لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي.

Title Cover of book پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

پروفيسر محبوب علي چنا جا شايع ٿيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا

پروفيسر محبوب علي چنا جا شايع ٿيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا
پروفيسر محبوب علي چنا جي تحرير ڪيل تحقيقي مضمون ۽ مقالا، مختلف رسالن ٽماهي مهراڻ، ماهوار نئين زندگي، الرحيم، سروري مخزن، فردوس، نذرلطيف، يادگار لطيف وغيره ۾ شايع ٿيل آهن، چنا صاحب، جا لکيل مضمون، مقالا اڄ به سنڌي ادب ۾ شاهڪار حيثيت رکندڙ آهن، پاڻ ڪيترائي اهم مضمون ۽ مقالا لکيا اٿن، خاص ڪري 1952ع کان وٺي، پاڻ ”نئين زندگي“ لاءِ مسلسل مقالا لکندا رهيا، جيڪي سنڌي ادب ۾ اهم مقام ولارين ٿا. ”نئين زندگيءَ” سان ناتي نڀائڻ جي حوالي سان احمد خان مصراڻي هن ريت لکيو آهي ته:، ”چنا صاحب رسالي ”نئين زندگي“ سان ناتو نڀائيندو رهيو. ايتري قدر جو وفات کان پنج، ست مهينا اڳ به ”نئين زندگي“ کي مضمون موڪليا اٿس، جي ان ۾ شايع ٿيا آهن. ” نئين زندگي“ جي پرچن پڙهندي معلوم ٿئي ٿو ته سال 1952ع کان وٺي محبوب علي چنا صاحب پنهنجا ملهائتا مقالا ۽ مضمون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ اشاعت لاءِ موڪليا آهن، سندس پهرئين ادبي تنقيد بعنوان “لطف اللطيف تي هڪ نظر” ”نئين زندگي“ جي ماهه نمبر 1952ع واري شماري ۾ شايع ٿي آهي، ان کان علاوه سندس وڏي ۾ وڏو مقالو ”مڪلي ٽڪري“ تاريخ جي روشنيءَ ۾ سڄين سارين ڏهن قسطن ۾ ڇپيو آهي.“ (مصراڻي، 1978ع، ص، 22).
چنا صاحب جو هٿ اکر لکيل خط ” نئين زندگي“ متعلق مليو آهي، جنهن ۾ چنا صاحب ”نئين زندگي“ رسالي جي نگران، عبدالواحد سنڌي، شمشيرالحيدري ۽ شعبان بخت جي ڪاوشن کي ساراهيو آهي. هن خط متعلق ”نئين زندگي“ جي نگران عبدالواحد سنڌي سندس لکيل خط جي عڪس جي حوالي سان لکيو آهي ته : “مشهور تعليمي ماهر، محقق، مؤرخ ۽ ”نئين زندگي“ جي قديمي ڪرم فرما محترم پروفيسر محبوب علي چنا، سيڪريٽري پاڪستان نيشنل بُڪ فائونڊيشن، اسلام آباد جي خلوص ۽ محبت سان ڀريل عنايت نامي جوعڪس ملاحظه ٿئي، اِها ڳالهه نه رڳو اداري لاءِ بلڪه ”نئين زندگي“ کي پنهنجي پيارين لکڻين سان سينگاريندڙ سڄڻن لاءِ به عزت ۽ فخر جو باعث آهي.“ (سنڌي، 1976ع، ص، 2)
مٿين ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته، پروفيسر محبوب علي چنا ”نئين زندگي“ رسالي سان ڪافي وقت تائين ناتو نڀائيندو رهيو ۽ پنهنجيون لکڻيون سنڌ جي هن مقبول رسالي ۾ شايع ڪرائيندو رهيو، ته جيئن سنڌي ادب ۾ هڪ قسم جو واڌارو به ٿيندو رهي. سندس شايع ٿيل اڪثر مقالا، سنڌ جي صوفين، شاعرن ۽ بزرگن بابت ملن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي صوفي شاعرن ۽ بزرگن سان بي انتها محبت ڪندا هئا،۽ عقيدت رکندا هئا، انهيءَ جذبي تحت وڏي حب ۽ اُڪير مان سنڌ جي صوفين ۽ بزرگن تي وقت بوقت لکندو هو، سندس لکيل مضمون ۽ مقالن مان سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختلف پهلوئن جي ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي. چنا صاحب جا ڪجهه اهڙا مقالا آهن جن جو ذڪر اڳتي بابن ۾ ايندو.
