لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي.

Title Cover of book پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ميرپور بٺورو (مضمون)

ميرپور بٺورو (مضمون)
پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌ جي قديم ماڳ ۽ لاڙ جي هيٺاهين واري علائقي، ”مير پور بٺوري“ تي تحقيقي مضمون لکيو، جيڪو سن 1962ع ۾، مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيو، پاڻ هن تاريخي مضمون جي پس منظر جي شروعات هن طرح سهڻن لفظن ۾ ڪئي اٿن:
”هن مضمون ذريعي قارئين ڪرام کي سنڌ جي ان حصي سان روشناس ڪري رهيو آهيان، جو طبعي ۽ قدرتي طور لڙيل ۽ جهميل آهي ۽ فطري تواضع ۽ نهٺائي ڪري قديم زماني کان وٺي، سنڌ واسين کي مٺا ميوا کارائيندو آيو آهي، شيخ سعدي جو قول برقرار آهي ته، ”نهد شاخ پُر ميوه سر بر زمين“ اوهين سمجهي ويا هوندا ته آءٌ سنڌڙيءَ جي ڪهڙي حصي جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، هي آهي جنهن بابت مون هڪ هنڌ لکيو هو ته، “لاڙ” سنڌ جي چڙي جي هڪ روح رچندي لار آهي“ . (چنا، 1962ع، ص، 161)
سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو جو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، سو لاڙ سڏجي ٿو، لاڙ جا ٻه ڀاڱا آهن، هڪڙو حيدرآباد ضلعي وارو لاڙ، ٻيو ڪراچي ضلعي وارو لاڙ آهي. چنا صاحب، هن مضمون ۾ ڊاڪٽر سينتي ڪمار چئٽر جي (بنگالي ٻوليءَ جو مؤرخ) ڪاڪو ڀيرومل، سيد سليمان ندوي، مسٽر ايليٽ، يوناني مؤرخ پٽوليمي ۽ پيريپلس، گجرات جي حصي کي “لارس” لکيو آهي، مسٽر پوسٽنس وغيره سميت ڪيترن مؤرخن جا خيالات ۽ احوال ڏنا آهن. مثلًا، لاڙ بابت چنا صاحب هڪ انگريز مؤرخ مسٽر ايليٽ جو حوالو ڏيئي لکيو آهي ته:
”لاڙ نالو آهي، سنڌ جي ڏاکڻي حصي جو، مگر هن نالي، لاڙ کي ڪڏهن وسعت هئي ۽ ڏاکڻي ڪنارن تائين سڏبو هو.“ (چنا، 1962ع، ص، 162)
اهڙي طرح پاڻ ميرپور بٺوري جي موجوده بيهڪ تي پڻ مفصل معلومات ڏني آهي، ميرپور بٺورو جو شهر موجوده وقت ۾ ٺٽي ضلعي جي شاهبندر ڊويزن جو هڪ تعلقو آهي، ”مقالات الشعراءُ“ ۾ سيد حسام الدين راشدي بتوره، جي ضمن ۾ مرزا قليچ بيگ جي تاريخ قديم سنڌ جو احوال ڏيندي هن طرح لکيو آهي ته: “بٺورو هڪ پرڳڻو هو، جو هاڻي ٺٽي ضلعي ۾ موجود آهي، ۽ ميرپور بٺوري جي نالي سان مشهور آهي، ميرپور دراصل هڪ ڳوٺ هو جو مير ابو البقا مير خان پنهنجي نالي تي آباد ڪيو هو ۽ ان بعد ميرپور بٺوري جي نالي ۾ مشهور ٿي ويو ۽ اڃا تائين هيءَ آبادي ان نالي سان موجود آهي.“ (چنا، 1962ع، ص، 164)
مٿئين احوال مان معلوم ٿيو ته، ميرپور ۽ بٺورو ٻه جدا جدا نالا آهن، جن کي گڏي هڪ بنايو ويو، تاريخي ۽ ادبي پراڻن ڪتابن ۾ ”بٺورو“ کي هڪ جدا پرڳڻو ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته ميرپور هڪ ڳوٺ هو، جيڪو نواب امير خان، مير ابوالبقا ولد نواب قاسم خان نمڪين هروي بن ملا مير سبز واري جوڙيو هو.
