ڪھاڻيون

خوابن جو عجائب گھر

حسن منصور لکي ٿو: ”لفظ رنگ هوندا آهن جنھن جي ثابتي جان جي ڪھاڻين ۾ ملي ٿي. اهو چوڻ تہ جان خاصخيليءَ جي ڪھاڻين ۾ شاعري آهي يا سندس شاعريءَ ۾ ڪھاڻيون آهن، هاڻي هر ڪو ڄاڻي ٿو. پر جان کي لفظن منجه لڪل رنگن جي ڄاڻ آهي. هوُ مصور ناهي، پر کيس سندس ڪھاڻين کي پئنٽ ڪرڻ اچي ٿو. هوُ سنگتراش نہ آهي، پر کيس زندگيءَ هٿان لڳل پٿرن منجهان بُت ٺاهڻ اچن ٿا، پر سندس ٺاهيل بت توهان کي پوڄا ڪرڻ لاءِ مجبور نٿا ڪن. سندس تصويرون ڏسو، بُت پرکيو ۽ انھن جي آڇيل سوالن جي آرسيءَ منجه پاڻ ڏسو، ڇرڪي پوندئو.“


Title Cover of book خوابن جو عجائب گھر

تهذيب

هن جو چوڻ هو ته اسان خوشنصيب آهيون ته هزارين سالا پراڻي تهذيب جي قبرستان ۾ زندهه آهيون. هيءَ ڌرتي پراڻي تهذيب جي خالق آهي. اسان کي فخر ڪرڻ جو جيڪو درس مليو آهي، اهو اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي کُليءَ دل سان ڳائي وڄائي منتقل ڪنداسين.
“توڙي جو اسان پنهنجي پنهنجي قبرن نما گھرن ۾ آهيون پر ايندڙ نسل کي پنهنجي سڃاڻپ قائم رکڻ لاءِ اسان جي رهنمائي قبول ڪرڻي پوندي. اچو ته پنهنجي پوٽاڻ ۽ ڏوهٽاڻ کي همٿايون ته اهي پنهنجي تاريخ مان سبق حاصل ڪن، حسب معمول وڏن جي پيروي ڪندي پنهنجي پراڻي تهذيب سان پيار ڪن”.
ٻئي چيو؛ “نئين نسل کي گمراهه نه ڪريو، کين ڇڏيو ته پنهنجي واٽ تلاش ڪن، پنهنجي نئين تاريخ تخليق ڪن. انهن کي پکين سان پيار ڪرڻ جو درس ڏيو. کين ٻڌايو ته وڻ ۽ ٻوٽا نه وڍيو، آکيرا نه ڦٽايو، پکين کي نه ماريو، ۽ جانورن جو احترام ڪريو، هي گل ۽ انهن تي ڦرندڙ ڀونرا ۽ پوپٽ توهان جي امانت آهن ”.
“ٺيڪ آهي اسان وڏن کان ٻڌو هو ته هيءَ تهذيب ٻين تهذيبن جي ماءُ آهي. اهي سڀ هن جي گرڀ مان نڪتيون هيون ۽ هن ئي تهذيب جي پينگھي ۾ لڏي وڏيون ٿيون آهن، پر هاڻي دور بدلجي ويو آهي. هاڻي اهو ياد ڪندي سڀ ڪجھه وائکو ٿي چڪو آهي ۽ اها ڳالهه هرو ڀرو اسان پنهنجي اولاد کي ڇو منتقل ڪيون ته هو الجھي پنهنجي واٽ ئي وڃائي ويهن. ”
“نه نه اهو نه ٿي سگھندو. جيڪڏهن ٻار پنهنجي سوچ ۾ گھڻو اڳتي نڪرندا ته اسان جي ڏسيل راهه وڃائي ويهندا. هنن کي پکين وارا پر نه آهن پر اهي اڏامي ڪنهن ٻي سوچ جي جهان ۾ پهچي اصل راهه وڃائي سگھن ٿا. اهي جهاز اڏائي نٿا سگھن پر تصور ۾ جهاز سان گڏ اڏامي سگھن ٿا. پر اسان کين اها تاڪيد ڪنداسين ته صديون اڳي اسان جي وڏن پراڻي تهذيب تخليق ڪئي هئي، اسان ان جا وارث آهيون، جنهن تي دنيا کي فخر آهي!،” هن مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر چپن جي خشڪي کيس ساٿ نه ڏئي سگھي.

