پروفيسر محبوب علي چنا جا نثر ۾لکيل ۽ شايع ٿيل ڪتاب
پروفيسر محبوب علي چنا هڪ برک عالم، اديب، مصنف، مؤرخ، مقرر، استاد، سٺو منتظم ۽ محبوب صفت بزرگ هو. هن پنهنجي سڄي عمر پڙهڻ، پڙهائڻ، سکڻ ۽ سيکارڻ، عملي تجسس ۽ تاريخي تحقيقات ڪرڻ ۾ صرف ڪئي، پاڻ ڪيترائي ڪتاب تاليف ڪيائون، جيتوڻيڪ سندس تصنيفون ٿوريون آهن، مگر مواد ۽ معيار جي لحاظ کان اهي املهه آهن، چنا صاحب جي لکڻين جي ڪنهن به پهلوءَ تي نظر ڪجي ٿي ته، پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ ۾ هو نرالو ۽ بلند پايه شخصيت جو مالڪ نظر اچي ٿو، پروفيسر چنا صاحب جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، تن جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته، سندن مطالعو ۽ نظر ڪيتري نه وسيع هئي، مطلب ته علم ۽ ادب جي سڀني صنفن تي حاوي هئا. سندس خاص تصنيفات ڪيل ڪتابن ۽ مقالن جا عنوان، علم و ادب، تحقيق، تنقيد، تاريخ، آثارِ قديمه، شاعري، لطيفيات ۽ شخصيات اچي وڃن ٿا. درس و تدريس سان گڏ سنڌي زبان، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ جي جيڪا خدمت ڪئي اٿن، اها وسارڻ جوڳي نه آهي، چنا صاحب پنهنجي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن جي ڪري، هڪ اعليٰ شخصيت جا مالڪ هئا، پاڻ ننڍپڻ کان وٺي علم ادب سان چاهه رکندڙ هئا، اهڙي طرح سان پنهنجي وسيع مطالعي سان جيڪو به تحقيقي ڪم ڪيائون، ان ۾ سنڌ جي پيار ۽ محبت جو عنصر نظر اچي ٿو.
عبدالله چنا پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته: ”محبوب علي چنا کي نظم ۽ نثر ۾ لکڻ جو ننڍپڻ کان شوق هو، پر لکڻ جي باقاعده شروعات نوڪري ملڻ کانپوءِ ڪيائين، کيس سنڌي ٻولي ۽ انجي ادب سان ڏاڍي محبت هئي، پاڻ نظم لکندا هئا، ۽ نثر به، پر گهڻو نثر ۾ لکيو اٿن.“ (چنا، 1982ع، ص، 68)
سندس لکڻ جو نمونو هميشه سليس ۽ با محاوره هوندو هو، ڪتابن ۾ اصطلاحي زبان استعمال ڪئي اٿن، صفائي ۽ سادگي سندن خاص طرز هوندي هئي ۽ مختصر لفظن ۾ طويل مفهوم کي بيان ڪري وڃڻ، سندس ممتاز خصوصيت هوندي هئي.
سيد اظهر گيلاني پنهنجي هڪ تاثراتي مضمون ۾ چنا صاحب لاءِ لکيو آهي ته:
”هو هڪ فطري اديب، سخن سنج، سخن فهم، سخن دان، سخن شناس، سخن جي لڄ رکندڙ، باوقار انسان هو، شروع شروع ۾ ان جا هلڪا هلڪا ۽ دل کي ڇڪيندڙ مضمون، سنڌ جي رسالن، اخبارن ۾ آب و تاب سان شايع ٿيندا رهندا هئا، جن کي ماڻهو وڏي شوق ۽ حُب سان پڙهندا ۽ داد ڏيندا رهندا هئا، هن جي تحرير ۾ بي تڪلفي ۽ حقيقت بياني هوندي هئي.“ (گيلاني، 1982ع، ص، 32)
اهڙي طرح سندس علمي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو هو، هو سنڌ جي صوفيانه فڪر ۽ تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو، نه فقط ايترو پر تصوف جي عملي تصوير هو، اهوئي سبب هو جو خلوص ۽ محبت، نهٺائي نماڻائي، سچائي ۽ نيڪ نيتي، خوش خلقي ۽ انسان دوستي، سندس مزاج ۽ فطرت جون خوبيون ۽ خصوصيتون هيون.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سندس شخصيت ۽ تحقيق جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”سنڌ جي علمي آسمان تي جيڪي روشن ستارا چمڪيا ۽ پنهنجي آب و تاب سان وطن کي روشن ڪري ڇڏيائون، تن ۾ محبوب علي چنا هڪ درخشان ستارو آهي، سندس تحقيق جو دائرو سنڌ جي تاريخ جي هر پهلوءَ کي گهيري بيٺو آهي، چنا صاحب جي باغ و بهار شخصيت تي لکڻ جي قلم کي طاقت نه آهي، ملڻ سان شخصيت جي پروڙ پوي ٿي، هڪ لفظ ۾ لکجي ته، اهو لفظ آهي دوست، هڪ جذبي ۾ پرکجي ته آهي محبت.“ (جوڻيجو، 2007ع، ص، 122)
مٿين راين کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب نه صرف سٺو اديب، عالم، محقق، تعليمدان ۽ تصوف جو ڄاڻو، تاريخ کان واقف، هڪ سٺو منتظم ۽ استاد هو، پر هو هڪ سٺو دوست، محبت ڪندڙ شخصيت جو مالڪ به هو.
*
حوالا:
(1) چنا، عبدالله: مضمون، ”محبوب جي ياد ۾“مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال، 1982ع، ص، 68.
(2) گيلاني، اظهر، سيد: مضمون، ”محبوب جي ياد ۾“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، 1982ع، ص، 32
(3) جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو، ”پروفيسر محبوب علي چنا: شخصيت ۽ ادبي خدمتون“، ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب“، مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڄام شورو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سال، 2007ع، ص، 122.
ڪتاب
سندس نثر ۾ لکيل ڪتابن جو تفصيل ۽ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو.
(i) مخدوم نوح سروررح جا سهيوڳي
پاڻ پنهنجي نوڪريءَ دوران، جنهن به علائقي ۾ رهيا ته اتي جي بزرگن ۽ شاعرن جون سوانح حيات ۽ ڪلام ترتيب ڏنائون. اهڙي سلسلي جي هڪ ڪڙي مخدوم نوح سروررح آهن، جن جي سهيوڳين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري پڙهندڙن لاءِ تمام گهڻي آساني ڪري ڇڏيائون.
ڪتاب، ”مخدوم نوح سروررح جا سهيوڳي“، پروفيسر محبوب علي چنا جي هٿن جو پورهيو آهي، چنا صاحب کي هن مواد گڏ ڪرڻ ۾ ڪافي وقت لڳو، تڏهن وڃي هي مقالو تيار ٿيو، جيڪو پهريان 1964ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيو، جنهن چنا صاحب کي پڙهندڙن وٽان بي انداز داد حاصل ٿيو، سندس محنت ۽ جاکوڙ کي مڃتا ڏيڻ لاءِ، سنڌي ادبي بورڊ هن مقالي کي ڪتابي صورت ۾ آندو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1991ع ۾ ڇپيو، جيڪو يڪدم ختم ٿي ويو، هن ڪتاب جي اڻ لڀ هئڻ ڪري ان جي ضرورت کي محسوس ڪندي، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري انعام الله شيخ، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جون 2005ع ۾ ڇپرايو، ڪتاب جي ٽائيٽل واري صفحي تي مخدوم نوح سروررح جو روضو مبارڪ ڏنل آهي، پوئين پاسي مخدوم طالب الموليٰ جن جي هٿن مبارڪن سان لکيل ”مصريءَ جون تڙون“ جي قلمي مسودي جو پهريون ورق ڏنل آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا، بعنوان “رتيءَ رهاڻ” جي حوالي سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، پاڻ هن ”رتيءَ جي رهاڻ“ ۾ لکن ٿا ته:
”مون کي فيبروري 1962ع ۾، طالب الموليٰ سائين جو رقعهء عالي مليو، ته مان سندس حيدرآباد واري رهائش گاهه تي اچي ملان، اتي واهه جي ياري گڏ ٿي، ٻيا صاحب هي هئا، محترم گرامي صاحب، محترم عبدالواحد سنڌي، ايڊيٽر ”نئين زندگي“، محترم رشيد احمد لاشاري، اسسٽنٽ ”نئين زندگي“ وغيره. اتي ”نئين زندگي“ جي ”مخدوم نوح نمبر“ لاءِ بحث هليو. بندي جي حوالي ٻه عنوان ڪيا ويا، هڪ ”هالا، تاريخ جي روشنيءَ ۾“ ۽ ٻيو ”مخدوم نوح جا معاصر“ . بندي ٻنهي عنوانن تي تفصيلي ڪم شروع ڪيو، الله جي فضل سان اڍائي سالن جي مسلسل مطالعي ۽ تحقيق کانپوءِ هي مقالو بعنوان، ”سرور سائينءَ جا معاصر ۽ سهيوڳي“ سنڌ جي دانشورن، اديبن، محققن جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.“ (چنا، 2005، ص-چ،م)
ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته، چنا صاحب وڏو ڄاڻو ۽ تحقيق جي حوالي سان وڏو ماهر هو، جو سندس اڳيان ٻه تحقيقي عنوان رکيا ويا، جن مان پاڻ “مخدوم نوح جا معاصر” جي عنوان تي تحقيق ڪري، هي ناياب ڪتاب منظرعام تي آندو.
