لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي.

Title Cover of book پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

چنا صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتابن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو

چنا صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتابن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو

(i) ڪليات امين
”ڪليات امين“ سنڌ جي مشهور اهل دل بزرگ حضرت مخدوم امين محمّد ثالث عرف ”پکن ڌڻي“ جي سوانح ۽ عارفانه، عاشقانه ڪلام تي مشتمل شاهڪار آهي.
هن ڪتاب جو مرتب، سنڌي ادب جو برک، اهل قلم ۽ محقق، پروفيسر محبوب علي چنا آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1966ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. ان کانپوءِ ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ شايع ڪيو ويو، مخدوم طالب الموليٰ هن ڪتاب جي پيش لفظن ۾ لکيو آهي ته:
”ڪليات امين کي جنهن عرق ريزيءَ ۽ دماغ سوزيءَ سان مرتب ڪم ڪيو آهي، اهو قدر ڪرڻ جي لائق آهي، ان سلسلي ۾ اهو ظاهر ڪرڻ به لازمي امر آهي ته، هن نسخي جي ڌارڌار پڙهڻين ۽ صحت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، اسانجي خانداني قلمي بياض کي، فاضل مؤلف هر وقت اڳيان رکيو آهي.“ (مخدوم ، 1990ع ، ص ، 2،3)
ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، چنا صاحب وڏي جاکوڙ ۽ محنت ڪري سائين مخدوم محمّد امين جي ڪلام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري، ڪتاب کي هر صورت ۾ بهترين بنائي شاعري واري صنف ۾ اضافو ڪيو آهي، سندس ڪلام جي فن جي حوالي سان، چنا صاحب ڪتاب جي ديباچي ۾ لکي ٿو ته: ”ڪليات امين جي ترتيب، ان جي فهرست مان ظاهر آهي، جيڪڏهن هڪ طرف سنڌي ڪافين ۽ بيتن جي برهه جي بات آهي، ته ٻئي طرف سرائڪي ڪافين ۽ ڏوهيڙن جي ڏاڻ ڀري ڏات آهي، ٽئين طرف لولي، سي حرفي ۽ مولود جي تن کي تاڻيندڙ تات آهي، ته چوٿين طرف وري مرثيه جي جانسوز ۽ لنؤ واري لات آهي، مطلب ته ادب جي گلستان ۾، ڄڻ نئين نموني جا گل ڦلهاريا بيٺا آهن، جن مان هرڪو سڪايل پنهنجي مذاق مطابق مزو وٺي سگهي ٿو.“ (چنا ، 1990ع ، ص ، 7)
پاڻ، حضرت امين محمد سائين عرف ”پکن ڌڻي“ جي، مڪمل سوانح حيات پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ سلسله سهرورديه سان گڏ حسب نسب، تعليم تربيت، سجاده نشيني، اولاد تي بحث ڪيل آهي. انکانپوءِ راهونڊ ۾، ”روح رهاڻ “ جي عنوان هيٺ راهونڊ ۾ فقيراڻا آثار ، جاگرافيائي ماحول ۽ سندس ڪرامتون بيان ٿيل آهن ۽ ان سان گڏ راهونڊ متعلق مشهور شاعرن جا تاثرات بيان ڪيا ويا آهن، سائين پکن ڌڻي رياضت ۽ مجاهدي لاءِ ويراني کي تلاش ڪري اتي وڃي ويٺا ۽ الله جي عبادت ۾ مشغول ٿيا، ان سرزمين کي ”راهونڊ “ چوندا آهن جنهن کي”پکا“ پڻ سڏبو آهي.
سندس ڪلام جي محاصن تي، ڪلام جي مقبوليت جي عنوان هيٺ فني بحث آيل آهي ۽ تصوف ۽ شعر و شاعريءَ تي هڪ مشتمل عنوان آهي، جنهن ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود تي بحث ڪيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان دؤر جي، صوفيانه فڪر جي تاريخ مفصل نموني سامهون اچي وڃي ٿي. ان کانپوءِ مخدوم صاحب جي شاعريءَ تي تبصرو ڪندي، وحدت الوجود جو فڪر به نهايت چٽائي سان بيان ڪيو اٿس، وجودي فڪر مختصر مگر جامع نموني هن طرح بيان ڪيو اٿس:
”هت مختصر لفظن ۾ اهو ظاهر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته صوفيائي ڪرام وٽ، وحدت الوجود، هم اوست ۽ توحيد وجودي جو تعبير ڪهڙو آهي؟ ٿورن لفظن ۾ چيو ويو آهي ته، الله تعاليٰ هڪ هستي مطلق ۽ وجود محض آهي، جنهن جو ڪنهن به چيز تي مدار ڪين آهي، نه ڪا سندس ڪا شڪل شباهت آهي. سندس هستي مطلق ساري موجودات ۾ جاري ۽ ساري آهي. ان خيال کان ساري موجودات، وجود جي حيثيت سان عين باري آهي. پر تعين ۽ مقام جي حيثيت سان غيرباري آهي، ان مان واضح ٿيندو ته، غيريت اعتباري آهي، ۽ اصل ۾ همه اوست آهي.“ (چنا ، 1990ع،ص، 126)
اڳتي هلي لکي ٿو:”مطلب هي آهي ته، صوفيائي ڪرام، وحدت الوجود جي تعبير ڪندي، واجب الوجود ذات باري تعاليٰ کي ٿا چون، ۽ ممڪن الوجود ڪائنات ۽ ان جي مظاهر کي ٿا ڪوٺين. انهن ٻنهي جو تعلق اهو ئي مقرر ڪيو اٿن. جن جو واجب ۽ ممڪن جي وچ ۾ آهي.“ (چنا، 1990ع ، ص، 128)
اهڙي طرح وحدت الوجود جي جامع تعريف ۽ تاريخ بيان ڪئي اٿس، ڇاڪاڻ جو گهڻي قدر سموري سنڌي صوفيانه شاعريءَ جو بنياد وحدت الوجود جي فڪر تي آهي.
آخر ۾ سندن ڪلام جو پورو متن، ڪافيون، بيت، وايون، سي حرفيون، مولود ، مرثيا ۽ اردو ڪلام ڏنل آهي، سندن ڪلام راڳداري جي فن موجب ترتيب ڏنل آهي، سندس ڪافي جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو:
”روئندي راتو ڏينهن، ويئي وهامي راتڙي.
آيل آريءَ ڄام جي ، ڪئي نماڻي نينهن.
ويلو ڪرنه وچ ۾، ويندي سيڻن سيئن.
آيل آرامي ٿيان، ڪوهياري ري ڪيئن.
“ امين” اوڇڻ عشق جو، جوڙي پاتائين جيئن.“
(امين، 1990ع ، ص ، 141 ، 140 )
انکان سواءِ هن ڪتاب ۾ پنج ضميما به ڏنل آهن، جيڪي هن طرح آهن.
ضميمي پهرين ۾،سندن دؤر جا همعصر شاعر ۽ سندن معاصر، سجاده نشين ۽ انگريزن جي اوائلي دؤر جا اديب، تعليمي خدمتگار، سياسي ۽ علمي ليڊر.
ضميمي ٻئي ۾، درگاهه شريف هالا جي سجاده نشين جي سنواريل لسٽ ڏنل آهي.
ضميمي ٽئين ۾، امين سائين جي خاندان جو شجرو ڏنل آهي.
ضميمي چوٿين ۾، ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌي جو ڪلام ڏنل آهي.
ضميمي پنجين ۾ مراجع ۽ ماخذات جي لسٽ ڏنل آهي.
هن ڪتاب جي مرتب چنا صاحب جي محنت جي حوالي سان ڊاڪٽر، عبدالرحمان قريشي پنهنجي پي. ايڇ. ڊي جي ٿيسز ۾ لکي ٿو ته:” هن ڪتاب جي سهيڙڻ ۾ پروفيسر محبوب علي چنا جي محنت ۽ عرق ريزي شامل آهي.ايتري قدر جوحضرت مخدوم امين جي احوال کان علاوه متقدمين، معاصرين، ۽ متاخرين جي باري ۾ به ٿورو گهڻو تفصيل ڏيندو آيو آهي، جنهن ڪري هي ڪتاب، “ڪليات امين” سان گڏ هڪ، “تذڪره شعراءِ ” به بنجي پيو آهي، هن ڪتاب ۾ مخدوم امين ۽ ٻين ڪن ممتاز همعصر شاعرن جي تحريرن جو عڪس به ڏنل آهي.”(قريشي ، 1977ع ، ص ، 409)
اهڙي طرح سان مرتب وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان، پنهنجي ڏات، فن ۽ فڪر سان سهيڙي هن ڪتاب کي نهايت سهڻي نموني سان منظرِ عام تي آندو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته:” پروفيسر محبوب علي چنا،سنڌ جي باڪمال سنڌي شاعر، مخدوم امين محمد جو ڪلام، نهايت سهڻي نموني سان مرتب ڪيائين، مخدوم امين محمد جي حسب نسب سوانح، شاعري جي فن ۽ فڪر جي ڪيترن ئي عنوانن تي نهايت تفصيل سان لکيو اٿس، نه فقط ايترو پر مخدوم صاحب جي مريدن ۽ همعصرن جو احوال به آندو اٿس.“ (ميمڻ ، 1982ع ، ص ، 73)
پروفيسر محبوب علي چنا، جي وسيع مطالعي ۽ تحقيقانه انداز متعلق، مولانا غلام محمد گرامي لکي ٿو ته:” مجموعي حيثيت سان هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ بيش بها اضافو آهي، ۽ چنا صاحب جي وسيع مطالعي ۽ تحقيق جو شاهڪار آهي. ان طرح هڪ دؤر جي مشاهير جي، پوري تاريخ پڻ هن ڪتاب ۾ سمايل آهي.“ (گرامي ، 1967ع ، ص ، 207) اهڙي طرح هن ڪتاب کي، سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت حاصل آهي ۽ ادب جي دنيا ۾ هڪ بيش بها اضافو آهي.

