هڪ استاد، ليڪچرر، پروفيسر، پرنسپال ۽ سيڪريٽري طور خدمتون
پروفيسر محبوب علي چنا ملازمت جي شروعات 1942ع ڌاري، هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي ۽ پنهنجون خدمتون مختلف ادارن ۾ سر انجام ڏنيون. 1942ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾، استاد طور 1943ع ۾، سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي، 1945ع ۾ اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ڏنيون ۽ انهيءَ دوران (ايس. ٽي .سي) پڻ نمايان پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. پاڻ جڏهن ڪراچي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا هئا، تڏهن کين خوراڪ کاتي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي به آڇ ٿي هئي، پر پاڻ نهايت ئي سچار ۽ سادي طبيعت وارو شريف انسان هو، انهيءَ ڪري پاڻ تعليم کاتي جي اداري کي ترجيع ڏيندي ان آڇ کي قبول نه ڪيائين.
چنا صاحب جي سالي خير محمد ڪوريجو کان ذاتي ورتل انٽريو مان به معلوم ٿيو ته: ”چنا صاحب جي همشيره زينت چنا جي مڙس عبدالله چنا، جيڪو ان وقت حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو، تنهن مون ڏي هڪ “ڊپٽي ڪليڪٽر” جو آرڊر موڪليو، مان اهو آرڊر ڪراچي کڻي ويس، تڏهن چنا صاحب اتي استاد هو ۽ لي مارڪيٽ ۾ رهندو هو، اهو آرڊر جڏهن مان کيس ڏنو ته پڙهي کلي چوڻ لڳو ته، مان انهن رشوتي کاتن ۾ ڪونه ويندس، مون لاءِ هي تعليم وارو کاتو بهتر آهي، مون کي تعليم کاتي سان دلچسپي آهي“. (ڪوريجو، ذاتي انٽريو، 2010ع).
انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته، چنا صاحب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري شعبي کي پنهنجي مرضي ۽ خوشي سان اپنايو. تعليم و تدريس سان گهڻي دلچسپي رکيائون. اهڙي دلچسپي جو اظهار ڪتاب ”مارو جي ملير“ ۾ هن طرح ڏنل آهي”1946ع ۾ چنا صاحب کي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي جي لاءِ چونڊيو ويو. پر کيس تعليم و تدريس ۽ تصنيف و تاليف سان گهڻي دلچسپي پيدا ٿي چڪي هئي، انهي ڪري هن انتظامي کاتي ڏانهن وڃڻ پسند نه ڪيو، ۽ تعليم کاتي کي ترجيع ڏنائين“. (چانڊيو، 2001ع، ص، 584)
1948ع ۾ بي.ٽي پاس ڪرڻ کانپوءِ، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ بحيثيت (سنڌي ۽ فارسي) ۾ ليڪچرر ڀرتي ٿيو، ڪاليج ۾ رهڻ دوران پاڻ ادب سان وابسته رهيا ۽ پاڻ هن ڪاليج ۾”بزمِ لطيف“ جو بنياد وڌائون.۽ انجا صدر مقرر ٿيا، هو اڃا هن ئي ڪاليج ۾ هئا ته 1951ع ۾”لطيفي لنؤ“ جي عنوان هيٺ هڪ ڪتاب ترتيب ڏنائون.