چنا صاحب هن ڪتاب ۾ مخدوم نوح سروررح جي ڪجهه اوائلي معاصرن جو ذڪر ڪيو آهي، جن سندن اوائلي زندگي ۾ جهان ڇڏيو، انهن جو تعداد (31) آهي. ان کانپوءِ جيڪي مخدوم صاحب جا معاصر هئا، انهن جو ذڪر خير ڪيو ويو آهي، چنا صاحب لکي ٿو ته:”نيڪ روشن هجي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ ڇهن مکيه سرڪارن ۾ ورهايل هئي ۽ هرهڪ سرڪار وري ڌار ڌار محلن ۾ تقسيم ٿيل هئي، ان دؤر ۾ سنڌ جو هيٺين طرح ورهاڱو ٿيل هو:
(1) سرڪار بکر: جنهن ۾ 12 محلا هئا.
(2) سرڪار سيوستان: جنهن ۾ 9 محلا هئا.
(3) سرڪار چاچڪان: جنهن ۾ 11 محلا هئا.
(4) سرڪار نصرپور: جنهن ۾ 7 محلا هئا.
(5) سرڪار چڪر هالا: جنهن ۾ 8 محلا هئا.
(6) سرڪار ٺٽه: جنهن ۾ 18 محلا هئا.“ (چنا، 2005ع، ص-17)
مٿين سرڪارن جي زماني ۾ سندن، عالمن، مشائخن، فاضلن ۽ شاعرن جي بيان ۾، جن بزرگن جو احوال آندو ويو آهي، اهي سڀ مخدوم نوح جا معاصر آهن.
جيئن بکر سرڪار جا معاصر ٽوٽل 27 آهن.
سيوستان سرڪار جا 17 معاصر.
نصرپور سرڪار جا 19 معاصر.
چاچڪا سرڪار جا 8 معاصر.
چڪر هالا سرڪار جا 3 معاصر.
اهڙي طرح سان ٺٽي سرڪار جا (119) مشائخ بزرگ، عالم، جنهن ۾ (60) شعراءِ ڪرام به آيل آهن. جيڪي پڻ مخدوم نوح سروررح جا معاصر هئا. جن جو تعلق ”مڪلي“ سان هو. تن کي به چنا صاحب هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي، انهن مان ڪي مخدوم نوح جا مريد ۽ معتقد به هئا. جن جو تعداد (40) کن آهي، ڪجهه پرديسي معاصرن جو به ذڪر آيل آهي، جيڪي وطن ڇڏي پرديس هليا ويا، تن جو تعداد (23) آهي.
پروفيسر چنا صاحب، مخدوم نوحرح جي مريدن ۽ معتقدن جي حوالي سان لکي ٿو ته:-”مخدوم صاحب جي معتقدن ۽ مريدن جو ڪاٿو ئي ڪونه هو، مگر جيڪي به ملڪوتي موتي مون کي قرطاسي قلزم ۾ غوطه زني ڪندي مليا آهن، اهي قارئين ڪرام جي خدمت ۾ عرض رکان ٿو.“ (چنا، 2005ع ، ص 100-99)
اهڙي طرح سان ڪتاب جي مطالعي مان اِها به خبر پوي ٿي ته: مخدوم نوح سروررح جن سنت نبوي جي باقاعده پيروي ڪندا هئا. پاڻ ڪريم صلعم جن جي چئن يارن وانگر مخدوم نوح سروررح جا به چار اصحاب هئا. جيئن سيد ابوبڪر شاهه لڪياري، درويش عمر بودلو، حضرت عثمان چاڪي ۽ سيد علي ثاني ٺٽوي، مخدوم نوحرح جي معتقدن جو تعداد اٽڪل (8) آهي. ان کانپوءِ ڪن ڪريمي فقرائن جو ذڪر ڪيل آهي ۽ ڪجهه سروري جماعت جو ذڪر، جن جو هن ڪتاب ۾ تعداد (23) آهي، ڪيترائي سروري جماعت جا مريد ٿي پاڻ کي ”سروري“ جي لقب سان سڏائن ٿا جيڪو سلسلو اڄ تائين به جاري آهي.
هن ڪتاب جي آخر ۾ چار ضميما ڏنل آهن، جيڪي هن طرح آهن:
پهرين ضميمي ۾، مقالي جون تاريخي خصوصيتون ڏنل آهن.
ٻئي ضميمي ۾، ڪتابن جي لسٽ جيڪي هن مضمون جي لاءِ حوالي طور ڪم آيا آهن.
ٽئين ضميمي ۾، حضرت مخدوم نوح سروررح ۽ شاهه ڪريم جا تعلقات جي عنوان سان غلام محمد گرامي جو مضمون ڏنل آهي.
چوٿين ضميمي ۾، حضرت حاجي ديوان نعمت الله سهرورديرح” جي عنوان سان عبدالله ورياهه جو مضمون ڏنل آهي.
هن ناياب ڪتاب جي مطالعي مان ڄاڻ ملي ٿي ته، پروفيسر محبوب علي چنا مسلسل ٻن سالن جي جدوجهد کان هن ڪتاب جا مڻيادار موتي پوئي هڪ لڙهه ۾ شامل ڪيا. انهن مڻيادار موتين جي مختصر سوانح حيات ڏني وئي آهي. ان سان گڏوگڏ (40) شعراءُ ڪرام جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ انهن جو مختصر ڪلام به ڏنو ويو آهي.
پروفيسر چنا صاحب جو اهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، جو مخدوم نوح سرور رحه جي سمورن سهيوڳين کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، عام پڙهندڙن کي انهن جي باري ۾ ڪافي معلومات ميسر ڪري ڏني آهي.
هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، مخدوم نوح سرور رحه جي د ؤر ۾ سنڌ اندر سندس سميت ڪيترائي نامور بزرگ، عالم، شاعر، مڻيادار هستيون هيون جن سموري سنڌ ۾ هتان جي ماڻهن جي هر طرح سان پئي رهنمائي ۽ رهبري ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ آيل سمورو مواد انهي ڪري به اهميت رکي ٿو جو اسان کي سنڌ جي انهن مڻيادار موتين جي حالات ۽ سوانح حيات ۽ ڪارنامن جي به خبر پوي ٿي ۽ اها پڻ خبر پوي ٿي ته، ان وقت جي مقامي عام طور خاص ماڻهن جي طرزِ زندگي ڪهڙي هئي، ان وقت جا حڪمران پنهنجي رعيت سان ڪهڙو سلوڪ ڪندا هئا. چنا صاحب جي هن محنت ۾ سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي واقعا پڻ نمودار ٿين ٿا.
*
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: رتيءَ جي رهاڻ، ”مخدوم نوح سرور رحه جا سهيوڳي“، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال - 2005ع ، ص- ح چ.
(2) حوالو ساڳيو، ص - 17.
(3) حوالو ساڳيو، ص - 100-99.
*
(ii) سرمست درازي
پروفيسر محبوب علي چنا جو لکيل هي ڪتاب، بعنوان ”سرمست درازي“ حضرت سچل سرمست جي سوانح حيات متعلق لکيل آهي. جيڪو سچل ڪوآپريٽو اڪيڊمي لميٽڊ حيدرآباد سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان 1964ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب ۾، سچل سرمست جي سوانح حيات ۽ خاندان کان علاوه ڪلام متعلق به تذڪرو ملي ٿو. سڀ کان پهريان سچل سرمست جي جنم ڀومي بابت تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. سچل سائين جي سڀني سرمست سڄڻن کي علم آهي ته سندن جنم ۽ ولايتي ولادت ڳوٺ درازا شريف ضلعي خيرپور ۾ ٿي، هن ڳوٺ جي آباد خواه قدامت لاءِ ڪوبه تاريخي دليل ڪونه آهي ته هي ننڍڙو ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو.
چنا صاحب هن حوالي سان لکيو آهي ته:”ڪلهوڙن جي دؤرِ حڪومت ۾ هن خاندان جي وڏي عزت ٿي، کين گمبٽ ۽ راڻيپور جي وچ ۾ جاگيرون مليون، جي اڄ به انهن جي پوين جي هٿ ۾ آهن، فاروقي فقيرن اهي جاگيرون پنهنجي ٻن خاص مريدن هرهڪ دراز ونڊير ۽ ڪاجن ونڊير کي آباد ڪرڻ لاءِ ڏنيون، جن اتي پنهنجا ڳوٺ ٻڌايا. ڪاجن ونڊير جو ڳوٺ، جو درازا جي اتر اولهه هو، ڦٽي ويو پر ”دراز“ ونڊير جو ڳوٺ، جو پوءِ ”درازا شريف“ جي نالي مشهور ٿيو، جو اڄ به موجود آهي ۽ درازا جي “دلبرانه” نالي سان سڏجي ٿو.“ (چنا، 1964ع، ص – 2)
ٿوري عرصي کانپوءِ ميان صاحبڏنو ۽ ٻيا مخدوم به ٻين هنڌان لڏي اچي، ”درس درازين“ داخل ٿيا. اهڙي طرح سان ان حقيقت کي هوبهو سچل سائين جي ٻين سوانح نگارن پڻ ائين بعد ۾ لکيو آهي.