حوالا
(1) مصراڻي، احمد خان ”آصف“: مضمون، ”مرحوم محبوب علي چنا ۽ رسالو نئين زندگي“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد- 3 نمبر3، ايڊيٽر ڪفيل احمد،ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، مارچ، 1978ع، ص، 22
(2) سنڌي، عبدالواحد: ”ڀٽائيرح، نمبر“، ماهه نامو، ”نئين زندگي“، جلد، 29، نمبر، 3، 4، ايڊيٽر، ڪفيل احمد، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس، مارچ، اپريل، 1976ع، ص، 2.
*



هتي سندس ڪجهه مختصر مقالن، مضمونن جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
لوڪ ادب جي حوالي سان سندس ٻه مضمون ”نئين زندگي“ رسالي ۾ شايع ٿيل آهن.

(i) سنڌ جا عوامي گيت- ڪافيون
سندن هي مضمون ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جي جلد 7، نمبر3، مارچ 1954ع، جي پرچي ۾ شايع ٿيو. سندن لکيل هن مضمون ۾ سنڌ جي قديم عوامي گيتن جي حوالي سان ذڪر ٿيل آهي. هن مضمون ۾ علم السان جي ماهرن جو هڪ گڏيل رايو ڄاڻايو آهي ته، عوامي گيت هر هڪ ديس جي قديم روايتن، رسمن، خصوصيتن، حڪايتن، اعتقاد ۽ مذهبيات جو صحيح آئينو آهن، ڇاڪاڻ ته انهن عوامي گيتن ذريعي ئي، اسانکي قديم روايتن، ريتن رسمن جي ڄاڻ معلوم ٿي سگهندي آهي ، هر هڪ ديس جا لوڪ گيت مختلف آهن، پر سنڌ سڳوري جا لوڪ گيت، سڀني کان مٿانهان آهن. سنڌ تي مختلف تهذيبن جي حوالي سان، چنا صاحب لکيو آهي ته:
”ڪيترين سڀيتائن هن سر زمين تي جنم ورتو، هڪ طرف سميرين قوم جي ساٿ واريه قوم ٻئي طرف دراوڙ يا ڊريويڊينس، ٽئين طرف آڻ آريه قومون جهڙوڪ، سنٿال، ڪول، ڀيل، مينگهواڙ وغيره، چوٿين طرف عربستان کان آيل مسلمان قوم. اهڙيءَ طرح هنن سڀني قومن جي تهذيبن جي مرڪز هئڻ ڪري، هن ديس جا لوڪ گيت هنن سڀني جي ڪلچر جو مرڪز آهن.“ (چنا، 1954 ع ، ص، 9)
اهڙيءَ طرح هن مضمون جي مطالعي مان اِها به خبر پوي ٿي ته، موجوده وقت ۾ جيڪي مختلف قسمن جا لوڪ گيت ملن ٿا انهن ۾ هڪڙا ”سنڌي قصن تي مشتمل“ مثال طور عمر مارئي، سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلا چنيسر، جهڙن قصن کي مختلف محفلن ۾ ڳائي مشهور ڪيو ويو هو ۽ ٻيو سنڌ جي قديم شاعرن جي بيتن، ڏوهيڙن، دوهن ۾ به سنڌ جي لوڪ گيتن کي ڳائي عام ڪيو ويو.
ان کان علاوه سنڌي ڪافيون ۽ وايون به، سنڌ جي عوام جون مقبول صنفون آهن، جيڪي وقتن جي مناسبت سان سنڌي عوام ڳائيندو رهيو آهي. ناهڙي طرح سان عورتن جي حوالي سان لوڪ گيت، ڳيچ،ڳيا، سهرا ۽ لاڏا اوراڻا، يا اوراڻو لولي مشهور آهن، جيڪي ٻهراڙين جون عورتون مختلف خوشين جي موقعن تي ڳائينديون رهيون آهن، چنا صاحب هن مضمون ۾ نه صرف انهن عوامي گيتن جي حوالي سان ذڪر ڪيو آهي، پر مثال به ڏيئي گهڻي ڄاڻ به ميسر ڪئي اٿن. مثال طور عورتون پٽ ڄمڻ وقت هي سهرو چونديون آهن.