چنا صاحب هن مضمون ۾، سنڌ تي ٿيندڙ ڪاهن جي احوال ۾ ميرپور بٺورو ۽ سنڌ جي هيٺين علائقي لاڙ، عمرڪوٽ سميت ڪيترن ئي احوالن جو ذڪر ڏنو آهي، انهن احوالن مان بٺوري پرڳڻي جي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جي پوري پروڙ پوي ٿي، انهن واقعن مان معلوم ٿو ٿئي ته، بٺوري جو پرڳڻو ڪيترو نه آسودو ۽ مرفہ هو، ان ۾ اَنُ پاڻي جام هو. چاچڪان، بٺوري، بهرام پور، درڪ ۽ پليجار جا لاڙ وارا پرڳڻا سري وارين سڃين سرڪارن کان سرس ساوا هئا. بٺوري پرڳڻي کانپوءِ ميرپور جو احوال ڄاڻايو آهي، جيڪو امير پور (امير خان) جو آباد ٿيل آهي ۽ هن جي نالي تي مشهور آهي. چنا صاحب ميرپور جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”هي ڳوٺ بٺوري بهرام پور، درڪ ۽ پليجار پرڳڻن جو مرڪز هو ۽ بٺوري کانپوءِ ٻيا پرڳڻا جاگرافيءَ جي تختي تان اڏامي ويا، تيئن ان ”ميرپور“ کي بٺورو سان متصل ڪيو ويو ۽ هي ڳوٺ ”ميرپور بٺورو“ جي مڻيا واري نالي سان مشهور ٿيو.“ (چنا، 1962ع، ص، 166)
اهڙيءَ طرح انگريز سياح ۽ مؤرخ محض ميرپور جي نالي سان سڏيندا هئا، ۽ سندن پٺيان نالا ڪونه ڳنڍيندا هئا. مثلًا، ميرپور ساڪرو، ميرپور خاص، ميرپور ماٿيلو، ميرپور بٺورو. انهن شهرن جي سڃاڻپ جاگرافيءَ جي مطالعي جي بناءِ تي با آساني ٿي ويندي هئي.
ميرپور بٺوري جي قدامت مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، سومرن بادشاهن جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سندن ٻيا شهر ميرپور بٺوري جي آسپاس هئا. سومرن جي گاديءَ جو هنڌ “محمد طور” ميرپور بٺوري جي گرد و نواح ۾ ڄاڻايو آهي. سومرن جي هن گاديءَ جي هنڌ متعلق مرزا قليچ بيگ قديم سنڌ ۾ هن طرح ڄاڻايو آهي.
”سومرن جي ڏينهن ۾، اهو شهر مکيه شهر هو ۽ سندس پاسي ۾ ٻيو ٿرڙيءَ جو شهر هو، محمد طور سومرو سن 654هه، 1256ع ۾ سنڌ جي گاديءَ تي هو ۽ پندرهن ورهيه راڄ ڪيائين، انهي اهو شهر ٻڌو ۽ سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو.“ (قليچ، 2005ع، ص، 378، 379)
ان شهر کانسواءِ، سومرن جا ٻيا برسيل، شهر ٺري شاهه ڪپور ۽ رڙهي آهن، ٺري ۽ رڙهي واپار جو مرڪز هئا، هن مضمون ۾ ميرپور بٺوري جي علمي فضل ۽ ڪمال متعلق ۽ تاريخي قدامت سان گڏوگڏ تاريخ جي ڪتابن ۾ سندس علم ۽ فضيلت جا به اهڃاڻ ملن ٿا.
