي ڇڏيو. ڪجھ گھڙين جي خاموشي کان پوءِ هن ساڻس حال اوريو؛ “چون ٿا ته هن جي کيسي مان ڪا چٺي ملي هئي، جيڪا خدا ڄاڻي ڇا بابت آهي.”
هوءَ وئي ۽ پنهنجي مڙس جي ٽنگيل پراڻي ڪوٽ جي کيسي مان اهو ڪاڳر کڻي آئي. ڪاڳر بلڪل صاف هو.
هن چيو ته “منهنجو مڙس چوندو هو ته فلاڻو ڏاڍو خود دار آهي پر ماڻهو سندس باوقار شخصيت مان به عيب ڪڍن ٿا. ماڻهن جي خوام خواهه جي نفرتن کيس ڌڪاري ڇڏيو هو.” پوءِ هن ڏٺو ته هوءَ پيلپائي جي اوٽ ۾ اهو ڪاڳر پڙهي رهي هئي ۽ سندس ڳلن تان وهندڙ لڙڪن جا نشان گهرا ٿيندا پي ويا.

“زيڊ!
آئون مري رهيو آهيان. بلڪل تنهائي ۽ گمنامي جو موت. پنهنجي زندگي جي آخري هڏڪي محسوس ڪرڻ منهنجي خواهش هئي. توکي ته خبر آهي ته مون هر موڙ تي مرڪڻ چاهيو پر دنيا منهنجي کلڻ مان به خطائون ڳوليون. خدا ڄاڻي خطائون ڇا ٿينديون آهن ۽ مون کان ڪهڙيون خطائون ٿيون، جن مون کي نفرتن سهڻ لاءِ مجبور ڪيو. مونکي خوشي آهي ته آئون تنهنجي ڀاڪرن جي خوشبوءِ کي پنهنجي ساهن سان سمائي سگھيس. تنهنجون مجبوريون . . . . خير! تنهنجو تعلق به ان ئي سماج سان هو. هنن لفظن کي پڇتاءُ نه سمجھيو وڃي. توکي پنهنجي زندگي جون ساريون خوشيون نيبهه هجن.
مرڻ جي اظهار لاءِ تنهنجي نالي جي چونڊ ڪرڻ منهنجي الائي ڪهڙي مجبوري هئي.

فلاڻو.”

* * * * * * *
هوءَ اهو ڪاڳر کڻي گھر آئي ۽ اڪيلائي ۾ روئي رهي هئي. هڪ لمحي ته خود سندس مڙس به سندس اکين ۾ لڙڪ ڏسي ان جو سبب پڇيو. پر هوُ سمجھي نه سگھيو. ڇاڪاڻ ته ان شخص سان سندن ظاهري طور تي ڪو به تعلق نه هو.

هن پنهنجي ڌيءَ جي گڏيءَ ڏي ڏٺو ته ان جون ٻئي ٽنگون ۽ هڪڙي ٻانهن ڀڳل هئي. کيس خيال آيو ته ڌيءَ ساڻس نئين گڏي وٺي ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي ۽ چيو هو ته کيس بلڪل ان جهڙي گڏي گھرجي. پر ڇاڪاڻ ته کيس اڃا پگھار جا پئسا نه مليا هئا ان ڪري هوُ ڌيءَ جي خواهش پوري نه ڪري سگهيو. “ افسوس صد افسوس!” هن جي چپن مان لفظ نڪتا ۽ پوءِ هن ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي اکيون پوري ڇڏيون.
۽ هُن جي اکين ۾ ڪو پڇتاءُ هو جيڪو لڙڪن جي صورت ۾ هن جي ڳلن تان ٽمندو رهيو.