* * * * * * *
پريان ڪو آواز آيو؛ “پينگھو نه لوڏيو هاڻي اسان هن نئين تهذيب جا خالق بنجي رهيا آهيون. آهستي ڳالهايو. هيءَ نئين تهذيب سرجي رهي آهي. هن جو درياءَ سان ڪو به تعلق ناهي. ان کي هلڻ ڏيو، تبديلي جي عمل کي نه روڪيو، گرڀ کي نه ڪپيو، تهذيب کي سرجڻ ڏيو.”
“اسان کي نئين سماجي معاهدي جي تختي گلي ۾ لٽڪائي ترقي جي پُل تان گذرڻو آهي. اسان کي نئين ثقافت متعارف ڪرائڻي آهي. اچو ته گڏجي زندگي جي رهڻ جي نئين ڍنگ جي چادر تاڻي سڪون سان سمهڻ ۽ تخليق جي سفر کي آسان بنايون.
هن نئين تخليق ٿيندڙ ٻار لاءِ دائي جون خدمتون وٺڻيون پونديون. پر خدا ڄاڻي! . . . . هتي هن ڳوٺ جي ماڻهن جي بي چيني جي به هڪ الڳ ڪهاڻي آهي.
مسجدن مان پڙهو گونجيو؛ “قبرن کي هٿن سان نه ماپيو ان لاءِ ٻيا زاويا گھرجن، تڪڙ نه ڪريو سڀ قبرون هڪ جهڙيون ناهن. احتياط سان رهو. خاموشي توهانجي سڄي ڄمار رهنمائي ڪندي. وقت هٿن جي وٿين مان گذري رهيو آهي جيڪو واپس ڪو نه ايندو. ۽ هاڻي بس، توهان هر وک سنڀالي کڻجو جو توهان تي وڏي ذميواري اچي رهي آهي.”

* * * * * * *
ان ڏينهن صبح جو سوير اعلان ٿيو هو ته اڄ بادشاهي سواري نڪرڻ کان اڳ، پوپٽن کي اچڻو آهي جيڪي تازن گلن جي هٻڪار مان ونهنجي نڪرڻا آهن. هر ماڻهو رستو ڇڏي بيهي جو بادشاهي سواري نڪرڻي آهي ۽ گلن جو واس صرف شاهي سواري کي ملڻو آهي، ان ڪري خاطري ڪيو ته پوپٽن کي ٽاهه نه پوي .
اهو اعلان ٻڌي هر ماڻهو پري ڀڄڻ لڳو. هاري ناري، ڌراڙ، پنهنوار، لاهيارا پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ لڳي ويا. شاهي سواري واري رستي کان وٿيرڪو ڪجھه سهرا ڳائيندڙ عورتون پنهنجا سُر پڪا ڪري رهيون هيون ته جيئن بادشاهه جو آڌرڀاءُ ڪري سگھن.
