خدا آباد ثالث (مقالو)
پروفيسر محبوب علي چنا ڪافي عرصو ملازمت جي حوالي سان هالن جي آسپاس تاريخي ماڳ ۽ مڪان، گهمندو رهيو ۽ انهن تي تحقيق پڻ ڪندو رهيو، انهيءَ دوران چنا صاحب هالن جي قريب، هالن واري ”خداآباد ثالث“ تي هڪ جامع مقالو لکيو، جيڪو مهراڻ رسالي ۾ سال 1955ع ۾ شايع ٿيو.
هن مقالي ۾ چنا صاحب، مفصل طريقي سان سنڌ ۾ خدا آباد جي نالي سان سڏجندڙ ٽن شهرن جو احوال ڏنو آهي، جنهن ۾ پهرين خدا آباد اول شڪارپور واري، ٻي خدا آباد ثاني دادو ضلعي واري، ٽين خدا آباد ثالث هالن واري، هن مقالي ۾ چنا صاحب خدا آباد ثالث کي پنهنجو تاريخي، تحقيقي عنوان بنائي ان جي آباد ٿيڻ ۽ وڌڻ ۽ بربادي جي حوالي سان بحث هيٺ آندو آهي. هي خدا آباد پوين ڪلهوڙن ۽ پهرين ميرن جي گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
”چنا صاحب جو تحقيق ۾ معيار بلند هو، جنهن ڪري هن خاص طور پنهنجن تاريخي مقالن ۾ انهي ڳالهه جو خيال رکيو ته هو جيڪي چوي ٿو ان لاءِ مضبوط دليل ۽ ثابتيون کپن، سندس ڪوبه تاريخي علمي مقالو کڻجي ٿو ته هن ڳالهه جي پوري ثابتي ملندي، جيئن سندس مقالو خدا آباد ثالث هن ڳالهه جي شاهدي ڀري ٿو، پاڻ سنڌ جي تاريخ جي هن پهلوءَ ۽ خدا آباد جي باري ۾ سڀ تاريخي شواهد گڏ ڪيائين ۽ انهن جي روشنيءَ ۾ پنهنجو مؤقف بيان ڪيائين.“ (جوڻيجو، 2007ع، ص، 127).
جيئن ته مٿي بيان ٿي آيو آهي ته، سنڌ جي قديم پرڳڻي ۾، ”خدا آباد“ جو نالو ٽن هنڌن تي نظر چڙهندو، اهڙي طرح سان خدا آباد اول 1113هه بمطابق 1701ع ۾ ميان يار محمد خان ڪلهوڙو، راجا فقير ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کان پڪو وعدو وٺي قلات کي خيرباد چئي اچي شڪارپور ۾ منزل انداز ٿيو، اتي هن پنهورن سان جنگ ڪري شڪارپور ورتي ۽ ان تي ”خدا آباد“ جو نالو رکيو، هن خدا آباد جي متعلق چنا صاحب لکيو آهي ته: ”هيءَ خدا آباد نمبر پهرين آهي جنهن جي گهڻي خبر اسان سنڌ واسين کي نه آهي ۽ ان جو نالو به اڪثر اسان جي ڪنين نه چڙهيو آهي.” (چنا، 1955ع، ص، 196).
پر سنڌ جي هڪ ٻئي محقق، پروفيسر عبدالله مگسي جي راءِ مطابق ته: ” پروفيسر محبوب علي چنا جي انهي مقالي سخت مونجهارو پيدا ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته خدا آباد اول جو جدا هجڻ جي فاضل مصنف کي به پڪ نه آهي ۽ نه وري هي صاحب ان لاءِ ڪو ٻيو دليل پيش ڪري سگهيو آهي، ان ڪري منهنجي راءِ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جو ٻڌايل شهر موجوده خدا آباد آهي.“ (مگسي، 1994ع، ص، 254).
پروفيسر مگسي صاحب جي راءِ بلڪل صحيح آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ جي ورقن ۾ صرف ٻن خدا آباد ثاني ۽ خدا آباد ثالث جو ذڪر ملي ٿو، باقي موجوده خدا آباد جو پهريون نالو شڪارپور پنهواري هو، يعني پنهورن جي شڪارپور. اهڙيءَ طرح “خدا آباد ثاني” جو به ذڪر ملي ٿو ته، جڏهن ميان يار محمد ڏٺو ته خدا آباد پهرين خوف ۽ خطري جو مرڪز آهي تڏهن هن صاحب خدا آباد نمبر ٻي اچي ٻڌي جا موجوده دادو ضلعي ۾ آهي ۽ اٽڪل ڇهن ستن ميلن جي مفاصلي تي ڏاکڻي پاسي آهي.
