لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي.

Title Cover of book پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ڪتاب: ”ملڪي ٽڪريءَ جو سير“

ڪتاب: ”ملڪي ٽڪريءَ جو سير“
پروفيسر محبوب علي چنا، مڪلي ٽڪريءَ جو سير، 1943ع ۾ ڪيو. مڪليءَ جي خاموش قبرستان جو ۽ اتي جي دڙن، ماڳن مڪانن، مقبرن ۽ تربتن جو چپو چپو گهمي ۽ اتان جي فارسي ڪتبن کي پڙهي، تاريخ جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو، سندس گڏ ڪيل اهو تحقيقي مواد، 1953ع ۾، ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد تان ڏهن قسطن ۾ نشر ڪيو ويو هو. ۽ پوءِ اهي ڏهه ئي قسطون ماهوار، ”نئين زندگي“ جي، 1955ع ۽ 1956ع وارن پرچن ۾ وقت بوقت شايع ٿينديون رهيون، ”نئين زندگي“ ۾ شايع ٿيل انهن ڏهن ئي قسطن جي مواد کي ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڇنڊي ڇاڻي، سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو، جنهن جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو، سترهن سالن جي عرصي کانپوءِ ڪتاب جي اڻ لڀ هئڻ ڪري ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ شايع ڪيو ويو.
هونئن ته سنڌ جا سمورا يادگار ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان وسيع تاريخي سڃاڻپ رکن ٿا، پر ڪي اهڙا يادگار به آهن جيڪي اتهاس ۾ هڪ بي مثال وسيع پس منظر رکن ٿا. ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، بظاهر ته هڪ ننڍڙو موضوع آهي، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي واقع قبرستان سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو ئي بي بها خزانو ۽ يادگار آهي، جنهن جي اهميت تي جيترو به لکيو ويو آهي اهو گهٽ لڳي ٿو، درحقيقت هي موضوع اڃا وڌيڪ انصاف لهڻي ٿو، ڇو ته مڪلي ٽڪريءَ جي هن عظيم الشان قبرستان ۾، ڄام نظام الدين ۽ دولهه دريا خان جهڙا سنڌ جا ڪيترا سر موڙ سرويچ، بادشاهه ۽ سپاهي دفن ٿيل آهن، جن جي عظمت کان ڪڏهن به انڪار ڪري نٿو سگهجي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، چنا صاحب جي مڪليءَ تي تحقيق جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”مرحوم پروفيسر محبوب علي چنا هڪ مڃيل اديب ۽ مؤرخ ٿي گذريو آهي، جنهن مڪلي ٽڪريءَ جو سير ڪري، عمدي معلومات فراهم ڪري، ”نئين زندگي“ (55 ۽ 1956) جي ڏهن قسطن ۾ سمورو مواد ڏنو آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، جن مڪليءَ جو چپو چپو ڪري ڏٺو. عربي، فارسي ڪتبا پڙهي ۽ تاريخي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو، جيتوڻيڪ ڪي ڪتبا گهڻي وقت گذرڻ ڪري، پڙهڻ کان چڙهي ويا هئا، پر تڏهن به چنا صاحب ٽُڪي ٽُڪي مطلب ۽ مقصد ڀيڙو وڃي ٿيو.“ (سنديلو، 2005ع، ص، ب)
ان مان خبر پوي ٿي ته، چنا صاحب نه رڳو مؤرخ ۽ تاريخ جي موضوع سان دلچسپي رکندڙ هو، پر هو عربي ۽ فارسي جو پڻ ماهر هو، تڏهن ته مڪليءَ جي مقبرن تي لکيل مشڪل فارسي ڪتبن کي پڙهيو ۽ پرکيو ۽ مواد گڏ ڪيو. سندس لکيل هي ڪتاب، جيئن ته ڏهن قسطن يعني ڏهن موضوعن تي مشمل آهي، هن ڪتاب جو پهريون موضوع ”مڪليءَ جي ٽڪري تاريخ جي روشنيءَ ۾“، تي بحث ٿيل آهي ۽ مڪلي جي حوالي سان مختلف عالمن جا به رايا ڏنا ويا آهن، مثلًا، ايڊورڊ ٿارنٽن، مڪلي جي ٽڪريءَ جي ڊيگهه ويهه ميل ڄاڻائي آهي، پروفيسر محمود بريلوي، چئن کان پنجن ميلن تائين ڏيکاري آهي، مسٽر ڀيرومل ڄاڻايو آهي ته، مڪليءَ جي ٽڪري ڪا ننڍي ڪانهي، ڊيگهه ۾ ڏهن ميلن کان به مٿي آهي.