چنا صاحب جڏهن هن ڪاليج ۾ استاد هئا، تنهن دؤر ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا کي شاگرد جي حيثيت ۾ چنا صاحب سان بحيثيت قابل استاد جي تمام گهڻي عقيدتمندي هوندي هين، پاڻ ذاتي انٽرويو ۾ ٻڌايائون ته: ”استادن ۾ سنڌي مضمون اسانکي عبدالعلي قلباڻي پڙهائيندو هو ۽ چنا صاحب (فارسي) پڙهائيندو هو. ڪاليج ۾ سڀئي استاد چنا صاحب کي ”محبوب استاد “ ڪري سڏيندا هئا. ان دؤر ۾ چنا صاحب سان منهنجي واقفيت عقيدتمندي سان ٿي.“ (الانا، ذاتي انٽرويو، 2011ع)
ان کانپوءِ (1951-05-25) ۾ ڊيپوٽيشن تي، سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ بنياد وجهندڙ پرنسپال جي حيثيت ۾ مقرر ٿيا، جنهن کان پوءِ ( 1953-03-16ع) تي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جا انچارج مقرر ٿيا. پاڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جا مختلف رجحانات “ ۾ لکن ٿا ته:
” 16 مارچ 1953ع تي، سنڌ يونيورسٽي جي انچارج ”شعبه سنڌي “ جي حيثيت ۾ مون عهدو سنڀاليو. بس پوءِ ته قلندرانه وار مان يونيورسٽيءَ جي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس، مون اڪيلي سر سنڌي ڊپارٽمينٽ جو ڪم سنڀاليو، جنهن ۾ شاگردن جو ٻين محڪمن جي مقابلي ۾ زياده تعداد هو. ازانسواءِ ”شعبه فارسي“ جو گاهه بگائي ڪم ۽ ” شعبه تعليم“ جي ٽي.ڊي ۽ بي.ٽي جي سنڌي نصاب جو سارو ڪم، بغير ڪنهن اضافي معاوضي جي بندي پنهنجي ڪمزور ڪلهن تي چشمن سان چائي رکيو. ان ڳوري ڪم سان گڏوگڏ ٻيون ادبي سرگرميون به جاري رهيون. مان انتهائي خلوص ۽ بي لوثي سان اهڙي ته سخت محنت ڪئي جو منهنجي صحت خراب ٿيڻ لڳي ۽ اچانڪ هڪ لازوال دوست ”ذيابطيس“ حصهءِ محبوب ۾ آيو آخرڪار منهنجي اڳوڻي ننڍڙي سڄڻ، سروري اسلاميه ڪاليج هالا مونکي وري آواز ڏنو ۽ مون 30 جولاءِ 1954ع تي، سنڌ يونيورسٽي کي خير باد چئي هالا جو رخ ورتو“. (چنا، 1974ع ، ص، 10-9 )
محبوب علي چنا جي يونيورسٽي واري دؤر جي حوالي سان، ڊاڪٽر غلام علي الانا کان ذاتي انٽرويو ۾ هن طرح معلوم ٿيو:
”ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاڻ سان ساٿي طور، سائين محبوب علي چنا کي 1954ع ۾، سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ آندو، سدائين پيو کلندو هو، تنهن ڪري ٿوري ئي عرصي اندر سنڌ يونيورسٽي جي مقبول استادن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، بلوچ صاحب اسانکي لوڪ ادب پڙهائيندو هو ۽ چنا صاحب سنڌي ادب جي تاريخ، تنقيدي ادب ۽ شاهه لطيف. چنا صاحب وٽ اڻ کٽ علم هوندو هو، اسان شاگرد انهن ٻنهي استادن جا ڪلاس ڏاڍي شوق سان وٺندا هئاسين. يونيورسٽي ۾ ٻيا شاگرد پروفيسر ڊاڪٽر محمد حاجن شيخ، دادي ليلان، محترمه عزيزالنساءِ، پروفيسر نوربانو خواجه، مسٽر جان محمد عطار، آپا شمس عباسي ۽ اقبال شاهه شامل هئا. اهي سڀئي شاگرد چنا صاحب جا ڪلاس هر حالت ۾ اٽينڊ ڪندا هئاسين ته جيئن معلومات ۽ ڄاڻ ۾ اضافو حاصل ٿئي. سنڌ ۾ اهڙا محنتي ۽ قابل استاد تمام گهٽ آهن. “ (الانا - ذاتي انٽرويو- 2011ع)
ان کان پوءِ 1955-8-5ع ۾ چنا صاحب کي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ فارسي ۽ عربي جو پروفيسر منتخب ڪيو ويو ۽ ٻن مهينن لاءِ شاهه عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج ميرپور خاص ۾، پروفيسر جي حيثيت ۾ خدمتون ڏنائين، جتان 1955-10-16ع تي هن کي بطور پرنسپال سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ ڊيپوٽ ڪيو ويو، جتي پاڻ انهيءَ ئي عهدي تي 1960-7-24ع تائين رهيو.