پروفيسر چنا صاحب هن خدا آباد ثاني متعلق لکيو آهي ته: ” ميان يار محمد 1718ع، 1131هه ۾ فوت ٿيو ۽ سندس مقبرو به اتي ئي موجوده ڦڪن جي ڳوٺ جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي، هن جي پٽن مان ميان نور محمد هن شهر ۾ ڏاڍي دٻدٻي سان بادشاهي ڪئي ۽ هي شهر ان وقت عروج تي رسيل هو. جڏهن ميان نور محمد 1168هه بمطابق 1755ع تي فوت ٿيو، تڏهن هن جي اولاد مان ميان غلام شاهه وڏي شخصيت جو مالڪ هو، جو 1757ع ۾ تخت نشين ٿيو. هن جي تخت نشينيءَ جي ٿوري وقت کانپوءِ خدا آباد جي شهر کي پاڻي ورائي ويو، تنهن ڪري ميان اهو شهر ڇڏي پنهنجي پيءُ جي ٻڌل شهر “محمد آباد” جي ويجهو ٻيو شهر “الهه آباد” جي نالي سان ٻڌايو، خدا آباد جي شهر تي ڪي کوسا سردار ڪاهه ڪري آيا ۽ ڦرلٽ ڪري واپس ويا، جڏهن هن واقعي جي ميان غلام شاهه کي الهه آباد ۾ خبر پئي، تڏهن پاڻ خدا آباد ۾ اچي انهن کوسن سردارن کي مارائي ڇڏيائين ۽ شهر جي سنڀال لاءِ باقاعده انتظام رکيائين، پر هر ڪمال کي زوال جي مصداق، جڏهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، 1182هه 1768ع ۾ حيدرآباد جي شهر جي قلعي جو سنگ بنياد رکيو تڏهن هي شهر صفا ڦٽڻ لڳو، اڃا به خدا آباد اسٽيشن جي لڳ وارا ڦٽل نشان ۽ انهن جي وچ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ٺهرايل مسجد وغيره، ماضي جي ياد جو وسريل ورق ورائين ٿا.“ (چنا، 1955ع، ص، 197).
مٿئين حوالي مان خدا آباد ثاني جي مختصر تاريخ معلوم ٿئي ٿي ۽ انهي دؤر جي حڪمرانن ۽ عيسوي سنن جي پڻ خبر پوي ٿي، ۽ خدا آباد ثاني جي عروج ۽ زوال متعلق به ڄاڻ ملي ٿي. هيءَ ٻي خدا آباد آهي، جنهن جو بيان سنڌ جي تاريخ جي سڀني ڪتابن ۾ موجود آهي. اهڙيءَ طرح هاڻي ذڪر ڪريون ٿا ”خدا آباد ثالث“ جو، جنهن کي چنا صاحب به پنهنجو عنوان بنائي تاريخ جي روشني ۾ ظاهر ڪيو آهي، جڏهن خدا آباد ٻيءَ جو اوج مٽجڻ تي ئي هو تڏهن ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي سن 1168هه بمطابق 1772ع ۾، هالن جي ويجهو نئون خدا آباد جو شهر ٻڌايو. هن شهر جي واقعن، حادثن، متعلق چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته:
”هن شهر هڪ طرف ڪلهوڙن ۽ ميرن جون مايه ناز مهميزون ڏٺيون ته ٻئي طرف خوني حادثا به پسيا، جن جي لهوءَ جي لالاڻ اڃا تائين سنڌ جي تاريخ جي ورقن تان ميسارجي نه وئي آهي. ميان محمد سرفراز خان پنهنجي هڪ درٻاريءَ راڄو ليکي جي ڀڙڪائڻ تي مير بهرام خان جي خلاف بدگماني رکي، جا شديد دشمنيءَ جي صورت وٺي وئي، مير بهرام خان جي شهادت ۾ ظاهر ٿي. هن واقعي جو ذڪر “سنڌ جو شاهنامو يا ڪلهوڙن جي هار” جي مصنف مرحوم مير حسن علي خان ”حسن“ ڏاڍي دلپزير پيرائي ۾ ڏنو آهي.“ (چنا، 1955ع، ص، 199).
مذڪوره حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن شهر تي ڪلهوڙن ۽ ميرن جون لڙايون ٿيون ۽ خوني حادثا پيش آيا، جن جو طويل ذڪر تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿيل آهي. هن شهر جي بربادي ۽ تباهي جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”حيدرآباد کان ٽيهه ميل اتر ۽ سنڌوءَ کان ڏهه ميل اوڀر هڪ اجڙيل شهر آهي. گهڻو وقت اڳ هن شهر پکيڙ ۽ آدمشماريءَ ۾ حيدرآباد سان ڪلهو ٿي هنيو، هاڻي هڪ وسندڙ آباد گهر به ڪونهي، کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ پکڙيل آهن، هي شهر سنڌ جي ٽالپرن جو مرغوب مڪان هو ۽ هن ۾ ڪيترن ٽالپرن جا خاڪي جسد عاليشان قبن ۾ آرامي آهن.“ (چنا، 1955ع، ص، 203)
تاريخ جي ورقن مان هي به معلوم ٿئي ٿو ته، سن 1814ع تائين هي نئون شهر اهڙو وسندڙ هو جهڙو حيدرآباد جو شهر، انهي سال هو. مگر 1844ع ڌاري هن خدا آباد جو اهڙو حال ٿيو جو منجهس نالي کي هڪ گهر به نه بچيو. هن وقت خدا آباد جو هي شهر ماٺيڻن جو محلو (قبرستان) آهي. مير فتح علي خان جي قبر سميت ٻين ميرن جي مزارن جو به ذڪر ملي ٿو، گڏوگڏ مائي خيري جي به تربت آهي جيڪا مير فتح علي خان جي ماءُ هئي.