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جي راءِ مطابق ته، اهي صحيح نه آهن، پاڻ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو هڪ حوالو ڏيئي لکيو آهي ته: ”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين کي ٺٽي مان 1916ع، 1917ع جو نڪتل مڪليءَ جو جهونو نقشو هٿ آيو، جنهن جي ماپن مطابق، مڪلي ٽڪريءَ جي ڊيگهه ساڍا تيرهن ميل آهي، جا بلڪل صحيح ۽ محقق آهي.“ (چنا، 2009ع، ص، 3،2)
مٿين روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته، مڪليءَ جي صحيح ڊيگهه ڪهڙي آهي، پر چنا صاحب جي تحقيق مطابق، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي راءِ صحيح ۽ محقق تسليم ڪئي وئي آهي، عام ماڻهو شايد ائين سمجهن ٿا ته مڪلي ٽڪريءَ جي پٿرن ۾ ڇا رکيو آهي، اهو ته خاموش هنڌ آهي، جتي رڳو مقبرا ۽ تربتون عجيب قسم جو ڏيکاءُ ڏيئي رهيون آهن.
پروفيسر چنا، صاحب هن ٽڪريءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته: ” مڪليءَ جي ٽڪري، پٻ ۽ هاڙي جبل جي شاخ آهي ۽ رنيءَ جي ڪوٽ واري ٽڪرين جي قطار مان شمار ڪئي وڃي ٿي، اها پير پٺي کان نڪري، اتر ڏي برابر پنج ڪوهه وڃي، ٺٽي کي ويجهو الهندي ڏي بيهي ٿي، ساموئي جو ڳوٺ پنهنجي شاندار ماضيءَ تي اتر واري ڇيڙي جي هيٺان حسرت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، ته ڏکڻ جي پاسي وري، بکر جي ڍنڍ پنهنجن مر مرين موجن سان ناظرين جي دل لڀائي رهي آهي.“ (چنا، 2005ع، ص، 2،1)
اهڙيءَ طرح مڪليءَ جي ٽڪري کانپوءِ ”مڪليءَ“، جي نالي جي حوالي سان به بحث ڪيل آهي، ته مڪليءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان لاءِ به مختلف روايتون ملن ٿيون. مثلًا: مسٽر ڀيرومل جي مطابق ته، مڪلي ٽڪريءَ تي، مائي مڪلي جي تربت آهي، جنهن ڪري اهو نالو پيو اٿس، مائي مڪلي ۽ مائي بلڙي ٻئي ڀينرون هيون، جيڪي سنڌ جي هاڪارن ماموئي فقيرن جون ڀينريون هيون، مائي مڪليءَ جي تربت هن ٽڪريءَ تي هئڻ ڪري هي سڳورو مڪان ليکيو وڃي ٿو. مسٽر ڀيرومل جي هن راءِ سان، چنا صاحب اختلاف ڪندي لکيو آهي ته:
”مسٽر ڀيرومل جي احوال مان هيءَ ڳالهه نئين معلوم ٿئي ٿي ته، مائي مڪلي، ماموئي فقيرن جي ڀيڻ هئي، اهڙو اشارو اڳ ڪنهن به ڪتاب ۾ ڏنل نه آهي، تنهنڪري هن کي ڪهاوت جو درجو ڏبو ۽ بس.” (چنا، 2005ع، ص، 4)