هڪ بزرگ ڪنهن به آمد ۽ جشن کان بي پرواهه اتي بيٺل وڻ جي لامن تي ٽنگيل ٺڪر جي ٽڀين ۾ پکين لاءِ ان ۽ پاڻي رکي رهيو هو جنهن جي چوڌاري پکين جي لات هئي. هڪ ٽاري کان ٻي تائين پکين سان ڳالهائيندي، فطرت جي آوازن کي ڪنائيندي اهوبزرگ هيٺ لهي لمحي لاءِ بيهي رهيو هو
پر حيرت جي حد نه رهي ته پوپٽن پهچڻ کان اڳ ئي هو نمودار ٿيو. هن اعلان ڪيو ته “ آئون هن رياست جو والي آهيان. اسان جي وڏن هن رياست جي لاءِ سدائين قربانيون ڏنيون آهن. مون کي به مسند تي ويهاريو ويو آهي پر سچ پڇيو ته مون کي توهانجي هن پراڻي توڙي نئين تهذيب جي نالي سان ڪا به انسيت نه رهي آهي. ”
“ٺيڪ آهي، ٿي سگھي ٿو ته آئون به پنهنجي نئين زال مان پيدا ٿيندڙ ڌيءَ تي اهو نالو رکان. توهان جي مهرباني جو مون کي هن نالي کان متعارف ڪرايو. يقين ڪريو ته آئون پنهنجي مرضي سان هن نه ڏسڻ ۾ ايندڙ چوديواري کان ٻاهر نٿو نڪري سگھان. جڏهن به وارو اچي ٿو ته سائرن جا آواز گونجن ٿا ۽ آئون سينگاريل پالڪي ۾ ويهي ٻين جي ڪلهن تي نڪران ٿو ۽ هر طرف هٿياربند آهن جن کان مون کي خوف ٿيندو آهي پر ڇاڪاڻ ته آئون هن رياست جو والي آهيان. انڪري توهان سمجھي ويا هوندا . . . .!
ٺيڪ ان لمحي هڪ زخمي ماڻهو چنگھندو نمودار ٿيو.
“تون ڪير آهين؟”
“بادشاهه سلامت! آئون ان پيٽ واري عورت جو روح آهيان، جنهن کي توهان جي ڪوٽ جي برج تان اوچتو بندوق مان نڪتل گولي گھائي وڌو هو. هن اذيتناڪ ڪيفيت ۾ آسمان ڏي هٿ کڻي پنهنجي پيٽ ۾ ٻار جي سلامتي لاءِ پڪاريو هو. هوءَ هلندي ٿاٻڙجي ڪري ته کيس ڪنهن به سهارو نه ڏنو، اسڪول ويندڙ ٻارن وين جي ڊرائيور کي آواز ڏنو پر هو ٽهڪ ڏيندو اڳتي هليو ويو، هن پريان ايندڙ ايمبولنس کي هٿ ڏنو ته آواز آيو ته هو صرف اسپتال جي مريضن ۽ فوتين کي منتقل ڪرڻ لاءِ زميوار آهي، رڪشا واري ڀرسان بيٺل پوليس واري ڏانهن اشارو ڏنو. هوءَ ائين تڙپي تڙپي مري وئي ۽ آئون سندس پڪار آهيان ۽ ڀٽڪندي ڀٽڪندي هتي توهان جي آڏو پهتي آهيان. توهان جا هٿ هن عورت جي خون سان رنڱيل آهن!.
هن غصي ۾ چيو “تون ڪهڙي سماج جي ڳالهه ٿو ڪرين ان جو ته آئون به حصو آهيان ۽ هي سڀ ماڻهو ....... ! ”
هن وراڻيو ته “بادشاهه سلامت! تون شايد اکين کان انڌو آهين. هي تنهنجي رعيت، هي سڀ ماڻهو هڪ اذيتناڪ خوف واري بيماري ۾ مبتلا آهن ۽ توکي ڪجھه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. تون ائين اڪيلو ڪيئن نڪتو آهين، تنهنجي منزل ڪٿي آهي؟ تون ته پنهنجي مرضي سان هن نه ڏسڻ ۾ ايندڙ چوديواري کان ٻاهر به نٿو نڪري سگھين. تو کي شايد خبر ناهي ته چوڌاري هيڏي تبديلي اچي چڪي آهي. هڪ نئين تهذيب هڪ نئين خوف سان سرجي رهي آهي. آئون ان جو شاهد آهيان. خير توهان جي مرضي. توهان ته شاهي گھراڻي جا فرد آهيو.”