منصور ثاني، حافظ درازي سرمست ازلي جو نام نامي ۽ اسم گرامي عبدالوهاب هو، پر کيس لاڏ ڪوڏ ۽ پيار مان اڪثر، ”سچل، سچو يا سچيڏنو“ ڪري سڏيندا هئا.
پوءِ انهيءَ ”سچل“ نالي سان مشهور ٿيو، سنڌي، سرائيڪي، ۽ اردو شعر ۾ اهوئي نالو تخلص طور آندو اٿس. البته فارسي مثنوين ۽ ديوان آشڪارا فارسي ۾ ”آشڪار“ تخلص ۽ ديوان خدائي ۾ ”خدائي“ تخلص آندو اٿس. لقب سرمست جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”سچل سائين کي “سرمست“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو آهي، ڇو ته پاڻ هردم ابدي الفت ۽ الاهي عشق جي نشي ۾ مست ۽ مدهوش هوندا هئا، هن استغراق، مدهوشيءَ ۽ مستيءَ کي پاڻ هن طرح ادا ڪيو اٿن.” مئي خوردم من از پيمانه عشق، که هشياري و بيداري ندارم.“ (چنا، 1964ع، ص - 4)
سچل سرمست جي نسب جو سلسلو حضرت عمر فاروق رضه سان وڃي ملي ٿو.
اهڙي طرح سان، سچل جي آباد و اجداد ولادت جي ذڪر ۾، سندس ولادت 1152هه، بمطابق 1739ع، ۾ ٿي، سندس ولادت جي سال تي سندس سڀ سوانح نگار متفق آهن. پاڻ اڃا ڇهن سالن جا ٿيا ته سندس والد بزرگوار وفات ڪئي، پاڻ پنهنجي ڏاڏي جي تحويل ۾ تربيت ورتائون. سندس ڏاڏي کانپوءِ سندس چاچي عبدالحق جي زير نگراني تربيت ٿي، حضرت سچل سائين روحاني تعليم سان گڏ ننڍپڻ ۾ ئي تعليم باقاعده حاصل ڪئي ۽ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ حافظ عبدلله قريشي صديقيءَ وٽ ويهاريو ويو، جيڪو پڻ وڏو عالم ۽ عارف الله هو، سچل قرآن شريف جو به حفظ ڪيو.
بيعت ۽ مريد جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:”حضرت سچل سرمست کي روحاني فيض به پنهنجي چاچي ميان عبدالحق کان حاصل ٿيو ۽ ان جو ئي دست بيعت مريد هو.“ (چنا، 1964ع، ص – 13)
سچل اڃا پنجن يا ستن سالن جو ننڍو ٻالڪ هو ته، هڪ دفعي درازن ۾ شاهه لطيف ميان صاحبڏني ۽ سندس فرزند ميان عبدالحق کي فرمايائين، ”هن نينگر کي پڙهڻ جي ڪا گهڻي گهرج ڪانه آهي ۽ اسان جيڪي ڪُنو رڌو آهي اُن جو ڍڪڻ هي ڇوڪر لاهيندو“ ۽ آخر ٿيو به ائين جو، شاهه لطيف وجد جو مسئلو جنهن رمز ۽ راز سان بيان ڪيو آهي، تنهن کي سچل فقير کليل الفاظن ۾ ٻڌايو آهي.
جيئن چنا صاحب صوفين جي پهرين منزل جي حوالي سان لکيو آهي ته:”سچو سائين به، هڪ تنواريل طالب وانگر پاڻ کي هن سلوڪ واري راهه ۽ رند ۾ رهڻ لاءِ اهل بنائي، جلد از جلد صوفين جي پهرين منزل ”فنا في المرشد“ ۾ مهو ٿي ويو، جيڪڏهن جاچي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته سندس ڪلام جو ڳچ حصو عبدالحق سائين ڏي منسوب آهي.
مثال طور:-
”سچو“ سگ دروازي، روز ازل کون آهي ميان،
پير عبدالحق جو پر ڪيف، خمار ڏٺوسين ميان.
(چنا، 1964ع، ص - 17)
ان مان ظاهر آهي، ”سچو“ تي پنهنجي مرشد جو گهرو اثر هيو، تنهنڪري پنهنجي مرشد ڏي منسوب ڪيو اٿس، نه صرف سنڌي ڪلام پر فارسي ڪلام به مرشد جي ثنا ۾ مسلسل چئي ويو آهي.
اهڙي طرح سان، ”سچل سائين جي سرمستيءَ جا سرچشما“ جي عنوان سان به ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سچل جي سرمستيءَ جا سرچشما، حضرت فريد الدين عطار نيشا پوري، منصور حلاج، حضرت خواجه شمس تبريز ۽ شمس الدين حافظ شيررازي هئا، پروفيسر محبوب علي چنا حضرت قلندر لعل شهباز جي سرمستي جي اثر جي حوالي سان لکيو آهي ته:”جيئن ته قلندر لعل شهباز سيوهاڻي به، وجودي، جلالي، مڪتبِ فڪر سان تعلق رکي ٿو ۽ سچل سائين جو متقدم هو ته ان جو به ”مست و مست“ اثر هن سرمست تي پيو هوندو.“ (چنا، 1964، ص- 19)
پاڻ هفت زبان شاعر ٿي گذريا آهن، منصوري مام سنڌي، سرائڪي، ملتاني، پنجابي، هندي، اردو ۽ فارسي ۾ بيان ڪئي اٿن، سچل سرمست به انهي راهه جو آهي، جنهن تي شاهه عنايت، شاهه ڪريم، شاهه لطيف هلي چڪا آهن، پر هڪ ڳالهه ۾ انهن سڀني کان مختلف آهي، انهن سڀني تصوف جون رمزون مام ۾ چيون آهن، پر سچل سرمست بنا ڪنهن رک رکاءُ جي وڏي واڪي چئي ڏنيون آهن.
سچل جي شاعرانه اوسر ڏيکاري ٿي ته، ابتدا ۾ سندس شعر توليدي ۽ روايتي هو، بعد ۾ ان جو موضوع ۽ مفهوم ڪافي تبديل ٿي ويو. عمر جي آخري حصي ۾ پاڻ جيڪو شعر چيائين ان ۾ رندي، مستي، حق سچ جي ڳولا ۽ انساني عظمت جي اهميت تي گهڻو زور ڏنائين.
سنڌ جي هن سرمست شاعر، سنڌ جي سرزمين جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ توحيد جو پيغام پهچائي، روحانيت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان سرهو ڪري، ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کي معرفت جي رنگ ۾ ريٽو ڪري، تاريخ 14 رمضان سن 1242هه بمطابق 1827ع تي وصال ڪيو، سندس روضو مبارڪ پهريان مير رستم خان جوڙايو ان کانپوءِ ٻين مرمت پئي ڪرائي. سندس ڪجهه طالبن جا نالا هن طرح ڏنا ويا آهن.
فقير نانڪ يوسف، فقير محمد صالح قادري، فقير محمد صالح دونهين وارو، فقير گهرام جتوئي، سيد حسن شاهه، حيدر شاهه وغيره.
اهڙي طرح سان چنا صاحب جي هن ڪتاب جي جائزي کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، سچل سائين جي سوانح حيات، مختصر پر مفصل نموني، بيان ڪيل آهي، ۽ سندس سرمستي جي سرچشمن، سان ڀيٽ ڏيکاري ويئي آهي، سندس ڪلام جو مختصر فني ۽ فڪري جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”سرمست درازي“، حيدرآباد، سچل سرمست ڪاليج، سال 1964ع، ص- 2.
