پروفيسر محبوب علي چنا، بحيثيت سوانح نگار
ڪنهن به ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي لکيل، اهڙو داستان جيڪو سندس مڪمل زندگيءَ تي ڦهليل هجي ۽ اهڙي ماڻهوءَ ذريعي لکيو ويو هجي، جنهن کي ان ماڻهوءَ جي شخصيت جي بنيادي ڳالهين جي ڀرپور ڄاڻ هجي ته اهڙي لکيل داستان کي سوانح عمري سڏبو آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا جا، سنڌ جي ڪيترن ئي عظيم شخصيتن ۽ صوفي بزرگن، عالمن، اديبن جي سوانح حيات ۽ ڪارنامن تي مقالا ۽ مضمون لکيل ملن ٿا. سندس انهن مقالن ۽ مضمونن ۾ لکيل سوانح عمريون، نه رڳو ادبي لحاظ کان اهميت رکن ٿيون، پر تحقيق ۽ کوجنا جي لحاظ کان به وڏي ڪاوش ۽ محنت جو مثال آهن، انهيءَ مان سندس محنت ۽ همت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پاڻ جن شخصيتن تي مقالا لکيا اٿن، اهي گهڻو ڪري سنڌ جي نامور رسالن، جهڙوڪ: ”مهراڻ،“ ”نئين زندگي“ ۽ ”الرحيم“ ۾ ملن ٿا. چنا صاحب سنڌ جي ڪيترن ئي عظيم شخصيتن، صوفي بزرگن، عالمن ۽ اديبن جهڙوڪ: ڊاڪٽر محمد اقبال، مخدوم طالب الموليٰ، شاهه شهيد صوفي، ضياءُالدين بلبل، مرڪندڙ مير (سيد ميران محمد شاهه) خواجه محمد زمانرح، سِيَبويه بن اسماعيل القزداري، علي بخش رضا، ابوالقاسم فردوسي طوسي، مخدوم بلاولرح، هالن پراڻن جا ٻه مرحوم بزرگ، (مولانا مولوي حاجي محمد ۽ مولانا احمدرح)، چند گهڙيون – چند يادون (مير سڪندر خان کوسو) ۽ ڊاڪٽر محمد انور شيخ جهڙن عالمن ، بزرگن جي سوانح حيات ۽ ڪارنامن تي مختلف رسالن ۾ مقالا لکيائون، جيڪي سنڌي ادب جي واڌاري ۾ پڻ هڪ بهترين اضافو آهن.
سنڌ سونهاري هر دؤر ۾ اهڙا عظيم انسان پيدا پئي ڪيا آهن، جن دنيا جي ٻين مهذب قومن وانگر علم و ادب، تهذيب و تمدن، دين اسلام، سياسي ۽ سماجي ميدان ۾ سونهري ڪارنامه سرانجام ڏنا آهن، جن معاشري جي مختلف شعبن ۾ قابل تحسين ڪارنامه سرانجام ڏيئي، يادگيرين جا انيڪ داستان ڇڏيا. سندن علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فني سڳنڌ ۽ سرهاڻ نه رڳو سنڌ ۽ هند پر پوري عالم کي واسي ڇڏيو، انهن مان ڪجهه شخصيتن جي سوانح عمري ۽ سندن يادگيري کي تاريخ جي ورقن ۾ چنا صاحب هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو.
چوندا آهن ته قومون پنهنجن مشاهيرن سان سڃاتيون وينديون آهن، پنهنجن انهن قومي هيرن کي، وقت بوقت مختلف طريقن سان ياد ڪندا رهون ته جيئن اسانجو نئون نسل به کانئن واقف ٿي سگهي، اهڙيءَ طرح چنا صاحب به ان جذبي تحت، مختلف ناموررسالن ۾ انهن عظيم شخصيتن جي سوانح ۽ مختلف ڪارنامن تي تحقيقي مقالا لکي شايع ڪرايا ته جيئن تحقيق ڪندڙ توڙي عام پڙهندڙ انهن شخصيتن کان واقف ٿي سگهن.
چنا صاحب مٿئين موضوع تي جن شخصيتن تي مقالا لکيا آهن، انهن مان هرهڪ جو تفصيلي ۽ تحقيقي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو
(i) ڊاڪٽرمحمد اقبال جي ياد
ڊاڪٽر اقبال، پاڪستان جي انهن نامور هستين مان هڪ آهي، جن پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، آزادي لاءِ تڪليفون سٺيون ۽ برصغير جي ماڻهن ۾ آزادي حاصل ڪرڻ جو روح ڦوڪيو. ڊاڪٽر اقبال، پنجاب صوبي جي شهر سيالڪوٽ سان واسطو رکندڙ هو، پاڻ هڪ سٺو انسان ۽ وڏو شاعر هو، هن پنهنجي شاعريءَ ذريعي، انگريزن کان غلامي ڇڏائڻ ۽ آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ، برصغير جي تحريڪ آزاديءَ جي سڀني رهنمائن جو ساٿ ڏنو، ڊاڪٽر اقبال هڪ اوچي پايي جو مفڪر هو، تنهن ڪري جيڪو سوچيائين، سو بهتر سوچيائين، پروفيسر محبوب علي چنا پنهنجين لکڻين ۾، ڊاڪٽر اقبال جي شخصيت کي به ياد ڪيو آهي ۽ ان تي پڻ هڪ مضمون، بعنوان ”ڊاڪٽر اقبال جي ياد“ لکيو. جيڪو سال 1953ع ۾، ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيو، پاڻ هن مضمون ۾ اقبال جي اوائلي زندگي متعلق، مختصر طور هن طرح لکيو اٿن:
”علم و ادب جي آسمان جو درخشنده آفتاب، شعر و شاعري جي دنيا جو هڪ انقلاب آڻيندڙ پيغام رسان، شمع آزاديءَ جو سوخته پروانو، عسڪر خودي جو سرخيل 1877ع ۾، سرزمين سيالڪوٽ ۾ تولد ٿيو، جيئن ته سندن خاندان ذهن ۽ ذڪاوت جو گهوارو هو، تيئن ڊاڪٽر اقبال به بي مثال ذهني شاگرد ثابت ٿيو، ابتدائي تعليم جا مرحلا طعي ڪري اقبال ڪاليج جي زندگيءَ ۾ قدم رکيو.ايف - اي سيالڪـــوٽ ۾ پـــڙهيائيـن ۽ بي - اي واسطي لاهور جو سفر پر ثمر اختيار ڪرڻو پيس. اوائلي زندگيءَ ۾ سندس شخصيت تي، شمس العلماءُ سيد مير حسن جو اثر تمام گهرو پيو ۽ هن صاحب پنهنجي لاثاني علمي استعداد جي ذريعي، اقبال کي اهڙي ادبي منزلن مان رهبر بنجي پار لنگهايو، جو مستقبل ۾ ڊاڪٽر اقبال ادبي سلوڪ جي جانگدار، راهه ۾ ڪامل سالڪ ثابت ٿيو. قادر جي قدرت جو گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾، بي - اي جي تعليم تحصيل ڪندي، پروفيسر آرنولڊ جهڙو رهبر سندس حصهء ۾ آيو، 23 سالن جي ڪمسنيءَ ۾ پاڻ ايم - اي اعزاز و اڪرام سان پاس ڪري اورينٽل ڪاليج لاهور ۾ فلسفه ۽ انگريزيءَ جي پروفيسري جا فرائض سرانجام ڏنائين.“ (چنا، 1953ع، ص، 27)
اقبال جي بيان ڪيل مٿئين احوال مان سندس اوائلي زندگي جي باري ۾ معلومات ملي ٿي، اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ شاگردي واري زماني ۾ هڪ ذهين ۽ بي مثال شاگرد هو، سندس شخصيت تي قابل استادن جو اثر هو، تڏهن ته ايڏو وڏو انسان ۽ شاعر مشرق ثابت ٿيو.
اقبال جن ملڪن جو سفر ڪيو انهن جو به مختصر احوال چنا صاحب بيان ڪيو آهي.
مثلاً: انگلينڊ جي سفر، جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”پروفيسر آرنولڊ نه رڳو سندس استاد هو، مگر هڪ انيس ۽ همدم پڻ، جڏهن پروفيسر صاحب لاهور مان انگلينڊ روانو ٿيو ته هن صاحب جي فراق جو اثر نونهال اقبال تي ايترو ته گهرو ٿيو، جو ”نال¬ءِ فراق“ نالي نظم لکيو، جيڪو بي قرار جي رستي عوام جي ڪنن تائين پهتو، آخر سندس قسمت جي ستاري مغرب طرف رخ رکيو ۽ پاڻ 1905ع ۾ ولايت روانو ٿيو، ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ داخل ٿي، فلسفهءِ اخلاق جو گهرو مطالعو ڪري، ”فلسفهءِ اخلاق“ جي عنوان تي قلم آزمائي ڪري پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. جرمنيءَ وڃي ميونخ يونيورسٽيءَ مان، “فلسفهءِ ايران” جي مضمون تي طبع آزمائي ڪري پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين، ان کانپوءِ لنڊن جي پوليٽيڪل اسڪول ۾ داخل ٿي، بيرسٽريءَ جو امتحان پڻ ڏنائين، ڊاڪٽر اقبال، اسلام جي فلسفي تي ڇهه ليڪچر ڏنا، جي سندس اسلام دانيءَ جو ظاهري ثبوت آهن، پاڻ لنڊن يونيورسٽي ۾، پروفيسر آرنولڊ جي جاءِ تي ڪجهه مهينن لاءِ عربيءَ جو پروفيسر به ٿي رهيو.“ (چنا، 1953ع، ص، 28-27).
مٿئين حوالي مان ڊاڪٽر اقبال جي مهربان استاد جي خبر پوي ٿي، جنهن جي فراق اقبال تي ايترو اثر ڪيو جو، هن پنهنجي استاد جي فراق جي حوالي سان هڪ نظم لکيو، ان سان گڏوگڏ، سندس اعليٰ قابليت جي به ڄاڻ ملي ٿي.
اهڙيءَ طرح سندس هن سوانحي مضمون جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، سندس طبيعت آزاد پسندانه هوندي هئي، تنهنڪري پاڻ سڀني پيشن کي ڇڏي، گوشهءِ عافيت ۾ زندگي گذارڻ لڳو ۽ پڇاڙيءَ تائين پنهنجي درويشانه صفت زندگي بسر ڪرڻ لڳو، جيئن ته سندس شعر و شاعري ڏي رجحان گهڻو رهيو ۽ پاڻ شاعر مشرق طور مشهور ٿيا، سندن شاعريءَ جي ابتدا جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکي ٿو ته:
”اقبال جي شاعريءَ جو آغاز سندس ڪاليج جي زندگيءَ کان وٺي ٿيو، اول ۾ غزل چوندو هو مگر پوءِ فلسفيانه رنگ سان سندس شعر رنگين ۽ چٽيل نظر آيو، جڏهن شروع ۾ اقبال گورنمينٽ ڪاليج ۾ پروفيسر هو ته هڪ دفعي هڪ وڏي ادبي مجلس منعقد ٿي، اتي وڃي اقبال، “ڪوهه هماليه” جو نظم پيش ڪيو جنهن ٻڌندڙن جون ڏندين آڱريون وجهي ڇڏيون، سندس طبع جي توسن فارسي توڙي اردو ميدان همسر مات ڪيا، پر سندس فارسي ڪلام وڌيڪ پختو باريڪ، لطيف ۽ فلسفيانه آهي، سندس فارسي شعر جي لياقت ۽ خدا داد قابليت ڪري هي صاحب شهره عالم ٿيو.“ (چنا، 1953ع، ص، 28).
حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ شاعريءَ جي شروعات ڪاليج جي زندگي کان ڪئي، اها به خبر پوي ٿي ته، پهريان ئي غزل چوندو هو، سندس فارسي ۽ اردو ڪلام وڌيڪ پختو هو، تڏهن ته فارسي ڪلام جي لياقت ۽ قابليت ڪري هي صاحب شهره عالم ٿيو. اهڙيءَ طرح سندس ڪن تصنيفن جو به ذڪر ڪيل آهي، مثلاً: اردو ۾ سندس تصنيفون هي آهن:
بانگدار، بال جبريل، ضرب ڪليم، ۽ فارسي زبان ۾، پيام مشرق، اسرار خودي، رموز بيخودي، زبور عجم، ارمغان حجاز، مسافر ۽ جاويد نامه وغيره، سندس تصنيف جاويد نامه جي شهرت جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”سر محمد اقبال جي شهرت، سندس فارسي شعر تي مشتمل آهي، جيئن ملٽن شاعر جو نالو ”پئراڊائيز لاسٽ“ ڪري مشهور آهي، تيئن ڊاڪٽر اقبال جو نالو ادبي دنيا ۾، ”جاويد نامه“ ڪري روز روشن وانگر نمايان آهي، پاڻ خود جاويد نامه لاءِ فرمايو اٿس:
”آنچھ گفتم از جھانے دیگر است،
این کتاب از آسمانے ديگر است“
(چنا، 1953ع، ص، 28)
ڊاڪٽر اقبال فارسي ڪلام جي ڪري ايترو ته مشهور هو، جو چنا صاحب سندس شاعرانه ڀيٽ، انگريز شاعر ملٽن سان ڪئي آهي، سندس شعر جي خوبين جي حوالي سان چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته:
”ڊاڪٽر اقبال جو شعر خوديءَ جي وهندڙ شفاف پاڻيءَ جو سرچشمو، حريت جو عميق بحر، فلسفي جو لڪل خزانو، تصوف جي کاڻ ۽ آگاهيءَ جو انسائيڪلو پيڊيا (دائرالمعارف) آهي، جنهن مان هر ڪنهن شرف جو طالب اهي، لافنا در عدن لهندو جي سندس تاريڪ حيات لاءِ مشعل راهه بنبا.
مثال لاءِ چند شعر هيٺ ڏجن ٿا:
مثلاً: اقبال – خودي، ۽ عشق جو خزينو،
”خودی نے مجھ کو عطا کی نظر حکیمانھ،
سکھائی عشق نے مجھ کو حدیث – رندانھ“
اقبال – بے تراش قلندر
“بيا بمجلس اقبال يک دو ساغر کش
اگرچھ سر نتراشد قلندري داند”
(چنا، 1953ع، ص، 29)
سندس مٿين شعرن مان، فلسفي ۽ تصوف جي کاڻ نظر اچي ٿي.
اهڙيءَ طرح چنا صاحب هن مضمون ۾، سندس اوائلي زندگي، انگلينڊ جو سفر، سندس شاعري جي ابتدا، سندس تصنيفون ۽ سندس شعرن متعلق نهايت مفصل طور روشني وڌي آهي، هي مضمون، خاص طور پاڪستان جي هر باشعور فرد توڙي نئين نسل لاءِ بهترين، معلوماتي مواد ثابت ٿئي ٿو.
حوالا
چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”اقبال جي ياد“، ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“، جلد 6، نمبر 4، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان، پبليڪيشن اپريل، 1953ع، ص، 27.
حوالو ساڳيو- ص، 28، 27.
حوالو ساڳيو- ص، 28.
حوالو ساڳيو- ص، 28.
حوالو ساڳيو- ص، 29.
*
(i) طالب الموليٰ سائين جي سوانح حيات ۽ شعر و شاعري
سنڌ ڌرتيءَ ڪيترائي دانشور، محقق، عالم ۽ فاضل، مفڪر، شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا آهن جن سنڌ جي خوشحالي، عوام جي ڀلائي ۽ انهن جي ڏکن سکن لاءِ هميشه پاڻ پئي پتوڙيو آهي، اهڙين شخصيتن ۾، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو نالو به وڏي ادب ۽ احترام سان ورتو ويندو آهي. مخدوم صاحب سنڌي ادب جو اهو سرجڻهار، سچو انسان هو، جنهن نور نچوڙي سنڌي ادب، ثقافت ۽ ڪلا کيتر ۾ نوان سج اڀاريا ۽ ان روشن مينار ڪيترن ئي عالمن، ساهتڪارن، محققن، علمي ادبي ادارن کي منور ڪيو، مخدوم صاحب هڪ ئي وقت بيشمار خوبين جو مالڪ هو، سندس اهڙين لا تعداد خوبين کي ڏسي، سنڌ جي عالم، اديب ۽ تعليمي ماهر، پروفيسر محبوب علي چنا سندن شخصيت توڙي علمي، ادبي، سياسي، سماجي خدمتن ۽ ڪاوشن کان متاثر ٿي، سندس شاعريءَ کي گڏ ڪري، سنواري، سينگاري، هڪ ادبي گلدستو تيار ڪري، سنڌي ادب جي ميدان ۾، ”ڪچڪول طالب الموليٰ“ جي نالي سان نمودار ڪيو ۽ پاڻ انجا مؤلف رهيا، مذڪوره ڪتاب، بزم سروري سنڌي سروري اسلاميه ڪاليج هالا سنڌ پاران، سال 1955ع ۾، شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ مؤلف پاران جيڪو مقدمو پيش ڪيل آهي، ان مقدمي ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي سوانح حيات ۽ شعر و شاعري جي باري ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي.
مخدوم صاحب جي هن سوانح حيات ۾ چنا صاحب سندن ولادت خاندان، اوائلي اوسٿا، درس و تدريس سير و سياحت،سجاده نشيني، روزانه معمول سندن اولاد، عادات و فضائل، دلچسپيون، مطالعو، شاعري، تخلص، مطلوبي محفل جي مڻيا، شڪار، موسيقي، والي بال راند، طالب الموليٰ ڪلب سير و تفريح، شعر و شاعري، سندن ڪلام جا رجحان، پاڻ سڃاڻڻ، معاشره جو اثر، قوم ۽ وطن جي حب ۽ فلسفانه رفعت ورواني جي موضوعن تي تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
پروفيسر چنا صاحب، مخدوم صاحب جي ولادت جي حوالي سان لکيو آهي ته:” محرم الحرام، 1338هه بمطابق، 26 سيپٽمبر 1919ع، جي نيڪ شگون ڏينهن، منجهند بعد طالب الموليٰ سائين هن عالم ناسوت ۾ نواسي ٿيا. سندن عموي صاحب، مرحوم مخدوم مولوي غلام حيدر جن آذان ڏئي نالو ”محمد زمان“ رکيو.“ (چنا، 1955ع، ص، 31)
سندن ولادت جي تاريخ ۾ فرق ڏيکاريو ويو آهي، چنا صاحب 26 سيپٽمبر ڄاڻائي آهي، پر جيئن ته حوالن ۽ واڌارن مان معلوم ٿئي ٿو ته، سندن ولادت جي تاريخ 4 آڪٽوبر آهي، هيءَ تصحيح ۽ تحقيق پاڻ خود ڪرڻ فرمائي هئائون، ڪن ٻين اديبن به سندن ولادت جي تاريخ 4 آڪٽوبر ڄاڻائي آهي، جيڪا صحيح آهي.
چنا صاحب، اسلامي مهينو محرم الحرام ته ڄاڻايو آهي، پر اسلامي تاريخ نه ڄاڻائي اٿس. ڪن ڪتابن ۾، سندن اسلامي تاريخ 9 محرم الحرام ڄاڻايل آهي، بهرحال هالا جي هن عظيم هستيءَ، مخدوم غلام محمد صاحب عرف گلڻ ڄام، قريشي، صديقي جي گهر ۾ جنم ورتو.
اهڙيءَ طرح پاڻ خليفهء اول حضرت ابوبڪر صديق رحه جن جي اولاد بابرڪت مان آهن، ان ڪري پاڻ صديقي ۽ قريشي آهن، سندن خاندان جي بزرگن مان، غوث الحق مخدوم نوح سروررح جن ٿي گذريا آهن، اهڙيءَ طرح وقت بوقت سندن خاندان مان ڪيتريون بزرگ هستيون جنم وٺنديون رهيون آهن، سندن اوائلي اوسٿا جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”طالب الموليٰ سائين جن ڄمندي ڄام هئا، تولد ٿيڻ بعد دستوري طرح به روڄ راڙو ڪونه ڪيائون ۽ پنهنجي والد محترم ڏي رخ ڪيائون، جو نيڪ فال سمجهيو ويندو آهي.“ (چنا، 1955ع، ص، 37)
مطلب ته ننڍپڻ ۾، سندن طبيعت بالڪل غريب ۽ شدت کان خالي هئي، کلڻ به گهٽ هوندو هو ته روئڻ به گهٽ، گويا صحيح فقيراڻي طبع جا مالڪ هئا، ننڍپڻ کان ئي پاڻ تمام ذهين، بااخلاق هوندا هئا، سندن تي تعليم، تربيت ۽ صحبت جو باهمي اثر رهيو، سندن درس و تدريس جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته:
”طالب الموليٰ سائين جي طبع عالي تي، تعليم خواه تربيت خواه صحبت جو باهمي اثر رهيو. جيڪڏهن هڪ طرف سندن جد امجد سائين پرو ڄام صاحب، شريعت جي شفقت فرمائي هجي، ٻئي طرف سندن والد محترم جي فقيراڻي نظر هجي، ٽئي طرف سندن عموي صاحب مولوي مخدوم غلام حيدر سائين جي ڪفالت هجي ته اهڙي تربيت تام جي نتيجي کان هرڪو ذي فهم مخفي نه هوندو. پاڻ قرآن شريف جو درس انهن ڏينهن جي معروف عالم حافظ ولي محمد صاحب، مجاور درگاهه شريف کان ورتو جو نه رڳو ساءِ پروڄام جي سڀني سوٽن جو استاد هو، پر ساءِ گلڻ ڄام خواه سندن سڀني ڀائرن جو به استاد هو. سنڌيءَ جو سبق ٻن صاحبن کان سکيو ويو. انهن مان هڪ مرحوم ماستر حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ ٻيو آخوند حاجي عبدالرحمان صاحب هئا. فارسيءَ جي فرهي پهرين مرحوم مولوي مخدوم غلام حيدر سائين جن وٽ پڙهي ويئي، ان بعد مولوي عبدالحئي صاحب ٺيڙهي واري وٽ ۽ مولوي محمد عالم ڊڀري واري وٽ زير مطالع آئي. انگريزي جي تعليم مسٽر غلام رضا ڀٽو کان ورتائون، ليڪن استاد کي سندن والد قابل اطمينان نه سمجهيو، ته پاڻ پڙهائڻ شروع ڪيائون.“ (چنا، 1955ع، ص، 38)
مٿئين بيان مان سندن تربيت ۽ صحبت جي متعلق ڄاڻ ملي ٿي، جن ۾ ٽن شخصيتن جو وڏو هٿ رهيو، هڪ شخصيت، سندن شريعت ۽ مذهبي تربيت ڪئي، ٻي شخصيت، سندن فقيراڻي تربيت ڪئي، ته وري ٽين شخصيت، سندن ڪفالت جي تربيت ڪئي، ان کان علاوه سندن استادن جي باري ۾ به معلومات ملي ٿي، جن وٽ پاڻ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪيائون، سندن هن سوانحي تذڪري مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ پهرين شادي اچ شريف، تعلقو ٽنڊو باگو وارن پيرن مان، سترنهن سالن جي عمر ۾ ڪئي، پر ڪجهه سالن کانپوءِ انهيءَ گهرواري راهه رباني اختيار ڪئي، سندن پهرين گهرواري مان، درگاهه مخدوم نوحرح جن جو موجوده درگاهه نشين، مخدوم امين فهيم نشاني آهن، ان کانپوءِ سندن ٻي شادي مولانا فضل احمد غزنوي حيدرآباد وارو، جن وٽان ڪيائون، جن مان کين ڪيترا فرزند پيدا ٿيا.
