لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي.

Title Cover of book پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

نثر ۾ لکيل اڻ ڇپيل ڪتاب

نثر ۾ لکيل اڻ ڇپيل ڪتاب
پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌي ادب ۾ جيڪو به علمي ادبي ڪم ڪيو، ۽ جيڪو به تحقيقي ۽ تخليقي ادب لکيو، انهن مان گهڻو سندن ئي دؤر ۾ شايع ٿيو،پر سندن وفات کان پوءِ به، ڪجهه اهڙا ڪتاب هئا جيڪي شايع نه ٿي سگهيا آهن. انهن مان ڪجهه، سندس اڻ ڇپيل ڪتاب هيٺيان آهن.
(i) سنڌي تهذيب جي تاريخ
(ii) سنڌي رسم الخط جي ارتقا ئي تاريخ
(iii) يادِ اقبال ”مفصل تذڪرو“
(٧i) ڪنز قادري راضي فقير جي خيالن جو مرقع ( ترتيب).

(i) ”سنڌي تھذيب جي تاريخ “
سندس هن مسودي جي حوالي سان ڪوبه عنوان ڏنل ڪونهي صرف ڪنڊ تي ”حصه تاريخ “ لکيل آهي، پر ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته هيءُ “سنڌي تهذيب جي تاريخ ” جي حوالي سان لکيل ڪتاب آهي،سندس هن اڻ ڇپيل مواد جا ڪجهه صفحا هٿ آيا آهن، اهو مواد سندن لکيل هي مسودو، سندس پٽ حبيب الرحمان کان مليو،
هن ڪتاب جي شروعات، رب پاڪ جي نالي سان عربي عبارت ۾ ڪئي وئي آهي، هن ڪتاب ۾ شروع کان، يعني حضرت آدم کان پوءِ، حضرت نوح جو تاريخي سيلاب وارو واقعو بيان ڪيل آهي انهي سيلاب کانپوءِ، حضرت نوح عليه السلام جو اولاد، اولاد آدم وانگر وڌڻ لڳو ان ڪري حضرت نوح کي ”آدم ثاني“ به سڏيندا آهن. هن انهيءَ حوالي سان لکيو آهي ته:“پراڻي ۾ پراڻيون تاريخون ۽ نئين ۾ نيون تحقيقون شاهد آهن ته، اهو اولاد نوح جي وڌڻ جو هنڌ ايشيا هو”، (چنا، ص، 2) انهيءَ قديم تهذيب جي تاريخ کي ڳولڻ البته هڪ مشڪل مسئلو آهي، سنڌ جي قديم تهذيب جي حوالي سان عالم انهي راءِ تي متفق آهن ته، انساني تهذيب تقريباً ست هزار سال اڳ کان شروع ٿي. پرويدن مان معلوم ٿو ٿئي ته، فقط سنڌي تهذيب ئي ويهه هزار سال اڳ کان زنده هئي:
پاڻ حضرت نوح جي اولاد جي حوالي سان لکن ٿا ته: ”حضرت نوح عليه السلام جي اولاد مان اصل ۾ ٻه وڏيون قومون پيدا ٿيون جن جون سطح ارض تي نشانيون باقي آهن.انهن مان هڪ قوم مشرق ڏي وڌي ۽ ٻي مغرب، مغربي قوم جو مسڪن مصر ٿيو ۽ مشرقي قومن جو عرب، بابل جي علم القدامت مان ثابت ٿي چڪوآهي ته اتي سومري قوم جي بودوباش هئي، ڪيترن ڪتبن ۽ آثارن مان معلوم ٿو ٿئي ته، هيءَ قوم وادين جي رهاڪو شهري زندگي سان مانوس هئي، ان قوم جي زبان به سومري هئي ۽ اها قوم هئي جا مد نيت ۾ ترقي ڪري رهي هئي. علماءَ جو هي متفق رايو آهي ته، اها قوم اصل سامي قوم هئي جا بيابانن ۽ پهاڙن ۾ رهي نهايت سخت عادتن واري ٿي پئي هئي.“ (چنا، ص ، 5 )