(2) حوالو ساڳيو، ص - 4
(3) حوالو ساڳيو، ص - 12
(4) حوالو ساڳيو، ص -17
(5) حوالو ساڳيو، ص - 19
*
(iii) اسلامي تاريخ جو مطالعو
پروفيسر محبوب علي چنا، تعليم ۽ ادب جي خدمتن جي سلسلي ۾ جا جدوجهد ۽ جانفشاني ڪئي آهي اها هر طرح تحسين جوڳي آهي، پاڻ هڪ طرف قديم علم ۽ جديد فن جو ڄاڻو هو، ته ٻئي طرف، ادب، تصوف، اسلاميات وغيره تي به وڏو مطالعو رکندڙ هو، اسلامي تاريخ جي حوالي سان سندس لکيل ٻه ڪتاب مشهور آهن، هڪ، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“، ٻيو ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“
پهريون ڪتاب .”اسلامي تاريخ جو مطالعو“ جهڙي طرح ٻاهرين زيبائش، طباعت جي لحاظ سان دلڪش ۽ ديده زيب آهي، ته وري اهڙي ئي موضوع ۽ مواد جي خيال سان معلومات ڏيندڙ ۽ مفيد آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو 1967ع ۾، اداره صالح سيريز، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو، هن اداري جو هي پهريون ڪتاب هو، ڪتاب جي مقبوليت سبب جلد ئي وڪري ٿيڻ جي ڪري ختم ٿي ويو، جنهن ڪري ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنواري سڌاري ۽ مواد ۾ اضافو ڪري، 1969ع ۾ شايع ڪيو ويو. وري اهو ٻيو ڇاپو به جلد ختم ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي طرفان، بي.اي جي ڪورس تي رکيل هو، انهي ڪري ڪتاب جي ٻيهر گهرج محسوس ٿي. جنهن ڪري ڪتاب جو ٽيون ڇاپو 1975ع ۾ شايع ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي مقدمي ۾، مولانا غلام محمد گرامي صاحب تاريخ جي مطالعي جي سلسلي ۾ نهايت محققانه انداز ۾فني ۽ تحقيقي طور بحث ڪيو آهي.
مولانا گرامي صاحب، مسلم تاريخ جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”چنا صاحب جي زوايه نگاهه جو داد ڏيڻ گهرجي، جنهن مسلم تاريخ کي روايتي اختلافات مان ڪڍي صحتمند ۽ اخلاقي قدرن جو حامل ۽ ترجمان بنايو آهي، چنا صاحب اهڙا واقعات منتخب ڪيا آهن، جن جي مطالعي سان هڪ طرف تاريخ جي اهم ۽ اثرانگيز شخصيات سان تعارف حاصل ٿئي ٿو، ته ٻئي طرف انهن جي اخلاق حميده ۽ شمائل پسنديده مان استفادي ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿئي ٿو.“ (گرامي، 1975ع، ص- 6،7)
هن ڪتاب جي جائزي وٺڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، هي ڪتاب چند علمي ۽ تحقيقي مقالات جو بصيرت افروز مجموعو آهي. جنهن ۾ زبان ۽ بيان جي رنگينيءَ ۽ شرينيءَ سان اختلافي مسئلن کان گريز ۽ مثبت ۽ محقق مسئلن جي ڇنڊڇاڻ موجود آهي، ڪتاب ۾ شامل ڪيل موضوع، تاريخ جي ضخيم دفترن جي ورق گردانيءَ کانپوءِ مرتب ڪيا ويا آهن.
چنا صاحب فن تاريخ تي تبصرو ڪندي، قرآن مان ان فن جي حقيقت بيان ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ سڀني مقالن جو ڌار ڌار تعارف ڪرايو آهي.
(1) هن مقالي ۾، بعثت نبوي کان اڳ دنيا جي حالت تي تبصرو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پوري انسان ذات جي اخلاقي ۽ مذهبي زوال پذير رجحانات تي نهايت مختصر پر دلچسپ انداز ۾ تنقيد ڪئي وئي آهي، ٻڌايو ويو آهي ته، ان د ؤر ۾ ايران، يورپ، هندوستان ۽ عرب جي حالت ڪيتري نه ابتر ٿي چڪي هئي، هن مختصر ۽ جامع ڪتاب ۾ اسلام جي انهن روشن ۽ صحتمند قدرن جي هڪ افادي ۽ اخلاقي تصوير پيش ڪئي وئي آهي.
(2) هي مقالو حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ حضرت يوسف عليه السلام جي سيرت ۽ خصوصيات جي تقابلي مطالعي تي مشتمل آهي:
مثلاً :- حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هن دنيا ۾ آمد جي حوالي سان لکيو آهي ته:”ڪفر ۽ الحاد جا ڪارا ڪڪر ڪارونڀار ڪري سڄي ڪائنات جي سطح تي نمودار هئا، ظلم وستم جوشيطان سڄي ملڪ تي قابض ۽ مختيار هو، عرب جا باشندا انسانيت سوز ڪارنامن ڪرڻ ۾ فخر سمجهندا هئا. عرب جي پاڪ سرزمين اهڙن وحشياني ڪلورن کي ڏسي بارگاهه ايزدي ۾ رحمت ۽ مغفرت لاءِ پڪاري رهي هئي، عين هن وقت رباني رحمت جو بي ڪنار بهر موجزن ٿيو ۽ ربّ العالمين ايوان ربوبيت مان پنهنجي محبوب کي سڄي عالم لاءِ رحمت ڪري موڪليو.“ (چنا، 1975ع، ص - 42)
(3) مقالي ۾ حضرت علي رضه جي، سيرت جو نقش نهايت روح پرور انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، هي مقالو تاريخ جي دقيق ۽ عميق مطالعي کانپوءِ لکيو ويو آهي ۽ ڪي اهڙا نادر ۽ ناياب حوالا پيش ڪيا ويا آهن جي اسانجي مطالعي ۾ اضافو ڪن ٿا.
هن مقالي جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:”بنده گهڻي جاکوڙ ڪندي، اصل ماخذن تان احوال وٺي، هرهڪ نڪتي کي واضح ۽ حقيقت افروز بنايو آهي، ان عنوان جي سلسلي ۾ ڪوبه گوشه تشنه طلب ۽ تحقيق نه ڇڏيو ويو آهي، سنڌي علم، ادب، تاريخ ۾ منهنجي ناچيز خيال مطابق هي مقالو بنيادي حيثيت رکندو.“ (چنا، 1975ع، ص- 22)
(4) هن مقالي ۾، چنا صاحب شهيدن جي حوالي سان، شام جي شفق وانگر لال مگر المناڪ قضيئي جي هر پهلو کي اجاگر ڪري پيش ڪيو آهي.
(5) هن مقالي ۾ حضرت عبدلله بن زبير رضه، جي شخصيت، سوانح ۽ حالات کي جنهن دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي اهو تاريخ جي ضخيم ڪتابن کان بي نياز ڪري ٿو.
(6) هن مقالي ۾ بيبي صفيه رضه جي اخلاق، آدرش ثابت قدمي ۽ صبر آزمائيءَ جي ڪشمڪش ۾ پيش ڪري عورتن لاءِ مثالي ڪردار پيدا ڪيو ويو آهي.
چنا صاحب هن مقالي جي احوال جي حوالي سان هن طرح لکيو آهي: ”واجب هو ته هڪ جانباز خاتون جو به ذڪر ڪجي جا شمع رسالت جي پروانن جي اڻ کٽ لسٽ ۾ داخل هجي. حضرت ابن زبير رضه جي ذڪر خير ۾ سندس صاف ۽ پاڪ ڏاڏي صاحبه جو اشارو آهي، جنهن قلم محبوب کي سندس مجاهدانه احوال گڏ ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ان جذبي ماتحت آنحضرت موجب، ڪائنات صلي الله عليه وسلم جي پڦي صاحبه جو حقيقت افروز ۽ موعظت نما احوال پيش ڪيو ويو آهي.“ (چنا، 1975ع، ص-23)
(7) هن مقالي ۾ عبدالله بن عمر رضه جهڙي پرهيزگار ۽ متقي، عالم باعمل ۽ فقيه بي بَدَل جي سيرت به نهايت دلڪش نموني ۾ پيش ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح سان چنا صاحب، اسلامي تاريخ جي سلسلي ۾ هن قسم جا جواهر پارا سنڌي ادب کي پيش ڪيا آهن ۽ ڪيترن مستند ۽ معتبر ڪتابن جو روح ڪشيده ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ جن اديبن تبصرا لکيا آهن اهي هي آهن.
(1) مولانا درمحمد خاڪ صديقي ڪانڌڙو، نصيرآباد.
(2) حضرت پير حاجي محمد اسحاق جان سرهندي ميرپورخاص.
(3) ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني.
(4) حبيب الا دباء رئيس راڄ محمد صاحب پلي.
(5) مرحوم محمد بخش بلوچ مجنون.
(6) مولوي محمد ادريس صاحب جوڻيجو.
جيتوڻيڪ هي تاريخ جو ڪتاب آهي، پر ٻولي نهايت پياري آهي ۽ ادبي خوبين ۽ خصوصيتن سان مزين آهي. مطلب ته چنا صاحب هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي تحقيقي ۽ تفصيلي بحث ڪيو آهي ۽ ستن مختلف عنوانن تي لکيو آهي، هيترن سارن عنوانن کي هڪ ئي ڪتاب ۾ جاءِ ڏيڻ ۽ انهيءَ تي سير حاصل بحث ڪرڻ لاءِ مصنف جنهن محبت ۽ ڪاوش کان ڪم ورتو آهي، اهو تحسين جي لائق آهي.
حوالا
(1) گرامي، غلام محمد، مولانا، مقدمه.، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد اداره صالح سيريز، سال - 1975ع، ص ، 6،7.
(2) چنا، محبوب علي پروفيسر، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1975ع، ص - 42.
(3) حوالو ساڳيو، ص - 22.
(4) حوالو ساڳيو، ص - 23.