پوءِ هن دانهون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ ماڻهن کي آواز ڏنو ته آئون هڪڙو پيغام آهيان هڪ مامتا جو جيڪا جيئندان لاءِ تڙپندي تڙپندي مري وئي. هي توهان جي چوڌاري وهندڙ رت توهان جي نون پيدا ٿيندڙ ٻارن جي امانت آهي، ان کي وڌيڪ وهڻ کان بچايو. پر هن ڏٺو ته هر ماڻهو هن ڏانهن وڌي اچي سهارو ڏيڻ کان گھٻرائي رهيو هو ۽ هي ڏڪي رهيو هو.
ان وقت صرف هوُ ئي سمجھي پي سگھيو ته ڪجھه ٿي رهيو آهي، پر کيس افسوس هو ته هو ڪجھه به ڪرڻ کان قاصر آهي. ۽ پوءِ هن پاڻ ئي چيو ته آئون سياستدان آهيان! مون کي فخر آهي ته مونکي استادن اهو فن سيکاريو آهي ته هر اڀرندڙ سج جي سلامي ڪيئن ڪري سگھجي ٿي ۽ لهندڙ سج سان ڪيئن گڏ لهي ٻئي ڏينهن ڪنهن نئين اسٽيج تي ناچ ڪري سگھان ٿو. سياسي پارٽين سان ڀلي منهنجو ڪو گهرو تعلق نه هجي پر هر حڪومت جو مونتي اعتماد آهي. مون کي چوڻ ڏيو ته پراڻي تهذيب اسان جي اجتماعي سڃاڻپ آهي. هي دريا، هي سمنڊ، هي مڇون ۽ مهاڻا، هي ٻيلا، هي کيت ۽ هاري، هي ڌراڙ ۽ پنهوار، سڀ هڪ تصوراتي پر انتهائي خوبصورت هار جا موتي آهيون جيڪو هن وقت شاهي محل ۾ محفوظ آهي. هر دور جا راڻا ۽ راڻيون ان هار جو قسم کڻي پنهنجا ڏينهن ۽ راتيون گذاريندا آهن.
اوچتو هن ٽهڪ ڏنو، بلڪل بي خيالي ۾ هوُ کلي ته ويٺو پر هن معذرت ڪئي ته اصل ۾ اها کل منهنجي اندر ۾ ويٺل معصوم ٻار جي چلولائي سمجھي معاف ڪري ڇڏيو. اصل ۾ آئون ڊاڪٽر آهيان پر بيڪار آهيان. ڪنهن جو علاج نٿو ڪري سگھان. هن بدڪار سماج ۾ آئون نٿو رهڻ چاهيان. آئون مريضن کي دوائون نٿو تجويز ڪري سگھان، جو مون کي خبر آهي ته اهي دوائون زهر آهن. آئون ماڻهن کي مرندو ڏسندي به خاموش رهڻ جو پابند آهيان. پر ڇاڪاڻ ته آئون ڊاڪٽر آهيان، انڪري سڀني کي مشورو ڏيڻ منهنجي ذميواري آهي، پيشو ته الڳ ڳالهه آهي. خير توهان جي مرضي ان کي ڪيئن به سمجھو. بهرحال آئون ڊاڪٽر آهيان.