”گهوٽ چڙهه گهوڙي، لونگيءَ ور موڙي
لونگيءَ جي وسريون جي سون جون
قربان ادا لونگي ٿي سونھر“
لوليءَ ۾ هڪ ماءُ پنھنجي جگر گوشي کي الله ۽ رسول جي متبرڪ نالن سان قراري ٿي. مثال طور:
”بسم الاهيون ست، تو ۾ اَلهه جي برڪت،
بسم الله جي رتي، توکي واءُ نه لڳي تتي!
توکي ڪوسا لڳن نه جهولا، رب ڏيکاري نه تتي“
(چنا، 1954ع ، ص ، 12)
شل هي لوڪ گيت اسانجي سنڌڙي جي سرندي تي سدائين وڄندا رهن ۽ هر هڪ ننڍو خواه وڏو هت من موهيندڙ ۽ دل لڀائيندڙ گيت مان ابدي سرور حاصل ڪندا رهن. انهن لوڪ گيتن ۾ اسانجي تهذيب، ثقافت ۽ ريتن رسمن جي عڪاسي ملي ٿي ۽ اهي گيت اسانجو سرمايو آهن ۽ تاريخ جو حصو آهن، جنهن جي ذريعي اسان سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهن تي فخر ڪري سگهون ٿا.

حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”سنڌ جا عوامي گيت_ ڪافيون“ ماهوار رسالو ”نئين زندگي“ جلد-7، نمبر-3، ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪشن مارچ ، 1954ع ، ص 9.
(2) حوالو ساڳيو، ص، 12.
*

(ii) سنڌي لوڪ گيت- وايون
سندن هي مضمون، پهرين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو، ان کانپوءِ هي مضمون ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جي، جلد- 11 نمبر 12، ڊسمبر 1958ع ۾ شايع ٿيو، چنا صاحب هن مضمون ۾ لفظ “وائي”جي بڻ بڻياد تي مختصر بحث ڪندي لکيو آهي ته:
”عام اصطلاح ۾، ڪنهن به ڳالهه ۽ ٻولي“ کي وائي سڏبو آهي، هن جو ڌاتو، پراڪرت لفظ ”وايا“ ۽ سنسڪرت لفظ ”وارتا“ مان نڪتل آهي، سنسڪرت ۾ ”ورت “ جي ”هجر“ آهي، مگر هت وايون سنڌي نظم جي جمال وارو جزو آهن، جن جي وسيلي سنڌي برن، پٽن ۽ ڳلين ۽ گهٽين ۾ پنهنجو روح ريجهائين ٿا. اڪثر سنڌي اديب هن ڳالهه تي متفق آهن ته،”وائيءَ“ جو مؤجد شاهه ڀٽائيرح آهي شاهه صاحب وٽ هندوستاني ڳائڻا رهندا هئا، جدا جدا راڳڻين ۾ پهرين ڪي ڏوهيڙا ڳائي پوءِ غزل يا ٺمري يا لا وڻي ڳائيندا هئا.“ (چنا، 1958ع، ص ، 20)
اهڙي نموني شاهه صاحب به جدا جدا سرن ۾، بيت چئي آخر ۾ وايون چيون آهن، اها به حقيقت آهي ته، وائي اڳتي هلي ڪافي جي صورت ورتي، جنهن ڪري ڪافيءَ جي شاعرن ان ۾ گهڻا اضافا ڪيا، وائي هر دؤر جي مقبول ترين صنف سمجهي وڃي ٿي، شاهه لطف الله قادري، شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف هن کي ايجاد ڪيو ۽ هيءَ دوهن جي وچ ۾ رکي ڳائي ويندي هئي. وائي، شاهه جي ايجاد آهي، جنهنجي وسيلي هو درد کان ڊٺل دلين تي، ڊڀ ٿو وجهي. داستان پڙهندي جي ڦٽ ڪڙهيا ٿي، تن تي وائي ، ٺار ٿي وجهي، سر معذوري جو هڪ مثال هيٺ پيش ڪجي ٿو:
”خوبي منجهه خفت اي دوست، آهي عبداللطيف کي،
مدح مون کان نه ٿئي، سندي سور صفت آهي عبداللطيف کي.