سامي اهي هئا جيڪي مشرق طرف ويا هئا، اڳتي هلي سامي قوم، سومري قوم تي غالب ٿي وئي. هنن ٻن قومن جي حوالي سان خبر نٿي پئجي سگهي ته پهريان ڪهڙي قوم آباد ٿي، ڪتاب جي بحث ۾ ڄاڻايل آهي ته ، هندوستان ۾ يا ته پهرين آريه ( سومري ) آيا ، اڻ آريه (سامي ) اڳ آيا، جي آريا اڳ آيا هوندا ته انهن پنهنجي مدني قابليت سان اچي، هن ملڪ کي ٺاهي رهڻ جي قابل بنايو هوندو . اهڙي طرح سان چنا صاحب ان بحث جي حوالي سان هي نتيجو ڪڍيو آهي ته: ”مٿيئن بحث مان واضح ٿي چڪو ته، پهرين سومري قوم هئي پوءِ سامي قوم آئي ۽ انهن قومن مان ٻيون قومون پيدا ٿينديون ويون ۽ ملڪن ۾ پکڙجنديون ويون، اهي قومون جتي جتي ويون ٿي، اتي پنهنجي تهذيب، پنهنجو اخلاق ۽ پنهنجون رسمون ۽ زبان کڻي ٿي ويون، ائين اهي قومون سنڌ ۾ به آيون.“ (چنا، ص _ 15 ، 16
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جو هي ڪتاب، تهذيب جي تاريخ جي حوالي سان سٺي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾ انساني شروعات کان وٺي، مختلف قومن جي تهذيبن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ، ته انهن قومن ۽ تهذيبن ڪيئن جنم ورتو، ڪهڙيون قومون برباد ٿيون، ڪهڙيون قومون عروج تي پهتيون. جن سنڌ جي ريتن رسمن ، زبان، رهڻي ڪهڻي جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. چنا صاحب جي هيءَ محنت شايع ٿيڻ گهرجي ها، ته جيئن سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ثابت ٿئي ها.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر : ”سنڌي تهذيب جي تاريخ“ اڻ ڇپيل ڪتاب ص، 2 .
(2) حوالو ساڳيو، ص، 5 .
(3) حوالو ساڳيو، ص 15، 16 .
*
(ii) سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ
هن ڪتاب جي پيش لفظن مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ جڏهن سروري اسلاميه ڪاليج هالا جا پرنسپال هئا، ان دوران 2 نومبر 1952ع تي، ”انجمن علم وادب هالا سنڌ“، جي زير اهتمام ارڙهين سالانه ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جو مڪمل انتظام انجمن جي باني مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪيو.هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ادبي قرب دارن کي ڪوٺيو ويو هو، چنا صاحب هن ڪانفرنس ۽ پنهنجي چونڊيل عنوان جي حوالي سان لکيو آهي ته :
”ڪانفرنس، ڪارپردازن عنوان به چونديا، عنوانن جي قلم آزمائي ڪندڙن، بندي کي به ياد ڪيو ۽ منهنجي سپرد، سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ جو، صبر آزما مقالو ڪيو ويو، صبر آزما ان ڪري جو، هن عنوان تي گهڻو احوال ان سمي ۾ فراهم ٿي نه ٿي سگهيو ته به هاڻي ان پراڻي ۽ بوسيده مسودي مان هي معلوم ڪري، مونکي تعجب ٿو لڳي ته ، ان وقت مون چاليهارو ڪتاب نظر مان ڪڍيا ۽ انهن کي حوالي طور ڪم آندو ، عنوان جي اوکيا ئي پنهنجي بي بسيءَ جي ڪري ، جڏهن مٿئين عنوان تي قلم آزمائي ڪرڻ لاءِ بندي کي حبيباڻو منشور پهتو، تڏهن پنهنجي ڪم علمي ۽ ناقص ماضيءَ سان گڏ مقالي جي وسعت ۽ قدامت جو اندازو لڳايو، مگر ڪريم جي ڪنجڪ وٺي، هن مشڪل مضمون کي هٿ ۾ کڻي سوجهي ، سلجهائي ، سوڌُي ۽ سنواري ڪانفرنس ۾پيش ڪيم.“ (چنا ، ص ، 2 ، 3 )
هن پنهنجي لکيل پيش لفظن ۾، آمريڪي دوري جو به مختصر احوال ڏنو اٿس، ان دوري دوران پاڻ آمريڪا جي ڪيترن علمي ادارن ۽ اتي جي لسانيات جي ماهرن سان ملي ڪافي معلومات حاصل ڪئي، انهن ماهرن جا هت نالا به ڄاڻايا اٿن جيڪي چاليهن کان مٿي آهن.