چنا صاحب، سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ نه صرف ڪاليج جو انتظام بهتر نموني سان هلايو، گڏوگڏ ٻين ادبي سرگرمين ۾ به پاڻ سرگرم رهيا. جيئن بزمِ طالب المٰوليٰ هالا جا ميمبر ۽ انجمن فروغ ادب هالا جو سرواڻ ، بزمِ سروري جهڙين انجمنن جا ميمبر رهيا، جتي پاڻ ڪيترين ئي علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي سرگرمين ۾ شامل رهيا ۽ اتان ڪيترائي وڏا اديب قابل عالم ۽ سماجي ڪارڪن پيدا ڪيائون.
پروفيسر هدايت الله ميمڻ، پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”انجمن فروغ ادب هالا “ ۾ بحيثيت نگران اعليٰ، پاڻ نون ۽ سيکڙاٽ اديبن ۽ ليکڪن کي ادبي ۽ ثقافتي ۽ سماجي خدمتن لاءِ تربيت ڏيندا رهيا، جن مان ڪيترا مايه ناز اديب تربيت وٺي اڄ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي سرمايه جو هڪ اهم حصو بنجي چڪا آهن، جن ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ، الطاف شيخ، پرنسپال محمود احمد ميمڻ، انور هالائي ۽ پرنسپال حميد شهيد، عبدالغفار ابڙو، جمال الدين ميراڻي، ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي ۽ هدايت الله ميمڻ جا نالا قابل ذڪر آهن.“ (ميمڻ، 1982 ع، ص، 27 ، 28)
هالا ۾ جن به شاگردن، چنا صاحب جي زيرِ نگراني ۾ تعليم حاصل ڪئي، انهن مان ڪيترائي اڄ به چنا صاحب جي انهن بي لوث خدمتن، سندس پيار ۽ محبت واري سٺي تربيت جي ڪري کيس ياد ڪندي، سندس نقشِ قدم تي هلي ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار ۾ ڪيڏو نه عظيم هو.
پروفيسر چنا جي اهڙي پيار ۽ محبت واري رويي جي حوالي سان، ڊاڪٽر سليمان شيخ هن طرح لکي ٿو ته:
”جنهن محبت ۽ شفقت سان اسان کي علم و ادب جا ابتدائي سبق، سائين چنا صاحب جي صحبت ۾ حاصل ٿيا ان جو اپٽار اکرن ۾ ممڪن ڪونهي. انهن ئي محفلن ۾ اسان تقرير ڪرڻ جو ڏانءُ سکيو، جلسن جون ڪاروايون هلائڻ سکياسين، ان سڄي جاکوڙ جي پس منظر ۾ سائين محبوب علي چنا صاحب جن جي همٿ افزائي، رهنمائي ۽ ڀرپور شخصيت هئي.“
ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته، پروفيسر محبوب علي چنا جي ڪردار ۾ اهي سڀ صلاحيتون موجود هيون جيڪي هڪ سٺي ۽ محنتي استاد ۾ هجڻ کپن. پاڻ هڪ قابل ۽ شفيق استاد هو، کيس سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين جي تمام گهڻي ڄاڻ هئي. هو هڪ ماهر عالم وانگر، سنڌ جي وڏن ۽ عظيم شاعرن لطيف سرڪار، رومي، سچل سائين ۽ قلندر شهباز جي شاعريءَ بابت تمام گهڻو ڪجهه ڄاڻندو هو انهيءَ ڪري ئي کيس انهن سان تمام گهڻي عقيدت مندي به هئي.
ڊاڪٽر سليمان شيخ صاحب، اڳتي هلي ساڳئي صفحي تي لکي ٿو ته: ”سائين چنا صاحب اهڙو استاد هو، جنهن کي هميشه شاگردن سان ٻچن جهڙو پيار هو. هو ذاتي طرح ڪاليج جي هر هڪ شاگرد کي سڃاڻيندو هو، سندن طبيعتن ۽ عادتن کان واقف هو سندس ياداشت بيحد تيز هئي ۽ هڪ دفعي ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ڪوبه سندن شخصيت جي طلسم کان ٻاهر نڪري نه سگهندو هو، شاهه لطيف، سچل سرمست، مولانا رومي، لعل شهباز قلندر سان سندن گهري عقيدت هئي، فارسي ۽ عربي تي عبور حاصل هوندو هونِ،“ (شيخ، 1982، ص- 19-18ع)
پروفيسر محبوب علي چنا نه صرف هڪ بهترين استاد ۽ منتظم هئا، پر شاگردن توڙي ٻين عام ماڻهن لاءِ به ڇپر ڇانوَ رهيا، ۽ هر ڪنهن سان همدرد طور پيش ايندا هئا.