چنا صاحب هن علائقي جي بزرگن، علمي شخصيتن جو به ذڪر ڪيو آهي، پاڻ ان حوالي سان لکيو اٿن: ” بٺوري ۾ نصريه، اپلان، هٽڙي، دٻي، راهوٺ، دائري، ڳاهون ۽ منڇر ڳوٺن جي ڌڻي ڌوئلن جو ذڪر ڪريون ٿا. سبحان الله، بلڙي شريف جي ويجهو وڃجي ٿو ته، بٺوري جي بزرگن جي روحانيت جي سڳنڌ سان واٽهڙن جا دماغ معطر ٿي ٿا وڃن، بلڙي شريف ۾ سائين شاهه ڪريم جو ڪرم نواز ڪڙم ۽ قبيلو پسجي ٿو، جهوڪ ۾ وري شاهه شهيد جي لهوءَ جي لالاڻ جي لنؤنءَ جي لار قلب جي تهن تائين وڃي پهچي ٿي. ازانسواءِ شاهه شهيد جي والد بزرگوار مخدوم فضل الله جد امجد ملا يوسف، خواهه سندن وڏا ڏاڏا، ملا شهاب الدين، ملا آجب، خواهه مخدوم صدو لانگاهه به هن تر جا روشن ستارا آهن، جيڪڏهن بٺوري جي بزرگن کي ٻين پرڳڻن ۾ ڦولبو ته به انهن جي شخصيتن جا مشعلا اسانکي منور نظر ايندا، جيئن مرحوم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، جو عام طرح ”ٺٽوي“ استعمال ٿيندو آهي، سو به پهريائين هن پرڳڻي جو مايه ناز فرزند هو.“ (چنا، 1962ع ، ص، 168)
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته، ميرپور بٺوري جو پرڳڻو نه صرف سکيو ستابو علائقو هو، پر ڪيترن بزرگ شخصتن جو جنم ڀومي ۽ آخري آرام گاهه به رهيو آهي. آخر ۾ پاڻ هن علائقي جي موجوده حالت جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”هاڻي ٺٽي ضلعي جي شاهبندر ڊويزن جي تعلقن ۾ ميرپور بٺورو مڻيا ۽ مهڪ وارو تعلقو آهي، اهي علم ۽ فضل جون برڪتون ڪٿي، اهي ڀاڳ ڀريا ڏينهن هاڻي عدم موجود آهن، ته به ميرپور بٺوري ۾ واپار جون ويرون وهيون پيون آهن، ماڻهو آسودا ۽ خوشحال آهن، خواجن جي آبادي گهڻي آهي، ان ۾ اسماعيلي خواجا سرس آهن، اثنا عشري خواجن جو به انداز آهي، مگر قليل، موجوده دؤر ۾ هي خطو تهذيبي، علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ چڱو نالو ڪڍي چڪو آهي، چڱا چڱا شاعر، اديب، عالم پيدا ٿي چڪا آهن، جن جي علمي ۽ ادبي خدمتن سان اسانجو سنڌي ادب وڌي ويجهي رهيو آهي، مذهبي خدمت جي لحاظ سان، هر طبقي جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي مشرب سان وابسته آهن، ممڪن آهي ته، هي خطو اڳتي هلي پنهنجي شاندار ماضي کي دهرائي.“ (چنا، 1962ع، ص، 170)
سنڌ جي تاريخي ۽ اهم ماڳ ميرپور بٺوري تي هڪ بهترين مضمون لکي، پروفيسر چنا صاحب اسانجي راءِ موجب نئين نسل لاءِ هڪ يادگار ڪم ڪيو آهي، جڏهن به اڳتي هلي ڪو نئون تحقيق ڪندڙ سنڌ جي هيٺاهين علائقي لاڙ يا ميرپور بٺورو، ضلعي ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جي سامونڊي علائقن تي تحقيق ڪندو ته، هي مضمون ان جي بهترين رهنمائي ڪندو، هن مضمون ۾ جيڪي به تاريخي ڪتابن جا حوالا ملن ٿا، انهن ڪتابن جي ذريعي به نئين تحقيق ڪندڙن کي مفيد معلومات ملي سگهندي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو چنا صاحب جي تحقيق جي حوالي سان لکي ٿو ته: “سندس مقالو ميرپور بٺورو هڪ نهايت ئي محققانه ڪاوش آهي، شهر ۽ علائقي جي باري ۾ قديم وقت کان وٺي هر پهلوءَ جو مڪمل جائزو ورتو اٿس.“ (جوڻيجو، 2007ع، ص ، 127)
مطلب ته چنا صاحب جو هي تحقيقانه مضمون ميرپور بٺورو جي پس منظر، قدامت، علمي فضل ۽ ڪمال ۽ موجوده حالت جي عنوانن تي محققانه بحث ڪيل آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”ميرپور بٺورو“ ، ٽماهي مهراڻ، جلد 11، نمبر 1، جنوري، فيبروري، مارچ، سال، 1962ع، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ص، 161.
(2) حوالو ساڳيو، ص، 162
(3) حوالو ساڳيو، ص، 164
(4) حوالو ساڳيو، ص، 166
(5) بيگ، مرزا قليچ، شمس العلماءُ: ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو،“ ڇاپو ڇهون، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال 2005ع، ص، 378، 379.
(6) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”ميرپور بٺورو“ ، جلد-11، نمبر، 1، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ٽماهي مهراڻ، جنوري، فيبروري، مارچ، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال، 1962ع ص، 168.
(7) حوالو ساڳيو، ص، 170.
(8) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو، پروفيسر محبوب علي چنا: شخصيت ۽ علمي ادبي خدمتون”، “علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب” مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڄام شورو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سال، 2007ع، ص، 127.
*