اهڙيءَ طرح اسانکي، ڪتاب تحفته الڪرام ۽ تحفته الطاهرين ۾ به ٻه روايتون ملن ٿيون. پهرين روايت هيءَ آهي ته، قديم وقت ۾ هڪڙو وڏو بزرگ، حج ڪرڻ ٿي ويو، مڪليءَ تي اچي لٿو، رات جو خواب ۾ ڏٺائين ته، ڪعبو شريف سندس قيام جي هنڌ واقع آهي. بزرگ هن خواب کان ايترو ته متاثر ٿيو جو بار بار چوڻ لڳو ته، “هذا مڪته لي” يعني هيءَ منهنجي لاءِ مڪو آهي، اهڙي طرح هن هنڌ مڪته لي مان نالو ”مڪلي“ پئجي ويو. ٻي روايت آهي ته، هڪڙي بيبي مڪليءَ واري، مسجد جي محراب جي پٺيان دفن ٿيل آهي، انهيءَ مسجد تي شيخ حماد جمالي، مڪلي يا ننڍي مڪلي جو نالو رکيو پوءِ انهيءَ مسجد تان ساري ٽڪريءَ تي نالو پيو.
پروفيسر محبوب علي چنا مٿين روايتن سان اختلاف ڪندي لکيو آهي ته: ”مائي مڪليءَ جي تربت به باعث بحث آهي. هڪ ننڍي قبر مسجد جي محراب جي بلڪل لڳ ٻاهرين پاسي ٺهيل آهي جنهن جي ڀرسان ماڻهن مائي مڪلي لکي ڇڏيو آهي، منهنجي ناقص سمجهه موجب، اها قبر مائي مڪلي جي نه آهي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سائين جي نقشي مطابق، مائي مڪليءَ جي تربت مسجد جي اولهه طرف واري رانڪ ۾ آهي، جا اڳ ۾ تمام سهڻي هئي، مگر هاڻي ته شڪسته حال آهي، هن ۾ چند قبرون آهن ۽ چوڌاري بند آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ضرور ڪي زنانا عالم جون تربتون هونديون، اهڙي نموني هن ٽڪريءَ تي ”مڪلي“ ٽڪري نالو پيو.“ (چنا، 2005ع، ص، 5،4)
مطلب ته، مڪليءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو ان جي صحيح ۽ اطمينان بخش تحقيق اڃا ڪانه ٿي آهي، صرف مختلف روايتون ئي ملن ٿيون، مڪلي ٽڪريءَ تي مسجدن ۽ مقبرن، تربتن تي سنگ تراشي، اهڙي ته ڪاريگري سان ڪيل آهي، جو انهن مقبرن کي ڏسندي عبرت وٺيو وڃي ۽ ڪيترائي سيلاني توڙي مؤرخ هن پٿريلي قبرستان کي پسڻ لاءِ ايندا رهن ٿا ۽ تحقيق پڻ ڪندا رهن ٿا، انهي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:
”هيءَ ٽڪري، پنهنجي مقبرن، مرقدن، رانڪن ۽ مسجدن سان سينگاريل، مسافرن جي رندن ۾ رونما آهي، تئين هرڪو سيلاني هن جي زيارت کانپوءِ رهي نٿو سگهي، جيڪي به انگريز مستشرق عالم يا سيلاني سنڌ سونهاري ۾ آيا آهن ته، هن عبرت خاني جي ضرور زيارت ڪئي آهي.“ (چنا، 2005ع، ص، 6)