مخدوم صاحب ڪيترن شهرن ۽ ملڪن جا سير به ڪيا، سندن سير و سياحت جي حوالي سان چنا صاحب لکي ٿو ته:” پهريان اٽڪل 17-16 سال وطن ۾ ئي گذاريائون، ان بعد کين ڪجهه سير و سياحت جو موقعو مليو ان دوران ۾ کين ڪوئٽه، ڀاڳناڙي، بهاولپور رياست، حيدرآباد کان اجمير تائين ڏسڻ جو موقعو مليو، ان بعد عراق جو سفر پر ثمر به نصيب ٿين.“ (چنا، 1955ع، ص، 41)
مٿئين حوالي مان، سندن سير سفر جي ته خبر پوي ٿي، پر ملڪن، شهرن جي به ڄاڻ ملي ٿي، جن جو پاڻ سير و سياحت ڪيائون. سندن والد جي وفات کانپوءِ، حضرت مخدوم نوح جي نولکي گودڙي جي سترنهين نمبر تي وارث ٿيا. سندن سجاده نشيني جي حوالي سان چنا صاحب هن طرح لکي ٿو ته:
”پاڻ غوث الحق مخدوم نوحرح جي درگاهه جي سجاده نشيني تي فائز ٿيا ۽ تمام ڳرو بار سندن مطلوبي ڪلهن تي آيو، پاڻ وڏي تحمل، حلم ۽ بردباري سان هن جبل جيڏي جوابداري چشمن تي چائي خنده پيشانيءَ سان منهن ڏنو.“ (چنا، 1955ع، ص، 41)
پاڻ ننڍپڻ کان ئي هڪ ته سلڇڻا ۽ ذهين هئا، ٻيو ته سندن استادن به تربيت اهڙي ڪئي جو پاڻ ايڏي ذميداري، پيار، محبت ۽ همت سان قبولي، ۽ پنهنجي سموري حياتيءَ تائين تمام بهترين طريقي سان اها ذميداري سنڀالي. اهڙي طرح سندن روزانه جا معمول به ڪيترا بيان ڪيل آهن، مثلاً: فجر نماز کان اڳ اٿڻ، اڪثر فجر نماز ادا ڪرڻ، ڪچهريون ڪرڻ، فيصلا ڪرڻ، مطالع ڪرڻ ۽ والي بال راند ڪرڻ وغيره شامل آهن.
سندن اولاد بابت، جيئن ته مٿي بيان ٿي چڪو آهي، پر سندن پهرين گهر واريءَ جي نشاني، مخدوم محمد امين فهيم جي حوالي سان، چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته: ”پهرين گهرواري مان کين هڪ فرزند بنام ميان محمد امين عرف ڏاڏا سائين تخلص به ”امين“ 17 جماد الثاني 1385هه بروز جمعه مطابق 4 آگسٽ 1939ع ۾ تولد ٿيا، کين ڏاڏا سائين هن ڪري سڏيو وڃي ٿو جو سائين پکن ڌڻيءَ جو نالو سندن مٿان آهي، پاڻ طالب الموليٰ سائين جي محبت جو مرڪز رهيا آهن، اپريل 1949ع ۾ ”رباعيات طالب“ جو انتساب پنهنجي هن صاحبزادي جي نالي هيٺئين ريت ڪيو اٿن:
مثال طور:
”منسوب هي اشعارآءُ توسان ڪريان ٿو تون،
تن تي محمد امين شل هوندين ڪمر بند،
جو طالب الموليٰ کي آهي علم عطا ٿيو،
الله ڪري تنهنجي به سيني ۾ اهو بند.“
(چنا، 1955ع، ص، 43)
مٿئين حوالي مان خبر پوي ٿي ته، مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ پنهنجي هن فرزند کي ايڏو ته پيار ۽ محبت ڏنائون جو ننڍڙي امين سائين کي ڪڏهن به ماءُ جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏنائون، ٻيو ته گهر جا به سڀئي وڏا امين سائين سان محبت ڪندا هئا، ۽ پيار مان ڏاڏا سائين پڪاريندا آهن. ايتريقدر جو مخدوم طالب الموليٰ سائين پنهنجي رباعين جو انتساب به پنهنجي پٽ امين جي نالي منسوب ڪيائون، سندن شخصيت تي پنهنجي پيءُ جي شفقت، محبت، پيار ۽ تربيت جو اهڙو ئي اثر ٿيو، جهڙو مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت تي پنهنجن بزرگن جو ٿيو، مخدوم امين سائين، پنهنجي پيءُ وانگر شاعر ابن شاعر آهن، ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي حوالي سان به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، جيڪي خوبيون سندن والد مرحوم ۾ هيون، اهي ئي خوبيون سندن ۾ هوبهو نظر اچن ٿيون. هن تذڪري ۾، مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت جي ڪيترين ئي خوبين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، مثلاً: فخر، هٺ، وڏائي، تڪبر کان بلڪل دور رهندا هئا، وٽن ادب، حياءُ، فضيلت، لحاظ، صبر و تحمل، غريبن، محتاجن ۽ مظلومن جي همدردي ۽ مهمانوازي جا اڻ کٽ خزانا هوندا هئا. انصاف حق پرستي دشمن نوازي، غريب توڙي تونگر لاءِ هڪڙي نظر هوندي هين. هن سوانح مان وڌيڪ اها به خبر پوي ٿي ته، سندن زندگي جو خاص مقصد خدمت خلق هوندو هو، ۽ ان خدمت کي عين عبادت جي درجي تي سمجهندو هو، جيئن پاڻ هڪ شعر ۾ چوي ٿو ته:
”اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،
ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.“
سندن خدمتن ۾ فيصلا ڪرڻ، فرياد اونائڻ، غريبن ۽ بي پهچن جون هر طرح مدد ڪرڻ شامل هيون.اهڙيءَ طرح هي تذڪرو، مخدوم صاحب جن جي ذهني لاڙن، شغل، شوق ۽ اٿي ويٺي جو آئينه دار پڻ آهي.سندن دلچسپين جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”مخدوم صاحب جن جون مکيه دلچسپيون هي آهن، هڪ مطالعو، ٻيو شاعري، ٽيون شڪار، چوٿون موسيقي، پنجون والي بال راند ۽ ڇهون سير ۽ تفريح“ (چنا، 1955ع، ص، 46)
مخدوم صاحب جن مطالعي ۽ شاعريءَ جو شوق ته سڄي عمر قائم رکيو، پر شڪار ۽ والي بال راند تان سندن روح ڪجهه عرصي کان پوءِ کڄي ويو، البت موسيقي ۽ سير و تفريح ۾ ڪافي عرصو سندن دلچسپي قا.ئم رهي.
مخدوم طالب الموليٰ سائين جن کي ننڍي هوندي کان ئي، شاعري ۽ راڳ جو شوق هوندو هو، جيڪڏهن طالب الموليٰ سائين جي خاندان ۽ ماحول تي نظر وجهبي ته اهو ظاهر ٿيندو ته پاڻ ۽ شاعري لازم ملزوم آهن، پاڻ شاعر ابن شاعر هئا، ازانسواءِ سندن پڙ ڏاڏو، سائين پکن ڌڻي شعر جو شاهه ٿي گّذريو آهي سندن شاعريءَ جي شوق جي حوالي سان، چنا صاحب هن ريت لکيو آهي:
”ڏهن سالن جي عمر هين ته پاڻ ناري طرف مريدن جي سفر تي ويا هئا، اتي کين منٺار فقير راڄڙ سان ميل جول جا گهڻا موقعا مليا، جو سندن حاضري ۾ رهندو هو، هن جي ته طبع هئي کليل، سو روزانو رات جو هڪ ڏهر ٺاهي، طالب الموليٰ سائين کي هر صبح جو ٻڌائيندو هو. کين هن تي تپرس لڳو ۽ شعور جو اسپ ميدان تخيل ۾ تيزيءَ سان ڊوڙڻ لڳو، وري جو ويتر مختلف شعر جي ڪلامن جو مطالعو ٿيو خصوصاً سائين پکن ڌڻيءَ جي روحاني ڪلام جو، تنهن اها آرزو دل ۾ پيدا ڪين ته، ”مان شاعر ٿيان“ هن آرزوءَ جي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيا. ڏينهن ويا گذرندا. سال کن به پورو ٿي ويو، باز جي شڪار جو پروگرام هو ته اتي في البديعه هي شعر دل تي تري آين ته:
”يا الاهي يار مون ايندو ڪڏهن
درد دل جو دور هي ٿيندو ڪڏهن.“
(چنا، 1955ع، ص، 48)
مٿئين بيان مان خبر پوي ٿي ته، سندن خاندان کي ته شاعري ورثي ۾ مليل آهي. جو سندن وڏا به شاعر هئڻ جو درجو رکندا هئا. اهو سلسلو نسل در نسل هلندو رهي ٿو. جو اڄ ڏينهن تائين به جاري آهي، ان کان علاوه اها به خبر پوي ٿي ته، پاڻ ”باز جي شڪار“ دوران شاعر بنيا، ۽ سندن چيل پهرين شعر جي خبر پوي ٿي.
مخدوم طالب الموليٰ شاعري ۾، مختلف تخلص استعمال ڪندا رهيا جهڙوڪ ”بيوس“، پوءِ ”فراقي“، ”محمد زمان“، ”طالب” ۽ آخر ۾ ”طالب الموليٰ“ .
هن تذڪري مان معلوم ٿئي ٿو ته، ان دؤر ۾، محمد صديق مسافر ٽنڊو باگو وارو اڪثر هالا ۾ ايندو هو، جنهن سان مخدوم صاحب جن جون شاعري بابت رهاڻيون ٿينديون هيون، ان کان علاوه ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، حافظ محمد احسن چنا، الهه بخش عقيلي، اسد الله شاهه بيخود، محمد خان غني، احمد خان آصف، جمع خان غريب، منصور ويراڳي، انور هالائي وغيره، جن سان وقت بوقت شاعريءَ بابت رهاڻيون ۽ بحث مباحثا ٿيندا رهندا هئا، مٿيان شاعر سندس مطلوبي محفل جا مڻيا هوندا هئا.
مخدوم طالب الموليٰ شاعريءَ سان گڏ، موسيقي جو به مشتاق هو، پاڻ موسيقي جو به وڏو ماهر هو، جو پاڻ راڳ ۾ جان جو وڏو ڌاڪو مچائي ڇڏيو، پاڻ تمام بهترين ڳائيءَ به ويندا هئا، سندن هن تذڪري مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ مشهور ڪلاڪار سينڌو خان کان، موسيقي جي ڄاڻ به حاصل ڪيائون.
سندن شعر و شاعري جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:”پاڻ شاعريءَ جي هر ڪنهن نوع تي طبع آزمائي ڪئي اٿن، موزون ڪلام ۾ جن انواع تي طبع آزمائي ڪئي اٿن سي هي آهن: غزل، قطعه، رباعي، فرد، مثنوي، مخمس، مسدس، مثمن، مستزاد ۽ ڳجهارت. ٻين سڀني صنفن سان قارئين ڪرام ضرور روشناس هوندا، تنهن ڪري هت فقط ڳجهارت جو ذڪر ڪجي ٿو. ٻهراڙين جي ٻهڳڻن کي خبر آهي ته ڳجهارت ڪيئن ڏجي يا ان کي ڪيئن ڦولجي وغيره.
مثال طور: ڏيڻي
”حاڪماڻي ڪر سڄڻ پر تون ته پنهنجي ڪين ڪر،
مون ته ڪئي آهي گدا جي ، تون وري ڪپڙي جي ڀر.“
ڀڃڻي:
حاڪماڻي ته مهرباني، پنهنجي ته بيوفائي،
گدا جي ته التجا – ڪپڙي جي ته جهولي .
سڄي:
مهرباني ڪر سڄڻ پر بيوفائي ڪين ڪر،
مون ڪئي آ التجا ۽ تون وري جهولي کي ڀر“
(چنا، 1955ع ، ص ، 64، 63 )
مخدوم طالب الموليٰ سائين جي تيز فهم طبع چاهيو ته، موزون ۽ غير موزون کي پاڻ ۾ ڳنڍجي، سو عوامي غير موزون هنر کي، موزون شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي، هي به طالب الموليٰ سائين جي ڪلام جي جدت آهي، جا اڳ ۾ سنڌي ڪلام ۾ ظاهر نه ٿي هئي.
مطلب ته طالب الموليٰ، شاعريءَ جي هر صنف تي نه رڳو ڪلام چيو، پر ادب جي هر صنف، جن ۾ نثري توڙي شاعريءَ جون صنفون شامل آهن، سڀني صنفن کي وڏي ترقي وٺرائڻ لاءِ، عملي جهدوجهد ڪيائون، لوڪ ادب کي به سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾، سندس وڏو هٿ هو، ان ڏس ۾ سگهڙن جون ڪچهريون ڪرائڻ ۾، طرحي توڙي غير طرحي مشاعرن منعقد ڪرائڻ ۾، سڀني کان اڳرو ۽ اڳڀرو هوندو هو.
مخدوم طالب الموليٰ تي معاشري جي اثر جي حوالي سان چنا صاحب لکي ٿو ته:” انسان تي ٻه اثر گهرا ٿين ٿا، هڪ فطري ٻيو ماحول ۽ معاشري جو، اسان جي معاشري جي دائري ۾ جا درهمي برهمي معلوم ڪجي ٿي سا عالم آشڪار آهي، اڀ پيو اکئين ڏسجي اسلامي اخوت و مساوات جو سبق صفا وسريل آهي، سرمايه داريءَ جو دور دورو آهي، مفلسيءَ جي مار آهي، ان جو احساس طالب جي دل تي ڪيئن نه ٿيندو، ان حوالي سان ڪجهه شعر به مثال طور ڏنا ويا آهن.
مثال طور:
”دولت جي گهڻي آهي ته دنيا به آهي دوست،
نه ته يار به پاسو ٿا ڏين خوب ڪري ڇند،
امير ٿو رهي نازان سندس آ هٿ ۾ راڄ،
غريب دست، محبت سندو سدا محتاج.“
(چنا، 1955ع ، ص ،69)
مٿئين حوالي ۽ شعر مان معلوم ٿئي ٿو ته: پاڻ تمام احساس پسند هوندا هئا، معاشري جو ماڻهوءَ تي اهڙو اثر ٿئي ٿو جو، هو ڪڏهن ڪڏهن دولت جي نشي ۾ سڀ رشتا ناتا، ڀائپيون، برادريون وساري ويهندو آهي، ۽ ان لاءِ هر دروازو کليل رهي ٿو، پر غريب لاءِ هر دروازو بند آهي، ڏک، تڪليفون، درد به معاشري جا صرف غريب لاءِ آهن، دولت وارو پنهنجي دولت سان سک، آرام، عيش هر شيءَ خريد ڪري سگهي ٿو، پر غريب سواءِ محبت ، اخوت ۽ قربانيءَ جي ڪجهه به نٿو خريد ڪري سگهي، پر غريب رهندو پاڻ ڪمائي ٻين کي کارائي ٿو. مطلب ته سائين طالب الموليٰ جي مٿئين شعر مان ڪيڏو نه عظيم سبق ملي ٿو.
مخدوم سائينءَ جون ادبي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ميدان ۾، سرانجام ڏنل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. پاڻ ڪيترين ئي تنظيمن سان نه رڳو وابسته رهيا، پر انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم به رهيا، اهڙين تنظمين ۾، جميعت الشعراءَ سنڌ جا صدر، سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين، لطيف يادگار ڪميٽي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مشاورتي ڪميٽي جا رڪن، ان کان علاوه سنڌ توڙي پاڪستان جي اسيمبلين جا چونڊيل ميمبر به رهيا.
ادبي دنيا ۾، مخدوم صاحب علم ۽ ادب جا واهڙ وهائي ڇڏيا، علم ۽ ادب جي فروغ لاءِ، هالا ۾ الزمان پريس قائم ڪيائون، جتان هفتيوار ”الزمان“ ۽ ”پاسبان“ اخبارون جاري ڪيائون، هالا مان، ماهوار ”فردوس“ رسالو سندن سرپرستي هيٺ جاري ٿيو، سيتا شهر مان، ماهوار ”طالب الموليٰ“، ”روح ادب“۽ ”شاعر“ به، سندس ئي سرپرستي هيٺ هالا مان نڪرندا هئا، ان کان علاوه ٽماهي مهراڻ، گل ڦل ۽ سرتيون رسالا به، سندس ئي سر پرستي ۾ نڪرندا رهندا هئا.
سندس علمي ادبي، ثقافتي ۽ سياسي خدمتن جي عيوض کيس تغمهء پاڪستان، ”هلال امتياز“ ۽ ”شاهه لطيف“ جهڙا ايوارڊ به حاصل ٿيا، انهن اعليٰ قدرن جي ڪري، سنڌي ادب ۾ سندن مقام بلند آهي. شاعريءَ جي حوالي سان، مخدوم صاحب ويهين صديءَ عيسوي جو تمام وڏو ڪافي گو شاعر هو. مخدوم صاحب کي شاعريءَ تي وڏو عبور حاصل هو، سندن ڪافيون نه صرف پاڪستان ۾، پر سڄي دنيا ۾ جتي به سنڌي رهن ٿا، اتي ڳايون وڄايون وڃن ٿيون. سندن ڪلام هند ۽ سنڌ جي تقريباً سنڌي ڪلاڪارن ڳايا آهن، چوندا آهن ته، شاعري نالو ئي اهڙي ڪلام جو آهي، جنهن کي ڳائي وڄائي سگهجي. سندس ڪلام کي گهڻو ڪري سنڌ، پنجاب، هندوستان جي ناميارن فنڪارن ڳايو آهي، جهڙوڪ، عابده پروين، خادم حسين خادم، مصري فقير، مرحوم ڦوٽو زرداري ۽ رونا ليليٰ ڳايا آهن.
ڪافيءَ جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو. مثال طور:
غافل ڇڏ غفلت، آڏو اٿئي عبرت
ويهه نه مسافر واٽ تي،
سور ۽ سختيون سڪ جا، ٻيا فڪر آهن فرحت
ويهه نه مسافر واٽ تي،
طالب ره توحيد ۾ ، ڪوڙي ڇڏ ڪثرت
ويهه نه مسافر واٽ تي.
(چنا، 1955ع ، ص ، 21)
مٿئين ڪافي ۾، توحيد جي تار تي، عشق جي اوٽ وٺي، هن طرح طالب الموليٰ سائين نصيحت ڪري ٿو ۽ غافل مسافر جو توجهه هن حقيقت ڏانهن مبذول ٿو ڪرائي.
مطلب ته سندس چيل بيت ۽ ڪافيون تمام اعليٰ معيار جون آهن، ڪافين ۾ سوز ۽ گداز جو اڻ کٽ خزانو آهي، سندس سارو ڪلام اڻ کٽ محبت ۽ مجاز جو مثال آهي، سندس ڪلام ۾ فن ۽ فڪر جي لحاظ کان، عشق ۽ حسن، وصال ۽ وڇوڙي جو احوال آڻڻ سان گڏ، تصوف ۽ سلوڪ جي اهم مسئلن ۽ اخلاقيات سان گڏ، معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي پوري ريت عڪاسي ڪيل آهي، اهڙيءَ طرح زماني جي مختلف حالتن جي به سهڻي انداز ۾ اپٽار ڪيل آهي.
مطلب ته، پروفيسر محبوب علي چنا، مخدوم طالب الموليٰ جي ولادت کان وٺي، سندس زندگيءَ جا مخلتف پهلو بيان ڪيا آهن، سندس هن سوانحي تذڪري کي پڙهي، مخدوم طالب الموليٰ جي باري ۾ ڪافي ڳالهين جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، مثال طور:سندن شخصيت،خاندان،سياسي ۽ سماجي اديبن، شاعرن وغيره وغيره نه صرف معلومات حاصل ٿئي ٿي، پر سنڌي ادب جي اهم ناليوارين شخصيتن ۾ پڻ واڌارو به آهي، اڳتي هلي هن معلوماتي تذڪري کي، مخدوم جميل الزمان حوالن ۽ واڌارن جو اضافو ڪري، ڪتابي صورت ۾ سال 1999ع ۾، طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا، طرفان نئين سر شايع ڪرايو، ته جيئن تحقيق ڪندڙن توڙي عام مطالعو ڪندڙن کي، مخدوم طالب الموليٰ جي زندگي، توڙي علمي ادبي، سماجي، سياسي، مذهبي خدمتن جي باري ۾ معلومات حاصل ٿي سگهي.