هيجي ڪريان هيج سين، مطالع محبت آهي عبداللطيف کي“
(چنا، 1958 ع ، ص ، 20 )
اهڙيءَ طرح سنڌ جي ٻين شاعرن به وايون چيون آهن، پر پوءِ وارن سڀني شاعرن جي لکڻين ۾ ”ڪافين“ جو وڏو اثر نظر اچي ٿو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون ”سنڌي لوڪ گيت- وايون “ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد 11، نمبر- 12، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي پاڪستان، پبليڪيشن، ڊسمبر، 1958ع، ص، 20.
(2) حوالو ساڳيو ص، 20.
(iii) واديءَ سنڌ جو فارسي علمي سرمايو
هي مقالو، پهرين سال 1964ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيو انکاپوءِ ماهوار ”نئين زندگي“رسالي جي جلد 22 ، نمبر - 7جي جولاءِ 1969ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو. واديء سنڌ جو خطو دنيا ۾ علم و فضل ۽ تهذيب جي ڪري مشهور رهيوآهي. هن مقالي ۾فارسي علمي سرمايي جي شروعات جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي: ”واديءَ سنڌ ۾ فارسي علمي سرمايي جي شروعات، سلطان محمود غزنويءَ جي سنڌ تي ڪاهه بعد، سن 421 هه بمطابق 1030 ع ڌاري ٿي ۽ ان جو اثر ٽالپرن جي عهد 1843ع تائين، فارسي زبان مکيه درٻاري زبان جو شرف حاصل ڪيو، انگريزن جي دؤر ۾ سندس زور گهٽجي ويو.“ (چنا، 1969ع ، ص ، 33 )
اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ فارسي هڪ دفتري زبان رهندي آئي ۽ هيءَ زبان ترقي ڪندي وڃي عروج تي پھتي، جيئن ٽالپرن جي دؤر ۾، هڪ پهاڪو مشهور آهي ته (فارسي گهوڙي چاڙهسي) سندس لکيل هن مقالي ۾ اها به معلومات ملي ٿي ته، ستين صدي هجري مطابق، تيرهن صدي عيسويءَ ۾، سومرن جي دؤر ۾ اسانکي فارسيءَ جا ٻه وڏا چمڪندڙ ستارا ملن ٿا. هڪ علي بن حامد ڪوفي، جنهن جو چچ نامو مشهور آهي، ان کانپوءِ ٻيو، حضرت قلندر لعل شهباز مروندي جن هئا. هن مقالي ۾ ڪافي تعداد ۾ اهڙن ڪتابن جو به ذڪر ڪيو آهي ، جيڪي نهايت بهترين موضوعن تي لکيا ويا هئا، جيڪي فارسي زبان ۾ شايع ٿيل هئا.
مثلاً: ديوان نامي، خمسه نامي، معدن الافڪار، حسن و ناز، اڪبر نامه، هفت نقش طب نامي مفردات معصومي، تاريخ معصومي، اهڙيءَ طرح سان ڪجهه تاريخن جا ڪتاب جيڪي فارسي ۾ لکيل هئا، تاريخ طاهري، بيگلارنامه، ترخان نامه، ۽ تحفة الڪرام وغيره.
هن صاحب ارغونن جي دؤر کان وٺي ڪلهوڙن جي زماني تائين پهچي، ٽالپرن جي حڪمراني تائين، اهڙا نالا پيش ڪيا آهن جيڪي پنهنجي وقت جا فارسي زبان جا ماهر ۽ ادب جا چمڪندڙ ستارا رهيا. مثال طور: مراز شاهه حسن ارغون، مرزا جاني بيگ، مير معصوم شاهه بکري، محمد طاهر نسياني، مير ابوالمڪارم ”شهود“ نور محمد ٺٽوي، سيد شاهه جهانگير هاشمي ڪرنامي، مير علي شير قانع ٺٽوي، مير ابواالبقا عرف بهرور علي، شيخ محمد اعظم، عبدالوهاب المعروف سچل سرمست، قادر بخش بيدل وغيره فارسي ادب جا چمڪندڙ ستارا هئا.