مڪليءَ تي جيڪي به مقبرا نظر اچن ٿا سي، حسن ۽ خوبصورتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن ۽ سابق صوبه سنڌ جي اڏاوتي هنر جا بي نظير شاهڪار آهن. انکانپوءِ ”ماموئي ۽ شيرازي ساداتن جو مقام“، جي عنوان سان بحث ڪيل آهي، هن موضوع ۾ ساموئي جي ڳوٺ ۽ شيرازي ساداتن جي مقام جو احوال ڏنل آهي، جيئن ته، ٺٽو ۽ ان جي ويجهڙائي وارا مقام ساموئي ڪلان ڪوٽ وغيره، سمن جي حاڪمن کان وٺي گاديءَ جا هنڌ ٿي رهيا آهن، تيئن انهن حاڪمن مان گهڻن جون قبرون ۽ قبا مڪليءَ تي آهن، جنهن مذڪوره سڀني شهرن لاءِ مرڪزي مقام جو ڪم ڏنو ٿي، جيڪي به مستند تاريخون ملن ٿيون، تن مان هن ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته، ساموئي پهريان ئي سمن سردارن جي سڪونت گاهه هئي، پوءِ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي ڏينهن ۾، هن جو شان و شوڪت مٽيءَ ۾ ملجي ويو جو ڄام نندي هڪ نئين شهر ٺٽي جو بنياد وڌو، باقي هيءَ ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي ته، هن شهر جو باني ڪير هو، ڪن مؤرخن جي چوڻ مطابق ته، ڄام انڙ بن بابينه 752هه ۾ گادي نشين ٿيو، ۽ سندس پيءُ ڄام بابيني اهو شهر ٻڌايو هو، ساموئي شهر ۽ سمن جي سڪونت گاهه جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:، ” قديم ساموئي شهر جي پکيڙ ڪافي وڏي هئي، جنهن ۾ هاڻوڪو ڳوٺ ۽ هن جون مضافات، ڄام نندي جي مقبري تائين اچي ٿي ويا، وري ٽڪريءَ جي هيٺان اوڀر طرف، درياهه وهيو ٿي، جنهن کي ساموئي جو درياهه سڏيندا هئا، جنهن جا چٽا نشان اڃا تائين ملن ٿا، شيرازي مقام ۽ سمن واري سڪونت گاهه جي وچ ۾ هڪ دل لڀائيندڙ ماٿري آهي، جنهن ۾ ساوڪ جي دلڪشا چادر وڇايل آهي. هن جي اوڀر طرف وڻن جا جهڳٽا آهن، جن مان ٿڌيون هيرون، سر سر ڪري دل کي فرحت ۽ دماغ کي تراوت پهچائين ٿيون، وڻن جي ڀرسان اڃا به پاڻيءَ جا چشما نظر چڙهن ٿا.“ (چنا، 2005ع، ص، 10،9)
ساموئي جي حد ۾، جن بزرگن جا مقبرا اچي وڃن ٿا. انهن جو تعلق به گهڻي ڀاڱي سمن جي دؤر سان ئي آهي، مثلًا: ستين جو آستان، شيخ حماد جمالي، شيخ عيسيٰ لنگوٽي، ملا عبدالرحمان عرف ملا لٽر، شيخ جهنڊو پاتڻي وغيره جون تربتون آهن.