حوالا
(1) چنا محبوب علي، پروفيسر : مقدمو ، ” طالب الموليٰ جي سوانح حيات ۽ شعر و شاعري“، ”ڪچڪول طالب الموليٰ“، مؤلف : پروفيسر محبوب علي چنا، هالا ، بزم- سروري سنڌي ، سروري اسلاميه ڪاليج سال - 1955ع ، ص، 31.
(2) حوالو ساڳيو: ص ، 37
(3) حوالو ساڳيو : ص ، 38
(4) حوالو ساڳيو : ص ، 41
(5) حوالو ساڳيو : ص ، 41
(6) حوالو ساڳيو : ص ، 43
(7) حوالو ساڳيو : ص . 46
(8) حوالو ساڳيو : ص ، 48
(9) حوالو ساڳيو : ص ، 64 ،63
(10) حوالو ساڳيو : ص ، 69
(11) چنا محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”ڪچڪول طالب الموليٰ“،مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، هالا ، بزم- سروري سنڌي، سروري اسلاميه ڪاليج، سال 1955، ص،21.
*
(iii) شاهه شھيد صوفي رح
سنڌ کي جن عظيم هستين تي ناز رهيو آهي، انهن ۾ شاهه شهيد عنايت الله صوفيءَ جو نالو سر فهرست رهيو آهي، هن نه رڳو سنڌ جي عام توڙي خاص ماڻهن لاءِ ظلم ۽ ناانصافي خلاف انقلاب جا رستا کوليا، پر ساڳئي وقت کين، پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ هتان جي ماڻهن جي رهبري ڪئي، شاهه شهيد، سنڌ جي اها شخصيت هئي، جنهن پنهنجي دؤر ۾ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ انقلابي واٽون اختيار ڪيون. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جو ابتدائي دؤر، سندس ئي دؤر هو، جنهن ۾ هن وقت جي ظالم حاڪمن توڙي اميرن خلاف جهاد جو اعلان ڪيو هو، سندن ان اعليٰ هستيءَ جي حوالي سان، پروفيسر محبوب علي چنا، هڪ مقالو بعنوان ”شاهه شهيد صوفي“ لکيو، جيڪو ماهوار رسالي، ”نئين زندگي“ جي، ” شاهه شهيد نمبر“، 1957ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
شاهه شهيد جي هن سوانحي مقالي ۾، چنا صاحب سندس خانداني پس منّظر ڄاڻائيندي لکيو آهي ته:
”شاهه عنايت الله ولد مخدوم فضل الله ولد ملا يوسف ولد ملا شهاب الدين ولد ملا آجب ولد مخدوم صدو لانگاهه جا وڏا چراغ مصطفوي جا مڻيادار پروانا هئا، سندن اصل مسڪن بغداد شريف هو، اتان لڏي اچي، اچ شريف ۾ رهيا ۽ اتي جي مشهور غوثيه درگاهه جا مريد ٿيا. ايتريقدر معتقد مريد هئا جو مخدوم صدو لانگاهه هن درگاهه جو خليفو ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي نصريه ڳوٺ ۾ رهيو، ان بعد اتان لڏي ميرانپور ۾ اچي مقيم ٿيا جو هاڻوڪي جهوڪ شريف جي اوڀر طرف واقع هئي .“ (چنا، 1957ع ، ص، 39 )
مٿئين حوالي مان، شاهه شهيد صوفي جي خاندان بابت ڄاڻ ملي ٿي، جيڪي مختلف هنڌن تي رهندڙ مريد ۽ خليفا ٿيندا هئا، اهي اچي لاڙ واري علائقي جي هڪ ڳوٺ ميرانپور ۾ رهڻ لڳا. جنهن کي اڄڪلهه جهوڪ شريف جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
مخدوم صدرالدين جيڪو مخدوم صدو لانگاهه جي نالي سان مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي، پنهنجي دؤر جو وڏو الله لوڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، جنهن جي خاندان مان شاهه عنايت صوفي پيدا ٿيو. چنا صاحب شاهه عنايت جي ولادت ۽ اوائلي اوسٿا جي حوالي سان هن ريت لکي ٿو:
”شاهه شهيد 1065هه، ڌاري بمطابق 56، 1655ع ۾، ميرانپور جي شهر ۾ تولد ٿيو، ان دؤر جي دستور مطابق عربي، فارسي ۽ ديني تعليم حاصل ڪيائين، پر ظاهري علم، ان جي اندر جي اڃ ڪانه اجهائي، سو روحاني تسڪين حاصل ڪرڻ لاءِ سيلاني بنجي سنڌ ۽ هند جي سير تي نڪري پيو ۽ ملتان کان ٿيندو، حيدرآباد دکن ۽ دهليءَ تائين وڃي نڪتو ۽ اتان جي نالي وارن بزرگن سان ملي، انهن جي صحبت مان روحاني فيض حاصل ڪرڻ لڳو، چيو وڃي ٿو ته، حيدرآباد دکن ۾ سندس ملاقات ان وقت جي نامياري بزرگ شاهه عبدالملڪ برهانپوريءَ سان ٿي، جنهن جي صحبت ۾ پورا پنج سال گذاريائين ۽ وڏيون رياضتون ڪري، اندر کي اجاريائين شاهه عبدالملڪ تبرڪ طور کيس هڪ ڳاڙهو خرقو، ٽوپي، ۽ تلوار ڏني ۽ ان سان گڏ کيس “صوفي” جي لقب سان نوازيو ۽ اها هدايت ڪئي ته هو هاڻي پنهنجي ملڪ سنڌ وڃي، اتي خانقاهه کولي، شاهه شهيد سڌو ٺٽي ۾ آيو جو انهن ڏينهن ۾، علم و فقيري جو مرڪز هو، پر پوءِ ڪن سببن جي ڪري اتاهون لڏي وڃي ميرانپور ۾ ويٺو.“ (چنا، 1957ع، ص،41 ،40)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ ننڍپڻ کان وٺي، درويش صفت، علم جو سچو طالب ۽ حق جي پرچار ڪندڙ انسان هو، پاڻ مختلف بزرگن جي صحبت ۾ رهي، روحاني علم حاصل ڪري، واپس سنڌ ۾ پهچڻ سان، سندس هاڪ هرهنڌ پکڙجي وئي، سندن وڌندڙ ان اقبال کي ڏسي، شهر جا ڪيترائي عالم درويش اچي سندن مريد ٿيا، چنا صاحب جي بيان ڪيل هن سوانح جي مطالعي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، ان وقت، سنڌ جو مظلوم ماڻهو، دهليءَ کان مڙهيل گورنرن سنڌ جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي سازش جو شڪار بڻيل هو، ڇو ته، سنڌ جون مقامي قوتون وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي مشتمل هيون، اهي قوتون، مسڪين هاريءَ جي پگهر واري پورهئي مان، آسائشون ماڻي، سنڌ جي معاشي صورتحال کي سبوتاز ڪرڻ ۾ رڌل هيون، مطلب ته هر طرف پيڙهيل ۽ مفلس طبقي جي آهه ۽ پڪار گونججي رهي هئي، پر موٽ ۾، استحصالي قوتن آڏو سينو ساهڻ جي جرئت به ڪو نٿي ڪري سگهيو، اهڙي مشڪل ماحول ۾، شاهه عنايت صوفي اهو پهريون ماڻهو هو، جنهن ان چئلينج کي قبول ڪندي، هيسيل ۽ پيڙهيل طبقي جي پوئواري ڪرڻ لاءِ، جهوڪ شريف ۾ صوفي ازم جي نعري هيٺ، “جو کيڙي سو کائي” واري صدا بلند ڪئي، سڀ کان اول خود عمل ڪندي، پنهنجي اباڻي زمين کي گڏيل ورثو قرار ڏيئي، اپت تي مسڪينن ۽ پاڙيسرين کي مساوي حق فراهم ڪيائون، اهڙن سوين ماڻهن، زميندارن جي زمينن کي ڇڏي اچي مشترڪ معاشي سسٽم هيٺ گڏيا، ان روحاني، جمهوري، مساوي ۽ ڀائيچاري واري روش ۽ پرچار جي هاڪ، هند سنڌ ۾ اهڙي هلي ويئي جو، جاگيردارن ۽ غاصبن جون متيون منجهي پيون، فقير صاحب جي وڌندڙ مقبوليت ۽ طاقت، تر جي وڏيرن ۽ با اثر ماڻهن کي ڀانءِ نه پئي، انهن ٺٽي وڃي، مغلن جي مقرر ڪيل گورنر اعظم خان آڏو، صوفي شاهه عنايت خلاف فرياد داخل ڪيو. گورنر صوفي صاحب کان زمين جي ڍل جو مطالبو ڪيو، جا انهيءَ کان اڳ جي گورنر پاران معاف ڪيل هئي ۽ پوءِ ڍل نه پيارڻ جو بهانو بڻائي، تر جي بااثر زميندارن ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مدد سان، وڏو لشڪر تيار ڪري ميرانپور کي گهيري ۾ آندو، اهو گهيرو ڪافي وقت تائين جاري رهيو، شاهه شهيد ۽ سندس مظلوم طبقو به جان جي بازي لڳايو ويٺو هو، سو ڪٿي پيو ڪنڌ ڪڍائي سگهي، روحاني ۽ ايماني جذبي سان سرشار جوڌن ظالمن کي رُڪ جا چڻا چٻايا، نيٺ جنگ بجاءِ صلح جي سازش ذريعي ميرانپور جي روحانيت سان ريجيل زمين کي، شاهه عنايت شهيد جي ۽ مظلوم مريدن جي لهوءَ سان لال ڪيو ويو.
سندس شهادت جو واقعو بيان ڪندي چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته:
صوفي صاحب جي حياتيءَ جو جام لبريز ٿيڻ تي هو، فقط هي هڪ بهانو هو، درٻار ۾ صوفي صاحب ۽ نواب جي وچ ۾ گهڻو ئي بحث مباحثو هليو، پر نواب کيس جيئرو ڏسڻ نه چاهيو، نيٺ مولوين ۽ پيرن کان صوفي صاحب جي خلاف فتوائون وٺي، قتل جو پروانو جاري ڪيو ويو، عزرائيل جلاد جي صورت ۾ اچي، صوفي صاحب جي اڳيان بيٺو ۽ صاف دل صوفي هن کي امر رباني سمجهي، پنهنجو سر تسليم خم ڪيو.“ (چنا، 1957ع ، ص، 44)
اهڙيءَ طرح 1130هه بمطابق 1718ع ڌاري، هن عظيم روحاني رهبر ۽ صوفي، سوشلسٽ کي جلاد اڳيان آندو ويو، اها تلوار جلاد جي هٿ ۾ هئي، جيڪا صوفي شاهه عنايت کي، پنهنجي استاد مرشد سيد عبدالملڪ قادري، موڪلائڻ وقت تحفي طور ڏني هئي، تنهن وقت سندس مرشد کيس کي چيو هئائين ته فقير هن سوکڙي جي ڪهڙي قيمت ڏيندي، شاهه عنايت نهايت عاجزيءَ مان وراڻيو هو ته قبلا سائين ان جي قيمت هي سر آهي، ۽ ٿيو به ائين جو، پنهنجي مرشد جي ڏنل تلوار جي قيمت ۾، پنهنجو سر ادا ڪيائين. هن مقالي ۾ سندس ٻن مريدن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جيئن چنا صاحب لکيو آهي ته: ” جيڪڏهن شاهه شهيد صوفي جي مرادوند مريدن جو ذڪر ڪبو ته پستڪ پورا ٿي ويندا مگر اسان کي هيرن جي کاڻ مان ضرور اهڙا دل لڀائيندڙ هيرا دستياب ٿيندا جي هر هڪ راهه گذار جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪين، انهن مان في الحال ٻن جواهرن جي جوت جي جمال جو ذڪر ڪجي ٿو.مثلاً: هڪ روحل فقير جو ذڪر ٻيو مير جان الله شاهه رضوي روهڙي وارو. (چنا، 1957ع ، ص، 44 )
شاهه عنايت الله شهيد جو دؤر، سنڌ ۾ علمي ۽ ادبي دؤر هو، ان ڪري سندن مريد به جهجها هوندا ، هت فقط مٿين ٻن مريدن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.اهڙيءَ طرح شاهه شهيد، صوفي تصوف جي ميدان جو شهسوار هو، پر ادبي دنيا جو به هڪ بي بها هيرو هو، پر ڪاش سنڌ وارن جي سرد مهري ڪري اهڙي املهه ماڻڪ جي شعر جو جلوه اسان تائين مڪمل نه پهتو آهي.سندن شعر جي حوالي سان چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته: ”پاڻ فارسي خواه سنڌي شاعريءَ جي، طبع آزمائي ڪئي اٿن، فارسي جا ڪجهه نشان نشانبر ٿين ٿا.
مثال طور:
”سر در قدم يا رفدا شدچه بجا شد
اين بار گران بودادا شدچه بجا شد“
(چنا، 1957ع ، ص ، 46 )
مٿئين شعر لاءِ چيو وڃي ٿو ته، جڏهن جلاد تلوار کڻي، سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ لاءِ وڌيو، تڏهن حق جي راهه تي هلندڙ، هن سچي عاشق جي زبان مان فقط فارسيءَ جو مٿيون شعر نڪتو. شاهه شهيد جو سنڌي شعر به گهڻو ئي چيل هوندو، پر اسان وٽ سندس ايڪڙ ٻيڪڙ بيت پهتا آهن.مثال طور:
” هلڻ مون تي حق ٿيو پهچڻ پنهون وس،
آري “عنايت” چوي، لوڙي آءُ لهنديس،
اتي نا رهنديس، جيڏيون پنهنجي حب ري.“
(چنا ،1957ع ،ص ،47 )
مٿئين بيت ۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جنهن پاڻ کي ڪلام ۾ تخلص طور ”عنايت“ سڏيو آهي، شاهه عنايت صوفي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جو وڏي عمر وارو همعصر هو، جڏهن شاهه عنايت شهيد ٿيو، تڏهن ڀٽائيرح جي عمر 28 ورهيه هئي، جڏهن پاڻ ڦوهه جواني ۾ هو. تڏهن سندس ملاقات شاهه عنايت صوفي بزرگ سان جهوڪ شريف ۾ ٿي، جڏهن صوفي صاحب جي شهادت ٿي ته، شهادت واري واقعي جو سندس طبيعت تي ايڏو اثر ٿيو جو پاڻ انهيءَ بابت ڪي شعر به چيا اٿن. ڪن جو چوڻ آهي ته، سر رامڪلي جي فصل جا شعر انهيءَ واقعي کان متاثر ٿي چيا اٿس.مثال طور:
”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
حاصل مطلب ته شاهه عنايت شهيد نه رڳو هڪڙو سٺو رهنما هو، پر ساڳئي وقت سچو سالڪ، رعيت جو حامي ۽ سٺو شاعر به هو، پاڻ مظلوم طبقي جي ماڻهن جي حمايت ڪندا هئا، سچ پچ ته شاهه عنايت هڪ اهڙو رهبر هو جنهن پنهنجي دؤر ۾ انسانيت جي ڳالهه ڪئي، اتحاد، محبت جي ڳالهه ڪئي، سچ چوڻ، سچ ٻڌڻ ۽ سچ تي هلڻ جي هدايت ڪئي، پاڻ تصوف جي ميدان جو شهسوار هو ۽ ادبي دنيا جو هڪ بي بها هيرو هو، سندس ڪيترائي مريد ۽ معتقد اڄ به، سندن صوفيائي مشرب کي هن وقت به جاري ۽ ساري رکيو اچن ٿا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شهيد جي ڏنل سماجي ۽ روحاني پيغام ۽ فلسفي کي، نه صرف ڦهلايو وڃي پر ان تي عمل به ڪيو وڃي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”شاهه شهيد صوفي“، ماهوار ادبي رسالو، ”نئين زندگي“، جلد – 10، نمبر، 2 ”شاهه شهيد نمبر“، ايڊيٽر، عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس فيبروري، 1957ع، ص ، 39.
(2) حوالو ساڳيو - ص ، 41، 40
(3) حوالو ساڳيو - ص ، 44
(4) حوالو ساڳيو - ص ، 44
(5) حوالو ساڳيو - ص ، 46
(6) حوالو ساڳيو - ص ، 47
*
(iv) مرحوم ادو ضياءُ الدين بلبل
مرحوم ضياءُ الدين بلبل سنڌ جو ناميارو اديب، شاعر هئڻ سان گڏو گڏو سٺو آفيسر به رهيو آهي، پاڻ حضرت قلندر لال شهباز جي ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي جو بنيادي ميمبر هو ۽ ان حوالي سان هن ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا ۽ قلندر شهباز جي ميلي لاءِ خدمتون بجا آنديون، سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ”ضياءُ الشهباز“ جي نالي سان، قلندر لال شهباز جي سوانح حيات تي شايع ٿيل آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا، سندس زندگيءَ جي حالتن، ڪردار ۽ شخصيت جي حوالي سان هڪ مضمون بعنوان ”مرحوم ادو ضياءُ الدين بلبل“ لکيو، جيڪو ماهوار ادبي رسالي، ”نئين زندگي” ۾ 1966ع واري پرچي ۾شايع ٿيو.چنا صاحب، هن مضمون ۾ ضياءُ الدين بلبل جي وفات واري ڏينهن جي حوالي سان پنهنجا تاثراتي ڏک ڀريا لفظ هن ريت بيان ڪندي لکيو اٿس ته:
”الم ۽ غم جو عالم آهي، جو 14 سيپٽمبر 1966ع جي ڏينهن، اسان جي سنڌ جو ٻهڳڻ، دادو ضلعي جو دل آرام، سلجهيل فيلسوف، شاعرا بن شاعر قاعده دان، اديب ۽ احسن اخلاق سان سنواريل عزيزي محترم رئيس ضياءُ الدين صاحب بلبل اسان جي محفلن ۽ مجلسن، مشاعرن، جلسن ڪانفرنسن کي سرد ۽ زرد ڪري وڃي، پنهنجي مولا سان مليو، ڪهڙو نه انڌوناڪ ڏينهن ۽ ڪهڙو نه جانڪاهه قضيو، شال ربّ سائين ادي “ضياءُ ” کي مرهي ۽ سندس روح پر فتوح کي سڪون ابدي نصيب ڪري آمين.“ (چنا، 1966ع، ص ، 6)
مٿئين حوالي مان ضياءُ الدين جي ڏاهپ، سيرت ۽ سهڻي اخلاق سان گڏوگڏ، محفلن مشاعرن، جلسن سان لڳاءُ جو پتو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهڙائي، انسان نه رڳو انهن محفلن جي زينت هوندا هئا، پر ان سان گڏ، سنڌي ادب ۾ به واڌارو آڻيندا هئا، تڏهن ئي ته اهڙن عالمن جو وجود هميشه زنده رهي ٿو.