هاڻي اچون ٿا، سندس اڻ ڇپيل مسودي تي. پاڻ سڀ کان پهريان لفظ ” رسم الخط “ جي تشريح تي روشني وڌي اٿن، جئين هن لکيو آهي ته، رسم الخط ٻن لفظن جو جامع آهي. هڪ رسم ٻيو خط ، رسم معنيٰ طرز يا نمونو ۽ خط جي معنيٰ ليڪ يا لڪير، اصطلاحاً، ڪنهن جي به لکت، نوشت يا تحرير کي ”خط“ چئبو آهي. يعني پوري معنيٰ ٿي، ”طريقه تحرير “ يا”طرز نوشت“. هندي ۾ هن کي ”لپي “ ۽ انگريزي ۾ اسڪرپٽ چئبو آهي.“ (چنا ، ص، 1)
سندس ڪيل هن تحقيق تي، پاڻ ڪافي جاکوڙ ڪئي اٿن، گهڻي قدر اهڙا حوالا ڏنا اٿن، جيڪي دنيا جي مختلف زبانن خاص طور انگريزي ڪتابن مان ورتا ويا آهن ، چنا صاحب هن موضوع کي بحث ۾ آڻيندي، ڪافي ڳالهيون تحقيق جي دائري ۾آڻي، رسم الخط جي ارتقا جا بنيادي ڏاڪا سمجهايا آهن . پاڻ هن موضوع تي قديم زماني کان وٺي، هن وقت تائين جملي سنڌي رسم الخط جي طريقن تي مختصر نموني محققانه انداز ۾ معلومات فراهم ڪئي آهي.
جيئن پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿن ته: ”دنيا جون سڀ مهذب قومون، تحريرواري عمل کي استعمال ڪنديون آهن. انهن جي لکتن جي هڪ طويل ۽ پر ڪشش تاريخ آهي، جنهن جو آغاز ٻه هزار سال ق-م کان شروع ڪري سگهجي ٿو- ان سمي کان آڳاٽي ارتقا جو پتو پوري طرح نٿو پوي، پر جيڪي به خيال نظريا يا قياس آرايون آهن، اهي سڀ جمع ڪري، هن الف-بي تحرير جا مؤجد ڪير هئا. يونانين، رومين جا ان نقطي تي پنج مخالف رايا آهن. (1) فرينچ (2) مصري (3) آشوري (4) ڪريٽي (5) يهوديا، اسرائيل جو ذڪر ڪري پاڻ هي نتيجو ڪڍيو اٿن ته، قديم ترين جديد نظريو هي آهي ته، مصر، الف-بي جي تحرير جو پهريون گهوارو آهي“ (چنا. ص-15)
اهڙيءَ طرح مصرين هڪ مڪمل الف-ب تيار ڪئي، ۽ ان جو نالو ”مقدس حروف“ رکيو. انهن ئي مقدس حروف کي يوناني زبان ۾، ”هيرا گلفڪ“ سڏجي ٿو، سندس هن مسودي ۾ تحرير جي فن جي حوالي سان به معلومات ڏنل آهي، ته تحرير جو فن ڪئين حاصل ڪيوويو، جنهن لاءِ پاڻ ڪيترا دليل پيش ڪيااٿن ڇو ته هيءُ فن، انساني تهذيب جو هڪ اهم ترين جزُ هو، اهڙيءَ طرح برفاني دؤر، ڌاتو جو دؤر، قديم هجري دؤر وغيره جن ۾ انساني تهذيب توڙي فن تحرير جي مصوري ڪرڻ جي حوالي سان معلومات ڏنل آهي، غارن تي مصوري ڪرڻ جي حوالي سان حوالو ڏنو اٿس ته:”حياتياتي نوعيت جو انسان اول قديم هجري دؤر ۾، اٽڪل چاليهه سال اڳ نمودار ٿيو، جنهن غارن تي مصوري ڪرڻ شروع ڪئي. جيڪو تحرير جوآڳاٽي ۾ آڳاٽو قسم آهي، جنهن کي ڪتابن اڌوري آغازي تحرير ڪري سڏيو آهي.“ (چنا، ص- 5)