اهڙيءَ طرح، ”سمن جي سڪونت گاهه“ واري عنوان ۾ سيد مراد جي مقبري کان پيچرو چنا صاحب شروع ڪيو ۽ ڪيترن مقبرن، مزارن، تربتن جو ذڪر ڪيو آهي، نه صرف پاڻ مڪلي ٽڪريءَ جو سير ڪيو اٿس پر ڪتاب جي مطالعي مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڄڻ پڙهندڙن کي به هن ٽڪريءَ جو سير ڪرائيندو ٿو هلي جيئن پاڻ لکيو اٿس ته:
”اسان اوهان کي سمن جي سڪونت گاهه جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ تي وٺي وڃون ٿا، جتي مبارڪ خان جي سهڻي چوڪنڊي آهي، جنهن کي ٻه دروازا آهن هڪ ڏکڻ کان ۽ ٻيو اوڀر کان، پهرين ڏسون ته هي مبارڪ خان ڪير هو، مقبري جي ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته، مبارڪ خان سلطان نظام الدين جو پٽ هو، مگر مڪليءَ جي قديم نقشي وارن هن مقبري جو نالو، ”سلطان مبارڪ خان، عرف دولو دريا خان“ڄاڻايو آهي، جا حقيقت صحيح آهي.“ (چنا، 2005ع، ص، 17)
ان ڳالهه مان چنا صاحب، جي مهارت جو ثبوت ملي ٿو، جو هو مڪليءَ جي مقبرن، تربتن تي موجود ڪتبا پڙهي ۽ حقيقتون پيش ڪيون، ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، ڪتاب ۾ مزارن، مقبرن ۽ ڪتبن جي ڪافي وضاحت ڪيل آهي، پر تڏهن به اڃا تحقيق جي گنجائش باقي آهي، چنا صاحب پاڻ به هن ڪتاب ۾ اهڙو اقرار ڪري ٿو، مثلًا: هڪ مقبري جي ڪتبي ۾ سن نه هئڻ ڪري خبر نه ٿي پوي ته، اهو ڄام نندي جي پٽ ڄام فيروز جو آهي يا سندس وڏي ڏاڏي فيروز جو، جيئن پاڻ لکيو اٿس ته:
”هن مقبري جي ڪتبي مان اسانکي شجرو ته ناياب مليو، مگر سن نه هئڻ ڪري خبر نه ٿي پوي ته، ڄام نندو جي پٽ ڄام فيروز جي اولاد جو آهي يا سندن وڏي ڏاڏي فيروز جو، جنهن جو نالو، ڄام نندي واري عمارت جي شجري ۾ آهي، مگر ان شجري سان هي موجود شجرو لاڳاپو نه ٿو ڏيکاري، تنهنڪري سمن جي تاريخ جو باب اونداهو آهي جو تحقيق طلب آهي.“ (چنا، 2005ع، ص، 19)
سمن جي ڏينهن ۾ فارسي زبان عروج جي چوٽي تي پهتل هئي، سمن جي سمي ۾ اسان کي ڪيترا عالم معتبر معلوم ٿين ٿا، جن عربي توڙي فارسي زبان جي ترويج لاءِ هزارين تصنيفون زيب قلم ڪيون. ان ڪري، فارسي زبان جو اهڙو زور هو جو گهڻو ڪري سمن جي مرقدن جا ڪتبا عربي ۽ فارسي زبانن ۾ اڪريل آهن، مگر ڪن ڪتبن ۾ اهڙا عربي الفاظ ڪم آندل آهن جي ڏاڍا فصيح ۽ بليغ آهن.
اهڙي طرح هڪ عنوان، ”سمن کان وٺي شيخ جيئي“تائين ڏنل آهي، جنهن ۾ شيخ جيئو لاءِ ڄاڻايو ويو آهي ته، شيخ جيئو رياضت ۽ ڪرامت ڪري ايترو ته مشهور هو جو کيس مڪليءَ جو ڏيئو ڪري سڏيندا هئا، هن جي مزار تي هر مهيني جي پهرين سومار تي ميڙو لڳندو آهي، رات جو مريد جاڳندا آهن ۽ وجد سماع ڪندا آهن، انکان علاوه ٻين ڪيترن قبرن، مقبرن جو به مختصر ذڪر ڪيل آهي. ”شيخ جيئي کان، سيد عبدالله شاهه تائين“ جي آسپاس جي بزرگن جي مقبرن جو ذڪر ڪتبن سميت ڏنو ويو آهي.