ڊاڪٽر صاحب! آئون تنهنجي اندر ويٺل ان چنچل ٻار جو وڪيل آهيان. پر سچ پڇو ته آئون جج جي سامهو نٿو بيهي سگھان جو هو پاڻ تحفظ جي لاءِ فڪرمند آهي. ان ڪري انصاف لاءِ ٻاڏائيندڙ ٻار، پکي، پکڻ، جيت جڙا ۽ ٻوٽا، هي دريا، هي واهڙ، پاڻي، هي کيت سڀ غير محفوظ آهن. آئون ڪنهن ڪنهن جو ڪيس کڻي عدالت جو دروازو کڙڪايان. جڏهن به ڪارو ڪوٽ پائي ٻاهر نڪران ٿو ته ماڻهو مون کي عجيب نظرن سان ڏسن ٿا. پاڙي جا ڪتا مون کي ڏسي ڀونڪن ٿا ته ماڻهو هوڪريا ڪري کلن ٿا. ڪورٽ جو دروازو اُڪران ٿو ته اتي وڻن تي ويٺل ڪانگن جي شور سان خوف ٿئي ٿو ته ڪٿي خوام خواه سڀني جي سامهون مون کي ٺونگا نه هڻن. ان ڪري روزانو جڏهن تيز وکون کڻي وڌان ٿو ته عدالت جي ڇت تي پاريهلن کي اداس ڏسان ٿو. جيڪي پنهنجي ذڪر جا سُر وساري هڪ عجيب خوف ۾ ورتل آهن. ان ڏينهن خبر پئي ته عدالت ٻاهران منشيات جي واپاري جو قتل ٿيو هو. سرعام قتل کان پوءِ قاتل هڪ نهار پاريهلن تي وجھي بندوق تاڻي هئي. تنهن ڏينهن کان وٺي پاريهل ڇت تي لڪي لڪي ذڪر ڪن ٿا.
ڳالهه صرف اها ناهي صاحب! آئون پاڻ انجنيئر آهيان. مون وٽ ڊگري سان گڏ وسيع تجربو به آهي. آئون پليون به ٺاهي سگھان ٿو جتان هر دور جو بادشاهي قافلو گذري ٿو. پر افسوس مونکي ان پورهئي جو اجورو اهو چريائپ جو سرٽيفيڪيٽ مليو آهي جيڪو وزير موصوف پنهنجي تقرير دوران عطا ڪيو آهي. هڪ اخبار جي ڪارٽونسٽ پنهنجي پينسل سان منهنجي هڪ انجنيئر جي حيثيت سان جيڪا تصوير ٺاهي ان کي ڏسڻ کان پوءِ هاڻي واقعي به مون تي چريائپ حاوي ٿي وئي آهي. هن وقت مون لاءِ ڪجھه به ڪرڻ لاءِ ناهي سواءِ پنهنجي وزير جي گھر آڏو ناليون ٺاهي اتي گل پوکڻ جي. پر افسوس اهو آهي ته روزانو وزير جي قافلي ۾ اهي گلُ ٽڙڻ کان اڳ چيڀاٽجي وڃن ٿا ۽ ٻئي ڏينهن آئون اکيون لڪائي انهن گلن جا لاشا کڻي پاسي تي رکي انهن معصوم پنکڙين کي هٿن تي کڻي پنهنجي ڳلن تي رکي سڀ ٺٺوليون وساري ويهندو آهيان. اها ئي گھڙي منهنجي زندگي جي خوشي جي هوندي آهي ته مون گلن جي چيڀاٽِيل پنکڙين کي ڇهي ڪا آسيس ماڻي آهي. هن جي اکين مان لڙڪ ٽميا، هن جا چپ ٿڙڪيا ۽ پنهنجو منهن هيٺ ڪري بيهي رهيو.