ضياءُ الدين بلبل پنهنجي ابتدائي تعليم ميهڙ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ جو امتحان لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين، سندس اعليٰ تعليم متعلق، چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته: ”عزيزي “ضياءُ“ به پنهنجي لائق والد جو لائق فرزند هو، هن صاحب عليڳڙهه مان فلسفي ۾ ايم. اي اعزاز سان پاس ڪئي، ايل.ايل.بي به اتان ئي پاس ڪيائين، کيس ورثي ۾ ذهانت ۽ زڪاوت ته اڳ ئي عنايت ٿيل هئي، ويتر ته، عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي علمي ۽ ادبي فضا تنهن ته ضياءُ صاحب جي طبع کي وڌيڪ جرڪايو ۽ چمڪايو.“ (چنا ، 1966ع ،ص ، 6 )
مٿئين حوالي مان سندس اعليٰ تعليم جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي، ۽ پاڻ جيڪي ڊگريون حاصل ڪيون، اهي به هڪ اعليٰ اداري مان وڏي اعزاز ۽ ذهانت سان پاس ڪيائين، سندس بيان ڪيل هن سوانحي مضمون مان، اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، کين جج جي انتخاب لاءِ به چونڊيو ويو، پر ڊاڪٽري معائني ڪري، سندس حصي ۾ پبلڪ پراسيڪيوٽري آئي، پاڻ دادو ضلعي جي بار ائسوسيئيشن جو صدر پڻ رهيو، گڏوگڏ ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتائين، ۽ عالمن، اديبن ۽ عارفن جي صحبت ۾ پنهنجو وقت گذاريائين، سندس ان اعليٰ ڪردار جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته :
”هي صاحب پنهنجي ادبي خواه علمي مشغلي ۾ ڀائرن وٽ مقبول هوندو هو، پاڻ دادو ضلعي جي بار ائسوسيئيشن جو صدر پڻ هو، پنهنجي وڪالت جي مصروف مشغلي جي باوجود سندس دل علم و ادب طرف راغب هوندي هئي، ائين کڻي چئجي ته ”دست بکار دل به يار“، سندس يار ”علم و ادب“ جو صيغو هو ۽ ڪم واسطي وڪالت جو ڌنڌو اختيار ڪيائون، پاڻ ”جمعيت الشعراء“ سنڌ جا بنيادي ميمبر هئا ۽ مدت مديد تائين نائب صدر ٿي رهيا.“ (چنا، 1966ع، ص، 6)۔
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ نه صرف پنهنجي پيشي سان وابسته هئا، پر علم و ادب سان به بيحد چاهه رکندڙ انسان هئا، سندن ئي ڪوششن سان ”بزم بلبل“ قائم ٿي، هن بزم جي مشاعرن ۾ سنڌ جا وڏا وڏا عالم ۽ شاعر شرڪت ڪندا هئا جن ۾ طرحي ۽ غير طرحي ڪلام پيش ڪيو ويندو هو، مرحوم ضياءُ الدين، ذيابيطس جي موذي مرض جي باوجود پاڻ سماجي، ادبي ۽ علمي خدمتن ڪرڻ کان، ڪڏهن به گريز نه ڪندا هئا، آخري عمر واري حصي ۾، پاڻ حضرت قلندر لال شهباز جو شيدائي ٿي رهيو ۽ قلندر لال شهباز جي لڳندڙ سالياني ميلي جي حوالي سان پاڻ قلندر شهباز جي ڪيترن ئي مختلف پهلوئن تي تحقيقي مقالا لکيائون، جن مقالن کي اڄ قلندر جا عاشقين، توڙي عام پڙهندڙ مطالعو ڪري قلندر لال شهباز بابت ڄاڻ حاصل ڪن ٿا. پر اهي مقالا، حضرت قلندر لال شهباز تي تحقيق ڪندڙن لاءِ به وڏي مدد جو ڪارڻ بنجن ٿا، قلندر لال شهباز سان ايڏي عقيدتمندي جو ثبوت چنا صاحب هن ريت بيان ڪيو آهي:
”آخري عمر ۾، هن صاحب جو مرڪزي توجهه حضرت قلندر لال شهباز جي فلسفي، مستي ۽ شهبازي طريقي ڏي مبذول ٿيو، ان ڏس ۾ سندس، تحقيقي مقالا، انگريزي زبان ۾ انگريزي خوانده اصحابن جو مرڪوز نظر هوندا هئا. 4 سيپٽمبر 1966ع جي قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي جي ميٽنگ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو جي مٿئين حصي ۾ هئي. ڏاڪڻ تان مٿي وڃڻو هو، ادي ضياءُ کي، ڊاڪٽرن جي منع هئي ته ڏاڪڻ ڪڏهين به نه چڙهن، پر شهبازي جنون هن صاحب کي مٿي چاڙهيو ۽ ان ميٽنگ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته ضياءُ صاحب جو انگريزي ۾ لکيل مقالو بعنوان “ضياءُ الشهباز” شايع ڪري، انگريزي خوانده صاحبن لاءِ معلومات فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو به لال شهباز جي سوانح مبارڪ مان مستفيض ٿين، ان بعد يار جي طبع مضمحل ٿي ۽ ڏهن ڏينهن جي وقفي بعد سندن جان، جان آفريز جي سپرد ٿي.“ (چنا، 1966ع ، ص ، 7)۔
ان ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته، پاڻ واقعي قلندر شهباز جا مخلص شيدائي ٿي رهيا، ڊاڪٽرن جي منع ڪرڻ جي باوجود به، پاڻ انهي شهبازي جنون کي نه ڇڏيائون، ڇاڪاڻ ته قلندر شهباز جي سالياني ميلي تي پوري دنيا مان زائرين ايندا آهن، انهن زائرين ۾ ڪڏهن ڪڏهن انگريز اديب به ايندا رهندا آهن، جيڪي سنڌي ٻولي نه ڄاڻندا آهن، تنهن ڪري ضياءُ الدين، هڪ ڪتاب ”ضياءُ الشهباز“ انگريز زبان ۾ لکيو جيڪو ڪاميٽي جي منظوري سان شايع ڪيو ويو، ته جيئن سنڌي ٻولي نه ڄاڻندڙن کي به، قلندر لال شهباز جي سوانح ، فلسفي ، مستي ۽ شهبازي طريقي جي ڄاڻ حاصل ٿئي.
هن مضمون ۾ چنا صاحب کيس ادي جي لفظ سان سڏيو آهي، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب جا هن مهان شخصيت سان ڪيترا نه قريبي ۽ گهرا تعلقات هئا، پاڻ پنهنجائپ محسوس ڪندي، سندن شخصيت تي مضمون لکيائون، جنهن ۾ سندن تعليم، مشغلا، علمي ادبي ذوق جو احوال ڏنو اٿن، آخر ۾ سندن لاءِ لکيو اٿن ته:
”اهڙي دلبر دوست جي ياد هر هر ستائي ٿي ۽ ائين چوڻ تي مجبور ڪري ٿي ته:
اے ھمنفسان از محل – ما
رفتید، ولے نھ از دل – ما
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”مرحوم ادو ضياء الدين بلبل“، ماهنامو ”نئين زندگي“، جلد: اوڻيهون ، نمبر: ٻارهون، ايڊيٽر ، عبدالواحد سنڌي ، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس ، ڊسمبر 1966ع ، ص ، 6.
(2) حوالو ساڳيو - ص ، 6
(3) حوالو ساڳيو - ص ، 6
(4) حوالو ساڳيو - ص ، 7
*
(v) مرڪندڙ ”مير“، سيد ميران محمد شاهه
مرحوم سيد ميران محمد شاهه، سنڌ جي انهن سڄاڻ شخصيت مان هڪ هو جن نه رڳو علمي ادبي حوالي سان ڪم ڪيو، پر شاهه لطيف ڀٽائي جي رسالي توڙي شاعريءَ کي اڳتي آڻڻ ۽ عام ماڻهن تائين، لطيف جي پيغام کي پهچائڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو، هي روشن دماغ انسان اها هستي هو، جنهن جي مڃتا سنڌ جي سڀني ماڻهن ڪئي آهي، پاڻ وڏو اديب، شاعر قانوندان ۽ سياسي مدبر هو، سندس زندگي شاگرديءَ جي زماني کان وٺي لاڏاڻي تائين، سبق آموز ۽ قابل رشڪ رهي آهي ۽ اها نئين نسل وارن لاءِ هدايت جو باعث بنجندي رهندي .
پروفيسر محبوب علي چنا، هن شخصيت کان ننڍي هوندي کان ئي تمام گهڻو متاثر رهيو، تنهنڪري سندس اعليٰ ڪردار، ڪارنامن ۽ شخصيت جي حوالي سان، هڪ مضمون سندن ورسي جي موقعي تي بعنوان، ” مرڪندڙ مير“ جي نالي سان پڙهيو. جيڪو پوءِ ماهوار ادبي رسالي ”نئين زندگي“ ، 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو پاڻ هن مضمون جي شروعات هيٺين بيت سان هن ريت ڪئي اٿن:
”خدا ڄاڻي هلي ڪهڙي هوا آهسته آهسته
وڃن منهڙو مٽيندا مھ لقا آهسته آهسته
ادب جي بزم ۾ موجودگي جن جي هئي نعمت
هلي سي مور محفل جا ويا آهسته آهسته“
ان کان پوءِ چنا صاحب وڌيڪ سندس وڇوڙي جي حوالي سان هن طرح لکيو آهي: ”سورهين نومبر 1963ع جي المناڪ شام هئي جڏهن بس ۾ ايندي، پنهنجي هيڊ ڪلارڪ کان معلوم ٿيم ته، سائين ميران محمد شاهه جي بنگلي تان اوهان جي نالي فون آئي ته سائين ميران محمد شاهه جن گذاري ويا آهن، ڪاريءَ فون جو هي پيام، فرسوده انجام، ڪاري ثابت ٿيو، ڇيهه ڇڄي پيا، اکين اڳيان آنڌي اچي ويئي، حواس باخته ٿي ويا، زمين پيرن هيٺان نڪري ويئي، ۽ الائي ڪهڙا ڪهڙا خيال دماغ جي گرداب ۾ گردش ڪرڻ لڳا، ڪاش دم آخر ۾ ساڻس ڪي دم گڏجي همدم ٿجي ها، سندس مرڪندڙ مکڙي جو مشاهدو ڪجي ها، ساڻس لطيف سائين جي، ”سر ليلا چنيسر “ بابت ڪجهه ذڪر اذڪار ڪجي ها ۽ لطيف يادگار ڪائونسل جي مستقبل جي واڌاري لاءِ فڪر ڪجي ها، مگر افسوس جو ظالم موت کيس اها فرصت نه ڏني ۽ اسان جي محفلن جو مير هميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي وڃي، آخري دنيا جي محفلن جي شمع بنيو.“ (چنا ، 1967ع ، ص ، 17)۔
چنا صاحب سندن وڇوڙي جا تاثراتي لفظ بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ، لطيف يادگار ڪائونسل جو به ذڪر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سيد ميران محمد شاهه، لطيف يادگار ڪائونسل جا بنيادي ميمبر هئا ۽ لطيف جا ساليانه ميلا منعقد ڪرائڻ، شاهه لطيف جي سرن تي تحقيقي مقالا پڙهائڻ ۾ سندن وڏو ڪردار رهيو آهي، پاڻ اڪثر انهن محفلن جي شمع هوندا هئا، جنهن جي روشني جا ڪرڻا پري پري تائين پکڙجي ويندا هئا، جيئن تاريخ سندس خدمتن ۽ ثقافتي يادگارن کي محو ڪري نٿي سگهي، تيئن سندس زنده جاويد شخصيت به، تاريخي حيثيت سان بطور يادگار قائم ۽ دائم رهندي.
سيد ميران محمد شاهه، لطيف سرڪار جو هڪ مخلص شيدائي هو، پر هڪ اهڙو مبلغ جنهن جي زندگي جو نصب العين روحانيت جي ماديت تي فوقيت ظاهر ڪرڻ هو، لطيفي ادب ذريعي، ميران محمد شاهه سنڌ جي تاريخ جو ڄاڻو، موجوده نسل لاءِ رهبر ۽ استاد نظر اچي ٿو، اهڙي ئي سندن لطيفي اثر چنا صاحب جي شخصيت کي اثرانداز ڪري ڇڏيو، پاڻ انهيءَ اثر جو ذڪر هيٺين لفظن ۾ هن طرح ڪيو اٿن:
”شاهه صاحب جهڙي لطيف شخصيت ڪنهن تي اثر نه ڪري، اهو ناممڪن هو، سندس سنهڙو پر سڊول جسم، پوري پني پر پراثر قامت، منهن موتئي وانگر مهڪيل، اکيون هرڻ جهڙيون، مگر نرگسي ناز سان نروار، نڪ چلي ملڪ جي چتونءَ جهڙو، پيشاني روشن مستقبل جو آئينو، هي اهي جاذب آثار هئا، جن معصوم ”محبوب“ جي پهرين ڪومايل پر پوءِ ٽڙيل دل کي شهباز وانگر جهٽي شاهه صاحب جو شيدائي بنائي ڇڏيو.“ (چنا، 1967ع، ص، 18)۔
مٿئين حوالي مان خبر پوي ٿي ته، چنا صاحب سيد ميران محمد شاهه جي شخصيت جي نه صرف اثر جو ذڪر ڪيو آهي، پر سندس سهڻي صورت ۽ سيرت جو به ذڪر ڪيو آهي، پروفيسر چنا صاحب، سيد ميران محمد شاهه جي شخصيت کان نه رڳو متاثر ٿيو، پر انهيءَ جي ايتري اثر هجڻ جي ڪري، پاڻ سندس نقش قدم تي هلڻ جو به عمل ڪيائون، جيڪو عمل چنا صاحب پورو ڪري ڏيکاريو، پاڻ انهيءَ حوالي سان لکيو اٿن ته:
”1948ع کان، جڏهن لطيف سائين جي سلسلي ۾ ورسيون ملهايون ويون، ۽ ان لاءِ رجسٽرڊ ڪاميٽي ٺاهي وئي، ته سائين مرحوم جي هيءَ محبوب نوازي هئي، جو بندي کي پهريائين پهريائين ياد فرمايائون، ان سلسلي ۾، بندي کي مسلسل تيرهن سالن جي مدت مديد لاءِ ساڻن گڏجي ڪم ڪرڻو پيو، ۽ محبوب عليءَ، سائين ميران شاهه کي اقراب ڇڪ تان ڏٺو، پرجهيو، پروڙيو ۽ سندس نقش قدم تي هلڻ لاءِ پختو ارادو ڪيو، سر معذوريءَ جون هيٺيون ٻه سٽون سندس همت قلندرانه ۽ جنون جعفرانه لاءَ ڪافي آهن.
”ولاڙيو وڻين چڙهي، پسو سگهه سندياس،
سوئي سوسڻياس، پري پڙاڏا ڪري.“
(چنا، 1967ع ، ص ، 18)
مطلب ته، سيد ميران محمد شاهه اها شخصيت هئي، جنهن ورهاڱي کانپوءِ، شاهاڻي شاهه لطيف کي ديسين خواه پرديسين سان متعارف ڪرايو، اها سرمستيءَ واري سگهه هئي، جنهن ڪانڍيرن ۽ ڪرڙن جي پيچري کي لطيفي شاهراهه ۾ مبذل ڪرايو، اهو سنڌڙيءَ جي ساڃاهه جو جنون هو، جنهن غريب، نادان گوشي نشين فنڪارن، سازندن، اديبن ۽ شاعرن کي لطيفي پليٽفارم تي آندو.
اهڙيءَ طرح پروفيسر محبوب علي چنا، سيد ميران محمد شاهه جي زندگي متعلق ڪيترا واقعا بيان ڪيا آهن، هن مضمون مان خبر پوي ٿي ته، محبوب علي چنا شاگردي واري زماني کان کيس ئي ڏٺو ۽ کين پنهنجو آئيڊل بنايو، سائين ميران محمد شاهه اهڙي شخصيت هئا، جنهن جي ڪردار ۽ گفتار تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي شاگرد ۽ نوجوان تيار ٿي ويا هئا، چنا صاحب جي ڏنل عنوان ۽ لکيل معلومات مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، سيد ميران محمد شاهه هر دلعزيز شخصيت هو ۽ پاڻ هر وقت، هميشه هر محفل، مجلس ۽ ڪانفرنسن ۾ مرڪندو ۽ محبتون ونڊيندو رهندو هو، انهيءَ ڪري چنا صاحب پنهنجي هن مضمون جو عنوان به اهڙو ئي ڏنو، جهڙي سندس مرڪندڙ شخصيت هئي. يعني ”مرڪندڙ مير“
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون ”مرڪندڙ مير“، ماهوار ادبي رسالو،”نئين زندگي“، جلد: 20، نمبر: 11 ايڊيٽر، شمشيرالحيدري، ڪراچي ، پاڪستان، پبليڪيشنس، نومبر 1967ع ص، 17 .
(2) حوالو ساڳيو : ، ص ، 18
(3) حوالو ساڳيو: ، ص ، 18
*
(vi) خواجه محمد زمان رح
سنڌي ادب ۽ صوفين سڳورن جي تاريخ ۾، ڪلهوڙن جي دؤر کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. هن دؤر ۾ هڪ ئي وقت ڪيترائي مثالي اديب پيدا ٿيا ۽ ٻئي طرف ڪجهه مکيه ۽ ناليوارا سنڌي شاعر به موجود هئا، هن زماني ۾ جيڪي ڀلارا بزرگ پيدا ٿيا، انهن ۾ سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان لواري شريف وارو به هڪ آهي.
پروفيسر محبوب علي چنا سندس سوانح حيات تي هڪ مضمون لکيو، جيڪو ماهوار رسالي ”نئين زندگي“، 1968ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو، سندس سوانح حيات ۾ چنا صاحب، خواجه صاحب جي خانداني پس منظر بيان ڪندي لکيو آهي ته:
”سندس وڏا اصل عربستان جا رهاڪو هئا، پر پوءِ عباسي خليفن جي ڏينهن ۾، هجرت ڪري اچي ٺٽي جي ڀرسان ويٺا، پاڻ اخلاق حسنه ۽ پرهيزگاريءَ جا صاحب هئا، ان ڪري سندن مڃوتي آسپاس وارن ماڻهن ۾گهڻي ٿي، قناعت ۽ آرام سان ڏينهن گذاريندا رهيا، تان جو سمن ۽ سومرن جي گهرو لڙاين، سندن سڪون بي سڪون ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ڪڇ ڏانهن راهي ٿيا، سنڌ وارن مريدن کي سندن وڇوڙو ناگوار لڳو، ۽ گهڻيءَ منٿ ميڙ تي سن 910 هه مطابق 1504ع ڌاري، خواجه صاحب جو وڏو ڏاڏو شيخ عبداللطيف ڪلان وري پنهنجي ماڳ موٽي آيو ۽ اڄ تائين اهو خاندان سنڌ ۾ مقيم آهي. لواريءَ وارن بزرگن جي وڏن مان شيخ محمد بن مالڪ نالي صاحب، حضرت شيخ محمد يماني سهروردي جو مڪي شريف ۾مريد ٿيو ۽ خلافت جو خرقو ڍڪيائين، جنهن ڪري هن خاندان ۾ سهروردي سلسلو جاري ٿيو، اهو سلسلو پشت بپشت هلندو آيو، تان جو خواجه محمد زمان صاحب جي والد شيخ عبداللطيف تي وڃي توڙ ڪيائين، جنهن صاحب شيخ فيض الله بن مخدوم آدم نقشبنديءَ جي ارادت حاصل ڪري، نقشبندي طريقو اختيار ڪيو.“ (چنا، 1968ع ، ص ،65)
مٿئين احوال مان نه صرف خواجه صاحب جي وڏن جي احوال متعلق ڄاڻ ملي ٿي، پر اها به خبر پوي ٿي ته، سندس وڏن پهريان سهروردي طريقو اختيار ڪيو، ان کان پوءِ نقشبندي طريقو اختيار ڪيائون. اهڙيءَ طرح هن مضمون جي مطالعي مان اها خبر پوي ٿي ته ، خواجه محمد زمان ننڍيءَ ڄمار ۾، پنهنجي والد بزرگوار جي نگرانيءَ ۾، قرآن مجيد ختم ڪيو، ان بعد ابتدائي تعليم کان پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ٺٽي طرف آيا، پاڻ ٺٽي ۾ مولوي محمد صادق نقشبنديءَ جي مدرسي ۾ داخل ٿيا، ان دؤر ۾ اهو مدرسو سڄي سنڌ ۾ وڏي اهميت وارو ليکبو هو، هن مدرسي مان پاڻ اعليٰ تعليم حاصل ڪري سرخرو ٿيو.
تعليم جي پوري ٿيڻ تي، خواجه محمد زمان ٺٽي جي نامياري روحاني بزرگ خواجه ابو المساڪين جي صحبت اختيار ڪيائون، خواجه صاحب جي روحاني تربيت ۾، محمد زمان رچي ريٽو ٿيو، ظاهري ۽ روحاني تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، خواجه محمد زمان ٺٽو ڇڏي پنهنجي ڳوٺ لواري طرف موٽي آيو، ڪجهه وقت کان پوءِ، پراڻو ڳوٺ ڇڏي هڪ نئون ڳوٺ ٻڌايائين، ان جو نالو به لواري شريف رکيو ويو. هتي نئين ڳوٺ ۾ رهڻ کان پوءِ خواجه محمد زمان جي روحاني مرتبي بابت، هنڌين ماڳين هاڪ ٿي وئي، پاڻ ”سلطان الاولياء“ جي لقب سان مشهور ٿي ويا، پاڻ اتي رهي ڪيترن ماڻهن جي اخلاقي ۽ روحاني تربيت ڪيائون.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح جيڪو پڻ هن ئي دؤر ۾ ٿي گذريو آهي، سندس همعصر به هو. خواجه صاحب جي روحاني مرتبي جو ٻڌي، شاهه لطيف هن سان ملاقات لاءِ لواري شريف اچي پهتو، خواجه صاحب ۽ شاهه لطيف جي ان ملاقات جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ” شاهه ڀٽائي ۽ خواجه صاحب جي ملاقات جو ذڪر، “مرغوب الاحباب ” جي مؤلف نظر علي بلوچ آندو آهي، ٻنهي بزرگن جي گفتگو صوفياڻي بيت بازيءَ تي آهي ۽ ڏاڍي مرغوب آهي، جڏهن شاهه ڀٽائي خواجه صاحب وٽ آيو ته هي بيت چيائين .مثال طور:
”سامي سفر هليا، ڪو پروڙي پنڌ،
جنين هيٺانهان ڪنڌ، آءُ نه جيئندي ان ري”
خواجه صاحب جواب ڏنو ته:
”ڪين آهين، ڪين ٿئين، وڃي ڪين ڪماءِ،
لاڳاپا لوڪ جا، ”لا“ سين سڀ لهراءِ،
سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.“
(چنا ، 1968 ع ص ، 66)
اهڙيءَ طرح ٻنهي صوفين جي رهاڻ ٿي، ۽ هڪ ٻئي کي وڏي عزت ڏنائون، ليڪن هر هڪ جي سلوڪ جي واٽ الڳ الڳ هئي تنهن هوندي به شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو صوفي ۽ سنڌي زبان جو ڀلوڙ شاعر ٿي گذريو آهي، سو به خواجه صاحب جي ملاقات مان ايڏو ته متاثر ٿيو، جو چيو وڃي ٿو ته هيٺيون بيت خواجه صاحب جي ملاقات بعد ئي چيو اٿس.مثال طور:
”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي“
سندن ڪلام جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته : ”سندن ڪلام ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ملفوظات ۽ ٻيو ابيات، ملفوظات يعني اهي قول جي صوفياڻن نڪتن تي مريدن جي ارشاد لاءِ چيائون، تن جو شمار 446 آهي، انهن مان ڪي ”فردوس العارفين“ ۽ ”مرغوب الاحباب “۾ درج ٿيل آهن، ۽ ڪي چونڊ قول وري گروهڙي صاحب پنهنجي عربي ڪتاب ”فتح الفضل “۾ ڏنا آهن، سندن ملفوظات مان ڪجهه قول مثال طور ڏجن ٿا:
(1) جڏهن خدا ساڻ آهين، تڏهن جيڏانهن وڻئي تيڏانهن وڃ.
