اصغر کي هن محنت تي داد ڏيڻ گهرجي :مُـھاڳ
سيوهڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو . قديم دؤر کان وٺي موجود دؤرتائين سيوھڻ جي اديبن، عالمن، محققن، شاعرن، ڊرامه نويسن پبلشرن جو خدمتون تاريخ ساز آهن، سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي اهم شاعر قاضي قادن سيوهاڻي کان وٺي مخدوم جعفر بوبڪائيءَ تائين، ديوان ننديرام ميرچنداڻي سيوهاڻيءَ کان، شمس العلماءَ عمر بن محمد دائود پوٽي تائين، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي کان ويندي، گورڌن محبوباڻي ڀارتي تائين ادبي تاريخ ڀري پئي آهي. سيوھڻ توڙي سندس ڀرپاسي تي نظر وجهون ٿا ته هر ڳوٺ جي ادبي تاريخ ماضيءَ کان موجوده دوؤ تائين اسان کي ڀريل ملي ٿي. ٽلٽيءَ جي ادبي تاريخ شايا شان آهي، ته بوبڪ جي ادبي تاريخ موتين جي مالها آهي، ته باجارن جي ادبي تاريخ سون تي سهاڳي جيان آهي. سيوهڻ توڙي سندس ڳوٺن جي ادبي تاريخ، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاري ٿي.
منهنجي سامهون نوجوان محقق اسڪالر علي اصغر اوٺي جو تحقيقي تحرير ٿيل مقالو“ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي ادبي خدمتن جو اڀياس“ پيو آهي تحقيق جي باري ۾ تحقيق جي ڏاهن فلسفين جو چوڻ آهي ته ”هر تحقيق ۽ اڀياس ۾ داخليت موجود هوندي آهي ۽ ان کي قبول ڪيو وڃي، ڇو ته خالص خارجيت نالي ڪا به شي ناهي هوندي ۽ اهو ايئن هجڻ ناممڪن آهي . تنهن ڪري اهڙي ڪنهن علم يا تحقيق جي دعويٰ پڻ نه ڪرڻ گهرجي. هيءَ تحقيق انهيءَ ڳالهه تي زور ٿي ڏئي ته ڪيترن ئي تجزياتي علمن کي ملائي پوءِ ڪو نتيجو ڪڍڻ گهرجي جنهن سان تعصب يا جانبداري واري عنصر جو امڪان باقي نه ٿو رهي. هي علم تحقيق حقيقت کي ڳولي ٿي جڏهن ته اثبايت سچ کي تلاش ڪري ٿي“
علي اصغر اوٺي جو هي ڪتاب ”پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي“، سنڌ جي نامور عالم، اديب، محقق ،شاعر، معلم پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي، شخصيت، علمي خدمتن، تحقيقي مقدمن، مهاڳن، ديباچن، مقالن مضمونن تي ايم فل جو مقالو” ٿيسز“ لکي، چنا صاحب جي فن، فڪر ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو آهي. محبوب علي چنا سيوهاڻي لسانيات جو پڻ ڄاڻو ۽ ماهر هو، هُن ڪيترائي ڪتاب ايڊٽ پڻ ڪيا ،سندس اصلوڪن ڪتابن، ايڊٽ ڪيل ڪتابن، مرتب ڪيل ڪتابن ،ڇپيل مضمونن، اڻ ڇپيل مضمونن جو سهڻي نموني علي اصغر اوٺي اڀياس ڪيو آهي.
تحقيق هڪ ڏکيو جوکم وارو ڪم آهي ،ڪيئي ڪشالا ڪٽڻا ٿا پون، لئبريرن ۾ رلڻو ٿو پوي، پراڻا ڪتابن جا ڇاپا ڳولڻا ٿا پون ، ۽ پوءِ موضوع تي نور نچوئجي ٿو، مختلف ليکڪن جا حوالا ڏيئي آخر ۾ پنهنجي تحقيق جو مقصد ظاهر ڪجي ٿو.
هن ڪتاب جو پهريون باب تحقيق جي باري ۾ آهي اهو ڪتاب ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. هن ڪتاب جي شروعات ٻئي باب کان ڪئي وئي آهي. ٻئي باب ۾ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي سوانح حيات، سير و سفر، علمي ادبي ايورڊن جي باري ۾ مفصل ۽ جامع لکيو ويو آهي، جهڙوڪ: خانداني پس منظر، ولادت، تربيت، تعليم، شادي، اولاد، ٻولين جي ڄاڻ ، وفات ۽ مدفن وغيره، هن باب کي محقق تفصيل سان لکي واضع ڪيو آهي ته چنا صاحب سنڌي ، انگريزي، عربي، فارسي، هندي ۽ ارد و ٻوليءَ جو ماهر آهي ۽ هن باب ۾ ٻيون ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون ظاهر ڪيو ويون آهن ،جنهن سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڪيترين ئي ڳالهين جو اضافو ٿئي ٿو ۽ اهم معلومات ملي ٿي.