“پر منهنجي ڪهاڻي ته ڪير ٻڌاڻ وارو ئي ناهي، هر ڪو پنهنجا سُور روئي ٿو. توهان ياد ڪيو ته مون کي هڪ استاد جو رتبو مليو هو. مون پاڻ پنهنجي شاگردن کي ور ور ڏئي پراڻي تهذيب جو سبق ٿي ڏنو ته ان کي ياد ڪريو جو اڳتي هلي اها ڄاڻ توهان جي رهنمائي ڪندي. مون جن شاگردن کي دل سان پڙهايو اهي هاڻي بادشاهه، سياستدان، ناميارا وڪيل، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهن. انهن هن ديس جي جيڪا خدمت ڪئي آهي ان تي مون کي فخر آهي. مون قسم کنيو هو ته آئون زندگي ۾ رٽائرڊ ٿيڻ واري گار ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيندس. توڙي جو مون وٽ پڪا ثبوت آهن ته هي راجا، ڊاڪٽر، وڪيل ۽ انجيئر پيدا ڪرڻ جو اجورو بس اهو مليو آهي جو مونکي عدوليو پيو وڃي؟ پر مون رٽائر ٿيڻ بدران اهو عزم ڪيو آهي ته علم جي حاصلات لاءِ پنهنجي ديس جي ڪنهن به ٻار کي چين ۽ ولائيت نه موڪليو وڃي، مون سڀني جو ذمو کنيو آهي ته کين تعليم جي زيور سان سجايان . مون کي ڇڏيو ته هن ملڪ جي نئين تعمير لاءِ اهڙا هوشيار ۽ ذهين ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل پيدا ڪيان، مون کي اجازت ملي ته هن پراڻي تهذيب جي علامتي مٽي جي ڍير جي چوٽي تي گھر بنايان. مون کي بس اهو ئي ٿو گھرجي. مون کي تا حيات ماستري جي مسند ٿي گھرجي.
۽ پوءِپريان کان پڪارون نڪتيون جناب! اسان به هن سماج جو حصو آهيون. آئون شاعر آهيان. اصل ڳالهه اها آهي ته آئون اسڪول ۾ وڃي سبق حاصل ڪرڻ بدران، ڌراڙن، هارين، ٿڃ پياڪ ٻارڙن ۽ سندن مائرن، شادين ۾ لاڏا ڳائيندڙ عورتن، دائين ۽ بي گھر ماڻهن کان سکيو آهيان. انهن سچ پچ ته منهنجي جيڪا تربيت ڪئي آهي ان جو ڪو به مٽ ناهي.
منهنجي نظم کي ڪا به معنيٰ نٿي گھرجي، اهو صرف راڳي ڄاڻي ٿو ته اهو هن نظم کي ڪهڙو سُر عطا ٿو ڪري.!
ٻئي لمحي هوُ خاموش رهيو، آهستي آهستي هن جا چپ چريا ته پوپٽن جون اڏارون هيون، هن جي دل مان هڪ تشبيح اڏاڻي جنهن جي گرڀ مان پکي، پوپٽ، گل نڪتا ۽ سڄي اڀ کي معطر ڪندا پي ويا. اهو منظر ڏسندڙن جي سوچ جي حد نه رهي ته اهو ڇا ٿيو ۽ شاعر پنهنجي ان اڌوري نظم کي اُڻڻ لاءِ تشبيهن جي تلاش ۾ گم ٿي ويو.
”ها آئون واقعي انهن نظمن جون ڌنون ٺاهي، جھونگاري، مينهن وسائي گلن، کيتن وڻن جي آبياري ڪري سگھان ٿو. پر توهان کي اهو ڪيئن ٻڌايان ته ان رات هلڪو سيءُ هو. هن ملڪ جي راجا منهنجي راڳ جي هاڪ ٻڌي مون کي گھرايو هو ۽ مون ڳايو هو. ان ئي رات وڳڙي جو مون آلاپ ڪڍيا هئا ته خبر نه پئي ته منهنجي دل کي ڇا منظور هو. رات، چنڊ، تارا، گلاب ۽ پوري ڪائنات جھومڻ لڳي هئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ منهنجي گھر کي باهه لڳي ته منهنجا سُر سڙي ويا، ڪجھه زخمي ٿيا ۽ معذور حالت ۾ رستن تي مونسان گڏ آهن. مون ڏٺو ته شاهي درٻار ۾ ڳائيندي، داد حاصل ڪرڻ باوجود منهنجي سُرن ٻارن جي دانهن تي نه برج لڏيا ۽ نه ئي ڪنهن سار لڌي.