مثلًا: هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”هڪ تربت مشهور اديب مير عبدالباقي جي آهي، جنهن تي وڏو سهڻو ڪتبو منظوم اڪريل هو، جنهن جي آخري سٽ آهي:
سال تاريخ وفاتش راچون جستم عقل گفت مير عبدالباقي آسوده فردوس نعم“
(چنا، 2005ع، ص، 35،34)
چنا صاحب جو اهو هڪ وڏو ڪمال آهي جو هر هڪ بزرگ جو احوال سندس ڪتبي سميت ڏنو آهي، جنهن مان ان بزرگ بابت معلومات ملي ٿي.
اهڙيءِ طرح هڪ عنوان ۾، “شيخ جيئي جو مشرقي حصو ترخاني تاجدارن جو مقام” جو احوال ڏنو آهي، جنهن ۾ ترخانن جي مقبرن ۽ قبرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي.ڪن زنانا مقبرن جو احوال به ڏنو ويو آهي، جيئن مقبرو هشام ٻائي، سنڌ جي سرت واري سورمي ماه بيگم، جيڪا شاهه ارغون جي ڀاءُ مرزا محمد مقيم جي ڌيءُ هئي ۽ بيگم گل سلطانه وغيره جن جي قبرن جو پڻ ذڪر ڪيل آهي، ان کان علاوه ترخانن جي ڪيترن مقبرن جو ذڪر آندو آهي، پاڻ مقبره مرزا عيسيٰ ترخان اول جي باري ۾ لکيو آهي ته: ” آثارِ قديمه جي کاتي وارن، هن مقبري جي ٻاهران سن وفات 1567ع هڻي ڇڏيو آهي، مگر مرزا عيسيٰ جي تاريخ وفات بحث هيٺ آهي جو هيٺئين احوال مان ظاهر ٿيندو. ترخاني مقام جي ڇيڙي تي عيسيٰ خان ترخان اول، ڏاکڻي سنڌ جي ترخان گهراڻي جي پهرين تاجدار جو مقبرو آهي، هيءَ وڏي ٿلهي تي جڙيل آهي ۽ هن جي چوڌاري سنگين ديوارون آيل آهن، هن جي ڀرسان سڪل ندي جو پيٽ معلوم ڪجي ٿو جا ڪنهن ڏينهن هنن پٽن تان ڏاڍي آب و تاب سان وهندي هئي، هن جو مقبرو چوڌاري اندر آهي ۽ هن جون ڀتيون قرآن شريف جي آيتن ۽ فارسي، عربي بيتن سان چوڌاري سينگاريل آهن، هاڻي جيڪڏهن مرزا عيسيٰ اول جي وفات جي تاريخ بابت ڄاڻبو ته، اسانکي ڌار ڌار تاريخون معلوم ٿين ٿيون، پر تحفته الڪرام واري مرزا عيسيٰ جو سن، وفات 980هه 1572ع ڄاڻايو آهي، جو صحيح آهي ڇو ته شاه حسن ارغون 962هه 1554ع ۾ فوت ٿيو ۽ مرزا عيسيٰ ارڙهن سال حڪومت ڪري پوءِ انتقال ڪيو.“ (چنا، 2005ع، ص، 42، 41)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب مرزا عيسيٰ ترخان جي مقبري کي چڱي طرح جاچي ڏٺو ۽ سندس مقبري تي جيڪي قرآني آيتون ۽ فارسي بيت ڏنل آهن، تن جو به ذڪر ڏنو آهي ۽ سندس وفات متعلق مختلف تاريخن جن مرزا عيسيٰ ترخان جي وفات جا سن ڏنا آهن انهن متعلق به ڄاڻ ڏني آهي. ان کانپوءِ، ”نواب خليل تائين ۽ ان جي اوڀارين پسگردائي“ جو احوال ڏنل آهي. هن حصي ۾ ڪجهه عبدالله شاهه جو ۽ ڪجهه نواب خليل خان جو ذڪر ڏنل آهي. اهڙيءَ طرح نواب خليل خان جي مقبري جا اولهندا ڀاڱا ۽ سندس ڏاکڻيون حصو، نواب عيسيٰ ترخان تائين جو احوال ڏنو ويو آهي، جن ۾ ڪن بزرگن جي مقبرن جو احوال ملي ٿو.