(2) سچي طالب جو حجرو ساڻس گڏ آهي وغيره
اهڙي طرح سان سندس ڪلام جو ٻيو حصو ابيات تي مشتمل آهي، انهي حوالي سان چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته: ” خواجه صاحب ڪيترائي سنڌي بيت چيا ٿا ڏسجن، پر ڪي ٿورا ڪتابن ۾ درج ٿيل آهن، جهڙوڪ: شاهه لطيف سان ملاقات وقت يا سندن ملفوظات ۾ ”فتح الفض“ ۾ به، گروهڙي صاحب هڪ بيت آندو آهي، انهن کان سواءِ ٻيا چوراسي بيت جي ”ابيات سنڌي“ جي نالي سان، پير جهنڊي جي ٻن قديم ۽ قلمي نسخن تان ڀيٽي، مرحوم ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽه 27 آڪٽوبر 1939ع تي ڇپايا، تن جي شرح عربيءَ ۾ گروهڙي صاحب ڪئي آهي، جنهن جي سنڌي معنيٰ ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب پنهنجي مذڪور ڪتاب ۾ ڏني آهي.“ (چنا ، 1968ع ، ص ، 67)
مطلب ته مٿئين حوالي مان خبر پوي ٿي ته، سندن ڪلام ٻن حصن تي مشتمل آهي، جنهن مان هڪ ملفوظات آهن، جن ۾ مريدن توڙي عام ماڻهن کي هدايت ڪندي، وقت بوقت صوفياڻي انداز ۾ قول چيائون، ۽ ٻيو حصو بيتن تي مشتمل آهي، لواري جي لعل جا چيل بيت خالي بيت ناهن، پر منجهن مڻيادار موتي پوئيل آهن ۽ انهن کي اهڙو ته سولي ۽ سليس زبان ۾ پيش ڪيو اٿس سو سولائيءَ سان هرڪو سمجهي سگهي ٿو.
سندن هڪ بيت مثال طور پيش ڪجي ٿو:
”پسڻ ڌاران پرينءَ جي، تفرقو طُورون،
نظر ۾ نورون، مهت مڙهي سڀ هيڪڙي“
(چنا، 1968ع ، ص ، 67)
مٿئين بيت ۾ سوز، گداز ۽ اثر انگيزي آهي، تصوف ۽ معرفت جا راز نهايت دلڪش انداز ۾ سمجهايل آهن .جيتوڻيڪ سندن ڪلام ٿورو مليو آهي، پر نهايت فڪر انگيز، سنجيده ۽ متين آهي، سندن ڪلام ۾، وحدة الوجود جي مسئلي کي تمام آسان پاڻي ۽ انجي لهرن جي تشبيهن ذريعي سمجهايل آهي، ان کان علاوه عارفن ۽ عاشقن ۽ ٻين نيڪ انسانن جي درجي ۽ مرتبي جو به بيان ڪيو اٿن:
خواجه محمد زمان، روحانيت ۽ تصوف کان علاوه، سنڌي ساهت جي تاريخ ۾ به وڏي اهميت حاصل ڪئي، بلاشڪ خواجه صاحب جو ڪلام اسان جي ادبي تاريخ ۾ رهندي، دنيا تائين قائم دائم رهندو.
هن مضمون ۾ چنا صاحب، خواجه صاحب جي خانداني پس منظر سان گڏ، سندس تعليم، پيري مريدي جي سلسلي، توڙي علمي ۽ اسلامي خدمتن جو به ذڪر ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي سندن ڪامل نقطن ۽ بيتن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته، هي درويش، صوفي بزرگ پنهنجي دؤر جي هڪ وڏي هستي ٿي گذريو آهي، نه رڳو عام ماڻهن کي حقيقيت جي راهه جا رستا ڏسيا، پر سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي ذريعي به وڏي خدمت ڪئي آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”خواجه محمد زمان رحه“ ماهوار ادبي رسالو، ”نئين زندگي“، جلد: ايڪيهون، نمبر: ٽيون، ايڊيٽر، شمشيرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس، مارچ ، 1968ع ، ص ،65 .
(2) حوالو ساڳيو: ص ، 66
(3) حوالو ساڳيو : ص، 67 .
(4) حوالو ساڳيو : ص ، 67
*
(vii) سِيَبَويهه بن اسماعيل القزداري
چنا صاحب جي ذات ۾ ادب سان گڏ پنهنجي دين اسلام سان محبت هجڻ جا عنصر به شامل هئا، هن ڪيترن ئي اسلامي عالمن سڳورن ۽ شخصيتن جي باري ۾ به لکيو ۽ انهن جي احوال کي محفوظ ڪيو. انهن بزرگن مان ”سيبويھ بن اسماعيل القزداري“ به هڪ مشهور بزرگ شامل آهي، چنا صاحب هن شخصيت کان متاثر ٿي، سندس متعلق هڪ مضمون لکيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي، ”مهراڻ“ جي، 1968ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو، پاڻ هن مضمون ۾ سندن شخصيت متعلق هن ريت لکيو آهي: ”واديء مهراڻ جي گلستان ڪهڙا ڪهڙا نه گونا گون ۽ بوقلمون رنگا رنگي گل پيدا ڪيا، جن نه رڳو هن خطي جي باشندن جي دماغ کي معطر ڪيو، پر سڄي دنيا کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪيو، اڄ ٻين علمن کي پاسي تي رکي، علم حديث ۽ ان سان واسطو رکندڙن جو تذڪرو ڪرڻو آهي، انهيءَ جنهن ۾ اڄ ان گل جو احوال ڏيڻو آهي جو قزدار ڳوٺ ۾ رونما ٿيو، سندس اسم گرامي ابو داؤد سيبويه بن اسماعيل بن داؤد القزداري آهي.“
پاڻ قزادار شهر جو تاريخي پس منظر بيان ڪندي وڌيڪ لکي ٿو ته: ”هن شهر کي ڪن مؤرخن قضدار به ڄاڻايو آهي، پر ”معجم البلدان“ جي جلد چوٿين، صفحي 86 تي شهر کي قزدار ڪري ڄاڻايو ويو آهي، هي شهر اهو ساڳيو آهي جنهن کي هاڻي خوزدار سڏجي ٿو ۽ قلات ضلعي بلوچستان جو هڪ خوبصورت صحتمند ۽ قدرتي نظارن ۽ ميون سان لبالب شهر آهي، جيئن ته قلات اڳ سنڌ جي لاڙ جو هڪ حصو هو ۽ ٺٽي سرڪار جي تابع هڪ پرڳڻو هو، ان ڪري مؤرخن قزدار کي واديءَ مهراڻ جو حصو ٻڌايو آهي. عربن جي حڪومت جي زماني ۾ قزدار توران ملڪ جو مرڪزي شهر هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ موجوده بلوچستان جو ڏاکڻو ڀاڱو ۽ لاڙ جو مغربي حصو اچي ٿي ويو، چوٿين صديءَ جي وچ ڌاري ، هڪ عرب سردار معين بن احمد هت راڄ ڪيو ۽ ان وقت جي عباسي خليفي جي نالي ۾ خطبو پڙهيو. قزدار خارجين جو به مرجع ٿي رهيو آهي، 375 ۽ 386 هه بمطابق 985 ۽ 996ع جي وچ ۾، مشهور و معروف سلطان سبڪتگين ان تي قبضو ڪيو هو. قزدار وڻج واپار جو به مرڪز هو ۽ ان جي معرفت هند وسنڌ جو واپار ڪرمان، فارس ۽ خراسان سان هلندو هو. مذڪور شهرن جا خواهه هند و سنڌ جا واپاري هت اچي آباد ٿيا.“ (چنا، 1968ع، ص، 170، 169)
مٿئين بيان ڪيل احوال مان معلوم ٿئي ٿو ته، سيبويہ پنهنجي وقت ۾ حديث جو وڏو عالم ۽ ديني ادب سان واسطو رکندڙ هو. ان کان علاوه نه صرف سندس وطن مالوف متعلق ڄاڻ ملي ٿي، پر عربن جي دؤر ۾، قزدار شهر جي مرڪزي حيثيت توڙي وڻج واپار جي حوالي سان به معلومات ملي ٿي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، هي شهر انهن ڏينهن ۾ هڪ مرڪزي حيثيت رکندڙ شهر هو. اهڙي طرح عربن جي دؤر ۾ قزدار جي علمي، ادبي، ثقافتي توڙي مذهبي علمن جي سرگرمين جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”جيتوڻيڪ اسان کي ڪا پڪي ثابتي نٿي ملي ته عربن، قزدار ۾ ڪي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون جاري رکيون، پر ائين هروڀرو نه آهي، ڇو ته فرمان نبوي مطابق، عرب مجاهدن کي، علم القراَن ۽ الحديث جو ضرور پرچار ڪرڻو هو، ڇو ته هن شهر کي اصحابي سڳوري جي مرقد جو شرف حاصل هو. تيئن هت مذهبي علمن جو ضرور چرچو جاري و ساري هوندو: تاريخ جو ٻيو محقق عنصر هي آهي ته، عربن جي شروع واري دؤر ۾ سندن حڪومت مستقل نه رهي، ان ڪري سنڌ ۾ خواهه ٻين ملڪن ۾، علمن جي ترويج ۽ ترقي ٿي نه سگهي، ان ڪري قزدار ۾ اسانکي پنجين صَدي هجريءَ تائين فقط ٻن محدثن جو پتو پئجي سگهيو آهي، هڪ جعفر بن الخطاب القزداري، جنهن صاحب 450 هه بمطابق 1057ع ۾ وفات ڪئي، ان بعد اسان جو محدث سيبويہ آهي، وفات جي تاريخن جو معائنو ڪندي معلوم ٿو ٿئي ته پهرين يار جي وفات کان تيرهن سال پوءِ سيبوبہ صاحب انتقال ڪيو.“ (چنا، 1968ع، ص، 170 )۔
مٿيئن حوالي مان عربن جي دؤر حڪومت ۾ قزدار جي علمي ۽ مذهبي حيثيت معلوم ٿئي ٿي، ڇو ته هن شهر کي اصحابي سڳوري جي مرقد جو شرف مليل هو، اهو به معلوم ٿئي ٿو ته عربن جي شروعاتي ڏينهن ۾سنڌ توڙي ٻين ملڪن ۾ علمن جي ترقي نه ٿي سگهي، ۽ انهن ڏينهن ۾ قزدار ۾، پنجين صدي تائين ٻن محدثن جي متعلق ڄاڻ ملي ٿي، جنهن ۾ سيبويهه محدث به شامل آهي، پر هن بزرگ جي وفات جي تاريخ ڏنل نه آهي، اهڙي طرح سان هن مضمون جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، سيبويه جو احوال بلڪل محدود آهي، ۽ ڪن ٿورن فارسي جي ڪتابن ۾ سندس احوال ڏنل آهي، ان حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”لک شابسون آهن، هڪ پاڪستاني محقق ڊاڪٽر محمد اسحاق ڍاڪا واري کي، جنهن ”حديث ۽ محدثن“ جي عنوان تي ڪشالا ڪري، مٿا ڪٽ ڪري، احوال گڏ ڪري، ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ڪرايو، ان ۾ اسانجي بزرگ سيبويه جو ذڪر آندو اٿس، جو سمعاني لسطرنج ۽ ٻين ماخذن تان ورتو اٿس.“ (چنا، 1968 ع ، ص، 171)
هن مضمون مان خبر پوي ٿي ته، ”سيبويهه بن اسماعيل القزداري“ علم حديث جو وڏو ڄاڻو هو، عربن جي دؤر ۾ قزدار شهر جي مرڪزي حيثيت ڪهڙي هئي، ۽ وڻج واپار جي حوالي سان به مشهور رهيو آهي، سيبويه حديث شريف جي علم کي، عام ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ وڏيون خدمتون ڏنيون ۽ دين اسلام لاءِ پاڻ پتوڙيو، هن مضمون کي پڙهي، چنا صاحب جي محنت کي داد ڏيڻو پوندو، جو پاڻ لڪل گوهرن تي، گوهر افشاني ڪئي اٿن، پاڻ اهڙن بزرگن جا سوانحي مضمون لکي، انهن جي شخصيت ڪردار ۽ ڪيل خدمتن کي هميشه لاءِ ڪتابن جي ورقن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو، ته جيئن ايندڙ نسل کي به، اهڙن بزرگ هستين جي باري ۾ ڄاڻ ملي سگهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي ، پروفيسر : مضمون، ”سيبويهه بن اسماعيل القزداري“، سه ماهي علمي ۽ ادبي رسالو ،”مهراڻ “ جلد: 17 ، نمبر: 1 ، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ڄام شورو ، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1968ع، ص، 169 ، 170 .
(2 ) حوالو ساڳيو: ص، 170
(3 ) حوالو ساڳيو، ص، 171
*
(viii) علي بخش ”رضا“
مهراڻ رسالي جي ” شاعر نمبر“ ۾ سال 1969ع واري پرچي ۾ ، سنڌ جي مختلف شاعرن جي سوانح ۽ شاعري شايع ٿيل آهي. هن ”شاعر نمبر“ ۾ ،پروفيسر محبوب علي چنا جو به هڪ سوانحي مضمون سنڌ جي مشهور طباعت ۽ ڇپائيءَ جي ماهر ميان علي بخش احمد زئي جي باري ۾ شايع ٿيل ملي ٿو، جنهن ۾ چنا صاحب علي بخش ”رضا“ جي مختصر سوانح حيات ۽ سندس هنر مندان خدمتن ۽ سندس شاعري جي باري ۾ معلومات فراهم ڪئي آهي.
چنا صاحب، سندس اوائلي زندگي متعلق ڄاڻ ڏيندي لکيو آهي ته:” ميان علي بخش ”رضا“ ولد محمد يوسف احمد زئي، اڄ کان تقريباً 58 سال اڳ، حيدرآباد ۾ تولد ٿيو، 13، 14 سالن جي عمر ۾ پرائمري تعليم دوران، هنر طرف سندس طبيعت جو لاڙو ٿيو، ۽ پڙهائي کان ڪناره ڪشي اختيار ڪئي وئي، انگريزي تعليم جاري هئس، مگر انگريزن لاءِ سخت نفرت سبب اها به ترڪ ڪئي ويئي. ان زماني ۾خلافت جي هلچل زور وٺي چڪي هئي ۽ ميان صاحب ننڍي عمر ۾ ئي، قومي ڪارڪن طور مخلصانه ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.“ (چنا، 1969ع، ص، 741)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، علي بخش ”رضا“ جو پڙهائي طرف ايترو رجحان نه رهيو، جيترو هن، هنر طرف ڌيان ڏنو انگريزن لاءِ سندن دل ۾ سخت نفرت هئڻ ڪري پاڻ انگريزي تعليم کي به ترڪ ڪري ڇڏيائون، ڇاڪاڻ ته اها هڪ ڌارين جي ٻولي هئي، جنهن کي پاڻ پسند نه ڪيائون. ۽ پاڻ سنڌ جا هڪ سچا سپوت ڪارڪن ٿي، سنڌ جي آزاديءَ ۽ حقن لاءِ ڪم ڪيائون.
سندس بيان ڪيل هن سوانح مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ طباعت جي فن جو وڏو ماهر هو، سنڌي ادبي بورڊ جا شاهڪار ڪتاب، سندس مخلصانه ۽ ماهرانه فن جا شاهد آهن سندس ان فن ۽ خدمتن جي حوالي سان، چنا صاحب هن ريت لکي ٿو ته:
1923ع کان پريس لائن سان تعلق پيدا ٿيس، طباعت جي مختلف فنن جي سکيا سان کيس مثالي تجربو حاصل آهي، 1939ع ۾ آفتاب پريس جو مئنيجر مقرر ٿيو ۽ ساڳئي سال کان خاڪسار تحريڪ سان وابستگي پيدا ٿي، انهيءَ عرصي ۾ تحريڪ جي اخبار ”باب الا سلام“ (هفتيوار) جي ايڊيٽريءَ جا فرض، ڳچ وقت بخوبي ادا ڪندو رهيو. سنڌي ادبي بورڊ جڏهن حيدرآباد ۾ پنهنجو ڇاپخانو قائم ڪيو، تڏهن ان جي انتظام لاءِ، سندس خدمتون حاصل ڪيون ويون، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن ۽ ”مهراڻ“ جي معياري ۽ ديده زيب ڇپائي، دلڪش سرورق ۽ گيٽ اپ وغيره، سندس وسيع طباعتي تجربي جو نتيجو آهن.“ (چنا، 1969ع، ص، 741)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ هڪ محنتي، مخلص ۽ ڄاڻو انسان هو، تڏهن ته مختلف پريسن جو مئنيجر ٿي رهيو، ان کان علاوه هڪ قومي خادم جي حيثيت سان ”خلافت تحريڪ“ ۾ به حصو ورتائين، خاڪسار تحريڪ سان، تحريڪ جي خاتمي تائين وابسته رهيو، علي بخش ”رضا“ جو نه صرف پريس لائن سان تعلق رهيو، پر کيس شعر و شاعري جوبه شوق هو، پاڻ هڪ سٺو شاعر به هو، سندس شاعريءَ متعلق چنا صاحب لکي ٿو ته: ”32-1931ع ۾، شعر و شاعري ڏي سندس طبع جو رجحان ٿيو، ان وقت کان وٺي سندس ڪافيون ۽ غزل لکيل آهن، ”مهراڻ“ ۾ سندس گهڻو ڪلام ڇپيل آهي.مثال طور: .”ڪافي ۽ غزل“ جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:
ڪافيءَ جو مثال:
”ڪل نه پيڙم ڪيچين جي الا،
هوت پنهون ڪنهن ويل وٺي ويا،
وينديس رهي هت آءُ ڇا ڪريان،
ٿينديس گولي جتن جي الا،
جيري مون سان جاڙ ڪري ويا،
راتيان ڏينهان آءُ رڙان ٿي،
لنؤن ته لڳي ٿم، لالن جي الا،
“رضا” کي رڙندي سال لنگهي ويا“
(چنا، 1969 ع، ص، 742 ،741)
سندس ڪافين ۾ درد جون پڪارون، صدائون ۽ آهون شامل آهن. پاڻ سسئي جي ڪردار کان متاثر ٿي ڪافيون چيون اٿن:اهڙيءَ طرح سندس لکيل غزل جو هڪ مثال ڏجي ٿو:
”اکيون بيوس وڃي اڙيون، چڪيءَ جا سڀ ويا چارا،
کڻي تو نرگسي ٻئي نيڻ، ڪئي دل آه روپارا،
چئي ڏس شاهه مصريءَ وَه ”رضا“ مصرع مٺي آهي،
اکيون از خود وڃي اڙيون، ڪري سامان سڪ وارا.“
(چنا، 1969 ع، ص، 745)
علي بخش ”رضا“ جي غزلن ۾ نه صرف فني پختگي آهي، پر فڪر جي گهرائي به گونا گون آهي، ان کان علاوه سندس غزلن ۾ جيڪا رواني ۽ فصاحت و بلاغت آهي اها ڪافي متاثر ڪندڙ آهي. علي بخش رضا هڪ سادو ۽ نهايت محنت ڪندڙ انسان هو، پاڻ گهڻي تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، مگر پريس جي هنر سان، سندس گهڻي دلچسپي هئي، کيس انگريزن کان گهڻي نفرت هئي، ان ڪري خاڪسار تحريڪ ۾ ڪم ڪيائون، ۽ پاڻ هڪ سٺو شاعر به هو، علي بخش رضا جي هن سوانحي مضمون مان، اسان کي سندس زندگيءَ جي احوال سان گڏ سندس فن بابت به سٺي ڄاڻ ملي ٿي.
حوالا
(1 ) چنا، محبوب علي، پروفيسر : مضمون ، ”علي بخش رضا“،”مهراڻ ،شاعر نمبر“جلد: 18، نمبر 1 ۽ 2، ايڊيٽر ، غلام محّمد گرامي، ڄامشورو ، سنڌي ادبي بورڊ، سال، 1969، ص، 741 .