مذڪوره فارسي ڏيکاريل ڪتابن کانسواءِ، لب تاريخ سنڌ، ديوان غلام، تاريخ طاهري ترخان نامو، مڪلي نامه، روضته السلاطين اهڙا ڪتاب آهن. جن جو فارسي مواد اسان وٽ بهترين سرمايو آهي.
چنا صاحب جي هن مقالي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، سندس ذاتي لائبريري ۽ سندس علمي شوق جي دسترس ايتري ته وسيع هئي جو پاڻ هن مقالي ۾ تقريباً فارسي زبان ۾ آيل تاريخ مظهر، توڙي علمي ادبي نثر ۽ بياض جا سڀ جا سڀ ڪتابن جا نالا آندا آهن، ان سلسلي ۾ پاڻ ڪيتري محنت ڪئي هوندائون، ان جو اندازو صرف تحقيق ڪندڙ علمي دوست ئي لڳائي سگهن ٿا.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”واديءَ سنڌ جو فارسي علمي سرمايو “ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد-22. نمبر 7، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي. ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن جولاءِ 1969ع، ص، 33.
*

(iv) سچل سرمست جا دوها
سندن هي مقالو، ماهوار رسالي ”نيئن زندگي“ جي جلد ويهون ۽ نمبر ٻارهون، ڊسمبر 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو. هن مقالي ۾ ”دوهي“ لفظ جي اپٽار ڪئي اٿن ته، دوهو هندي شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، جيڪو ٻن سٽن تي مشتمل آهي، هندي دوهن جي ضمن ۾، ڪبير شاهه ۽ گرونانڪ جا مثال ڏيئي دوهي جي اهميت کي وڌيڪ ظاهر ڪيو اٿن. مثال طور: ڪبير جيئن فرمايو آهي:
”جو آيا جگت ۾، سراهي توءِ
ايسي ڪرت ڪرچلو، پاڇي نه هنسي ڪوءِ“
يعني (جڏهن دنيا ۾ آيو آهين، تڏهن جس حاصل ڪر، اهڙي طرح حياتي گذاري وڃ، جو پٺيان ڪو کلئي نه)
گرو نانڪ جو مثال:
”نانڪ گورو نه چيتني، جن آ پڻي سچيت،
ڇٽي تل ٻهاڙ جيءَ، سڃي اندر کيت“
يعني(اي نانڪ، جيڪي ماڻهو پاڻ کي سچيت سمجهي رب تعاليٰ کي ياد نٿا ڪن، سي ترن جي کلن وانگر، سڃيءَ ٻنيءَ ۾ اڇلايا وڃن ٿا). (چنا، 1967 ع ، ص ، 13)
سمن جي دؤر ۾ هندي دوهي جو اثر گهرو ٿيندو ويو، تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ڪيترائي ڪلاسيڪي شاعر سنڌي دوهي جا محافظ هئا، جن دوهي جي فن ۾ پنهنجن بيتن ۾ ڪماليت حاصل ڪئي آهي. انهن ۾ هفت زبان شاعر سچل سرمست به شامل آهي چنا صاحب سچل جي دوهن جي فن بابت لکي ٿو ته : ” جيڪڏهن اسين پنهنجي شاعر سچل سرمست جي ڏوهيڙن کي غور ۽ خوض سان جاچينداسين ته معلوم ٿيندو ته، سچل سائينءَ جي دوهن ۾ ٻيءَ ۽ چوٿينءَ تڪ جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو اصل ڪونهي، ۽ هن صاحب، شاهه ڀٽائيءَ جيڪو ڪنو رڌو هو، ان جو ڍڪڻ لاٿو آهي. يعني پنهنجي پيشرو شاهه صاحب وانگر ٻيءَ تڪ ۽ ٽيءَ تڪ ۾ هم قافيي الفاظ استعمال ڪيا آهن، سندس سڄي ڪلام ۾ جيڪي به ٻه تڪا بيت هٿ ايندا، سي گهڻو ڪري ٻيءَ ۽ ٽيءَ تڪ وارا هم قافيي الفاظ نظر ايندا آهن“ مثال طور: سچل جا بيت
(1) ”ڪاتيءَ ري ڪهي ڇڏيو، راڻا تنهنجي رنج،
سکئون سڀ سهنج، سوڍو ساڻ کڻي ويو،ڄ

(2) ”مرد نه مرن ڪڏهين، جن الک ڪيو اثبات،
ٻي جهت ۽ جهات، سير سڀوئي ان جو“

مثال طور: شاهه ڀٽائي جو بيت
”کو ءِ هاڙهو، کوءِ هوت، کوءِ پنهون ،کوءِ پريتڻو،
مادر مون تان موت، پسڻ مان پرائيو“
(چنا، 1967ع ،ص ، 15 ، 14)