جيئن هڪ قبر جي حوالي سان لکيو اٿس ته: ” ڀائي خان جي ڏکڻ ۾ هڪ پيچرو وڃي ٿو، اهو وٺي اسان تمام هڪ وڏي قبر تي پهتاسين جا مخدوم جمعي جي تربت هئي، اوچائي ۽ چوڙائي ۾ هن جهڙي تربت ساري مڪليءَ تي ٻي مشڪل ٿي نظر آئي، مگر بي ڪتبي هئي، سواءِ نقشبندي بزرگن جي ڪنهن به بزرگ جي تربت تي ڪتبو نه آهي، ان ڪري انهن کي ڳولڻ ۾ ڪافي وقت صرف ٿئي ٿو.“ (چنا، 2005ع، ص، 55)
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب کان مڪليءَ جي ڪابه اهڙي تربت نه رهي. جنهن متعلق ڪا ڄاڻ نه ڏني هجي، ڪنهن نه ڪنهن تربت، مقبري جو ٿورو ٿورو ذڪر ملي ٿو. ان کانپوءِ، ” نواب عيسيٰ ترخان ٻيو جو مقبرو، ان جو اوڀر، اولهه، ڏکڻ رستي تائين“ ، جو احوال ڏنل آهي، مرزا عيسيٰ ترخان ٻئي جي رانڪ تي جا سڀني مڪليءَ جي مڪانن جي مهندار آهي، ڪن مؤرخن هن کي سڀني مزارن کان وڏي ۾ وڏي ۽ اهم ترين عمارت شمار ڪئي آهي، مرزا عيسيٰ ترخان ٻيو، مرزا جان بابا جو پٽ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان اول جو پوٽو هو.
اهڙي طرح ڪتاب جي آخري حصي ۾، مڪلي جي ٽڪريءَ سان وابسته ” رستي جو ڏاکڻيو پاسو“ ، جي عنوان سان احوال ڏنل آهي، چنا صاحب هن رستي تان ويندي جيڪي مقبرا، تربتون ڏٺيون انهن جو مختصر ذڪر ڪيو آهي ۽ آخر ۾ چنا صاحب پنهنجي مڪلي ٽڪريءَ جي سير کي بکري ڍنڍ تائين اچي ختم ڪيو آهي، بکري ڍنڍ هن ڪري سڏجي ٿو، جو بکر جا بانڪا سادات رضوي سندس پاسي ۾ آرامي آهن، پاڻ مڪليءَ جي سير کي ختم ڪندي لکيو آهي ته: ” هت اسان جي مڪليءَ جو سير ختم ٿيو، اسان ساموئي جي ڳوٺ کان وٺي بکري ڍنڍ تائين ساڍن تيرهن ميلن جو وڏو مفاصلو عجيب و غريب حالات سان ڀريل محض ڏهن ڪاغذي قسطن ۾ اوهان تائين پهچايو.“ (چنا، 2005ع، ص، 74)
سنڌ جي سيني تي ڪئين دڙا، ماڳ، مڪان خاموش شهرن جي صورت ۾ موجود آهن، تاريخي آثارن ۾، موهن جي دڙي جي خاموش شهر کانپوءِ مڪلي هڪ اهڙو خاموش ۽ ماٺيڻو شهر آهي، جيڪو بي زباني هوندي به پنهنجي اندر هڪ خاص زبان رکي ٿو ۽ سنڌ جي تاريخي نشانن ۾ نهايت اهم جاءِ والاري ٿو، مڪلي سان سنڌ جي تاريخ جا ڪئين باب لاڳاپيل آهن. مڪلي جو ماڳ سنڌ جي تاريخ جو اهو اڻ مٽ نشان آهي جنهن کي زماني جا لاها چاڙها اڄ تائين مٽائي نه سگهيا آهن، ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته ڪو ان جي ورقن کي ووڙي ۽ انهن بي جان پٿرن کي پڙهي، جيڪي ڪيترن ئي آڳاٽن وجودن جي تاريخ جو ورجاءُ ڪن ٿا.