بهرحال چنا صاحب جو هي مسودو، “رسم الحظ” جي حوالي سان هڪ بنيادي معلومات ميسر ڪري ٿو. رف ڪاپي هجڻ جي ڪري ڪافي اهم ڳالهيون سمجهه ۾ نٿيون اچي سگهن، اگر سندن هي ڪتاب ايڊٽ ڪري شايع ٿي وڃي ته ٻوليءَ جي حوالي سان اهم ثابت ٿئي ها .اهڙي طرح سان چنا صاحب جي هيءَ تصنيف محققانه آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي صورتخطي جي باري ۾ مختلف اديبن جا رايا پيش ڪيا ويا آهن. ۽ سنڌي رسم الخط تي ڇنڊڇاڻ ڪري تفصيل سان روشني وڌي وئي آهي.
هن ڪتاب جي ڪاپي مون کي سندس فرزند حبيب الرحمان چنا کان حاصل ٿي ، جيڪا رف ڪاپي لکيل آهي، جنهن ڪري ڪافي مواد سمجهه ۾ نٿو اچي.

حوالا

(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر،”سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ“ اڻ ڇپيل ڪتاب، ص- 2، 3،
(2) حوالو ساڳيو؛ ص، 1
(3) حوالو ساڳيو،ص، 15
(4) حوالو ساڳيو، ص،5
*
(iii) ”يادِ اقبال“
”سنڌي زبان ۾ ڊاڪٽر اقبال جو مفصل تذڪرو“
چنا صاحب جو هٿ اکر لکيل هي مسودو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي لائبريري ۾ موجود آهي، جيڪو پاڻ شايع ڪرائڻ لاءِ بورڊ جي حوالي ڪيو، پر افسوس جو سندن هي مسودو اڃا تائين به شايع ٿي نه سگهيو.
سندن هن مسودي جي فهرست مان خبر پوي ٿي ته، هي مسودو ڪل پنج ڀاڱن تي مشتمل آهي.هن مسودي جي ڀاڱي پهرين ۾، علامه اقبال جي سوانح حيات ڏنل آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اقبال جي خاندان، پيدائش، ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم، ڪاليج ۾ داخلا، ملازمت، يورپ جو سفر، دکن جو سفر، افغانستان جو تاريخي سير، سرهند شريف جي سڪ، اعزازات، رياست ڀوپال حجاز مقدس جي تمنا ، نظر جي ڪمزوري بيماري، آخرين ارشادات ، رحلت ، مدفن جنازو، مزار جي تعمير ، وفات جي تاريخ، احبابن تي جدائي جو اثر هندوستان جي مشاهير سان تعلقات، اولاد ، عجيب اتفاق جي عنوانن تي ذڪر ڪيل آهي.
ڀاڱي ٻئين ۾ ”سيرت اخلاق وعادت “ ،جنهن ۾سندس حليو،لباس، ملاقات ، مسڪن ، حسن اخلاق ، خوش طبعي ، انڪسار قناعت ۽ توڪل ، سادگي ، سڪون قلب، غيرت، گوشه نشيني، قلندري، غذا، علمي صحبتون، خلوص خدمت، شهرت کان بيزاري، همت ۽ استقلال جهڙن عنوانن جو ذڪر ڪيل آهي.