*
(iv) هڪ شخصيت ٻه پهلو
پروفيسر محبوب علي چنا جو اسلامي تاريخ جي حوالي سان ٻيو ڪتاب، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ آهي، سندس هي ڪتاب تاريخ جي ٻن شخصيتن تي منحصر آهي. هڪ، ”حجاج بن يوسف ثقفي“، ٻيو ”مختار بن ابي عبيده ثقفي“ .
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سال 1968ع ۾ اداره صالح سيريز، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو، اهڙي طرح سان ڪتاب جي کپت محسوس ڪندي، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سال 1972ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جي ”اظهارِ صالح“ ۾ ايم صالح خليق لکي ٿو ته:” هي پيشڪش به، ”اسلامي تاريخ“ سان واسطو رکندڙ آهي، ۽ هن جو عنوان، هڪ شخصيت ٻه پهلو آهي، هي به قبله محبوب سائين جي محنت ڪش قلم جو محققانه ڪرشمو آهي، جو اسلامي تاريخ هڪ نهايت ئي عبرت انگيز باب کي، تحقيق ۽ تدقيق جي روشني ۾ ديس واسين کي روشناس ڪرايو اٿن.“ (خليق، 1972ع، ص ، 7)
ان کانپوءِ، سنڌ جي مشهور عالم، محقق مؤرخ اعليٰ، مولانا علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جن عالمانه ۽ محققانه انداز ۾ مقدمو لکيو آهي. پاڻ چنا صاحب جي تاريخي فن جي حوالي سان لکيو آهي ته:”فن تاريخ ۾ قلم کڻڻ کان اڳ، هڪ محقق جو اهو به فرض هوندو آهي ته گروهي عصبيت ۽ مذهبي جانبداريءَ کان پاسو ڪري، واقعات ۽ احوالن کي قلمبند ڪيو وڃي، پروفيسر محبوب علي چنا صاحب هن ڏس ۾ به چڱو پاڻ موکيو آهي، جو عصبيت جي عينڪ کي پري ڦٽو ڪري مختلف خيال عالمن ۽ مؤرخن جي خيالن کي پنهنجي ڪتاب ۾ جاءِ ڏني آهي، جي هڪ پاسي ڪامل ابن اثير جو حوالو آهي ته ٻئي پاسي مختيارنامه ۽ مرزباني کي به نه وساريو ويو آهي، فاضل مصنف انهي فراخدليءَ تي جس لهڻي.“ (قاسمي، 1972ع، ص ، 11 ، 12)
جيڪڏهن قدرت جي ڪرشمن کي، حقيقت جي عينڪ سان ڏسبو ته، هي پڌري پٽ معلوم ٿيندو ته هڪ جبل جي آڏن، ابتن ۽ اڻانگن پيچرن جي پاسي ۾، هڪ شفاف پاڻيءَ جو چشمو جاگزين نظر ايندو، جو ويچارن جابلو ماڻهن لاءِ هڪ نعمت عظميٰ جو ڪم ڏيندو، اهڙي طرح قدرت جي ساخت جا اضدار اسان کي حجاج جي طبع ۾ به نظر ايندا. جيڪڏهن هڪ طرف هو سخت ڪٺور ۽ ظالم دل جو مالڪ آهي ته ٻئي طرف سندس طبيعت ۾ ڪي اهڙا انساني اقدار ملندا، جن مان راسخ الاعتقادي، بهادري ۽ جرئت رندانه جا ڪرڻا عيان ٿيندا.
ڪتاب جي جائزي کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب جو اسلامي تاريخ ڏانهن وڌيڪ لاڙو هو، جو تاريخ جي ٻن وڏين شخصيتن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ڏني اٿن، ۽ انهن ٻنهي جي سوانح، ڪردارن، ڪارنامن جي هر پهلوءَ کي ظاهر ڪيو اٿن.
حجاج بن يوسف ثقفي جي تولد جي تاريخ ۾ اختلاف آهي، ته سندس ولادت سن 41هه بمطابق 661ع ۾ حجاز جي ڳوٺ طائف ۾ ٿي، ته وري ابن اثير جي مطابق سندس ولادت 42هه بمطابق 662ع ڌاري واقع ٿي، اهڙي طرح سان هن جي پرورش ماءُ جي مٺي ٿڃ بدران خون سان ٿي.
حجاج جي ڪردار مان خبر پوي ٿي ته، هن جو شيوه ظلم ۽ تعدي هو ته ان سان گڏ هو وڏو سپهه سالار ۽ سياستدان به هو. سندس ڪيترائي ڪارناما تاريخ جي ورقن ۾ قلمبند آهن، هو هڪ وڏو معمار هو، ڪيتريون عاليشان عمارتون ٺهرايائين. مسجدون تعمير ڪرايائين ۽ شهر آباد ڪيائين، هن جي مثالي تعمير جو مثال، “الواسط” شهر هو، جو ڪوفي ۽ بصري جي وچ ۾ آباد ڪيائين.
حجاج جي وفات رمضان شريف جي 25 تاريخ سن 95هه بمطابق 714ع تي ٿي.
اهڙي طرح سان هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل ٻي شخصيت، مختار بن ابي عبيده ثقفي آهي، سندس ولادت ۾ به اختلاف آهي، پر جمهور مؤرخ ان تي اتفاق ڪن ٿا ته، مختار جي ولادت هجري جي پهرئين سال ٿي، هي مختار بن هوازن جي قبيلي ثقيف جو چشم و چراغ هو. هن قبيلي بنو ثقيف جو مسڪن طوائف آهي، سندس ڪنيت “ابو اسحاق” هئي ۽ لقب ”ڪيسان“ هو.
هن جو ڪردار اگر تاريخ جي تحقيق ۾ ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته، هن وڏيون لڙايون ۽ قهار لشڪرن جا مقابلا ڪيا، هن کي به حڪومت جو حرص دامنگير هو ۽ موقعي جي تلاش ۾ ڪڏهن، حضرت ابن زبير وٽ ۽ ڪڏهن حضرت محمد بن الحنفيه وٽ ترسيو، مختار فصيح ۽ بليغ هو ۽ سندس ڪلام اڪثر مسجع ۽ مقفه هوندو هو، ان ڪري هن جو ڪلام سامعين کي جلد متاثر ڪندو هو، اهوئي سبب هو جو هو قائد بنيو ۽ ڪيترن ڪوفين کي پنهنجو پوئلڳ بنايائين.
سنڌ جي نامور اديب، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هن ڪتاب متعلق لکي ٿو ته:ڪتاب ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ ۾ اسلامي تاريخ جي، انهن شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جي شخصيت، ڪردار ۽ ڪارناما ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهن، هڪ پاسي هنن اسلام ۽ مسلمانن لاءِ اهم ۽ قابلِ ذڪر ڪارناما انجام ڏنا، ته ٻئي طرف پنهنجي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ سان ڪيترن ئي بيگناهن جو خون وهايو.“ (ميمڻ، 1982ع، ص ، 77)
اهڙيءَ طرح ڪتاب ۾، ڪٿي ڪٿي عربي شعر به ڏنا ويا آهن، جن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڏنو ويو آهي.
مثال طور:- حجاج جي موت بابت هڪ خطبو پيش ڪيو، ان ۾ موت جي سختين جو ذڪر ڪيو، ۽ پنهنجن گناهن ۽ ظلمن جو اعتراف ڪندي هي شعر پڙهيو.”ان ذنبي وزن السماوات والارض،وظني بخالقي ان يحابي.“
(منهنجا گناهه آسمان ۽ زمين جي برابر ڀاري آهن، مگر مونکي پنهنجي خالق کان اميد آهي ته هو رعايت ڪندو) )چنا، 1972، ص ، 86)
مثال طور:- جڏهن دومہ جي پيٽ ۾ مختار جي آمد ٿي ته دومہ خواب ۾ هي الفاظ ٻڌا ته ڪوئي چئي رهيو آهي ته:
”اِپشري بالوُلد، اشبَہُ شَيءِ بِالاَ سَدُ،اِذالِرّ جالُ في کَمَد، تَقَا تَلو اعليٰ بلَدکانَ لہُ الحِصَّة اَلاَ شَدُ“
(اي دومہ! توکي فرزند جي خوشخبري هجي، جو شڪل ۾ شير وانگر آهي. جڏهن ماڻهو مشڪلات ۾ مبتلا هوندا ۽ هڪ شهر ڪري پاڻ ۾ وڙهندا، ان وقت هن نينگر جو حصو تمام زياده هوندو.) (چنا، 1972ع، ص ، 100)
عربي شعرن متعلق علامه قاسمي صاحب مقدمي ۾ لکي ٿو ته:
”پروفيسر صاحب، عربي اشعارن ۽ عبارتن جو جيڪو سليس ۽ سلوڻو ترجمو پيش ڪيو آهي، اهو موصوف جي عربي ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين تي قدرت ۽ ڪمال لاءِ ڪافي دليل آهي.“ (قاسمي، 1972ع، ص ، 19)
اهڙيءَ طرح پروفيسر محبوب علي چنا، اسلامي تاريخ جي نهايت اهم عنوانن تي قلم کنيو، ۽ هر ڳالهه جو محققانه نموني جائزو وٺي حقيقتون روشن ڪيون. چنا صاحب جي هن ڪتاب ۾ هڪ ته اسان کي اسلامي تاريخ جي ڄاڻ ملي ٿي، ٻيو ته عرب جي بنوثقيف قبيلي جون ٻه شخصيتون جن جا عجيب و غريب ڪارناما ۽ ڪردار تاريخ ۾ گهڻو مشهور آهن، هڪ ته حجاج جون ظالمانه ڪارروايون گهڻو مشهور آهن، باقي مختار ثقفي جي مذهبي ۽ سياسي شعبده بازي تي گهڻو پردو پيل آهي، هن جو ظاهري ڪردار ته اهو هو جو هو صوم و صلواة جو وڏو پابند هو ۽ قدرت هن جي هٿان، مظلوم ڪربلا سيد الشهداءِ امام حسين عليه السلام جي قاتلن جو وير ورتو، ۽ مختار جو باطني ڪردار ان جي موت کان اڳ پنهنجي هڪ مقرب ۽ رازدار سان ڪيل اعتراف مان پڌرو آهي، هنن ٻن شخصيتن جي احوال سان گڏوگڏ ٻيو فائدو اهو آهي ته، گذريل دؤر جا عجيب و غريب احوال به معلوم ٿين ٿا.