مٿين مثالن مان معلوم ٿئي ٿو ته، سچل سائين پنهنجي پيشرو شاعرن وانگر ڏوهيڙي ۾ به ڦير گهير ڪري، ٻن مصراعن بدران، ٽن، چئن، پنجن ۽ اٺن تائين مصراعون ڪم آنديون آهن، اهڙيءَ طرح سچل سرمست جي ڪلام ۾ به دوها جي سٽاءَ سان واسطو رکندڙ هڪ نئون تجربو ملي ٿو، جيڪو ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر وٽ نظر نه ٿو اچي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پرفيسر: مقالو، ”سچل سرمست جا دوها“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد، 20، نمبر، 12، ايڊيٽر، شميرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، ڊسمبر ، 1967ع، ص - 13.
(2) حوالو ساڳيو ، ص ، 15، 14.
*
(v) دادو ضلعي جا عوامي عرس ۽ ميلا
پروفيسر محبوب علي چنا، دادو ضلعي جي تهذيبي ۽ تاريخي ورثي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جي، آگسٽ، سيپٽمبر 1970ع واري پرچي ۾، هي مضمون بعنوان ”دادو ضلعي جا عوامي عرس ۽ ميلا“ شايع ٿيو، هن مضمون ۾، چنا صاحب لفظ ”ميلا“ کي ثقافت جو هڪ اهم حصو سمجهيو آهي، ۽ اهو به ڄاڻايو آهي ته، لفظ ميلو ”ميل“ مان نڪتل آهي، جنهن کي اردوءَ ۾ ميل جول ۽ سنڌي ۾ ملڻ جلڻ چئبو آهي.
هن مضمون جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، هن هي مضمون لکي دادو ضلعي جي پيرن فقيرن، ۽ بزرگن سان محبت جا ٻول ٻوليا آهن ۽ انهن جي لڳندڙ ميلن، ملاکڙن جو ظاهري طور عڪس پيش ڪيو آهي، پاڻ هن مضمون ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي، ريتن رسمن کي اجاگر ڪيو اٿن. سنڌ جي هر ڳوٺ يا شهر ۾ ڪنهن نه ڪنهن پير فقير، بزرگ، ولي جي مزار هوندي آهي ۽ انهن جي مزارن تي ڪي ميلا، ڪن وڏن ڏينهن تي لڳايا ويندا آهن، جهڙوڪ مهاپرو سومار يا مهاپرو جمعو، پر اڪثر ڪري الله وارن جا عرس ملهائڻ لاءِ، ميلا رعب ۽ تاب سان لڳندا آهن، هنن من موهيندڙ ميلن ۾ بازارون نمائشون، ڌمالون مينديون، ملاکڙا ۽ نموني نموني جا کيل ۽ ڪسرتون ميدان ۾ اچي ويندا آهن، وڏن ميلن ۾ ته، ڪٿان ڪٿان جا پرديسي اچي ڪٺا ٿيندا آهن ۽ ننڍن ميلن ۾، انهيءَ علائقي جي آسپاس جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي جي حوالي سان چنا صاحب لکي ٿو ته:
”انهن ميلن ۽ عرسن جي ڪري، دادو ضلعو برک آهي. هن ضلعي ۾ هڪ ئي ميلو اهڙو لڳندو آهي جو، خيرپور ۽ حيدرآباد ڊويزنن ۾ پهريون نمبر آهي، ۽ بهاولپور ،ملتان، ڪوئيٽه ۽ قلات جي خطن ۾ مشهور آهي، اهو ميلو آهي سنڌ جي ولي، حضرت سيد عثمان مرندي عرف لعل شهباز قلندر جو ، جنهن جي زيارت با برڪت لاءِ دور دراز جا دولهه، اڙنگا ڪشالا ڪري ۽ ڏونگر ڏوري اچن ٿا.“ (چنا، 1970ع ، ص ، 5 . 4)
سندن هن مضمون مان اهو به پتو پوي ٿو ته ميلا، ميل ميلاپ جو ڪارڻ هوندا آهن ۽ ميلا سنڌي نج ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ کان علاوه وڻج واپار جو به ذريعو رهيا آهن، چنا صاحب جي هن مضمون مان پڙهندڙن کي دادو ضلعي جي بزرگن، ولين جي ته خبر پوي ٿي، پر ان سان گڏو گڏ الله وارن جي مزارن تي ڪي ننڍا وڏا ميلا يا عرس ملهائڻ جي تاريخن جي به خبر پوي ٿي ۽ انهن ميلن جي منظرن جي ڄاڻ ملي ٿي جيڪي اسان جي ثقافت جا حصا آهن.
حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون،”دادو ضلعي جا عوامي عرس ۽ ميلا“، ماهوار رسالو ”نئين زندگي“، ايڊيٽر شمشسيرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن،آگسٽ، سيپٽمبر، 1970ع، ص 45 .
*
(vi) ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب (Sindhi Literature After Partition)
پروفيسر محبوب علي چنا، جڏهن هالا ڪاليج ۾ پرنسپال هئا، تنهن دؤر ۾ ڪاليج جي طرفان سال 56-1955ع ۾ هڪ مئگزين ” سروري مئگزين“ جي نالي سان جاري ٿيو، جنهن ۾ انگريزي واري حصي ۾، سندن هڪ مضمون انگريزيءَ ۾ بعنوان:“Sindhi literature after partition.” يعني، ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب“ شايع ٿيل آهي.
هن مضمون جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، مضمون جي شروعات ۾ ٻوليءَ جي حوالي سان مختلف عالمن جي راين تي بحث ڪيو ويو آهي، اهڙيءَ طرح ورهاڱي کانپوءِ واري دؤر تي روشني وڌي وئي آهي جيئن پاڻ لکيو اٿن ته ”هي دؤر سنڌي ادب لاءِ تمام اهم ۽ خطرناڪ پڻ هو، ڇاڪاڻ ته سڀ سنڌي هندو الڳ ٿي ويا ۽ ادبي ڪتابن جي ايڏي ته اڻاٺ ٿي وئي جو، شاهه صاحب جو رسالو ملڻ مشڪل ٿي ويو، پر ڪجهه ادبي ماهرن جي اڻ ٿڪ ڪوششن سان، سنڌي ادبي مواد شايع ٿيندو ويو.“ (چنا، 56، 1955ع، ص، 14)
اهڙيءَ طرح مختلف عالمن، اديبن، شاعرن جن ورهاڱي کانپوءِ ڪوششون ورتيون ۽ سنڌي ادب ۾ نثر، توڙي نظم ۾ ترقي ۽ واڌارو ڪيو، انهن نين نين صنفن، نون موضوعن، نون لاڙن ۽ نون رجحانن کان متعارف ڪرايو، انهن جو مختصر نموني ذڪر ڪيو ويو آهي، هي مضمون انگريزي ۾ ڏنل آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ هي مختصر اختصار پيش ڪيو ويو آهي.

حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون ”ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب“، سروري مئگزين هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال. 56-1955، ص، 14.