ڪتاب جي ٽئين ڀاڱي ۾، شاعريءَ جي ابتدا شاعريءَ جا مخلتف دؤر، شعر جون خصوصيتون، اقبال جو ادبي مقام، اقبال جو شاعرانه فن، اقبال جي اردو ۽ فارسي شاعري، اقبال شاعر ۽ فلسفي جي حيثيت ۾ جي عنوانن تي بحث ڪيل آهي.
ڀاڱي چوٿين ۾، اقبال جون تصنيفون، علم اقتصاد ، ايران جي ما بعد الطبيعات جي ارتقا، اسرار خودي ، رموزِ بي خودي، بانگ دار، پيام مشرق ،زبورِعجم،جاويد نامه ، جديد اسلامي الاميات جي تشڪيل، بال جبريل ، ضرب ڪليم، ارمغان حجاز، اقبال جي مقبوليت ۽ تبصرو، تي بحث ڪيل آهي.
اهڙيءَ طرح علامه اقبال جي تصنيفن جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”هي روز روشن وانگر حقيقت آهي ته، ڊاڪٽر اقبال جي عالي شخصيت جي جلوه دار جهلڪ سندس چند فارسي ڪلام مان ظاهر ٿئي ٿي.انکي سندس چند فارسي مثنويات کي، انگلينڊ ۾ ڏاڍو آڌرڀاءُ مليو ۽ ”آربري“ جهڙي جڳ مشهور مستشرق اقبال جي،”اسرار خودي“ ۽ ”رموز بي خودي“ جو ترجمو انگريزي ۾ ڪيو. اقبال جي خداداد قابليت جو داڪو، اڳ ئي اهِل يورپ جي دلين کي لرزه سرانجام ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري برطانيه حڪومت ڊاڪٽر اقبال کي پهرين جنوري، 1923ع، جي نائيٽ knight ۽ سر ( sir ) جو اعليٰ ۾ اعليٰ خطاب عنايت ڪيو.“ (چنا،ص ، 40 )
عام طرح ڏٺو ويو آهي ته، اهڙا خطاب ۽ لقب حڪومت جي هٿ ٺوڪين يا خوشامدڙن کي عطا ٿيندا آهن. پر هي خطاب هن فقير خود آگاهه کي مليو.
ڪتاب جي پنجين ڀاڱي ۾، اقبال جو فلسفو۽ پيغام، ڏنل آهي، جنهن ۾ خودي، توحيد، عمل شريعت، طريقت، حقوق العباد، اسلام دين وسياحت، وغيره جو ذڪر ڪيل آهي، پاڻ اقبال جي عظمت، شخصيت ۽ شاعريءَ بابت لکي ٿو ته:” علم ادب جي آسمان جو در خشنده آفتاب، شعرو شاعري جي دنيا جو هڪ انقلاب آڻيندڙ، پيغام رسان شمع آزاديءَ جو سوخته پروانو، عسڪر خوديءَ جو سرفيل، سر زمين سيالڪوٽ ۾ تولد ٿيو،جيئن ته سندس خاندان ذهن ۽ ذڪاوٽ جو گهوارو هو، تئين ڊاڪٽر اقبال به بي مثال، ذهني شاگرد ثابت ٿيو .اوائلي زندگيءَ ۾، سندس شخصيت تي شمس العلماءِ سيد مير حسن جو اثر تمام گهرو پيو ۽ هن صاحب پنهنجي لاثاني علمي استعداد جي ذريعي، اقبال کي اهڙي ادبي منزلن مان راهبر پار لنگهايو، جو مستقبل ۾ ڊاڪٽر اقبال ادبي سلوڪ جي جانگدار راهه ۾ ڪامل سالڪ ثابت ٿيو، ڊاڪٽر اقبال جو شعر، خودي جي وهندڙ شفاف پاڻيءَ جو سر چشمو، حريت جو عميق بحر، فلسفي جو لڪل خزانو ۽ تصوف جي کاڻ آهي.“ (چنا،ص، 45)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جا ٽئين، چوٿين ۽ پنجين ڀاڱي کان علاوه ٻه ڀاڱا، پهريون ۽ ٻيو جو مواد، بورڊ جي لائبريري ۾ موجود پيل آهي باقي ٻيو مواد اتي موجود ڪونهي جيڪو اڃا تائين شايع ٿي نه سگهيو آهي.اسان جي راءِ اها آهي ته، هن اڻ ڇپيل مواد کي ڇپرايو وڃي، ته جيئن ان مان سنڌ جو نئون نسل، شاعر مشرق ڊاڪٽر اقبال جي زندگي، ۽ فلسفي مان ڪجهه معلومات حاصل ڪري پنهنجي زندگيءَ کي سنواري سگهي.

حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: “مسودو” “ياد اقبال” اڻ ڇپيل، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ريسرچ لائبريري، ص، 40 .
(2) حوالو ساڳيو : ص، 45 .
*
(iv) “ڪنز قادري ”
” راضي فقير جي خيالن جو مرقع“
چنا صاحب جو هي ڪتاب ڪنز قادري، چئن حصن ۾ ورهايل آهي.
حصو پهريون- خدا سان محبت، خلق جي خير خواهي، ساري عمر جي عبادت وغيره.
حصو ٻيو- خزانو خيال لطيفي لال.
حصو ٽيون - لطيفي لات هميشه حيات.
حصو چوٿون - حرف هر دل عزيز، لفظ لعل لذيذ “”ڪنز قادري“ جي منعيٰ خدا ئي ڳجهه خزاني جي کاڻ.
هن ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته، هي ڪتاب اصل ۾ راضي فقير جو تضيف ٿيل آهي. جنهن کي چنا صاحب ترتيب ڏنو هو، جيڪو اڃا تائين، شايع ٿي نه سگهيو.
راضي فقير جي هن ڪلام ۾، عشق رسول جاگل به آهن ته گوهردانائي به آهي. مذهبي رواداري نيڪ نيتي ، انساني قدر سندس ڪلام جا اهم موضوع آهن.
مثال طور: لفظ هڪ جو استعمال هن ريت ڪيل آهي:
اول هڪ، آخر هڪ، ظاهر هڪ باطن هڪ آهي هڪ، هوندو هڪ، هِتي، هُتي هڪ
مثال طور: لفظ ٻن جو بيان هن ريت ڪيل آهي:
هڪ الله ٻيو رسول، هڪ اسلام ٻيو ڪفر، هڪ زمين ٻيو آسمان، هڪ سڄو ٻيو انڌو، هڪ شاهوڪار ٻيو غريب، هڪ ظالم ٻيو مظلوم اهڙي طرح، ٽن ڳالهين جو بيان، چئن نصيحتن وارين ڳالهين، پنجن، ڇهن، ستن نصيحتن وارين ڳالهين وغيره جو ذڪر به نهايت ئي عمدي طريقي سان ڪيل آهي.
هي ڪتاب به شايع ٿي نه سگهيو آهي. جنهن کي شايع ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن ڪلام ۾ اهڙا نصيحت ڀريا نڪتا آهن جيڪي ماضي توڙي حال جي انسانيت لاءِ رهبري ڪن ٿا .سندن نصيحت جي ان طرز مان، اڄ جو نوجوان ۽ ذوق رکندڙ ادبي انسان، تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.

(3) پروفيسر محبوب علي چنا جا ترتيب ڏنل ڪتاب
پروفيسر محبوب علي چنا، جتي ڪيترائي ڪتاب پنهنجي قلمي ڏات ذريعي تحرير ڪيا اتي هن ڪيترن ئي ڪتابن کي سنواري، سينگاري، ترتيب ڏيئي منظرعام تي آندو، چنا صاحب ڪن ڪتابن جو مرتب، ته ڪن جو سهيڙيندڙ، سوڌيندڙ، ته ڪن جو وري مؤلف رهيو. پراڻن ۽ گمنام قلمي نسخن، بوسيده بياضن کي ڳولي هٿ ڪرڻ، عالمانه مقدما ۽ پيش لفظ لکڻ، منتشر ۽ غير مرتب ورقن کي اٿلائي ۽ پٿلائي نئين سر ترتيب ڏئي سينگارڻ ۽ سنوارڻ وغيره، اهڙا ڪارناما آهن، جي چنا صاحب جي شخصيت ۽ فن کي هميشه لاءِ زندهه ۽ قائم رکن ٿا.
