لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي.

Title Cover of book پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

پبلشر نوٽ

سيوهڻ جي ادبي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته قديم دؤر کان وٺي هن وقت تائين هتان  جي عالمن، ليکڪن، محققن شاعرن، اديبن، ادب ۾  وڏو ڪم ڪيو آهي. اهو به هڪ سيوھڻ لاءِ اعزاز آهي ته سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو ابو قاضي قادن  به سيوھڻ جو هو، سنڌي مرثيه جو باني سيد ثابت علي شاھ ڪربلائي به سيوھڻ جو هو، جي اسان ڳولا ڪنداسين ته اهڙا ڪيئي اعزاز سيوھڻ کي نصيب ٿيا آهن. جيئن دنيا جو ڊگهي قد وارو شخص عالم چنا به سيوھڻ جو هو. 

هتان جي ڪيترن ئي اديبن کي سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ مناسب جاءِ ناهي ڏني وئي. ايئن پڻ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ کي سنڌ جي ادبي تاريخن ۾ پڻ ڪا خاص اهميت ناهي ڏني وئي. جيڪا پڻ هڪ ناانصافي آهي. ان جو پوراءِ ڪندي اسان جي نوجوان محقق علي اصغر اوٺي، پروفيسر محبوب علي چنا سيوھاڻيءَ تي ايم فل  جو مقالو لکي هڪ اهم ڪم ڪيو آهي جنھن تي کيس داد ڏجي ٿو، 

علي اصغر اوٺي هن ايم فل تي وڏي محنت ڪئي آهي، ڪتاب ڦلوريا  آهن، جن ماڻھن سان پروفيسر محبوب علي چنا وقت گذاريو،  انھن کان انٽرويو به ورتا آهن. جنھن سان. پروفيسر محبوب علي چنا. صاحب جي شخصيت نروار ٿي پئي آهي. 

علي اصغر اوٺو گهڻي وقت کان شاعري ۽ نثر لکندو رهي ٿو، سندس شاعري ته چپجي ناهي سگهي، سندس نثري ادب، مقالا مضمون ۽ ٻيا ليک چپجندا رهن ٿا. سندس هي لکيل مقالو ”پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ جي ادبي خدمتن  جو اڀياس“  2014ع ۾ سنڌ يونيوسٽي  جي، سنڌي شعبي مان ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي نگراني ۾ لکي، ايم. فل جي  ڊگري حاصل ڪئي هئي. جھڙوڪ: ڏهه سال هي مقالو  ڇپجي نه سگهيو. 

علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻي جي شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سوانح تي  عرق ريزي ڪري ۽ ان جي تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي، هن ڪتاب جو پھريون باب هن تحقيق جي باري ۾ آهي، ان کي هن ڪتاب ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، هن ڪتاب جي ٻئي باب کان  شروعات ڪئي وئي آهي. اسان جي اداري جو هي ڪتاب اوهان کي ضرور پسند ايندو.  

اسان جي اداري جي ڪوشش هوندي ته اوھان پڙهندڙن آڏو، معياري ڪتاب آڻيون ۽ اهي ڪتاب آڻيون جن جي سماج کي سخت ضرورت آهي. يا اهي ڪتاب ڪن سبب ڪري  چپجي ناهن سگهيا، انھن کي ڇپائڻ اولين ڪم هوندو. سوچ پبليڪيشن سيوهڻ اوهان پڙهندڙن آڏو هي ڪتاب پيش ڪري سرهائي محسوس ٿي ڪري. 


مير حاجن مير

سوچ پبليڪيشن- سيوهڻ 
03003275248