(2 ) حوالو ساڳيو: ، ص ، 741
(3 ) حوالو ساڳيو: ص، 742، 741
(4 ) حوالو ساڳيو: ص، 745
*
(ix) ابو القاسم فردوسي طوسي
پروفيسر محبوب علي چنا کي نه رڳو سنڌي ادب تي دسترس حاصل هئي، پر پاڻ فارسي زبان جو سٺو ڄاڻو هو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ فارسي زبان جي، فارسي ادب ۽ فارسي زبان جي ڪيترن علمي، ادبي ۽ ديني شخصيتن بابت ڄاڻ رکندڙ هئا، انهن مان ايران جي فارسي شاعر ، ” ابوالقاسم فردوسي طوسي“ جي زندگي ۽ سندس شاهنامو بابت هڪ مقالو لکيو، جيڪو ”مهراڻ “ رسالي ۾، سال 1970ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
پروفيسر چنا صاحب هن مقالي جي شروعات، فردوسي جي اعليٰ شخصيت جي حوالي سان هن ريت ڪئي آهي:
”دنيا جي بي ثباتيءَ ۽ فلڪ گج رفتار جي جادو گيريءَ ۽ شعبده بازيءَ جي تصوير ڪشي طوس جي هڪ شڪر شڪن طوطي جي زور طبع جو اثر آهي، جو عهد غزنويءَ جو بلند، پر تقدير ڪش ۽ مردم ڪش شخصيت آهي. جنهن تي ايران ۽ اهل ايران کي اڄ تائين بجا ناز آهي، پنهنجي جڳ مشهور شاهڪار “شاهنامه” معرفت ان به رڳو قديم ايران جي تاريخ مرتب ڪئي، پر فارسي زبان کي به، ”نئين زندگي“ بخشي، هي صاحب عهد غزنويءَ ۾ علم، شعر، تاريخ سير ۽ اخلاق جي اعتبار کان تمام ادبيات تي طاري آهي ۽ گويا سڀني علماءَ ۽ شعراء جو محور نظر اچي ٿو. ان ڪري هن عهد کي اگر ”عهد فردوسي“ سڏجي ته ڪنهن به قسم جو مبالغو نه ٿيندو. ايران جا موجوده نقاد هي ڄاڻائيندي فخر محسوس ڪن ٿا ته، “فردوسي فارسي زبان و ادب جو پايو بالڪل اعليٰ ۽ اتم ڪيو ۽ هن کي جاوداني حيثيت بخشي.“ (چنا، 1970ع، ص، 137)۔
مٿئين حوالي مان فردوسي جي نه صرف اعليٰ شخصيت جي باري ۾ خبر پوي ٿي، پر سندس شاهڪار ”شاهنامه“ جي ڪري پاڻ گهڻو مشهور ٿيو، انهيءَ ڪري فارسي زبان کي به وڏي هٿي ملي. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ نه صرف شاعريءَ سان چاهه رکندڙ شخص هو، پر تاريخ سير و سياحت جو به شوقين هو. پاڻ سٺو عالم ۽ شاعر طور تسليم ڪيو ويو، ايتريقدر جو سندس دؤر کي ”عهد فردوسي“ سڏيو ويو آهي. ان کان پوءِ فردوسي جي نالي ۽ وطن بابت بحث ڪيو ويو آهي، ڪن فارسي جي ڪتابن جا حوالا به ڏنا ويا آهن. چنا صاحب سندس نالي ۽ وطن بابت لکيو آهي ته:
”سڀئي محقق هن راءِ تي متفق آهن ته، فردوسي جو تخلص فردوسي ۽ ڪنيت ابوالقاسم هئا، پر تذڪره نويسن سندس نالي ۽ سندس والد جي نالي ۾ اختلاف ڏيکاريو آهي، پر چنا صاحب جي تحقيق مطابق ته فردوسي طبران صوبي جي شهر طوس جي ڀر پاسي ”باز“ نالي ڪنهن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو. سندس ولادت 30،329 هجري ڌاري بمطابق سن 41 ،940ع ۾ ٿي آهي، سندس نالو حسن ابو القاسم بن منصوره الفردوسي آهي، دولت شاهه سندس نالو حسن بن اسحاق بن شرف شاهه لکيو آهي. بايسنتر مرزا سندس نالو منصور بن فخرالدين بن فرخ ڄاڻايو آهي، حڪيم اسدي طوسي سندس هم عصر ۽ هم وطن هو، تنهن پنهنجي لغت جي هڪ تحرير ۾، فردوسي جو نالو ابوالقاسم بن منصوره الفردوسي لکيو آهي ۽ اهو ئي نالو ٻين عام مصنفن ۽ مؤرخن تسليم ڪيو آهي، ساڳئي طرح سندس پيدائشي ڳوٺ يا شهر جو نالو به ڪن باز رکيو آهي ته ڪن ”زران“ ۽ ”شاداب“ ، بهرحال انهي تي سڀ متفق آهن ته فردوسي طوس جو رهاڪو هو، اتي پيدا ٿيو ۽ زندگي بسر ڪري فوت ٿي ويو، بهرصورت هي مسلم حقيقت آهي ته، فردوسي طوس جي ان مردم خيز علائقي جو باشندو هو، جنهن حضرت امام غزالي، محقق طوسي ۽ نظام الملڪ جهڙن شخصيات کي جنم ڏنو آهي.“ (چنا، 1970ع، ص، 138 ،137)۔
مٿئين بيان مان نه رڳو سندس نالي، پيءُ جي نالي ۽ وطن بابت معلومات ملي ٿي، پر سندس سن ولادت جي تاريخ جي به ڄاڻ ملي ٿي. هن مقالي جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ سندس حالات زندگي جي حوالي سان معلوم ٿئي ٿو ته، سندس ابا ڏاڏا کيتي ٻاڙي ڪندا هئا، تنهنڪري پاڻ به پنهنجي ڳوٺ ۾ کيتي ٻاڙي ڪندو هو، ۽ ڳوٺ جي هڪ باغ ۾ پنهنجن دوستن سان اڪثر ڪچهريون ڪندو رهندو هو، پاڻ تمام بي فڪري واري زندگي گذاريندو هو، جڏهن ته شاهنامو به پاڻ انهيءَ دوران لکي ورتو هو، سندس کي هڪ ڌيءَ هئي، سندس خيال هو ته، شاهنامي مان جيڪو کين معاوضو ملندو، ان مان هو پنهنجي ڌيءَ جو ڏاج ٺاهيندو، هن پنهنجي هڪ دوست جي مشوري سان پنهنجي شاهنامي کي، هڪ بادشاهه سلطان محمود غزنويءَ وٽ پيش ڪيو، ڪن اديبن جو خيال آهي ته بادشاهه محمود فردوسي کي شاهنامو لکڻ جي فرمائش ڪئي هئي ۽ هڪ شعر جي عيوض ان هڪ اشرفي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.
بهرحال پروفيسر چنا صاحب سميت اڪثر محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته، محمود غزنويءَ جي درٻار ۾ ڪجهه مدت تائين شاهنامو ٻڌائيندو، تحسين جو داد حاصل ڪندو رهيو پر جڏهن انعام و اڪرام جو وقت آيو ته حاسدن فردوسي سان بدگوئي ڪئي، انهيءَ حوالي سان ڪيترائي واقعا پيش آيا. آخر هن محمود غزنويءَ لاءِ هجو (گلا) ۾ هڪ سؤ بيت لکيا، جيڪي طبرستان جي حڪمران شهريار وٽ کڻي نڪتو ۽ سلطان محمود واري سموري حقيقت ڪري ٻڌائي، تنهن تي شهريار سندس دلجوئي ڪئي ۽ جيڪي پاڻ، محمود جي گلا ۾ هڪ سؤ بيت لکيا سي شهريار فردوسيءَ کان پاڻ وٽ وٺي رکي ڇڏيا، جنهن تي شهريار فردوسي کي چيو ته، مان هڪ لک درهم توکي ڏيان ٿو. تنهن کان سواءِ اميد ته، سلطان محمود جلد ئي توکي گهرائي نوازيندو، ائين ڪري اهي بيت ساڙائي ڇڏيا ئين، باقي فردوسي واپس طوس روانو ٿي ويو.
چنا صاحب، محمود جي ندامت ۽ فردوسي جي وفات جي حوالي سان هڪ واقعو پيش ڪيو آهي، جيڪو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
”هڪ دفعي محمود هندوستان جي مهم تان واپس اچي رهيو هو ته رستي ۾ ڪنهن هندستان جي راجا جو قلعو هو، محمود راجا کي چوائي موڪليو ته حاضر ٿي اطاعت مڃ، راجا جي جواب ۾ دير ٿي ته محمود پنهنجي وزير حسن ميمنديءَ کان پڇيو ته، اگر جواب اسان جي منشا جي مواقف نه آيو ته، حسن ميمنديءَ ٺهه پهه فردوسيءَ جي شعر جو جواب ڏنو ته:
”اگر جز بکام من آيد جواب، همي گوي ميدانِ افراسياب“
تنهن تي محمود پڇيس ته، هيءُ ڪنهن جو شعر آهي، هن ۾ ته شجاعت ۽ مردانگي جهلڪا ڏيندي نظر اچي ٿي، حسن جواب ڏنو ته، هي شعر ان بدنصيب جو آهي، جنهن پنجويهه سال محنت ڪري شاهنامو لکيو، پر بارگاهه غزنويءَ کان محروم ۽ نامراد واپس ٿيو، ان تي محمود نادم ٿيو ۽ حسن کي چيائين ته، غزنيءَ پهچي ياد ڏيارجانء، غزنيءَ پهچي حسن ميمنديءَ کيس ياد ڏياريو ۽ سٺ هزار اشرفيون فردوسي ڏي موڪليون ويون، اتفاق اهو ٿيو جو هڪ دروازي کان فردوسيءَ جو انعام داخل ٿي رهيو هو ته ٻئي دروازي کان فردوسي جو جنازو ٻاهر نڪري رهيو هو. آخر محمود جو هي انعام سندس نياڻيءَ کي پيش ڪيو ويو، پر غيور ڌيءَ قبول ڪرڻ گوارا نه ڪيو، جڏهن محمود کي اطلاع مليو ته حڪم ڏنائين ته، رقم سان فردوسيءَ جي نالي تي قافله سرائي بنائجي.“ (چنا، 1970ع، ص، 140).
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، فردوسي جي مايوسي ۽ حالت تي جڏهن غور ڪجي ٿو ته حيرت به ٿئي ٿي ۽ هڪ حسرت به ، محمود جهڙو جليل القدر بادشاهه جنهن سومناٿ جي دولت علم ۽ فضل لاءِ وهائي ڇڏي ، جنهن عظيم الشان ۽ بيمثال ڪتبخانه قائم ڪيا ۽ انهن ۾ نادر روزگار شيون جمع ڪيون، جنهن جي درٻار ۾ چار سئو شاعر موجود هجن ۽ انهن تي اڪرام و انعام جون بارشون وسنديون هجن، جنهن کي “علماءُ جو پڄائيندڙ ” تصور ڪيو وڃي، سو اچي فردوسيءَ جي معاملي ۾ رڪجي، ان لاءِ ضرور ڪي سبب هوندا، تڏهن ته فردوسي ان صدمي ۾ وفات ڪري ويو.
پروفيسر محبوب علي چنا هن مقالي ۾ فردوسيءَ جي لکيل شاهنامي جا ماخذ، توڙي اهميت جي حوالي سان لکيو آهي ته:” ايران ۾ قديم زماني کان وٺي، بادشاهن جا اوصاف ۽ واقعات لکڻ جو رواج هو. قديم زماني جو هڪ ڪتاب ” خداي نامه“ آهي جو شاهنامي جي طرز تي لکيو ويو، هي پهلوي زبان ۾ ساساني عهد (652ع) جو عظيم يادگار آهي، هن جو ترجمو ابن مقفع ”تاريخ ملوڪ الفرس“ جي عنوان سان عربيءَ ۾ ڪيو.اصل ڪتاب ۽ انجو ترجمو اسلامي عهد جي آغاز ۾ موجود هو، پر افسوس اڄ ڪلهه ناپيد آهي. انکانپوءِ شاهنامي جي تاريخي اهميت بيان ڪيل آهي، جنهن ۾اهل يورپ جا اعتراضات به بيان ڪيل ملن ٿا، مثلاً: “ شاهنامو محض هڪ رزميه داستان آهي، شروع کان آخر تائين هي ڪتاب پهلوانن جي دليري ۽ بهادريءَ جي داستانن سان لبالب آهي.” پر چنا صاحب ان حوالي سان لکيوآهي ته :
”اهل يورپ جن جو هي اعتراض به درست نه آهي، ڇو ته فردوسيءَ ۾ انهن داستانن ۾ توحيد، وطن پرستي، فلسفه، تاريخ، معاشرت، اخلاق و تمدن جا مسئلا به بيان ڪيل آهن. الله تعاليٰ جي حمد ۽ عقل جي بيان ۾ فردوسي رقمطراز آهي ته:
”بنام خداوند جان و فرد، کزين برتر انديشد برنگذرد
خداوند نام و خداوند جاي، خداوند روزي ده ورهنماي
سخن هرچه زين گوهران بگذرد، نيا بد بدؤراه جان و خرد
ستون نداندکس اوراچو هست، ميان بندگي رابپايدت بست“
(چنا، 1970ع، ص، 144 ،143)
مٿئين شعر مان فردوسيءَ جي عقيده توحيد جو پورو پتو پئجي وڃي ٿو، هن کي يقين آهي ته فلسفيانه موشگا فين جي روءِ سان ذات خداوندي جي حقيقت معلوم نه ٿي سگهندي، نه وري ان جي خاطر خواه تعريف و توصيف ٿي سگهندي..
هن مقالي ۾ شاهنامه جي ترتيب، شاهنامه جا حالات ۽ واقعات، شاهنامي ۾ چند فارسي الفاظن جو استعمال، شاهنامي جا مطالب، شاهنامي جون ادبي خوبيون، جنهن ۾ واقع نگاري، منظر ڪشي، تشبيهه واستعباده ايجاز و اختصار، جذبات نگاري وغيره، جو جامع ذڪر ڪيل آهي. ان کانپوءِ شاهنامي جون فني خاميون، جنهن ۾ شاهنامه صوتي اثرات جي ڪمي، مردانه ۽ زنانه احساسات ۾ يڪسانيت ۽ شاهنامه جي ترجمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.
مقالي جي آخر ۾، فردوسي جي وفات جي سن متعلق چنا صاحب هن ريت ڄاڻايو آهي:
”حمد الله مستوفي مطابق فردوسي جو سال وفات 416 هه آهي، ليڪن دولت شاهه سمرقنديءَ مطابق فردوسيءَ جو سال وفات 411 هه آهي، شاهنامي ۾ فردوسي لکيو آهي ته هاڻي منهنجي عمر تقريباً اسي سال آهي، 409 ۽ 410 هه جي بعد، فردوسي شاهنامه ۾ وڌيڪ ڪجهه نه لکيو،هن جي ولادت بابت اڳ ۾ لکي آيا آهيون ته 329 هه 330 هه آهي ته ان لحاظ سان ان جو سال وفات، دولت شاهه سمرقنديءَ جي بيان مواقف 411 هه 1020 ع درست معلوم ٿئي ٿو.“ (چنا، 1970ع، ص، 156 )
جيئن ٻين محققن جي تذڪرن ۾ فردوسيءَ جي وفات جا سن هجري ڄاڻايل آهن، سي به چنا صاحب ڄاڻايا آهن، ۽ مذڪوره حوالي مان وفات جو سن هجري واضع طور معلوم ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح ايران جو پرستار ايران جي عظمت رفته کي شاهنامه ۾ محفوظ ڪندي ائين چوندو رمندو رهيو ته:
”عجم زنده کردم بدين پارسي“
مطلب ته، چنا صاحب جي هن طويل مقالي مان خبر پوي ٿي ته، پاڻ وڏي محنت ۽ جاکوڙ ۽ تحقيق واري انداز سان، فردوسي جي سوانح حيات، سندس علمي منزل، مانُ، مرتبو ۽ سندس مشهور و معروف تصنيف شاهنامه جي باري ۾ جيڪو احوال قلمبند ڪيو آهي اهو فارسي زبان جو ته هڪ وڏو ذخيرو آحي، ساڳئي وقت سنڌي ادب ۽ سنڌي ادب سان چاهه رکندڙ لاءِ بهترين ڄاڻ ڏيندڙ نمونوآهي، هي مقالو نه صرف عام پڙهندڙن لاءِ پر تحقيق ڪندڙن لاءِ به بهترين ڄاڻ ميسر ڪري ٿو.
حوالا
(1 ) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ” ابوالقاسم فردوسي طوسي“، سه ماهي علمي ۽ ادبي رسالو ”مهراڻ“ جلد: 19، نمبر: 1، 2 ، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، رسالو، 1970 ع، ص، 137 .
(2 ) حوالو ساڳيو: ص ، 138 ،137
(3 ) حوالو ساڳيو: ص ، 140
(4 ) حوالو ساڳيو: 144، 143
(5 ) حوالو ساڳيو: 156
*
(x) مخدوم بلالرح
مخدوم بلالرح جو نالو سنڌ جي انهن صالح سرويچن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن سنڌ ۾ ديني تعليم کان علاوه حق ۽ سچ جا سبق ڏنا، هونءَ به ڏٺو وڃي ٿو ته، ڪيترن بزرگ عالمن سنڌ ڌرتي توڙي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ، پنهنجي جان جا نذرانه ڏيندا رهيا آهن، اهڙن ئي بزرگن مان جن سنڌ ملڪ جي ماروئڙن کي غيرن جي غلامي کان بچائڻ لاءِ پنهنجي حجري مان نڪري سنڌ جي جوڌن توڙي عام ماڻهن کي ڌارين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ اڀاريو، انهن ۾ مخدوم بلالرح جي شخصيت مٿانهين ۽ پڌري ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
پروفيسر محبوب علي چنا پنهنجي علائقي جي هن عظيم بزرگ هستيءَ تي، پنهنجو قلم کنيو ۽ مخدوم بلالرح جي حياتيءَ جو احوال قلم بند ڪري، هڪ مقالو بــــــعنوان ”مـــخدوم بــــلالرح “، ماهـــوار رسالـــــي، ”الرحيم“، 1972ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو ويو.
پاڻ هن بزرگ هستيءَ جي باري ۾ لکن ٿا ته: ” حضرت مخدوم بلالرح ، سمو سنڌ جي سر زمين جي انهن مايه ناز فرزندن ۽ سڀاڳي سپوتن مان آهي، جن ديس واسين کي قرآن شريف تفسير، حديث شريف، فقه، شريعت ۽ غزا جي شين کان روشناس ڪيو، هي بزرگ اصل ٽلٽي جي واهڻ جو واسي هو، سندن ولادت جو پتو نه ٿو پوي، پر سندن وفات سن 929هه بمطابق 1522ع ۾ ٿي“ (چنا، 1972ع، ص، 5 )
سندن ولادت جي پوري طرح معلومات نٿي ملي، چنا صاحب به ولادت جي تاريخ نه ڏني آهي، صرف وفات جي تاريخ ڄاڻائي آهي، جيڪا تاريخ ٻين ڪتابن ۾ به ساڳئي ملي ٿي، ان کان علاوه سندس خدمتن ۾ ديس واسين کي مختلف علمن سان روشناس ڪرڻ جي به ڄاڻ ملي ٿي. چنا صاحب، مخدوم بلالرح جو تاريخي پس منظر به ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ هن سمن جي دؤر جي سونهاري سمو ڄام نظام الدين جي وفات کانپوءِ، سنڌ جي غلامي واري دؤر جو تاريخي پس منظّر بيان ڪيو، ۽ ان دؤر ۾ جيڪي حاڪم ٿيا انهن حاڪمن جي دؤر ۾ مخدوم بلالرح موجود هو، جيئن پاڻ هن ريت لکيو اٿن ته: ” انهيءَ مدت کي جيڪڏهن باريڪ بينيءَ سان جاچبو ته معلوم ٿيندو ته، مخدوم صاحب جن، سنڌ جي هيٺين حاڪمن جي وقت ۾ موجود هئا.
(1) ڄام تغلق شاهه (جوڻو) بن صدرالدين سڪندر شاهه. (2) ڄام مبارڪ (3) ڄام سنجر
(4) ڄام نظام الدين ثاني معروف به ڄام نندو (5 ) ڄام فيروز
(6) مرزا شاهه بيگ ارغون ۽ (7 ) مرزا شاهه حسن ارغون.“ (چنا، 1972ع، ص، 5،6 )
مٿئين حوالي مان سمن جي آخري دؤر جي حاڪمن ۽ ارغونن جي شروعاتي دؤر جي حاڪمن جو پتو پوي ٿو، مذڪوره حاڪمن جي صاحبيءَ ۾ مخدوم بلالرح جن موجود هئا.
هن مقالي جي مطالعي مان اها به خبر پوي ٿي ته، مخدوم بلال واري سمي ۾، ٻه مذهبي ۽ صوفيانه تحريڪون به موجود هيون، هڪ جو نالو مهدوي تحريڪ ۽ ٻيءَ جو نالو بلالي هو، اهي ٻئي تحريڪون چوٽ تي هيون، مهدوي تحريڪ جو باني، سيد ميران شاهه جونپوري جو مهدوي جونپوري جي نالي سان مشهور هو، ۽ ٻي تحريڪ جو باني مخدوم بلال هو.
ڪن ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته، مخدوم صاحب ابتدائي تعليم، ٺٽي مان حاصل ڪئي، پوءِ وڌيڪ تعليم ٽلٽي جي ڳوٺ ۾ مخدوم عمر وٽ اچي حاصل ڪئي، انهن ڏينهن ۾ تعليم جا مکيه مرڪز، ٺٽو، سيوهڻ، پاٽ ۽ ٽلٽي وغيره هئا. پر چنا صاحب وري هن طرح لکيو آهي ته: ” هن جي اوائلي اوسٿا ۽ ابتدائي تعليم جو پتو نه آهي، باقي مولا غوثي بن حسين بن موسيٰ شطاريءَ دکني پنهنجي شهره آفاق ڪتاب، ” گلزار ابرار“ ۾ چند سنڌي ڌڻي ڌوئلن جو احوال ڏنو آهي، ان ۾ حضرت مخدوم بلالرح جي باري ۾ هدايت سنڌي برهانپوري جي روايت مطابق لکيو آهي ته هن کي خواجه خضر کان روحاني فيوضات حاصل ٿيا.“ (چنا، 1972ع، ص، 6 )
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ، سنڌ ڪيترن ئي الله وارن وانگر مخدوم صاحب کي به اويسي طور طريقي وانگر، رسول اڪرم ﷺ جي معرفت فيوضات الاهي حاصل ٿيا. معلوم ائين ٿو ٿئي ته پاڻ مذهبي علم، تفسير ۽ حديث ۾ خاص ماهر هو، جنهن ڪري دور دراز پنڌ تان، طالب وٽس علم پرائڻ ايندا هئا، سندن روحاني تعليم جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته: ”سندس ظاهري خواه روحاني علمن جو فيض ”صداءِ عام ھے ياران نکته دان کي لئے“ وانگر عام هو ، سندس بلالي برڪت جي بي پايان بحر مان ڪئين پياسا پر ٿيا ۽ فيضياب ٿيا.“ (چنا، 1972ع، ص، 6 )
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته ، مخدوم بلال هڪ وڏو ڪامل بزرگ، عالم ۽ فاضل هو، تفسير ۽ فقه ۾ وڏو ماهر هو، تنهنڪري وقت جي وڏن عالمن ۾ سندس شمار ٿيندو هو، شريعت جو پابند هوندو هو، تنهنڪري اخلاقي، روحاني ۽ شرعي واعظ ۽ نصيحت به ڪندو هو، ۽ خدا جي خلق کي افضل عبادت جو درجو ڏيندو هو . مطلب ته مخدوم صاحب روحاني ڪماليت ۾ اعليٰ درجو رکندڙ هو.