محمد عثمان سولنگي جيڪو اڄ ڪلهه هالا ۾ رهائش پذير آهي. کانئس پروفيسر محبوب علي چنا جي متعلق ذاتي انٽرويو ورتو. پاڻ انٽرويو ۾ هن طرح ٻڌايائون:
”اسانجي ڳوٺ پنجوٿا ۾ ڪالرا جي بيماري آئي ۽ ڪافي ماڻهو انهيءَ بيماري ڪري فوت ٿي ويا ۽ ٻيو ته منڇر جي ڪري سڀ زمينون ڪلر ٿي تباهه ٿي ويون، اسان انهيءَ دؤر ۾ تمام گهڻي عذاب واري زندگي گذارڻ لڳاسين، مان اڃا ننڍو هوس، منهنجي چاچي ۽ منهنجي پيءُ لال محمد سولنگي، اهو فيصلو ڪيو ته اسان ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي شهر ۾ رهڻو پوندو، نه ته زندگي جو گذر سفر ڪيئن ٿيندو. لال محمد سولنگي چنا صاحب جو پهرين درجي کان پنجين درجي تائين هم ڪلاسي ۽ ويجهو رهيو. جڏهن محبوب علي چنا 1951ع ۾ هالا ڪاليج جو پرنسپال ٿيو، ته کين لال محمد جي مفلسي واري زندگي ڏسي تعجب ٿيندو هو ۽ کين هالا هلڻ لاءِ چيائين، چنا صاحب جي چوڻ تي کيس هالا هلڻو پيو ۽ اتي چنا صاحب، لال محمد سولنگي کي ڪاليج ۾ ” نائب قاصد“ جي نوڪري وٺي ڏني، نه صرف ايترو پر لال محمد سولنگي جي ڀاءُ علي محمد سولنگي جي پٽ “بصر” کي به ڪاليج ۾ پٽيوالو ڪري رکيو.“ (سولنگي، ذاتي انٽرويو، هالا، 2011ع)
پاڻ هر ڪنهن جو همدرد، ساٿي ۽ مدد گار هوندو هو. غريب ۽ بي پهچ ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ نوڪري وغيره ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺندو رهندو هو. چنا صاحب نه صرف سيوهاڻين کي هالا ۾ آباد ڪيو، پر خاص ڪري سيوهڻ جي بي پهچ شاگردن کي به گهڻو همٿائيندو هو. جڏهن مان هالا ڪاليج ۾ ويس ته اتي هڪ شخص ”صوف خاصخيلي“ سان ملاقات ٿي، جيڪو چنا صاحب جي دؤر ۾ چنا صاحب جي بنگلي تي بورچي جو ڪم ڪندو هو. سندس عمر به ڪافي وڏي هئي، جڏهن مان چنا صاحب متعلق ذڪر ڇيڙيو، ته پاڻ سندس باري ۾ هن ريت اظهار ڪيو:
”يار ڪهڙي انسان جي ٿو ڳالهه ڪرين، اڄ ڪٿي آهن اهي سچا انسان، جن وٽ پيار ۽ محبت، مٺاس به هو ته وري دهشت دهمان به هو. مان هتي پٽيوالو هوندو هوس، پر مونکي چنا صاحب جي بنگلي تي بورچي ڪري رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته مان ماني وغيره پچائڻ جو به ڪم ڪندو هوس، چنا صاحب جي دؤر ۾ ايڏو ته پڙهائڻ جو انتظام سخت هو جو ٽي ڀيرا حاضري ڀري ويندي هئي، هڪ 9 بجي، ٻيو 12 بجي ۽ ٽيون 2 بجي، مجال جو ڪو شاگرد ٽين ٽين ڪري، انهيءَ مهل ڪاليج جي نيڪالي جو سرٽيفيڪٽ ڏنو ويندو هو. انهيءَ دؤر ۾ ڪاليج ۾ 60 ڪمرا ۽ ٽي هال هوندا هئا. چنا صاحب جي پهرين بينچ جي شاگردن جنهن ۾ صوف خاصخيلي به هو، انهيءَ جي باري ۾ هن ٻڌايو ته: ڌڻي بخش ڪاڪا، جيڪو نيو سعيدآباد جو هو، دلبر مورائي، مشتاق احمد ٽانوري، شڪارپور جو ڊاڪٽر مير بيگ لغاري، شهداد پور جا شير بيگ، بچل بيگ ۽ عزت علي شاهه سيوهاڻي وغيره ٻڌايا“. (خاصخيلي، ذاتي انٽرويو، 2011ع)
جڏهن چنا صاحب کي هڪ استاد جي حيثيت ملي، ته پاڻ هڪ ڪامياب ترين استاد ثابت ٿيو ۽ سرت وارن ۽ سڄاڻن جي قطار ۾ نشا نبر ٿي بيٺو.
