چنڊ، سمنڊ ۽ تنهائي
رات! خدا ڄاڻي وقت هن جي اکين کان ٻاهر ڪهڙي حيثيت ۾ هو؟ هوُ ان جوڪو به تعين نه ڪري سگھيو. هُن الائي ڇا سوچيو ۽ هڪ لڙڪ هن جي اکين جي پاندرن مان وهي نڪتو. سندس اک کُلي ته سمنڊ جو سڄو پيٽ ڇوليون ڇوليون ٿي ويو هو. سينڊ پٽس جي دڙن سان ٽڪراءُ کائيندڙ ڇوليون ۽ دور دور تائين ڇولين جي ڀاڪرن ۾ ايندڙ چنڊ، هي سڄو سمنڊ ۽ تنهائي.
ڪيترن ڏينهن کان آئون، چنڊ، سمنڊ ۽ تنهائي؛ آئون سامونڊي ماڻهن جي رومانس جو تصور ڪري رهيو هئس ۽ پوءِ تنهن ڏينهن، جڏهن مون هڪ هوڙياري کان رومانس جو پڇيو ته هوُ پنهنجي پيريءَ جي مُهڙ کان لمحي پل لاءِ موٽي آيو پر هن جو جواب سندس زندگيءَ جي اوائلي ڏينهن ۾ ئي گم ٿي ويو هو سو هي ڳولي نه سگھيو ۽ هُن جي نهار ۾ آيل مايوسي تي آئون خود پڇتاءُ ۾ رهجي ويس ته آخر مون هن کان اهو سوال ڇو پڇيو؟
تنهن ڏينهن هوڙيارا ٻنپهرن کان ئي وڃڻ جون وايون ڪري رهيا هئا. راشن جي هڪ هڪ شيءَ هو ياد ڪري پوري ويساهه سان هوڙي تي رکي رهيا هئا. انهن شين مان هر هڪ تي نقش ٿيل هنن جون اميدون ۽ آسرا هئا ۽ هر شيءَ هوُ پوري اعتماد سان سٿي رهيا هئا.
اڄ رات به سمنڊ جي سينڊ پٽس تي چانڊوڪيءَ تنهائي کي نه ڄاڻ ڪيترو اتساهيو هو ۽ هڪ شخص ور ور ڏيئي زور آزمائي ڪري رهيو هو. هن رات جي هر پهر کان پوءِ لمحي پل لاءِ سمنڊ جي وسعتن تي نظرون وڇائي، اکيون پوريون ٿي ته چنڊ، سمنڊ ۽ تنهائي هن جي اکين ۾ ئي رهجي ٿي ويا. فطرت جا سڀ آواز، ٻيڙياتن جي هوڙن تي ٽمڪندڙ ڏيئا، سندن اندر مان نڪرندڙ ساهه جا سهڪا، سڀڪجھه اکين جي اندر رهجي ٿي ويو ۽ لمحي کان پوءِ هڪ لڙڪ اکين جي پاندرن جا سڀ بند ڀڄي وهي نڪتو ٿي ته چنڊ سان کيڏندڙ ڇوليون، هڪ هڪ ٿينديون، ٻکبيون، آجون ٿينديون، سينڊ پٽس سان ٽڪرائبيون موٽي ٿي ويون.
سينڊ پٽس تي ٺهيل هٽن جي ڇتين ۽ ڪمرن ۾ رهندڙ چوڪيدارن ۽ ڪٿي ڪٿي رات گذارڻ لاءِ آيل ماڻهن جي ننڊ ۽ جاڳ، چنڊ جي سهائي ۽ تنهائي ۾ دخل نٿي ڏئي سگھيا. ان ڪري هُو توڙي جو ڪناري تي پسار ڪري رهيو هو پر کيس لڳو ٿي ڄڻ هوُ سمنڊ جي سيني تي ڇولين سان کيڏندڙ چنڊ سان گڏو گڏ هلي رهيو آهي.
ٿڌ جو هلڪو احساس آهستي آهستي وڌي اکين ۾ بند ڪرڻ ٿو چاهي پر هر ايندڙ لمحي هڪ ڀرپور لڙڪ هن جي اکين جا بند ڀڃي ڳلن تان ڳڙي ٿو ۽ هوُ سمنڊ جي وسعتن تائين ڇولين کي ڏسندو رهجي ٿو وڃي.
هن مٿي نهاريو ته چنڊ هن کي ڏسي رهيو هو. هن سمنڊ تي نهار وڌي ته سمنڊ ڇولين سان کيڏي رهيو هو ۽ هن جون اکيون. چنڊ، ڄڻ ته هڪ پوپٽ آهي جنهن کي هوُ پڪڙڻ چاهي ٿو.
ڪناري کان دوُر شهر جي ڪنڌين تي ڄڻ ستارن ڀريو آسمان وڇائجي ويو آهي ۽ هن جي ارد گرد بس چنڊ، سمنڊ ۽ تنهائي آهي، جن جو هڪٻئي سان به ڪو سٻنڌ آهي. ٿڌ جو وڌندڙ احساس هن کي پنهنجي اندر ۾ سوڙهو ڪندو ٿو رهي ۽ هُو پنهنجي تنهائي سان گڏ ڀر واري هٽ جي اندر وڃي پيو لهندو. هنڌ جي نرم گهرائي جو هڪڙو الڳ احساس هو جنهن تي لهي آيل ٿڌ کي ضابطي ۾ آڻي وڌو ۽ هوُ پنهنجي اکين جي سينڊ پٽس تي گھمندڙ ننڊ سميت ڪناري تي اچڻ ٿو چاهي، پر پوءِ هن کي خبر ئي نه پئي ته چنڊ، سمنڊ ۽ تنهائي جو پاڻ ۾ ڪيترو سٻنڌ آهي. سڀ هوڙا، سڀ آواز ۽ ڇوليون اتي ئي رهيون ۽ هوُ پنهنجي اندر جي سمنڊ ۾ لمحي پل لاءِ ٻڏي ويو هو.