حوالا
(1) ”خليق“ ، ايم، صالح: اظهار صالح، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ ، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح، سيريز، سال - 1972ع، ص - 7.
(2) قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه: مقدمه، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“ ، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1972ع، ص ، 11 ، 12.
(3) ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: مقالو، ”منهنجو مهربان، سائين محبوب علي چنا“، ”محبوب جي ياد ۾“ مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال، 1982ع، ص ، 77.
(4) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ” هڪ شخصيت ٻه پهلو“ حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1972ع، ص، 86.
(5) حوالو ساڳيو، ص ، 100.
(6) قاسمي، غلام مصطفيٰ، علامه، مقدمه ، ”هڪ شخصيت ٻه پهلو“، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1972ع، ص ، 19.
*
(v) سنڌي ادب جا مختلف رجحانات
هيءُ ڪتاب، سنڌ جي برک عالم، اديب، محقق، پروفيسر محبوب علي چنا جو ادبي شاهڪار آهي. جيئن ته چنا صاحب جو هي مقالو، سنڌي ادب سان واسطو رکندڙ هو ۽ اهو پاڻ ايم.اي سنڌي جي شاگردن کي، سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر طور ڏنائون. جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، علامه آءِ آءِ قاضي جي زير صدارت انگريزي زبان ۾ بعنوان، (Various Trends in Sindhi Literature) تي پڙهڻ جو کين موقعو مليو، هن ليڪچر پڙهڻ کانپوءِ، چنا صاحب جو هي مقالو ايترو ته مقبول ٿيو جو، ماڻهو چنا صاحب کي داد ڏيڻ لڳا.
هن مقالي جي حوالي سان چنا صاحب، هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:
” منهنجو هي ليڪچر سنڌي ادب جي عام طالبن لاءِ مفيد ۽ خاص طور، ايم.اي سنڌي جي شاگردن لاءِ سونهون ثابت ٿيو، ان وقت کان وٺي، منهنجو هي مقالو ٽائيپ ٿيندو رهيو ۽ شاگردن ۾ تقسيم ٿيندو رهيو، شاگرد هن مقالي کي ڳوليندا رهيا ۽ ان مان فيضياب ٿيندا رهيا، هي مقالو ايترو ته مقبول ٿيو جو مون وٽ به ڪاپي نه رهي، ان بعد حسن اتفاق ٿيو جو ان جي هڪ ڪاپي منهنجي هڪ قديم شاگرد وٽ هئي، جتان مون هٿ ڪئي، هن مونکي همٿايو ته مان پهرين ٽائيپ ٿيل تقرير تي نظرثاني ڪريان ۽ ديس واسين آڏو پيش ڪريان، اهڙي طرح مون ناقدانه ۽ محققانه ڇنڊڇاڻ ڪري، هن مقالي کي موجوده ڪتابي شڪل ڏياري، پهرين شڪل مقالي جي اصلوڪي زبان انگريزي ۾ هئي، ان بعد گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ڪراچي، جي پرنسپالي جي عرصي ۾، ان کي اردوءَ جو روپ وٺايو ويو، هاڻي وري پنهنجي سٻاجهي مٺڙي مادري زبان ۾ هن کي پيش ڪري رهيو آهيان.“ (چنا، 1974ع، ص ، 11، 12)
سندس هن ڪتاب کي ڪيترن ئي عالمن پسند ڪيو، هن مقالي بابت ڊاڪٽر، غلام علي الانا ٻڌايو ته:”سندس ڪتاب (The Trends in Sindhi Literature) انگريزي، ۾ آهي انهيءَ ۾ جيڪي نوٽس ورتائين، انهيءَ کي وڌائي، ڪتابي صورت ۾ آندائين ۽ باقاعده سنڌي ادب جي رجحانن کي ظاهر ڪيائين.“ (الانا، ذاتي انٽرويو، 2011)
اهڙي طرح سان چنا صاحب جي هن مقالي کي، پهريون ڀيرو ڪتابي صورت ۾ 1971ع ۾ آندو ويو، جيڪو سندن “اداره صالح سيريز” شايع ڪيو، هن ڪتاب جي ضرورت کي محسوس ڪندي ۽ خاص ڪري شاگردن لاءِ انگريزي زبان واري مقالي کي، اردو زبان ۾ (سندھی ادب کے مختلف رجحانات) عنوان سان ترجمو ڪري، ساڳئي اداري طرفان 1972ع ۾ شايع ڪيو، ان کانپوءِ اردو واري مقالي کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت بنائي، پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ڪري، ساڳئي اداري طرفان 1974ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جي حوالي سان ناشر، هن ڪتاب بابت لکي ٿو ته:”اسان کي علم آهي، جڏهن اسان جو هن عنوان تي انگريزي زبان ۾ ڪتاب شايع ٿيو ته محترم عبدالمجيد سنڌي جو ڪتاب، ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ به اڃا بازار ادب ۾ آيل نه هو، محترم عبدالجبار جوڻيجو جو ڪتاب بعنوان، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، پڻ بعد ۾ شايع ٿيو، ان ڪري هن ننڍڙي ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت پنهنجي جاءِ تي آهي.“ (خليق، 1974ع، ص، 5)
چنا صاحب جي هن ڪتاب ۾، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف صنفن جي ارتقا ۽ اوسر، شاعرن ۽ اديبن جا ادب بابت مختلف نظريا پيش ڪيل ۽ چنا صاحب جو به نظريو لکيل آهي.اهڙي طرح سان هن ڪتاب جا ”پيش لفظ“ عالم، فاضل، مؤرخ ڊاڪٽر محمود حسين خان صاحب، وائيس چانسلر ڪراچي يونيورسٽي جا لکيل آهن، ڊاڪٽر صاحب ”پيش لفظ“ ۾ لکي ٿو ته:” پروفيسر چنا، اسانکي سنڌي ادب جي ڪيترن ئي موڙن سان روشناس ڪرايو آهي، ۽ قديم زماني کان وٺي هاڻوڪي وقت تائين، هر رجحان جو احاطو ڪيو آهي، عام پڙهندڙن کان وٺي ادب جي شاگردن تائين، هي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ ۽ هن جي ارتقا جي تقريباً هر پهلوءَ کي اجاگر ڪري ٿو ۽ هن ۾ هر اداري يا هر فرد، جو سنڌي ادب سان متعلق آهي جو تذڪرو ۽ تعارف اچي وڃي ٿو.“ (حسين، 1974ع، ص ، 7)
اهڙي ريت هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، سندس انگريزي واري مقالي ۽ اردوءَ واري ڪتاب ۽ سنڌيءَ واري ڪتاب جو مقصد ساڳيو ئي آهي، سندس هي مقالو ٽنهي زبانن ۾ شايع ٿيندو رهيو ۽ شاگرد هن مقالي مان استفادو حاصل ڪندا رهيا.