اهڙيءَ طرح چنا صاحب 1960-10-18 تي ”فارسي ۽ عربي“ جو پروفيسر ٿي گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾ آيو. جيئن ته پروفيسر محبوب علي چنا وڏو تعليمي ماهر هو، سندس علمي مرتبي کي نظر ۾ رکندي، آمريڪي سرڪار کيس 1961ع تي خاص دعوت ڏئي آمريڪا گهرايو هو ۽ کيس اسپيشلسٽ ورلڊ ٽوئر جي حيثيت ۾، لڳ ڀڳ پنجن مهينن لاءِ بطور ميمبر ڪيو ويو، هن اتي جا علمي ادبي ادارا ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ لائبريريون ڏٺيون، اتي جي گوڊارڊ ڪاليج ۾ بحث مباحثا ۽ سيمينار ڪرايا ۽ هن آمريڪا جي مختلف يونيورسٽيز ۽ ڪاليجز ۾ (150) ليڪچر ڏنا، سندس ورمنٽ ۽ يو.ايس.اي ميچيگن يونيورسٽي ۽ ييل يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ مقرري ٿي. چنا صاحب موٽندي جپان ۽ ٻين ملڪن جو علمي دورو ڪري اتان جي ڪيترن ئي اسڪالرن سان مليو ۽ ساڻن بحث مباحثا ڪندو رهيو ۽ موٽندي ڪيترائي ڪتاب آندائون، سندن اهڙي علمي سفر تان واپس اچڻ وقت علمي ۽ ادبي سرمايو آڻڻ گهٽ ڳالهه نه هئي، کيس ڪتابن پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو. پاڻ جتي به ويندا هئا، ڪتاب خريد ڪندا هئا ۽ عالمن سان ملي، بحث مباحثو ڪرڻ سندس شوقن ۾ شامل هوندو هو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”چنا صاحب جڏهن آمريڪا مان موٽيو ته مان ساڻس ملڻ ويس ته ريشم گلي حيدرآباد واري گهر جي جنهن ڪمري ۾ ويٺو هو، ان جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪتابن جا سٿا پيا هئا جيڪي ڇت کي ڇهي رهيا هئا، ٻيا به ملڻ وارا ويٺا هئا، پاڻ ڪتابن ڏي اشارو ڪري چيائين ته، هيءَ دولت ڪمائي آيو آهيان ۽ گهمي آيو آهيان ڪيترن ئي اسڪالرن جا نالا ورتائين، جن سان ملي ۽ بحث مباحثا ڪري آيو هو.“ (جوڻيجو ، 2007ع ص – 123 )
چنا صاحب کي پنهنجي ڌرتيءَ سان، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان ۽ انهن جي ٻوليءَ سان تمام گهڻو پيار هوندو هو. کيس ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري لاءِ ڪيتريون وڏيون آڇون پيش ڪيون ويو، پر پاڻ پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏي ٻاهر ڪٿي وڃي رهڻ لاءِ تيار ڪونه هئا.