چنا صاحب، سنڌي ادب کي سهيڙيو ۽ سينگاريو آهي ۽ گڏوگڏ علمي دنيا ۾ عظيم خدمتون سرانجام ڏئي، پاڻ ڪيترائي علمي ۽ ادبي ڪتاب، مقالا، مضمون لکي، ترتيب ڏيئي سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو، پاڻ سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ بزرگن سان بي انتها محبت ۽ عقيدت رکندا هئا، انهيءَ جذبي ماتحت وڏي حُب ۽ اُڪير مان سنڌ جي صوفين ۽ بزرگن تي وقت بوقت مقالا ۽ ڪتاب لکندا رهيا، سندس اڪثر ترتيب ڏنل ڪتاب ۽ مقالا، سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ بزرگن بابت ملن ٿا.
سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلاسيڪي ادب بابت سندس لکڻين جي فني ۽ فڪري جائزي جي حوالي سان، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته:”پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلاسيڪي ادب بابت ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا آهن، جن ۾ مڪلي ۽ حضرت قلندر لعل شهباز بابت لکيل مقالا ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب قابل ذڪر آهن، ان کانسواٰءِ ڪن ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام به مرتب ڪيو اٿس، جن مان ” ڪليات امين“ سنڌي ادب جي تاريخ جي ماخذن ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.“ (ميمڻ، 2002ع، ص، 177)
سنڌ جي ٻن نامور بزرگ شاعرن جا ڪليات ترتيب ڏنائين، هڪ ”ڪليات امين“ ۽ ٻيو ”ڪليات نورل“ .
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سندس ترتيب ڏنل ڪلياتن جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”شاعرن جي ڪلام جي ترتيب جي سلسلي ۾، سيد نور محمد شاهه“ نورل“ جو، ڪليات ايڊٽ ڪيائين ۽ سروري خاندان جي بزرگ، مخدوم محمد امين جو ڪلام، ڪليات جي صورت ۾ ترتيب ڏنائين، ڪلياتن ۾ به ڀرپور مقدما لکيا اٿس ۽ شاعرن جي سوانح جا سڀ پهلو روشن ڪيا اٿس، اهو هيئن ته ، شاعرن جي سوانح عمريءَ کي، ان جي وڏن کان وٺي احوال ۽ سندس ننڍپڻ، تعليم ۽ دؤر جو بيان ۽ شاعرن جو دؤر توڙي همعصرن جو ذڪر اچي وڃي ٿو، نه رڳو ايترو بلڪه شاعريءَ تي مڪمل تبصرو به شامل آهي، هن ڳالهه جي ثابتي، ”ڪليات امين“ ۽ ”ڪليات نورل“ ۾ موجود آهي.“ (جوڻيجو ، 2007ع ، ص 125)
ڪلياتن کان علاوه چنا صاحب جا ٻيا ترتيب ڏنل ڪتاب هي آهن.
* ڪچڪول طالب الموليٰ. * لطيفي لنؤ.
* مسلمانن جي شاديءَ جو قانون. * گلزارِ قلندر.
* قلندر نامو سنڌي. * قطب قلندر.
* نذر شهباز. * ضياءُ القلندر.
* سردار قلندر. * سيوهاڻي بادشاهه.
* هڪ انگريزي ڪتاب (Ziaush Shahbaz) ضياءُ الشهباز به ايڊٽ ڪيائين.
حوالا
(1) ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو “، ڪنڊيارو، روشني پبليڪشن، سال، 2002ع ، ص ، 177 .
(2) جوڻيجو،عبدالجبار، ڊاڪٽر، مقالو، ”پروفيسر محبوب علي چنا، شخصيت ۽ ادبي خدمتون “ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽سندس همعصر عالم ۽ اديب، مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم ، ڄامشورو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر. سال- 2007ع ، ص، 125