ڪتاب ۾ چنا صاحب سڀ کان پهريان، سنڌي زبان ۽ ادب جي قديم لاڙن تي هڪ ماهرانه روشني وڌي آهي، سنڌي زبان جي نظريي بابت، ڪيترن ئي عالمن، نقادن جا نظريا ۽ ٻوليءَ بابت پنهنجو نظريو به پيش ڪيو آهي. مثال طور: لسانيات جا سڀئي ماهر، هن ڳالهه تي متفق آهن ته، ” سنڌي (زبان) هند يورپي زبانن جي اترئين اولهه گروهه سان تعلق رکي ٿي ۽ وراچڊ اپڀرنش پراڪرت مان سڌيءَ طرح نڪتل آهي.“
ڊاڪٽر اين اي بلوچ ۽ ٻيا اسڪالر هيءَ دعويٰ ڪن ٿا ته، ” سنڌي، سنسڪرتي زبان اصل نه آهي“
جديد سنڌي نقادن مان، سراج الحق ميمڻ پنهنجي نظريي ۾ لکيو ته، ” سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه، پر سنسڪرت سنڌيءَ جي ڄائي آهي.“
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ٻوليءَ جي قدامت بابت هي نظريو پيش ڪيو آهي، ”سنڌي ٻولي جي قدامت بابت ڪيترا رايا ظاهر ٿي چڪا آهن، پر اڃا ڪو محقق ثابتين سان ڪجهه به نه چئي سگهيو.“
ڊاڪٽر غلام علي الانا، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد“ بابت هي نظريو پيش ڪيو آهي ته، ” سنڌي ٻولي، غير آريائي خاندان واري ٻولي آهي، جنهن جون پاڙون موهن جي دڙي واري تهذيب ۾ کُتل آهن، جا آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ نه فقط ڳالهائي ويندي هئي پر لکي به ويندي هئي، جا دراوڙي ٻولين جي خاندان سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، جنهن ۾ آرين جي اچڻ کانپوءِ پراڪرت ٻولين جا بي شمار لفظ داخل ٿي ويا پر ان جي سٽاءُ تي آريائي ٻولين جو معمولي اثر هيو پر گهڻو ڪري سٽاءُ ساڳيو ئي ديسي رهيو“ ، الانا صاحب، ٻولي جي بڻ بڻياد جي سڄي بحث مان اڳتي هلي هي نتيجو ڪڍيو آهي ته،”برصغير جي ڪابه ٻولي سنسڪرت مان نڪتل نه آهي، تنهنڪري اهو مفروضو ته ”سنڌي ٻولي، سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي،“ غلط ثابت ٿئي ٿو.
مٿين عالمن جي نظرين کانپوءِ، پروفيسر محبوب علي چنا، سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ بڻ بڻياد بابت، تحقيق ۽ تنقيد ڪري پنهنجو هي رايو ڏنو آهي:
”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته، پڌري پٽ پتو پوندو ته سنڌي ٻولي ٻن مکيه حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿي: (1) ” قديم ٻولي، جا قديم سنڌو تهذيب جي ٻولي هئي ۽ جنهن جا رهاڪو منڊا قوم ۽ دراوڙ هئا. (2) سنڌ جي اها ٻولي جنهن تي آرين جي آمد کانپوءِ، سنسڪرت جو اثر پيو ۽ قديم ٻولي سان ملي جلي انهي پراڪرت جي صورت اختيار ڪيائين، جنهن مان موجوده سنڌي ٻولي نڪتي.“ (چنا، 1974ع، ص ، 19)
مذڪوره پس منظر کي نظر ۾ رکندي، هن نتيجي تي اچي سگهجي ٿو ته، موجوده سنڌي، پنهنجن متعلقن کان ڇوٽڪارو، هڪ هزار ۽ يارهن سو عيسوي جي درميان ورتو هوندو.
ان کانپوءِ هن ڪتاب ۾، سومرن جي دؤر کان وٺي موجوده د ؤر جي مختلف صنفن، شاعرن، بزرگن، عالمن، اديبن جو مختصر تذڪرو ڪري، ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي وڌايو آهي، چنا صاحب جي هن ڪتاب، نه صرف شاگردن جي گهرجن کي پورو ڪيو، پر عام پرهندڙن لاءِ انهيءَ وقت کان به ڪارائتو ثابت ٿيو، جڏهن ته ادب ۽ ٻوليءَ بابت ڪتاب لکيائي نه ويا هئا. اگر هن ڪتاب کي اڃا به وڌائي سنواري لکجي ها ته شايد هن ڪتاب جي اهميت وڌي وڃي ها.
اهڙي طرح سان هن ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب جي هن ڪتاب، اسان کي سنڌي ادب جي ڪيترن ئي موڙن سان روشناس ڪيو آهي. سنڌي زبان جي بڻ بڻياد ۽ مختلف عالمن جا نظريا پيش ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جي حوالي سان بحث ڪيو ويو آهي، سنڌي ادب جي دؤرن جي ذڪر سان گڏوگڏ، نثر توڙي شاعري جي صنفن، ۽ اديبن، بزرگن، عالمن شاعرن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ٻه اکر، ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1974ع، ص - 12 ، 11.
(2) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ذاتي انٽرويو، سال - 2011ع.
(3) حسين، محمود، ڊاڪٽر: پيش لفظ، ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ ، مصنف پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1974ع، ص ، 7.
(4) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات“ ، حيدرآباد، اداره صالح سيريز، سال، 1974ع، ص ، 19.
*
(vi) مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي
هي ڪتاب، پروفيسر محبوب علي چنا جو تحقيقانه انداز ۾ لکيل آهي، جيڪو حضرت قلندر لعل شهباز جي (724) ساله ورسي جي موقعي تي، شهباز قلندر ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي طرفان پيش ڪيو ويو، هي ڪتاب پهريون دفعو 1962ع ۾ سيڪريٽري، قلندر شهباز سنڌ پرنٽنگ پريس آڪال ڀونگا گهٽي، حيدرآباد مان ڇپايو ۽ پروفيسر محبوب علي چنا، ”قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي“ سيوهڻ پاران شايع ڪيوويو،ان کانپوءِ هن ننڍڙي ڪتاب جي مقبوليت تمام گهڻي وڌي وئي انهي ڪري هي ڪتاب بازار ۾ اڻ لڀ هو، جنهن جي ڪري هن ڪتاب جو، ٻيو سڌاريل ڇاپو، 1977ع ۾ قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي طرفان شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب جي مقبوليت جي حوالي سان پروفيسر محبوب علي چنا لکي ٿو ته:
”هن ننڍڙي ڪتاب کي شايع ٿيندي پندرهن سال ٿي ويا آهن، هن جي مقبوليت خدا تعاليٰ جي فضل سان اشاعت بعد ئي بازار ادب ۾ محسوس ڪئي. هڪ طرف مرحوم عزيزم مولانا غلام محمد گراميءَ، هن ڪتاب کي پنهنجي نامياري مجلہ، ”سماهي مهراڻ“ ۾ شايع ڪيو ٻئي طرف محترم مولانا عبدالواحد سنڌيءَ، ”نئين زندگي“ جي صفحن ۾ هن تحقيق کي باوقار جڳهه ڏني، ڪيترن ٻين طالبن به ان تاريخي تحقيق مان فاعدو ورتو.“ (چنا، 1977ع، ص-5)
هن ڪتاب جا ”ٻه اکر“ ، مصنف پاڻ لکيا آهن جنهن ۾ ڪاميٽي جي وجود جو ذڪر ڪيو اٿن. جنهن ۾ سيٺ محمد اسماعيل صاحب، جيڪو ان وقت دادو ضلعي جو ڊي. سي مقرر ٿيو هو، تنهن جي ڪاوشن کي ساراهيو اٿن، ڇاڪاڻ ته اُها ميلا ڪاميٽي سندن ئي ڪوششن سان برپا ٿي هئي، ان کانپوءِ سنڌ سرڪار لعل شهباز قلندررح جي ادبي ۽ ثقافتي ڪم کي اهميت ڏيندي، ”لعل شهباز قلندر ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي“ جي تشڪيل ڏني جنهن جو چيئرمين چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف ۽ اعزازي سيڪريٽري چنا صاحب کي مقرر ڪيو ويو، هن ڪاميٽي جي پاران سيوهڻ شريف ۾ هڪ لائبريري قائم ڪرڻ جو وسيع پروگرام رٿيو ويو. هن ڪاميٽي جي ڪوششن سان اها لائبريري اڄ به درگاهه جي لڳ قائم آهي، اهڙي طرح سان سيوهڻ ۾ گورنمينٽ جي طرفان سال 1988ع ۾ ”گورنمينٽ لال شهباز لائبريري“ قائم ڪئي وئي.
چنا صاحب قلندر لعل شهباز جو پڪو عقيدتمند ۽ شيدائي هو، هر سال ميلي جي ادبي محفل جو سرواڻ هوندو هو، شاعرن، اديبن، دانشورن ۽ ليکڪن کي قرب ۽ محبت جي نينڍ ڏئي گڏ ڪندو هو، ان موقعي تي لال جي زندگيءَ ۽ ان جي علمي ۽ ادبي خدمت جي روشني تي ڪتاب شايع ڪرائيندو هو. ادبي محفل ۾ جيڪي ليکڪ ۽ شاعر حضرات شريڪ ٿيندا هئا، انهن جي شعرن ۽ مقالن کي سهيڙي، سموهي شايع ڪرائيندو هو، ۽ ان ۾ محبت جا مڻيا پوئيندا هئا.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هن ڪتاب جي تحقيق جي باري ۾ لکي ٿو ته:” حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح بابت، چنا صاحب جو لکيل ڪتاب، آهي ته ننڍڙو، پر اهو وڏي تحقيق، جستجو ۽ ڇنڊڇاڻ کانپوءِ لکيل آهي. خاص طرح سان قلندر سائين جي وطن ۽ شاعريءءَ بابت سندس تحقيق قابل قدر آهي، مستند دليلن سان ثابت ڪيو اٿس ته، حضرت قلندر سائين جي اصلوڪي وطن جو نالو ”مروند“ نه ”مرند“ آهي انهيءَ تحقيق کي سڀني محققن تسليم ڪيو آهي، بلڪه وڌيڪ دليل ۽ حوالا ڏيئي انهي تحقيق کي هٿي ڏني آهي، حضرت قلندر شهباز جي سوانح بابت اڃا به گهڻو ڪجهه لکڻو هوس، پر سندس حياتي وفا نه ڪئي.“ (ميمڻ، 1982ع، ص 73).