اهڙي طرح هن مقالي جي مطالعي مان وڌيڪ اها به ڄاڻ ملي ٿي ته، ڄام نظام الدين سمو جي وفات کانپوءِ سندس پٽ ڄام فيروز، سنڌ جو نئون بادشاهه بنيو هو. ملڪ جون حالتون تيزيءَ سان خراب ٿينديون ويون، بگڙيل صورت حال جو فائدو وٺي قنڌار جو حاڪم شاهه بيگ ارغون سنڌ جي تخت گاهه ٺٽي تي ڪاهي آيو ته ڄام فيروز ڀڄي نڪري ويو، سنڌ جو سچو سپاهي دولهه دريا خان مقابلو ڪندي نيٺ شهيد ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ سنڌ تي ڌارين جو راڄ قائم ٿي ويو.
آخر مخدوم بلال، هن سياسي تبديليءَ کي خطرناڪ سمجهي جدوجهد جو فيصلو ڪيو، شاهه بيگ ارغون ٺٽي کان سيوهڻ پهتو ته کيس مخدوم بلال جي باري ۾ ڄاڻ ڏني وئي، هن ٽلٽيءَ تي حملي جو حڪم ڏنو، مخدوم صاحب جي مريدن شاهه بيگ سان زبردست جنگ ڪئي، جنگ ۾ ارغونن کي سوڀ حاصل ٿي، شاهه بيگ پنهنجي عادت موجب پنهنجي لشڪر هٿان، ٽلٽيءَ جي ماڻهن کي ڦريندو لٽيندو ۽ مارائيندو رهيو ۽ اتان جي رهاڪن کي مڪمل طور تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيائين، شاهه بيگ کي خبر هئي ته، سنڌين کي وڙهڻ لاءِ تيار ڪرڻ ۾، مخدوم بلال جو وڏو هٿ هو، ان ڪري هن مخدوم صاحب ۽ سندس خليفن تي ڪرڙي نظر رکي ۽ مٿن ڪيترا ڏنڊ وڌا، جيڪي هنن ڀري ڏنا، شاهه بيگ جي دل تڏهن به ڪونه ٺري، سوهن هٿ ٺوڪين مُلن کان فتويٰ وٺي، مخدوم بلال کي گهاڻي ۾ پيڙهائي شهيد ڪرائي ڇڏيو.
چنا صاحب، مخدوم بلال جي شهيد ٿيڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”مخدوم بلال جو گهاڻي ۾ پيڙجي شهيد ٿيڻ جو واقعو ڪنهن به مستند تاريخ يا تذڪري ۾ آيل نه آهي، پر باغ واهڻ جي واسين کان هي روايت آهي ته، مخدوم صاحب ڪنهن چاڪيءَ کي پنهنجي نگري اندر برداشت نه ڪندو آهي.“ (چنا، 1972ع ، ص، 8 )
ڪن تاريخن ان واقعي کي حقيقت جي خلاف سمجهيو آهي ۽ صرف هڪ عوامي روايت سمجهيو آهي. حقيقت اها آهي ته، ان وقت سنڌ مٿان حڪومت ڪندڙ حاڪم اهڙن سپوتن ۽ سرواڻن جي شخصيت ۽ تاريخ کي مسخ، يعني سٺي حالتن مان بدلائي خراب حالتن ۾ ڪرائي ڇڏيندا هئا ۽ انهن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر ملي ٿو، ڇوته اها تاريخ به حاڪمن، پنهنجي دؤر حڪومت ۾ درٻاري عالمن کان لکرائي آهي،
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿوته، ان وقت جا ظالم حڪمران سرڪشي اختيار ڪرڻ وارن ماڻهن کي طرحين طرحين عقوبتون ۽ صعوبتون ڏيندا هئا، جيئن کل لهرائڻ ، بتين تي لنبرائڻ، نانگن کان ڏنگ هڻائڻ وغيره، جهڙيون سزائون ڏيندا هئا، ان ڪري هيءَ روايت جيڪا گهاڻي ۾ ، پيڙجڻ واري آهي، سا حقيقت معلوم ٿئي ٿي . هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مخدوم بلال کي گهاڻي ۾ ڪيئن پيڙيو هوندائون، ان لاءِ فقط اهو چئي سگهجي ٿو ته،ظالم جڏهن ظلم ڪرڻ لڳندو آهي ته هو ظلم جي انتها ڪري ڇڏيندو آهي، ان ڪري سندس شهادت يقيني آهي. اهڙيءَ طرح سندس مڻيادار معاصرن خواه شاگردن جو به ذڪر ڪيو ويوآهي،
مثلاً: سندس همعصرن ۾ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار نصرپور، مخدوم عربي ڌياڻو، مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد، مخدوم جعفر بوبڪائي، مخدوم صدرالدين (صدو لانگاهه)، مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم حسن عرف بلالي ڀاڻوٺ، شيخ مخدوم دانيال سيد حيدر شاهه سنائي وغيره. شامل آهن. سندس شاگردن ۾ مثلاً: قاضي ڏتو بن قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهو سيوهاڻي، هن صاحب تفسير ۽ حديث جي تڪميل مخدوم بلال وٽ ڪئي. هي مخدوم بلال جي ذهين شاگردن مان هڪ هو.
مخدوم بلالرح، سنڌي سرائڪي، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ چڱي مهارت رکندو هو، فارسي ٻوليءَ ۾ سندس رباعيون ملن ٿيون،
چنا صاحب، مخدوم بلال جي رباعين مان هڪ رباعي جو نمونو مقالي جي آخر ۾ ڏنو آهي.مثال طور:
”در راه خدا ز سر قدم بايد ساخت،
سر مايهء اختيار خود مي بايد باخت،
(چنا، 1972ع، ص، 10 )
اهڙيءَ طرح هن مقالي ۾ چنا صاحب، مخدوم بلال جي دؤر جا حالات ۽ سمن جي حڪمرانيءَ جا ڪيترائي تاريخي احوال ڄاڻايا آهن. مطلب ته مخدوم بلال جي عمر، ماڻهن کي نيڪيءَ جي تعليم ڏيندي ۽ وطن جي خلاف ڪاهي ايندڙ، ڌارين ۽ غاصبن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ گذري، پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ ماڻهن کي، روحاني تعليم ڏيندي گذاريائون، مخدوم بلالرح جهڙن سنڌ جي عظيم سپوتن جي زندگي ۽ سندن ڪارنامن جو جڏهن احوال پڙهجي ٿو ته، اسان کي خبر پوي ٿي ته، نيڪ ٿي گذارڻ ٻين جي ڪم اچڻ ، خدا جي راهه جو پانڌيئڙو ٿيڻ ۽ ان سان گڏ پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ، هر انسان جو پهريون فرض آهي، خدا پاڪ اسانکي به همت ڏي ته اسان به انهن بزرگن جي پيروي ڪندي، پنهنجي وطن جي حفاظت ڪري سگهون.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”مخدوم بلالرح“، ماهوار،” الرّحيم“، جلد: 4، نمبر: 5، ايڊيٽر: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، حيدرآباد، شاهه ولي الله اڪيڊمي، نومبر، 1972ع، ص، 5 .
(2) حوالو ساڳيو: ، ص ، 6 ، 5
(3) حوالو ساڳيو: ، ص ، 6
(4) حوالو ساڳيو: ، ص ، 6
(5) حوالو ساڳيو: ، ص ، 8
(6) حوالو ساڳيو: ، ص ،10
(xi) هالن پراڻن جا ٻه مرحوم بزرگ عالم
پروفيسر محبوب علي چنا، گهڻو وقت سروري اسلاميه ڪاليج هالا جو پرنسپال ٿي رهيو، پاڻ نه صرف اتي تدريسي خدمتون سرانجام ڏنائون، پر ان سان گڏوگڏ هالا توڙي ان جي آسپاس قديمي بزرگ عالمن جي باري ۾ تحقيقي مقالا لکيائون ته جيئن انهن بزرگن جي زندگيءَ جو احوال ۽ علمي ادبي خدمتن جي باري ۾ به معلومات حاصل ٿي سگهي.
پاڻ هالن پراڻن جي ٻن بزرگ عالمن، هڪ مولانا مولوي حاجي محمد صاحب ۽ ٻيو مولانا احمدرح جي شخصيت جي زندگيءَ جو احوال قلم بند ڪيائون ۽ مذڪوره عنوان سان هي مقالو رسالي ”الرحيم“ ، 1972ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو ويو.
پاڻ پهرين بزرگ مولانا مولوي حاجي محمد صاحب جي ولادت ۽ تعليم جي حوالي سان لکيو اٿن ته:
”مولانا مولوي حاجي محمد صاحب ، تاريخ 27 رمضان المبارڪ، 1279 هه ليلته القدر جي رات تولد ٿيا. شروعات کان وٺي کين تحصيل علم جو گهڻو شوق هو، حالانڪ فارسي جا درسي ڪتاب، پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ پڙهي عربي صرف ونحو جا ڪتاب مرحوم مولانا مولوي خليفه حاجي عبداللطيف صاحب ساڪن هالا نوان کان پڙهي، پاڻ پاٽ شريف ضلعه دادو ۾ مرحوم مولانا مولوي حسن الله صاحب پاٽائي جن وٽ ڪجهه وقت پڙهيائون، ان کان پوءِ حيدرآباد سنڌ ۾ مرحوم مولانا مولوي محمد حسن صاحب ڪنڊئي وارن وٽ جمله درسي عربي ڪتاب نظامي نصاب، مطابق پڙهي فارغ ٿيا ۽ اتي پنهنجي مشفق استاد جي ارشاد موجب ٻه، ٽي سال درس ڏيندا رهيا، ان بعد پنهنجي وطن هالا پراڻا اچي درس و تدريس جو سلسلو جاري رکيائون جتي چڱو وقت رهي عربي مدرسو (مدرسه محمديه) هلايائون.“ (چنا، 1972ع، ص ، 11 )
مٿئين بيان ڪيل حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، مولانا مولوي حاجي محمد صاحب ظاهري تعليم لاءِ ڪيترا نه ڪشالا ڪاٽيا، مختلف هنڌن تان عربي ۽ فارسي توڙي گرامر جا قاعدا پڙهي، عالم جي اعليٰ مقام تي پهتا، ۽ پوءِ واپس پنهنجي وطن اچي هڪ مدرسو کولي، انهي علم جي خزاني مان پنهنجو وکر ونڊيندا رهيا.
سندن بيان ڪيل هن مختصر سوانح حيات مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ حديث ۽ فقه جا وڏا ڄاڻو هئا، سندن قائم ڪيل مدرسو اڄ به هالا پراڻا ۾ موجود آهي، پاڻ طبع جا جلالي ۽ لاابالي هوندا هئا، پاڻ مسلم عالم ۽ متقي هئا. مثنوي مولانا روم ۽ مڪتوبات امام رباني تي کين گهڻو عبور حاصل هو، علم تصوف جا به نڪته دان ۽ نڪته سج هئا، تصوف جي حوالي سان مختلف عالمن، بزرگن سان به سندن بحث مباحثا ٿيندا رهيا، جيئن چنا صاحب انهيءَ حوالي سان هن ريت لکيو آهي ته:
”وقت بوقت تصوف جي باريڪ نڪتن ۽ رموز تي، حضرت مولانا وهادينا مرحوم خواجه حافظ محمد حسن جان صاحب سرهندي مجددي جن سان سندن بحث مباحثا ۽ سوال جواب ٿيندا رهندا هئا، اهڙيءَ طرح مسائل فقه ۾ به حضرت علامه مولانا مولوي عبدالغفور صاحب همايوني، جن سان سندن نوشت و خواند بطور مباحثه رهندي هئي.“ (چنا، 1972ع ، ص، 11 )
مٿئين حوالي مان خبر پوي ٿي ته ، مولانا صاحب کي علم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، ۽ خاص ڪري پيچيده ۽ منجهيل مئسلن جي حوالي سان وڏن بزرگن عالمن سان بحث مباحثه ڪري گهڻو ڪجهه حاصل ڪندا هئا، انهن عالمن جي صحبت مان پاڻ گهڻو پرايائون ايتريقدر جو پاڻ حضرت پير شيخ ميان ولي محمد بن شيخ محمد اسحاق ملاڪاتيار جا مريد به ٿيا. پاڻ نه صرف صورت جا سهڻا هئا پر سيرت جي حوالي سان به پنهنجو مٽ پاڻ هئا، پاڻ پرهيزگار، تهجد گذار ۽ بي ريا عالم رباني هئا، هميشه توڪل علي الله رهي پنهنجو وقت گذاريائون، اهڙيءَ طرح هن بزرگ عالم جي وفات فالج دوران 4 ربيع الثاني، 1336 هه تي ٿي . سندن مزار شهر هالا پراڻا جي کڏي کٿوري جي مقام ۾ آهي.
چنا صاحب سندس ڪجهه تصنيفن جو به ذڪر ڄاڻايو آهي، پر انهن مان گهڻيون ڇپيل نه آهن:
مثلاَ:
”الفتاوي المحمديه في احڪام لا حمديه (عربي)
حقوق الزوجين (سنڌي)
شرح ماة احاديث (سنڌي)
رموز الفرقان (سنڌي)
فقه بيبي بلقيس ( سنڌي)
رساله درامور طبعيه (فارسي)
عشرين مسائل فارسي، حل التر کيب منطق ( عربي)
۽ ڪشف الجان (سنڌي) وغيره.“
(چنا، 1972ع ، ص، 12 )
مٿين تصنيفن مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ، ٽنهي ٻولين تي عبور رکندڙ هئا، تڏهن ته ٽنهي ٻولين ۾، سندس تصنيفون ملن ٿيون ، پر افسوس جو انهن مان گهڻيون شايع ٿيل نه آهن.
اهڙيءَ طرح هن مقالي ۾ شامل ٻي شخصيت مولانا احمدرح جي زندگيءَجو مختصر احوال ڏنو ويوآهي، جنهن لاءِ چنا صاحب هن طرح لکيو آهي ته:” مرحوم مولانا صاحب جن جي ولادت، حيدرآباد ضلعي جي مشهور شهر هالا پراڻا ۾، تاريخ 7 جماد الثاني 1314 هجري ۾ ٿي. سندن والد جو نالو حضرت مولانا مولوي حاجي محمد هو، حضرت مولانا موصوف جن ننڍي هوندي کان ئي طبيعت جا نهايت ذهين ۽ بلڪل هوشيار هوندا هئا، ايتريقدر جو پاڻ صرف ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن شريف ، فارسي جو سارو نصاب ۽ عربي جو جملي نظامي نصاب ختم ڪري دستار فضيلت ٻڌائون. سندن دستار بندي جي رسم تبرڪات، حضرت مولانا و مرشدنا الحاج خواجه آقا حافظ محمد حسن جان صاحب مرحوم سرهندي مجددي جن کان ڪرائي وئي هئي. مولانا صاحب جن دستار بندي بعد پنهنجي والد مرحوم جي “ (مدرسي محمديه) ۾ درس ڏيڻ لڳا.“ (چنا، 1972ع ، ص، 12)
مٿئين حوالي مان مولانا احمدرح جي ولادت جي خبر پوي ٿي ،۽ ان سان گڏوگڏ سندن تعليم جي به ڄاڻ ملي ٿي، فارغ تحصيل کانپوءِ پاڻ پنهنجي پيءُ جي قائم ڪيل مدرسي ۾ درس ڏيڻ لڳا. هن بزرگ عالم جي حوالي سان هن مقالي جي مطالعي مان وڌيڪ اهو به معلوم ٿو ٿئي ته، پاڻ ان مدرسي جي خدمتن سان گڏ تحرير نويسيءَ ۽ شرعي فيصلن جو ڪم بجا آڻيندا هئا. پاڻ تحرير نويسيءَ جي فن ۾ تمام گهڻا ماهر هوندا هئا، ۽ سڄي سنڌ ۾ سندس هاڪ مشهور هوندي هئي، پاڻ حيدرآباد ۽ نوابشاهه ضلعن جا وڏا مفتي به هئا.
سندن اخلاق، اعليٰ ڪردار ۽ شخصيت جي باري ۾ چنا صاحب هن ريت لکيو آهي:” سندن طبع بلڪل نرم، خوش اخلاق مرنج مرنجان بردبار ۽ ماٺڻي هئي، قحط الرجال جي زماني ۾ سندن شخصيت اعليٰ درجي جي هئي، مطلب ته پاڻ صحيح معنيٰ ۾ بينظير عالم، باعمل، نهايت پرهيزگار متقي، متشرع، زبردست فقيه ۽ عالم حقاني هئا. پاڻ هميشه قومي خيال رکندڙ ۽ سياست جا ڄاڻو هئا، خلافت تحريڪ کان وٺي جيڪي به سياسي ۽ مذهبي تحريڪون وقت بوقت ٿينديون هيون، تن ۾ نه فقط همدرد ۽ معاون هئا،مگر پاڻ هڪ اعليٰ رڪن جي حيثيت سان معروف عمل پڻ رهندا هئا.“ (چنا، 1972ع، ص، 13 )
هن حوالي مان نه صرف سندن سهڻن اخلاقن ۽ اعليٰ شخصيت توڙي ڪردار جي خبر پوي ٿي، پر پاڻ سياست سان به تعلق رکندڙ هئا، ۽ مختلف سياسي توڙي مذهبي تحريڪن ۾ اعليٰ ڪارڪن ٿي رهيا، انهي حوالي سان ڪيتريون خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙي طرح سان هن عالم جي وفات 15 محرم الحرام 1376 هجري ۾ پراڻن هالن ۾ ٿي، سندن قبر پنهنجي والد بزرگوار جي قبر جي ڀرسان آهي.
پروفيسر چنا صاحب، هن مقالي ۾ سنڌ جي انهن ديني ۽ علمي بزرگن جو احوال قلمبند ڪيو آهي، جيڪي نظر انداز ڪيل شخصيتون رهيون آهن، مذڪوره بزرگن جو ديني توڙي علمي ڪم تمام گهڻو ٿيل آهي، مٿي بيان ڪيل ٻنهي شخصيتن جي حوالي سان چنا صاحب ڪوشش ڪئي آهي ته ، سندن زندگي ۽ سندن ڪيل ڪارنامن کي عام ماڻهن تائين پهچائي سگهجي، هن مقالي جي مطالعي مان سندن اها ڪوشش ٻڌائي ٿي ته ، پاڻ هر ڪنهن عالم بزرگ جي ڪم جو قدر ڪندا هئا، ۽ انهن جي ڪيل محنتن کي ٻين تائين پهچائڻ ۾ افضل سمجهندا هئا، ايتريقدر جو انهن بزرگن جي باري ۾ وڌيڪ تحقيق ڪري انهن کي عام پڙهندڙن تائين ظاهر ڪيائون ته جيئن ايندڙ نسل کي انهن بزرگ عالمن جي باري ۾ به ڪجهه ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي ، پروفيسر: مقالو، ”هالن پراڻن جا ٻه مرحوم بزرگ“ ، ماهوار”الرحيم “ سنڌي، جلد : 4 ، نمبر:5 ايڊيٽر، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، حيدرآباد، شاهه ولي الله ،اڪيڊمي، نومبر، 1972ع، ص،11 .
(2) حوالو ساڳيو : ، ص، 11
(3) حوالو ساڳيو: ، ص ، 12
(4) حوالو ساڳيو:، ص، 12
(5) حوالو ساڳيو : ، ص 11
*
(xii) چند گهڙيون - چند يادون
پروفيسر محبوب علي چنا علمي ادبي شخصيتن کان علاوه پنهنجي ويجهن دوستن ۽ واسطيدار هستين جو ذڪر پنهنجي قلم ذريعي پڻ ڪندا رهيا، پاڻ ”چند گهڙيون - چند يادون“ جي عنوان سان پنهنجي هڪ دوست ”مير سڪندر خان کوسي“ سان گذاريل ماضي جون ڪجهه گهڙيون ۽ ڪجهه يادون قلم بند ڪيون آهن، جيڪي ماهوار رسالي ،“نئين زندگي” جي 1976ع واري پرچي ۾ شايع ٿيون.
پاڻ هن مضمون ۾ مير سڪندر خان کوسي جي اوصافن متعلق لکيو اٿس ته: ” مون اڃا 15 آگسٽ 1969ع جي چارج مس ورتي ته گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد ۾، سنڌ يونيورسٽي جا سپليمينٽري امتحان شروع ٿي ويا ۽ سنڌ يونيورسٽي طرفان ٻاهريون نگران اعليٰ پيارو عزير پرفيسر شيخ محمد حاجن سان ريل ۾، هم سفر اسانجو مير سڪندر خان هو، پروفيسر حاجن مير صاحب جون تعريفون بيان ڪندي ٿڪجي نه پيو، حيراني لڳي ته هڪ طرف مولانا با شرح اوصافن سان متصف انسان ۽ ٻئي طرف ظاهري طور دنيوي ٺاٺ وارو مير ، “ قيصر سڪندر” جو مڪين پرهن صاحب جي خداداد لياقتن کان اسان جو حاجن صاحب ايترو متاثر ٿيو، جنهن جو اندازو لڳائي نه ٿو سگهجي ، هونئن ته مير سڪندر خان سان تعارف هو، سندس ڀائيٽي مير دريا خان کوسي ايم- اين-اي سان اڳ ئي من ورنيون محفلون ٿيل هيون. مير سڪندر خان جي جيڪب آباد، پهچڻ کان اڳ عزيزم حاجي عبدالڪريم ڀيو صاحب، سندس ڪيتريون تعريفون بيان ڪري چڪو هو، جي مير سڪندر خان فقير دل امير آهي، ٿلهي وارن بزرگن جو نوازيل آهي، حضرت عشق جي ارٽ جي چوٽ تي چڙهيل آهي، في البديعه صوفيانه ڪلام مرشدن ۽ محبوبن جي ”عنايت“ سان ٺاهنيدو آهي، مرشدن جي حضور ۾ رقص ڪندي خسروانه (حضرت خسرو دهلي وانگر) مجرا ڪندو آهي، دريا دل آهي. وغيره وغيره.“ (چنا، 1976ع، ص، 20 )
مٿيئن حوالي مان مير سڪندر خان کوسي جي هر دلعزيز شخصيت سان گڏ سندس ذاتي تعريفن جي حيثيت سان هڪ منفرد سيرت جو صاحب هو، ملنسار شفيق ۽ قربائتو شخص هو، راز ۽ نياز جي نعمت سان پڻ مالا مال هو.