پروفيسر چنا صاحب هن حوالي سان لکيو آهي ته: ”مائي خيريءَ جي مسجد حيدرآباد ۾ ميان فقير جي پڙ ۾ آهي ۽ پاڻ هتي پنهنجي پٽ جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهي. خدا آباد واري ڪوٽ جي ٻاهران مسجد آهي، جنهن جي اتر طرف چوديواريءَ اندر پٿرايون چوکنڊيون آهن. جن تي اُڪر جو ڪم نهايت عمدو ٿيل آهي، هتي الهندي پاسي هڪ اُٺَ جيڏي قبر سرن جي ٺهيل آهي، هي سڄو مقام آهي ۽ ان جي اتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبدار جون قبرون جدا چوکنڊين ۾ آهن، ۽ مير بجر جي چوکنڊي انهن جي چوکنڊين جي نزديڪ آهي.“ (چنا، 1955ع، ص، 203)
سال 1955ع ۾، پاڻ هن ڦٽل شهر جي جيڪا حالت ڏٺائون، ان جو تفصيل ڏنو اٿن ۽ اتي مدفن نامور هستين جو مختصر ذڪر ڪيو اٿن، جا حالت پاڻ چشم ديد ڏٺي. مثال طور:- ”مير فتح علي واري مقبري جو ڪوٽ هاڻي نيست نابود ٿي ويو آهي، اڃا ڀت جو ٿورو ٽڪر هڪ ننڍي دروازي سميت پنهنجي قديم اوج جي احوال پيش ڪرڻ لاءِ سالم، بيٺل آهي، مقبري جي اڳيان اڀرندي طرف هڪ عاليشان ٿلهو آهي جنهن جي چوڌاري سائيءَ ڪاشيءَ جي سرن جو ڪٽهڙو هو سو ڪيترن هنڌن تي ڪري پيو آهي، پر ٿورو اڃا سلامت آهي، نابود ٿيل پٿرن جا ٽڪر هيٺ ڪريل نظر اچن ٿا.“ (چنا، 1955ع، ص، 204)
چنا صاحب خدا آباد جي ڦٽل قبرستان کي نه صرف ڏٺو، پر اتي جي قبرن، مقبرن کي چڱي ريت جاچي، انهن جي فارسي ڪتبن کي پڙهي، تمام اهم معلومات حاصل ڪئي آهي. پاڻ ”گُلا جي ڪوٽ“ متعلق هن ريت لکيو آهي:
”هن قديم مقام جي اتر اولهه ۾، سڏين جي پنڌ تي ” گُلان جي ڪوٽ“ جا نشان بيٺا آهن جنهن ۾ سنڌ جي روحل راڻي ڏاڍي نازو انداز سان پنهنجا شاهاڻا ڏينهن بسر ڪندي هئي.“ (چنا، 1955ع، ص، 208)
مقالي جي آخر ۾ پاڻ، مقالي جي پڄاڻي هنن سهڻن لفظن ۾ ڪئي اٿن: ”تحقيق، قرآن شريف جو اهو ارشاد اهل دل لاءِ ڪافي ۽ وافي آهي: ”فاعتبر وايا اولي الابصار“شاهه صاحب به انسان ۽ انسان جي متعلق لياڪن جي بي ثباتيءَ جو ذڪر هيٺين بيت ۾ موزون طرح استعمال ڪيو آهي، جو اسان جي خدا آباد جي ڪونڌرن سان ٺهڪي اچي ٿو:
”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا!“
(چنا، 1955ع، ص، 208)
هي مقالو سنڌ جي هڪ قديم شهر خدا آباد ثالث، جيڪو اڪثر ڪري نئين نسل کان اوجهل رهيو آهي، جيڪو شاندار ماضي رکندڙ هو، ان جو احوال ڏيئي، چنا صاحب هميشه لاءِ هن شهر کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن تاريخ جو مطالعو ڪندڙ هن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.
حوالا
(1) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو، ”پروفيسر محبوب علي چنا: شخصيت ۽ ادبي خدمتون“، ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب“، مرتب، ڊاڪٽر، قاضي خادم، ڄام شورو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سنڌ يونيورسٽي، سال، 2007ع، ص، 127.
(2) مگسي، عبدالله، پروفيسر: ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“، ڪراچي، سنڌيڪا، اڪيڊمي، سال، 1994ع، ص، 254.
(3) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”خدا آباد ثالث“، سه ماهي مهراڻ، جلد، 4 نمبر، 4، ايڊيٽر، محمد ابراهيم جويو، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال، 1955ع، ص، 197.
(4) حوالو ساڳيو- ص، 199.
(5) حوالو ساڳيو- ص، 203.
(6) حوالو ساڳيو- ص، 203.
(7) حوالو ساڳيو- ص، 204.
(8) حوالو ساڳيو- ص، 208.
(9) حوالو ساڳيو- ص، 208.
*