پر منهنجي نڙي ۾ اڃا ڪي سُر آهن جيڪي، جيڪڏهن امان ملي ته آلاپيان. مون کي ويساهه آهي ته آلاپن سان ٽڙڻ کان رهجي ويل گل ٽڙي پوندا، رٺل ڪڪر ڪارونڀار ڪري وسڻ لڳندا، فطرت جو حسن نکري پوندو، هي پوپٽ، هي ڏيڏرن جي ٽانٽان، هي آرن جو شور ۽ پوءِ ڏسو ته اداس نسل جا خوف ۾ وڪوڙيل ٻار مينهن ۾ ڪيئن گھر ڇڏي ڀنڀورين جي پويان ڊوڙڻ لڳن ٿا.
پر آئون پنهنجي سُرن سميت خوف ۾ وڪوڙيل آهيان. آئون ڪيئن ٻڌايان ته منهنجا سُر ۽ آلاپ ڪيترو غير محفوظ آهن.
“آئون رنگساز آهيان!”. هن پنهنجو برش مٿي کنيو ته ڏينهن مان رات ٿي وئي، کڙ کٻيتا نڪري آيا، ستارا ٽمڪڻ لڳا ۽ ٿوري دير کان پوءِ جڏهن 13 تاريخ جو چنڊ اڀريو ۽ تارن جي جھرمر ماٺي ٿي ته پوءِ سڀني پنهنجا پنهنجا هٿ مٿي ڪيا.
جيئندان جي معنيٰ ڇا آهي ؟
هن رنگساز پنهنجي رنگن سان جوڙيل تصوراتي دنيا جو نقشو ڪڍيو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته هي نئون نسل آهي. انهن جي دلين ۾ جيئندان جي معنيٰ لڪل آهي. توڙي جو هن ڌرتي سان کين بي انتها محبت آهي، پر هر طرف رڪاوٽون آهن، گھر کان اسڪول ۽ راند جي ميدان تائين، اهي پنهنجي واٽ جي تلاش ۾ آهن. هو لڳاتار ڊوڙي رهيا آهن پر کين واٽ نٿي ملي جو اڳتي وڌي سگھن. کين نئين سڃاڻپ گھرجي. سندس چوڻ هو ته هنن کي جاءِ ڏيو ته پنهنجي واٽ وٺن.

* * * * * * *
پريان کان مٽي اڏاڻي، هڪڙو شور برپا ٿيو، شاهي سواري اچي رهي هئي. سائرن جا آواز گونجيا. بادشاهه سينگاريل پالڪي ۾ ويهي ٻين جي ڪلهن تي نڪتو. هر طرف هٿياربند هئا. پريان سهرا ڳائيندڙ عورتن پنهنجا گيت آلاپيا ته جيئن بادشاهه جو آڌرڀاءُ ڪري سگھجي پر سندن سُر هڪ عجيب شور ۾ گم ٿي ويا. شاهي سواري تيز تيز اتان هلي وئي هئي. پوپٽ ۽ گل چيڀاٽجي ويا هئا، مکڙيون ڪچلجي ويون هيون.
صرف اهو بزرگ ڪنهن به آمد ۽ جشن کان بي پرواهه اتي بيٺل وڻ جي لامن تي پکين سان ڳالهائيندي، فطرت جي آوازن کي ڪنائيندي پريان کان گُلن جو قتل عام ڏسي ڀڻڪيو، مٿي وڻ تي آکيرن ۾ غير محفوظ پکين ڏانهن ڏٺو ۽ آهستي آهستي پنهنجي منزل ڏانهن راهي ٿيو.

* * * * * * *
پر هوُ پنهنجي خيال تي اٽل هو. سندس چوڻ هو ته ڪيڏو نه سٺو آهي جو اسان پنهنجي تهذيب جي قبرستان ۾ گڏ آهيون. اچو ته پنهنجي مٿان قبرنما گھرن کي ايترو ڪشادو ۽ رهڻ لائق بنايون جو اسان جا پونئير اسان تي فخر ڪن. . . .