اهڙيءَ طرح چنا صاحب، گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد ۾ جيڪو به وقت گذاريو ان وقت دوران پاڻ مير صاحب جن جي رهائش گاهه تي اڪثر ويندا رهندا هئا، ۽ قرب جون ڪچهريون، ادبي ڪچهريون ۽ شعر و شاعري تي بحث مباحثا ڪندا رهندا هئا، انهي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته:
”مير صاحب جن وٽ مان ڏينهن ۾ ٻه دفعا ويندو هوس جو خوشنصيباً منهنجي جاءِ سندس بنگلي جي بنهه ويجهي هوندي هئي، آفيس ۾ وڃڻ کان اڳ پهرين فقير سڪندر صاحب جو سلام ڪبو هو ۽ ٻيو شام جو، جو ڪافي وقت تائين هلندو هو، صبح جي وقت مان سندس بنگلي جي پٺيئن ننڍڙي در کان اندر داخل ٿيندو هوس ۽ پاڻ بنگلي جي پٺيئن ورانڊي ۾ براجمان هوندو هو، شام واري نشت سندس مخصوص حجري ۾ ٿيندي هئي، جنهن ۾ مرحوم مير صاحب، پنهنجي ٺاهيل ڪلام جي نغمه سرائي ڪندو هو، اڪثر طور هيءُ مقطع ۾ ”سڪندر“ تخلص سان گڏ ”عنايت “ جو آن ڀريو لفظ لازم ملزوم هو ۽ اهو مجازي طور اشارو اسانجي عنايت بلوچ ڏي هوندو هو.“ (چنا، 1976ع، ص، 21)
مٿئين بيان مان مير صاحب جي قرب وارين ڪچهرين ۽ سندس ڪلام متعلق به ڄاڻ ملي ٿي، جنهن ڪلام جي پاڻ نغمه سرائي ڪندو هو ، ان مان پتو پوي ٿو ته، مير صاحب پاڻ قادرالڪلام شاعر ۽ درويش طبع انسان ٿي گذريو آهي، پاڻ اگرچ زماني جي خيال کان هڪ قومي رئيس هو، پر حقيقت ۾ پاڻ هڪ فقير ۽ درويش انسان هو، ساز ۽ سوز سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هوس ، پاڻ تصوف سان به وابسته رهيو، تنهنڪري سندس ادبي ۽ علمي اصحابن جو حلقو به تمام وسيع هو.
چنا صاحب، سندس انهيءَ وسيع احبابن جي حلقي متعلق هن طرح ڄاڻايو آهي ته: ”ادبي ۽ علمي احبابن جو حلقو تمام وسيع هو، جنهن تحت هي صاحب اڪثر بيشتر محبوب جي متواضح محفل کي پنهنجي علم و فضل جي حدت سان حرير ڪندا هئا، جناب حاجي عبدالڪبير ڀيو، جناب قطب الدين تاب اوستو ۽ سندس ادبي حلقو، جناب عبدالڪريم گدائي، جناب فيض احمد فيض،جناب غالب لطيف، جناب محمد ابراهيم پٺاڻ ، جناب نظام الدين کوسو جناب حاجي عبدالڪريم کوسو، شامل هوندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جون نشتون ٿينديون هيون جن ۾ شرڪت ڪبي هئي، مذهبي ۽ علمي مذاڪرا ٿيندا هئا، انهن ۾ به وند ورڇ ڪبي هئي، پر انهن سڀني صاحبن يا حلقن جي ميل جول سان هي پڌري پٽ ظاهر ٿيندو هوته هي سڀ ”معاشري جا منبعا“ مرحوم مير سڪندر خان جي دوريشانه شخصيت کان متاثر هئا.“ (چنا، 1976ع ، ص، 22 )
مٿئين حوالي مان هڪ ته مير صاحب جي احبابن جي حلقي جي ڄاڻ ملي ٿي، اڪثر سندس ڪچهرين ۾ مٿيون ادبي شخصيتون شامل ٿينديون هيون، انهي کان علاوه پاڻ مختلف ادبي سنگتن، مذهبي ۽ علمي مذاڪرن توڙي سياسي جلسن وغيره ۾ به شرڪت ڪندا رهندا هئا.
مير سڪندر خان جي شخصيت تي لکيل هن مضِمون مان اها خبر پوي ٿي ته پاڻ سٺا شاعر به هئا، تنهنڪري سندس شاعري جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”مير صاحب جي شاعري غير مقيد هئي، پر ته به ڪنهن نه ڪنهن موزون طرح جي طرز تي چوندا هئا، سندس جذبات مستانه وار دل جي تهن مان ٻاهر نڪري ترنم جي صورت وٺي سندس زبان تي وارد ٿيندا هئا.“ (چنا، 1976ع، ص، 22 )
مطلب ته مير صاحب ادبي دنيا ۾ شناسائي سندس شعرو شاعريءَ جي ڪري ٿي آهي، مير صاحب جي سيرت ۽ خيالات لاءِ سندس شعر ۽ شاعريءَ جو علمي مجموعو ” سڀ ۾ پنهون پاڻ “ سنڌي شاعريءَ جي ذخيري ۾ بيش بها اضافو آهي، جنهن کي سنڌي ادب جي نامور اديب ۽ شاعر عنايت بلوچ ترتيب ڏنو آهي، ان ڪري هڪ ڪامل الفت ۽ قادرالڪلام شاعر جي حيثيت سان مير صاحب مرحوم جو نالو، سنڌي ادبي تاريخ ۾ قائم ۽ دائم رهندو.
هن مضمون جي مطالعي مان اها پڻ خبر پوي ٿي ته ، مير صاحب مرحوم اوائلي دؤر ۾ ملڪي ۽ قومي معاملات ۾ پڻ حصو ورتو ۽ پنهنجي قوم جي ڪافي خدمت ڪيائون، سندس آخري زندگي خلوت نشيني، فڪر و ذڪر ، مطالع ۽ روحاني رهاڻ ، عالمن ۽ شاعرن جي صحبت ۽ راڳ ۽ ويراڳ جي ڪچهرين ۾ گذري. مير صاحب پڇاڙي تائين پنهنجي وضعداريءَ قائم رهندو آيو، ۽ هرڪنهن سان قرب ۽ مريادا جو وکر ونڊيندو رهيو،مير صاحب جي شخصيت ڪردار، ۽ شعر و شاعريءَ، چنا صاحب تي ايترو ته اثر ڪيو جو پاڻ چاهيائين ته مير صاحب جو ڪلام سهيڙي مرتب ڪري منظر عام تي آندو وڃي، پاڻ ان خواهش جو اظّهار هن طرح ظاهر ڪيو اٿن:
”منهنجي دلي خواهش هئي ته، مير سڪندر خان جو ڪلام مرتب ڪري، ”ڪليات سڪندر“ جي عنوان سان شايع ڪرايان . اهڙي خواهش جو اظهار مون مير صاحب سان ڪيو، مگر مون کي هي معلوم ٿيو ته مرحوم مير صاحب، ”نمائش“ جو خواهان نه هو، هيءَ حقيقت آهي ته سڪندر سائين مونکي انڪار ته نه ڪيو، پر منهنجي اها خواهش محض خواهش ئي رهي. ”(چنا، 1976ع ، ص، 22 )
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، مير صاحب پاڻ کي پڏائڻ وارو انسان هرگز نه هو، هو تمام هڪ سادو ۽ مخلص شخص هو، ڪڏهن به پنهنجي نمائش نه ڪيائين، پر هر وقت پاڻ فقيري ۽ درويشي واري رنگ ۾ گذاريائين. اهڙيءَ طرح هن مضمون ذريعي چنا صاحب نه رڳو مير سڪندر خان کوسي جي اعليٰ شخصيت ۽ ڪردار تي روشني وڌي آهي، پر ان سان گڏوگڏ ان وقت جي ڪافي ٻين دوستن ۽ احبابن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي اڪثر سندس ڪچهرين جي رونق بنجندا هئا . ساڳئي طرح هن مضمون مان اهو به پتو پوي ٿو ته، سنڌ جي جيڪب آباد واري علائقي ۾ مير صاحب توڙي سندس خاندان جو ڪيترو سياسي اثر به رهيو آهي، هن مضمون مان مير سڪندر خان جي شخصيت، توڙي ، علمي، ادبي ، مذهبي،سياسي خدمتن جي باري ۾ ڄاڻ ملي ٿي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون، ”چندگهڙيون- چند يادون“، ماهنامو، ”نئين زندگي“ ، جلد : 29 ، نمبر : 9 ، ايڊيٽر ، شميشر الحيدري ، ڪراچي ، پاڪستان پبليڪيشن ، سيپٽمبر – 1976ع ، ص ، 20
(2) حوالو ساڳيو : ص ، 21
(3) حوالو ساڳيو : ص ، 22
(4) حوالو ساڳيو: ، ص، 22
(5) حوالو ساڳيو: ص ،22
*
(xiii) ڪي گهڙيون – ڪي ياد گيريون
”مرحوم ڊاڪٽر محمد انور شيخ“
مرحوم محمد انور شيخ ولد مرحوم شاهه محمد شيخ پنهنجي خاندان توڙي سنڌ واسين لاءِ هڪ دل لڀائيندڙ شخصيت هو، جنهن جي دل اڪثر خدمت خلق جي سيمابيت، سوچ سوز ۽ تڙپ سان سرشار هئي ، سندس سخاوتن ۽ خدمتن جو اعتراف ڪندي ، پروفيسر محبوب علي چنا سندس شخصيت ۽ خدمتن جي حوالي سان هڪ مضمون بعنوان: ”ڪي گهڙيون ڪي ياد گيريون“، ”مرحوم ڊاڪٽر محمد انور شيخ“ لکيو،جيڪو ماهوار ”نئين زندگي“ جي رسالي ۾، 1977ع ۾ شايع ٿيو.
چنا صاحب، ڊاڪٽر انور شيخ جي همدردانه مخلصانه ڪردار جي حوالي سان هن طرح لکيو آهي:
”جڏهن 5 آگسٽ، 1969ع تي مون گورنمينٽ ڪاليج جيڪب آباد جي چارج ورتي ته مون کي معلوم ٿيو ته ڪاليج جي شاگردن کان ميڊيڪل في ورتي وڃي ٿي، پران جو خاطر خواه، جوڳو استعمال ڪونه ٿو ٿئي، هي تمام اهم مسئلو هو، پنهنجي ٻچن جي صحت جي باري ۾، ان ڪري مان هن طرف فوري متوجهه ٿي، ڊاڪٽر محمد انور جهڙي پياري جي جستجو ڪئي، پهرين ته فون تي ڳالهايوسين ڏاڍي ادب، نياز ۽ تواضع سان پيش آيو ۽ ٻوليائين ته، سائين منهنجا اوهان جهڙي بزرگ هستيءَ کي سنڌ جو ٻچو ٻچو سڃاڻي، خاص ڪري اوهان جو گهاٽو گهرو ۽ قديمي تعلق منهنجي والد صاحب ۽ اسان جي سڄي ڪٽنب سان آهي . سو مان خاص خادم آهيان، حڪم ڪريو، اهي مٺا پر خلوص الفاظ سڻي مان به ” گگر گگر پنڊا اڙيا“ وانگر قابو ٿي ويس ۽ روبرو ملاقات جا موقعا ڳولڻ لڳس، آخرڪار ڊاڪٽر صاحب سخت مصروف هوندي، خود مون وٽ ڪاليج ۾ آيو ۽ ڪاليج لاءِ ننڍڙي ڊسپينسريءَ جي رٿ تيار ٿي ويئي. سندس ٻانهن ٻيلي ڊاڪٽر رشيد بلوچ هوندو هو ، جو ته بذات خود همدرد ۽ هٿ ونڊڻ جو غازي هوندو هو، ڊاڪٽر انور جي مشوري سان، ڊاڪٽر رشيد بلوچ جو فرزند ، جو پاڻ سکيا ورتل ڪمپائونڊر هو، ڪاليج جي ننڍڙيءَ اسپتال جو انچارج مقررڪيو ويو. ان اسپتال جو افتتاح به عزيزم انور پنهنجن هٿن سان ڪيو،ڪجهه سامان پاڻ خريد ڪري ڏنائين، ۽ ڪجهه مون پنهنجي فنڊ مان ورتم ايترو جو هيءَ ننڍڙي اسپتال پاڻڀرو ٿي ويئي ۽ هن ۾ مريضن لاءِ هڪ بيڊنگ به هوندي هئي، روزانو ڪاليج جا شاگرد ان اسپتال مان فائدو وٺندا هئا.“ (چنا، 1977ع ، ص ، 26)۔
مٿئين بيان مان نه رڳو، ڊاڪٽر انور جي سخاوتي ڪردار جي ڄاڻ ملي ٿي، پر هڪ عظيم مثال به، خاص طور اڄ جي انهن تعليمي ادارن جي سربراهن جي حوالي سان ته، اهي به جيڪڏهن اڄ جي دؤر ۾ اهڙيون خدمتون سرانجام ڏين ته هوند اسان جا تعليمي ادارا روشن راهه ڏي گامزن هجن، ۽ ڊاڪٽر انور ۽ چنا صاحب جيان، انهن جو به نالو سدائين ڳائجندو رهي.
اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انور نه رڳو پنهنجي شخصيت ۽ همدرانه ڪردار جي ڪري مشهور هو، پر سندس ايمانداري ۽ فرض شناسي جي حوالي سان به هڪ عظيم شخص هو، اهڙو ئي هڪ مثال چنا صاحب هن ريت ڏنو آهي: ” مرحوم ڊاڪٽر انور دريا دل ، متوڪل ، صوم صلوات جو پابند، خدمت گذار ۽ فرض شناس ڊاڪٽر هو، ان ڪري هن جي فرض ادائي سطحي نه هئي، پر هن ۾ انهماڪ ۽ محويت هئي. اهوئي سبب هو جوهن جي هٿن مان ڪيترائي لادوا مريض شفاياب ٿي نڪتا.“ چنا،1977ع، ص، 27 )
مٿئين حوالي مان ڊاڪٽر صاحب جي سمورين خوبين جو پتو پوي ٿو، نه صرف پاڻ پنهنجي پيشي سان مخلص هو، پر هو بي وس لاچار غريب ماڻهن جو به هڏ ڏوکي ۽ مدد گار ثابت ٿيو، نه صرف ايترو ، پر انهن جي هر طرح خدمت ڪندو هو ۽ صوم صلوات جو به پابند هوندو هو.
هن مضمون ۾، چنا صاحب سندن ڪردار ۽ خدمتن جا ڪيترائي اهڙا واقعا پڻ پيش ڪيا آهن. جيڪي سندس ڪردار جي ڪري سندس شخصيت کي امر بنائي ڇڏين ٿا، سندس ڪيل اهڙين خدمتن جو هڪ واقعو مثال طور هيٺ ڏجي ٿو: ”هڪڙو واقعو ياد ٿو اچيم ته، هڪ ڀيري هڪ کوسو همراهه ڪنهن حادثي جو سخت ڌڪيل، صفا بي هوشيءَ جي عالم ۾ ڊاڪٽر انور وٽ پهتو . جيڪب آباد جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ وٽان نه هو ، پر ڊاڪٽر انور جي خلوص، قابليت، ڪشش ۽ محبت ڪري، ان مريض کي داخل ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر صاحب، ”بسم الله ڪري تندهي سان ڏينهن رات هڪ ڪري ، هن جي آپريشن کي لڳي ويو ، جا لڳاتار چند ڪلاڪ جاري رکي ، ان وچ ۾ مون ڪيئي دفعا انور سائين کي فون ڪيو، پر مون کي جواب اهو ملندو رهيو ته ” تمام نازڪ آپريشن ۾ مصروف آهي ۽ آپريشن هال کان ٻاهر اچي نه سگهندو“، اسان جي جوت جو ٽيمپريچر وڌي ويو ۽ هن تازي ترين جراحت جي سرجن جو حال معلوم ڪرڻ بعد مان، عزيزم حاجي عبدالڪريم سان گڏ، ڊاڪٽر صاحب وٽ نماز شام کان اڳ پهتس، مس مس همراهه فارغ ٿيو هو، سندس پيشانيءَ تي ٿڪاوٽ جا آثار نمايان هئا، پر دل سڪون سان پر هئس ۽ چپن تي دستوري پياري مسڪراهٽ ،سبحان الله اهڙا مرد قلندر ڪٿان لڀن .“ (چنا، 1977ع، ص، 27)
مٿئين واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، ڊاڪٽر انور جهڙا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن، جيڪي مشڪل ڪم کي به آسان بنائي ڇڏيندا هئا، ۽ ڪيترن مئلن انسانن کي به پنهنجي قابليت ۽ همت سان زنده ڪري ڇڏيندا هئا. مطلب ته ڊاڪٽر انور جي خدمت جو عشق هر اهڙي مسئلي تي غالب ايندو هو ۽ ڊاڪٽر انور پنهنجي ڊاڪٽريءَ ۾ ڪامياب ۽ ڪامران هو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انور نه صرف پنهنجي پيشي جي حوالي سان هڪ عظيم ڪردار هو، پر هو ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ ادبي ماڻهو به هو، پاڻ معتبر شخصيتن، ادبي ۽ علمي شخصيتن کي پنهنجي رهائش گاهه تي دعوتون ڏيئي گهرائيندو هو، انهيءَ حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته :
”ڊاڪٽر انور جو ته پنارو خشڪ ۽ محنت ڪش مشغلي سان پيو هو، پرهن جي دنيا جي صحرا ۾ هوصاحب ”نخلستان“ بنائڻ جو به بانڪو هو، ان ڪري دوستن جي گڏجاڻين، ڪچهرين ۽ دعوتن جو اهتمام ڪندو هو، هر مهيني ۾، ڊاڪٽر صاحب جي طرفان ضرور هڪ ڊنر منعقد ٿيندي هئي. جنهن ۾ چونڊ چونڊ ضلعي جا آفيسر اچي شريڪ ٿيندا هئا. پوءِ اتي ادبي ۽ علمي معرڪا هڪ طرف ۽ ٽهڪڙا ۽ مذاق ٻئي طرف هوندا هئا، ڏاڍي مسرت جو مقام ۽ زنده دلي جو ديرو هو ، ان پر مذاق ۽ پر رونق محبت واري محفل جا مڻيا اڪثر هي صاحب هئا، احمد مقصود حميدي، مرحوم مير شهداد خان، ڊپٽي ڪمشنر، سيد محب الله شاهه اسسٽنٽ ڪمشنر، غلام عباس سومرو اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌ ڪوٽ، شهاب الدين آغا اي- ڊي - بي - ڊي ، مرحوم محمد ابراهيم ڀٽو ،وغيره . اهڙي قسم جا دوست، آفيسر ۽ ٻيا مهمان به شرڪت ڪندا هئا.“ (چنا، 1977ع ، ص، 28)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، ڊاڪٽر انور ڪچهرين جو شوقين هوندو هو، سندس اخلاص ۽ محبت اهڙين اعليٰ شخصيتن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي آڻيندي هئي، ۽ ڊاڪٽر صاحب جي دلي دعوتن جي شرڪاءِ کي اهڙا اخلاقي اقدار نصيب ٿيندا هئا.
جيتوڻيڪ مرحوم ڊاڪٽر انور شيخ جي حوالي سان وڌيڪ ڪو مواد نٿو ملي، پر هن مضمون ۾ چنا صاحب سندن مخلصانه ڪردار، شخصيت ۽ واقعن کي قلمبند ڪري کيس انسانيت جي خدمت ڪندڙ ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو آهي، ان مان سمجهجهي ٿو ته ، ڊاڪٽر انور پنهنجي نفس نفيس کي شمع وانگر جلائي، ”خلق الله“ کي فيض ۽ برڪت جي جوت سان جلوه نمائي ڪئي. هن مضمون جي مطالعي ڪرڻ کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته، پروفيسر چنا صاحب، جس لهڻي جو پاڻ انسانيت جي اهڙي اعليٰ ڪردار جي شخصيت کي قلمبند ڪري،سندس شخصيت، ڪردار اخلاق، ۽ ٻين خوبين جي ڄاڻ ميسر ڪري سنڌي ادب ۾ پڻ واڌارو ڪيو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مضمون: ”ڊاڪٽر محمد انور شيخ“ ، ماهوار ادبي رسالو،”نئين زندگي“، جلد ، 30 نمبر: 4،5 ، ايڊيٽر: “ ڪفيل احمد ”، ڪراچي، پاڪستان ، پبليڪيشن، اپريل، مئي سال ، 1977ع ، ص ، 26،
(2) حوالو ساڳيو ، ص ، 27
(3) حوالو ساڳيو ،ص ، 27
(4) حوالو ساڳيو ، ص ،28
*