علي اصغر اوٺي جي هن ڪتاب جي ٻولي عام فهم سرل آهي، جا عام پڙهندڙ آساني سان سمجهي سگهي ٿو، ٽئي باب ۾ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ جي تعليمي ۽ تدريسي خدمتن جو اڀياس ڪيو ويو آهي ،هن باب ۾ استاد، ليڪچرر، پروفيسر، پرنسپال، سيڪريٽري جي خدمتن جو اڀياس ڪيو ويو آهي. علمي، ادبي ادارن سان وابستگي، مختلف سوسائٽين، بورڊن جو ميمبر ۽ سرواڻ ۽ پروفيسر محبوب علي چنا جي ڪارنر بابت تفصيل سان لکيو ويو آهي، مصنف هن تحقيق ۾ واضع ڪيو آهي ته ”پروفيسر محبوب علي چنا ملازمت جي شروعات 1942ع ڌاري، هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي ۽ پنهنجون خدمتون مختلف ادارن ۾ سر انجام ڏنيون.1943ع ۾، ميونسپل هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ استاد طور ۽ 1945ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ خدمتون ڏنائين.“ علي اصغر شاندار نموني سندس علمي خدمتن کي ظاهر ڪيو آهي.
باب چوٿين ۾ پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي اصلوڪن ڇپيل ڪتابن ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن، ترتيب ڏنل ڪتابن، پروفيسر محبوب علي چنا بحيثيت سوانح نگار، چنا صاحب جا لکيل مقدما، ديباچا، پيش لفظ، مضمون ۽ مقالن جو تذڪرو، ڪيو ويو آهي ، پهرئين حصي ۾ مخدوم نوح سرور رح جا سيهوڳي، سرمست درازي، اسلامي تاريخ جو مطالعو، هڪ شخصيت ٻه پهلو، سنڌي ادب جا مختلف رجحانات، مخدوم قلندر لعل شهباز، ٻئي حصي ۾ اڻ چپيل ڪتابن جهڙوڪ: سنڌي تهذيب جي تاريخ، سنڌي رسم الخط جي ارتقائي تاريخ، ڪنز قادري، ياد اقبال جو تنقيدي تحقيقي، تجزياتي اڀياس ڪيو ويو آهي، ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت محققانه انداز ۾ بيان ڪئي وئي آهي. ٽئي حصي ۾ ڪليات امين، ڪليات نورل، ڪچڪول طالب الموليٰ، لطيفي لنؤ، مسلمانن جي شاديءَ جو قانون ، ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن. هن باب ۾ محقق وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان پروفيسر محبوب علي چنا جي ادبي خدمتن کي نروار ڪيو آهي جنهن ۾ ليکڪ ڪامياب ويو آهي.
پجين باب ۾ پروفيسر محبوب علي چنا هڪ مؤرخ جي حيثيت ۾ سندس شخصيت کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هن باب ۾ هڪ ڪتاب مڪليءَ ٽڪريءَ جو سير تي بحث ڪيو ويو آهي، ان سان گڏ سندس چئن مقالن خداآباد ثالث، ميرپور بٺورو، سنڌ جا قديم تختگاهه، سنڌو ماٿر جا باشندا دراوڙ هئا، جو اڀياس ڪيو ويو آهي جنهن ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته: ”سندس لکيل مقالن ۽ مضمونن ۾ جيڪو تحقيقي مواد موجود آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي (source material) جي حيثيت رکي ٿو. جيڪو اڳتي هلي ايندڙ وقت جي محققن لاءِ ڪار آمد ثابت ٿيندو .“
باب ڇهين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ حصي ۾ پروفيسر محبوب علي چنا جي سندس شاعري ڏني وئي آهي ۽ ٻئي حصي ۾ چنا صاحب جي شخصيت کي مختلف شاعرن کيس منظوم ڀيٽا ڏني آهي. محقق پنهنجي تحقيقي تجزياتي اڀياس کان پوءِ واضع ڪيو آهي ته ”چنا صاحب جي شايع ٿيل شاعريءَ جي جائزي وٺڻ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچجي ٿو ته، چنا صاحب شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ بحر وزن جا بهتر ڄاڻندا هئا ۽ پاڻ پختا شاعر هئا، پر سندن شاعريءَ جو ڪو به مڪمل مجموعو ڪونه ٿو ملي.“
سنڌجي هن نوجوان محقق علي اصغر اوٺي، پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي تي هيءَ ٿيسز لکي اهم ڪم ڪيو آهي، جنهن سان چنا صاحب جي سوانحَ، ڪتابَ، فنُ، فڪرُ ۽ شاعري نروار ٿي پئي آهي، اهڙي تحقيقي ۽ نور نچو ئيندڙ ڪم ڪرڻ تي کي جس ڏجي ٿي.
سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پڻ، سنڌجي ادبي تاريخ لکندڙن پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻيءَ کي ڪا ادبي تاريخن ۾ خاص اهميت ناهي ڏني، پر اسان جي نوجوان محقق علي اصغر اوٺي ، چنا صاحب جي ڪيل تاريخي ڪم کي ظاهر ڪري کيس هڪ عالم، استاد، شاعر، محقق، اديب، مصنف طور ظاهر ڪيو آهي. جنهن سان پروفيسر محبوب علي چنا سيوھاڻيءَ جي شخصيت سنڌي ادب جي تاريخ ۾ امر ٿي پئي آهي.
مير حاجن مير
سيوهڻ شريف
11 جنوري 2023