پروفيسر محبوب علي چنا صاحب جي فرزند نجيب الرحمان جپان جي ٽوئر جي حوالي سان ٻڌايو ته:
”پاڻ جڏهن جپان جي ٽوئر تي ويا ته اتي ستن، اٺن ڄڻن کي مسلمان ڪيائون. ان کانپوءِ کين جپان ۾ اها به آڇ ٿي ته هتي مسجد جا ”پيش امام“ ٿي رهو، پر بابا کي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ملڪ سان بيحد پيار هو، انهي ڪري بابا انڪار ڪيو، نجيب الرحمان وڌيڪ ٻڌايو ته، بابا کي اتي آمريڪا وارن هڪ ڪار تحفي ۾ ڏني هئي، پر هن ڪار وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته مونکي ڪار بدران اگر علمي ڪتاب ڏنا وڃن ته بهتر ٿيندو.“ (چنا، ذاتي انٽريو، 2010ع)
انهي مان صاف ظاهر ٿيو ته، محبوب سائين کي علم توڙي ادب سان اڻ کٽ چاهه هو ۽ اهو محبوب سائينءَ جي زندگيءَ جو زنده مثال آهي.
پروفيسر چنا صاحب، آمريڪا مان موٽيندي 1 نومبر 1962ع ۾ ڊيپوٽيشن تي، جامعه عربيه ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال مقرر ٿيو، جتان پوءِ 1963-8-16 کان 1966-8-15ع تائين سچل سرمست آرٽس ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال ٿي رهيو، اڳوڻو تعليم کاتي جو سينئر صوبائي وزير تعليم، پير مظهرالحق به، چنا صاحب جو گورنمينٽ سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۾ شاگرد رهيو، چنا صاحب جي علمي ۽ ادبي شخصيت جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”سائين محبوب علي چنا حيدرآباد جي مشهور تعليمي اداري سچل سرمست آرٽس ڪاليج جي پرنسپال جي عهدي تي ممتاز علمي ۽ ادبي شخصيت جو مالڪ هو، ان هوندي به سندس رويو هر ادنيٰ کان ادنيٰ ماڻهو سان نهايت وڻندڙ ۽ پيارو هو، پنهنجن شاگردن سان ته تمام شفقت سان پيش ايندو هو مون کي پڻ سندس ڪاليج ۾ مختصر عرصي لاءِ شاگرد هئڻ جو شرف حاصل آهي. آءٌ سندس شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيس جو دل گهرندي هئي ته، هر وقت سندس آفيس ۾ ويهي، سندن مٺڙيون ۽ معلوماتي ڳالهيون ٻڌجن، پرساڳئي وقت سندس علمي رتبي سبب، مون لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن نه هو.“ (پير مظهرالحق، 1982ع ،ص- 81)
اهڙيءَ ريت پاڻ 1966-8-16ع کان 1967-01-3ع تائين، گورنمينٽ انٽرميڊيئيٽ ڪاليج لطيف آباد حيدرآباد ۾ پرنسپال مقرر ٿيو، ان کان پوءِ 1968-1-11ع کان 1969-7-23ع تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج راولپنڊي ۾ سيڪنڊ شفٽ جو وائيس پرنسپال جي حيثيت سان، هڪ سال ڇهه ميهنا 12 ڏينهن لاءِ پرنسپال جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون.