هن ڪتاب ۾ چنا صاحب سڀ کان پهرين حضِرت قلندر لعل شهباز جي آخري آرامگاهه ۽ تاريخي شهر ”سيوهڻ“ بابت ذڪر ڪيو آهي، جيڪڏهن اسان تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسنداسين ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد سيوهڻ جو درجو اچي ٿو، يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم شهر سيوهڻ آهي.
اهڙي طرح سان چنا صاحب هن ڪتاب ۾، هن شهر بابت فارسي قديم تاريخن خواه تذڪرن جي ڪتابن جا حوالا به ڏنا آهن.
مثلاً:- چچ نامه ۾ ڄاڻايل آهي ته، راءِ سيهرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾، سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا، انهن مان هڪ سيوستان جي “قصبه” تي به حاڪم هو. جنهن جي هٿ ۾ ٻُڌيہ، جنگان، رونجهاڻ، ڪوه پايه، ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو.
تحفته الڪرام جي صاحب به سيوستان جو ذڪر هن طرح آندو آهي، ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن، پنجين ولايت ۾ آهي، هڪ قديم شهر سنڌ جي اولاد سهوارڻ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، سندس قلعو ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪيئي مرتبا مرمت ٿيو آهي، قديم الايام کان خلاصو تخت گاهه هو“.
مختلف تاريخدانن هن شهر کي جدا جدا نالن سان سڏيو آهي، يوناني تاريخدانن هن کي ”سنڊيمانا“ سڏيو آهي، ڪن هن کي رامائڻ جي زماني جو سيوستان، شروسان، سدوسان ۽ سدوستان سڏيو آهي.
مٿين حوالن مان معلوم ٿو ٿئي ته، هيءُ شهر ايترو ته قديم آهي، جو خبر ئي پئجي نٿي سگهي ته، هي شهر ڪهڙي زماني ۾ وجود ۾ آيو، هن جو بنياد ڪنهن وڌو، سيوهڻ نه فقط هڪ قديم شهر آهي پر قديم زماني کان هن کي وڏي اهميت به حاصل پئي رهي آهي، شروعات ۾ هي هڪ وڏو علائقو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ سيوهڻ هو.
ان کانپوءِ “قلندر شهباز جو ذڪر خير”، جنهن ۾ قلندر شهباز جو نالو، لقب ۽ وطن ولادت، ننڍپڻ، بيعت ۽ سياحت، سيوهڻ ۾ ورد، رشد و هدايت، جذب ۽ سڪر، علم و فضل وفات، روضو ۽ اوصاف جي عنوانن تي ذڪر ڪيل آهي.
مثال طور:- سندن وطن بابت به تاريخن ۾ اختلاف نظر اچن ٿا، ڪي “مروند” چون ٿا ته ڪي مرند، ته ڪي ميمند.
پروفيسر محبوب علي چنا، حضرت قلندر لال شهباز جي وطن جي باري ۾ تحقيق ڪندي لکي ٿو ته:
”ضرت قلندر لعل شهباز ”مرندي“ آهي ۽ نه ”مروندي“ جيئن عام مشهور آهي، ٻن انگريزي ڪتابن، ”ايران ماضي ۽ حال، ازڊونالڊ اين ولبر“۽ ”افغانستان - از فريزرٽٽلر“ جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته هرات کان اتر ڪشڪ نالي شهر آهي جتي روس ۽ افغانستان جون حدون اچي ملن ٿيون، ان کان به اتر 160 ميلن تي خشڪ جابلو ملڪ ۽ بيابان جي وچ ۾ هڪ وڻندڙ خيابان بنام ”مَرو“ (Merv) آهي جو عربن جي ڏينهن ۾، خراسان جي اڳوڻي گاديءَ جو هنڌ هو اتي سڪندر جي وقت پسجن ٿا، هي شهر علم، عرفان ۽ آسودگيءَ جو مرڪز رهيو آهي. سلجوقين جي ڏينهن ۾ هن ۾، يونيورسٽي هئي. ڪيترن ئي سياسي حڪمرانن جي طمع جو تصور رهيو، هاڻي روس جي حدود اندر آهي، آزربائجان جي گادي جو هنڌ تبريز آهي. هي تهذيب، علم، عرفان، قدامت ۽ سير و تفريح جو مرڪز رهيو آهي، ان جي مضافات ۾ سياحن کي مراغہ، ”مرند“ ۽ ريزايہ جا شهر ملن ٿا. مرند جو شهر تبريز جي اتر اولهه ۾ چاليهه ميلن جي فاصلي تي واقع آهي. هاڻي جيڪڏهن افغانستان جي سابق شهر ”مرو“ وٺون ته اهو ”مرو“ هي ۽ نه ”مروند“ جيئن عام طرح مشهور آهي ان ڪري آذربائجان پرڳڻي جي شهر ”مروند“ کي لعل شهباز جو مولد سمجهيو”. (چنا، 1977ع، ص - 18، 19)
چنا صاحب جي هن تحقيق کانپوءِ قلندر لعل شهباز جي ٻين سوانح نگارن ان حقيقت جي اپٽار ڪئي آهي، خود حضرت قلندر لعل شهباز جي شعر ۾ به ”مروندي“ استعمال ٿيل آهي، ان مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته، غالباً ٻين ملڪن ۾ ”مرند“ کي ”مروند“ سڏيو ويندو هو، انهي ڪري خود حضرت قلندر لعل شهباز به وطن کان نڪري، ٻين ملڪن ۾ اچڻ کان پوءِ پاڻ کي ”مروندي“ سڏايو آهي. سنڌ ۾ عام طرح ”مروندي“ مشهور آهي.
اهڙي طرح سان سندن ولادت جي سن جي حوالي سان به تاريخن ۾ اختلاف نظر اچن ٿا. پروفيسر محبوب علي چنا سندن ولادت جو سن 573هه 1177ع ڄاڻايو آهي.
”سيوهڻ ۾ ورود“ جي عنوان جي ذڪر ۾، چنا صاحب حضرت قلندر لال شهباز جي پهرين برڪت جي حوالي سان لکي ٿو ته:”سڀئي تاريخون ان حقيقت تي متفق آهن ته، جنهن زمين تي پاڻ هاڻي آرامي آهن، انهيءَ تي فاحشه عورتون رهنديون هيون. هن الله واري جي برڪت جو سيوستان جي سرزمين تي هي پهريون اثر هو ته اتي فحاشي ۽ بدڪاري جي بازار سرد ٿي وئي، نيڪي ۽ پرهيزگاري طرف انهن ڪسبي عورتن، سندن دست حق پرست تي توبهه ڪئي.“ (چنا، 1977ع، ص - 25)
قلندر لعل شهباز سيوستان ۾ رهي بگڙيل دلين کي سنواريو، انهن جو اخلاق سڌاريو ۽ سيوهڻ کي، سيوهڻ شريف بنائي ڇڏيو، علم و فضل، جي حوالي سان پاڻ خان شهيد جي درٻار ۾ عربي شعر پڙهندي سماع ڪيو هئائون ۽ سندن فارسي غزل به مشهور خاص و عام آهن.
تيئنءَ هي آساني سان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته پاڻ ظاهري خواه باطني علم جا ڄاڻو به هئا ته پارکو به.
اهڙي طرح سان قلندر لعل شهباز جي سن وفات ۾ به تاريخ جي تذڪرن ۾ اختلاف آهي.
”پروفيسر چنا صاحب جي تحقيق مطابق, سندن سن وفات 673هه آهي، ڇو ته 650هه، 1252ع اهو سن آهي ،جڏهن اڃا بلبن سلطانيءَ جون واڳون نه ورتيون هيون، هو صاحب 662هه مطابق 1265ع ۾ مس سلطان بنيو“ .
ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، پهريان سيوهڻ جي تاريخ، قدامت، نالن بابت ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ قلندر لعل شهباز جي سوانح حيات بابت مفصل نموني احوال پيش ڪيو اٿن. هي ڪتاب ڏسڻ ۾ آهي ته ننڍڙو، پر پنهنجي جاءِ تي هڪ ننڍڙي تاريخ جي حيثيت رکي ٿو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مصنف، ٻه اکر، ”مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي“، سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال - 1977ع، ص - 5.
(2) ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: مضمون، ”منهنجو مهربان سائين، محبوب علي چنا“، ”محبوب جي ياد ۾”“، مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال 1982ع، ص - 73.
(3) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مصنف، ”مخدوم قلندر لعل شهباز مرندي“ ، سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال - 1977ع، ص - 19 ، 18.
(4) حوالو ساڳيو، ص - 25.