پروفيسر چنا صاحب، مڪليءَ جي هن خاموش شهر جو سير ڪندي جيڪي ڪجهه ڏٺو ۽ محسوس ڪيو، ان کي هن پنهنجي ڪتاب “مڪلي ٽڪريءَ جو سير” ۾ بيان ڪيو آهي، پاڻ مڪليءَ جي سڄي وستار کي پنهنجي هڪ مخصوص انداز ۾ قسطوار، ماهنامه ”نئين زندگي“ ۾ بيان ڪيو، جنهن ان وقت به داد حاصل ڪيو ۽ اڄ به، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتابي صورت ۾، هئڻ ڪري لائق تحسين آهي. اگر چنا صاحب جن پاڻ زنده هجن ها ۽ هن ڪتاب جي انهي صورت سان ڇپجڻ جو عمل ڏسي ها ته يقين آهي ته، هو صاحب ان ۾ ڪي اضافا ۽ واڌارا ڪري ها، ڇاڪاڻ ته ”مڪلي نامه“ مؤلف، پير حسام الدين راشدي جي طباعت کان پوءِ چنا صاحب جي، ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، ۾ بيان ڪيل ڪيترن ڳالهين جي وضاحت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي، هو صاحب پنهنجي هن ڪتاب لاءِ اهو فرض بخوبي انجام ڏي ها، جيڪو ڪتاب جي افاديت ۽ هم گير ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ها.
هي ڪتاب چنا صاحب مرحوم، جي انهن ڪوششن جو نتيجو آهي، جيڪي سنڌ سان پيار ۽ محبت جي صورت ۾ کين هيون، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي هن وسريل ورقن کي ڪتابي صورت ڏيئي نهايت لائق تحسين ڪم ڪيو آهي، ڪتاب جي سرورق تي ڄام نندي جو مقبرو ڪر کنيو، هن ڌرتيءَ جي عظمت جو ڏيکاءُ ڏيئي رهيو آهي، جنهن کي سنڌ جي ثقافت ۽ وڏائي جو نشان چئجي ته بجاءِ آهي.
حوالا
(1) لاکو، غلام محمد: ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ ، (مقالا ۽ مضمون)، ڪراچي، ملير، مارئي سماجي سنگت، عمر مارئي ڳوٺ، سال، 1977ع، ص، 294.
(2) جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر: مقالو، ”پروفيسر محبوب علي چنا: شخصيت ۽ ادبي خدمتون“، ”علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ سندس همعصر عالم ۽ اديب“ مرتب، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڄامشورو، علامه غلامصطفيٰ قاسمي چيئر، سال، 2007ع، ص، 127.
(3) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر: ٻه اکر، ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“، مصنف، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو. سال، 2005ع، ص، ب.
(4) چنا محبوب علي، پروفيسر: ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“ ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو، سال، 2005ع ص، 3،2.
(5) حوالو ساڳيو، ص، 2،1.
(6) حوالو ساڳيو، ص، 4.
(7) حوالو ساڳيو، ص، 4،5.
(8) حوالو ساڳيو، ص، 6.
(9) حوالو ساڳيو، ص، 10، 9.
(10) حوالو ساڳيو، ص، 17.
(11) حوالو ساڳيو، ص، 19.
(12) حوالو ساڳيو، ص، 53، 34.
(13) حوالو ساڳيو، ص،42 ،41.
(14) حوالو ساڳيو، ص، 55.
(15) حوالو ساڳيو، ص، 74.