*
(vii) اخلاقيات
چنا صاحب جا ادب کانسواءِ ٻين به ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکيل آهن، مثال طور: ”اخلاقيات“ جي موضوع تي پاڻ هڪ مضمون لکيو اٿن. سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ سندن پرنسپال واري عهدي دوران نڪرندڙ ”سروري مخزن“ جنهن جا بنياد وجهندڙ به پاڻ هئا، 60-1959ع واري، سروري مخزن ۾ سندن ”اخلاقيات“ جي موضوع تي لکيل هي مضمون شايع ٿيو هو. پاڻ هن مضمون ۾ اخلاقيات جي مفهوم جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: هي لفظ اخلاقيات ”خلق“ جو جمع الجمع آهي، يعني خلق مان جمع اخلاق ۽ اخلاق مان اخلاقيات ،اخلاقيات کي علم الاخلاق يا اصول اخلاق به سڏجي ٿو، علم الاخلاق اهو علم آهي جنهن ۾ اخلاق ۽ ان جي ربط ۽ ضبظ متعلق بحث ڪيو ويو آهي.“ (چنا، 60 – 1959ع ، ص ، 18 )
اهڙي طرح سان پاڻ، اخلاقيات جي وسعت ۽ دائرو بيان ڪيو اٿن. هن مضمون ۾ مختلف عالمن جا حوالا ڏيئي،”اخلاقيات“ کي سٺي نموني سان بيان ڪيو اٿن. هن مضمون کي پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته، ڪنهن انسان کي سنوارڻ ۽ بهتر بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته ان جي عادتن ۽ خصلتن کي سڌاريو وڃي، عادتون ۽ خصلتون، جيئن ته انسان جي ذهني سوچ، عقيدت ۽ نظرين جي مطابق، زير عمل اچن ٿيون ان ڪري عقيدت ۽ نظريت جي درستي ئي حقيقت ۾، اعمالن ۽ اخلاق جي درستي آهي. اخلاق جو سنوارڻ، جنهن کي علم الاخلاق جي محاوري مطابق، ”تهذيب الاخلاق“ سڏجي ٿو. جو انسان جي لاءِ نهايت ضروري ۽ لازم آهي. انڪري نبي، پيغمبر ۽ اولياءَ هن دنيا جي تختي تي پيدا ٿيا، اهي ڌڻي ڌوئل، الله تعاليٰ جو علم، پاڻ سان کڻي ڪائنات جي وسيع زمين ۾ پکڙجي ويا ۽ پنهنجي جان ماري، نفس کي نهوڙي بني نوع انسان کي الله جو صحيح رستو ڏيکارين ٿا، جنهن رستي کي قرآن شريف ۾ ”صراط المستقيم“ سڏيو ويو آهي.

حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون ”اخلاقيات“، ”سروري مخزن “ هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال ، 60 ، 1959ع ، ص ، 18.
*
(viii) پاڻ سڳورن جو مخالفن سان سلوڪ
سندن هي مضمون، ماهوار رسالي، ”نئين زندگي“ جي، ”سيرت النبي نمبر“ ۾، 1963ع ۾ آگسٽ واري پرچي ۾ شايع ٿيو. چنا صاحب هن مضمون ۾ عشق الاهي جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن موجب پاڻ سڳورن جي زندگيءَ جي حالات جي مختلف واقعن جو احوال قلمبند ڪيو اٿن، هن مضمون ۾، قريشن جي مخالفت جو سربستو احوال پيش ڪيل آهي، سندن مخالفت انهيءَ لاءِ ٿي جو پاڻ حق جو پيغام کڻي ميدان ڪار زار ۾ آيا. پاڻ لکن ٿا ته: ”جڏهن بداخلاقي جو دؤر هو، عرب جا باشندا بت پرستي، توهم پرستي ۽ شيطان پرستي جي تثليث ۾ محو هئا، قتل غارت جو جنون، سندن دلين ۾ دائما موجود هو. اهڙي شب تاريڪ جي ظلمن وقت، سعادت جي برج مان، ”سراج منير“ پيدا ٿيو، جنهن جي برڪت طفيل ڪفر جا قلعا ٽٽي پيا ۽ ڪوڙ جا ڪنگرا اچي پٽ تي پيا.“ (چنا، 1963ع ، ص ، 84 ، 83 )
مذڪوره احوال مان معلوم ٿيو ته، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي انهي ڪري مخالفت ٿي، جو حق طرفان پيغمبر هو ۽ هر ايندڙ پيغمبر جي، سندس قوم مان ئي شديد مخالفت ٿي آهي، مضمون جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته، حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي دؤر ۾ به سندن مخالفت طرفان ڪيترائي ظلم ڪيا ويا پر جن جي اعليٰ اخلاق، صبر ۽ مرتبي جي حوالي سان عظيم سبق ڏنل آهي.

حوالو
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”پاڻ سڳورن جو مخالفن سان سلوڪ “ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد 16، نمبر – 8 ايڊيٽر: عبدالواحد سنڌي ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، آگسٽ 1963ع، ص ، 84 ، 83 .
*