ان کان پوءِ چنا صاحب، 5 آگسٽ 1969ع کان 1970ع تائين، بحيثيت پرنسپال گـــورنــمينٽ ڊگـــري ڪــاليج جيڪب آباد يعني تيرنهن مهينن لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر طرفان کيس هڪ “روالور ۽ گولڊ ميڊل” ڏنو ويو هو. (1) جيڪب آباد کان پوءِ پاڻ وري شاهه عبداللطيف گورنمينٽ ڪاليج مير پورخاص ۾، ساڍن پنجن مهينن لاءِ پرنسپال طور خدمتون سر انجام ڏنيون، ساڳئي ريت چنا صاحب، 1971ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن ڪراچي ۾ پرنسپال جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون، 1972ع ۾ گورنمينٽ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪراچي ۾ پڻ پرنسپال ٿي رهيا. اتي ٻن سالن جي بي لوث خدمتن کان پوءِ کين تعليم واري وزارت، گورنمينٽ آف پاڪستان، اسلام آباد طرفان نيشنل بوڪ فائونڊيشن لاءِ 1973-2-12ع تي سيڪريٽري طور مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا، چنا صاحب جي ٻئي دؤر شروع ٿيڻ جي حوالي سان هن طرح ٻڌايو:
”چنا صاحب جي زندگيءَ جو هڪ ٻيو دؤر شروع ٿيو، جڏهن پاڻ نيشنل بوڪ ڪائونسلنگ يا بوڪ فائونڊيشن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دؤر ۾، اسلام آباد ۾، بڪ ڊولپمينٽ لاءِ ٻه ادارا کوليا ويا هڪ نيشنل بوڪ ڪائونسل جنهن جو ڪم هو ته جيڪي علمي ۽ ادبي ڪتاب ڇپائبا هئا، انهن جي پرنٽنگ، گيٽ اپ ۽ ادبي مواد تي اهو ادارو انعام ڏيندو هو.ٻيو هو نيشنل بوڪ فائونڊيشن، جنهن جو ڪم هو ٽيڪسٽ بڪس ڇپائڻ، ماڻهن کان لکرائڻ. “چنا صاحب نيشنل بوڪ فائونڊيشن ۾ سيڪريٽري ٿي ويا هئا“. (الانا، ذاتي انٽرويو، 2011ع)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب آخر ۾ 1976ع کان 1977ع تائين نيشنل ڪميشن آف هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل ريسرچ گورنمينٽ آف پاڪستان جا سيڪريٽري ٿي رهيا.
اتي اسلام آباد ۾ رهڻ دوران کين حج ڪرڻ جو شوق ٿيو. چنا صاحب جي فرزند محمد صالح چنا کان ورتل انٽرويو ۾ هن طرح معلومات ملي: “ انهي دؤر ۾ مان الائيڊ بئنڪ، ڊسٽرڪٽ دادو جو مينجرهوس تڏهن خط و ڪتابت جو سلسلو جاري هو، بابا جن هڪ خط لکيو، جنهن ۾ حضور صلعم جن سان تمام گهڻي محبت جو اظهار ڪيل هو. انهيءَ جا ڪجهه فقرا هئا ته ، “ بابا مونکي يار ياد ڪيو آهي پر ثمر ڪونهي، پر چاهيائين ته پاڻ گهرائيندا” اِها هڪ اهڙي ته اُڪير هئي جو بابا کي، الله تعاليٰ مذهبي حوالي سان به ويجهو ڪري ڇڏيو، جو پاڻ خط ۾ (رسول اللهﷺ) کي يار جي نالي سان پڪاريو اٿن، هڪ عام ماڻهو جي ايڏي وڏي هجت ڪرڻ ۽ يار چوڻ اِها هڪ شديد اندر جي اُڪير ئي هوندي.”(چنا، ذاتي انٽرويو،2010 )
1) چنا صاحب جي فرزند نجيب چنا کان ذاتي ورتل انٽرويو ۾ معلومات ملي، جڏهن پاڻ اتي جيڪب آباد ۾ پڙهندا هئا ته، شام جو مير سڪندر کوسي جي اوطاق تي ادبي محفلون ۽ مشاعرا ٿيندا هئا، اتي ڪيتريون علمي ۽ ادبي شخصيتون، اچي گڏ ٿينديون هيون، بابا کي اتي ڊپٽي ڪمشنر طرفان هڪ روالور ۽ گولڊ ميڊل ڏنو ويو هو.
اسلام آباد ۾ رهڻ دوران ،اتي هڪ مرشد جو مريد به ٿيو هو، جنهن جو نالو شيخ منظور حسين صاحب هو، جيڪو اصل خير پور ميرس جو ويٺل هو. مرشد واري ڳالهه ڊاڪٽر عبدالغني شيخ، شعبه عربي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو به ٻڌائي، ته سائين شيخ منظور حسين بلڪل چنا صاحب جو مرشد هو. سائين عبدالغني شيخ صاحب مونکي، ”برڪات الصلوٰت“ سنڌي ۾ درود پاڪ جو ڪامل ۽ مڪمل مجموعو، ڏيکاريو جنهن ۾ شجره نقشبندي ڏنل آهي، شيخ منظور حسين (34) نمبر تي آيل آهي، انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته، پاڻ طريقه نقشبندي سان واسطو رکندڙ هئا“.