حوالا

1. طالب الموليٰ، محمد زمان، مخدوم: پيش لفظ ،”ڪليات امين“ ، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو ، سنڌي ادبي بورڊ ،سال 1990ع ، ص، 2،3.
2. چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو، ”ڪليات امين“ ، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ سال ، 1990، ص ، 7.
3. حوالو ساڳيو ، ص ، 126.
4. حوالو ساڳيو ، ص ، 128.
5. حوالو ساڳيو ، ص ، 141، 140.
6. قريشي عبدالرحمان ڊاڪٽر: ”سروري خاندان جون علمي، ادبي ۽ ديني خدمتون“ پي. ايڇ. ڊي ٿيسز، ريسرچ لائبريري، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ،سال، 1977ع ، ص 409.
7. ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر: مقالو، ”منهنجو مهربان، سائين محبوب علي چنا“، ”محبوب جي ياد ۾“ مرتب، پروانو سيوهاڻي، سيوهڻ، سرهاڻ پبليڪيشن، سال 1982ع ص ، 73.
8. گرامي، غلام محمد مولانا: ”تبصرو“ ، مهراڻ، رسالو، جلد 16، نمبر 4، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سال1967ع ، ص ، 207.
*

(ii) ڪليات نورل
ڪليات نورل، حاجي نورمحمد شاهه ”نورل“ جي شاعريءَ جو بياض آهي. جنهن کي پروفيسر محبوب علي چنا ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1970ع ۾، اداره صالح سيريز، حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب جو ڇپائيندڙ، سيد عبدالرحمان شاهه آهي، جيڪو حاجي نور محمد شاهه ”نورل“ جو فرزند هو. ڪليات نورل جي فهرست ۾ سڀ کان پهريان، “اظهار صالح” ايم صالح “خليق” جنهن پنهنجي اداري صالح سيريز ۽ هن ڪتاب کي منظرِ عام تي آڻڻ ۾، ٻن شخصيتن جو ذڪر ڪيو آهي، پاڻ ”اظهارِ صالح“ جي عنوان هيٺ لکي ٿو ته:
”هن بيش بها سوکڙيءَ جي اشاعت، ٻن شخصيتن جي مرهون منت آهي. هڪ عمويم، جناب الحاج سيد عبدالرحمان شاهه صاحب متعلوي جن محبت ۽ عقيدت ڪري، پنهنجي والد بزرگوار جي نادرات کي صفحه طباعت تي آڻڻ لاءِ ارادو ڪيو ۽ سڄو بار پنهنجي باهمت ڪلهن تي کنيو. ٻي شخصيت قبله محبوب سائين جن جي، جن ديس ۾ خواهه پرديس ۾ ڪليات نورل کي ڪونه وساريو ۽ پروف ريڊنگ خواه ترتيب ڏيڻ جو پورو ڪردار اداڪيو.“ (خليق ، 1970ع ، ص ، الف)
هن ڪتاب جا، ”پيش لفظ“ الحاج سيد عبدالرحمان شاهه، جن لکيا آهن. سيد عبدالرحمان شاهه، ڪتاب جي ”پيش لفظن“ ۾، ڪتاب جي مرتب پروفيسر محبوب علي چنا متعلق لکي ٿو ته: ”بابا جي دلي تمنا هوندي هئي ته، سندن حياتيءَ جو مقصد ۽ شعر سندن حياتيءَ ۾ شايع ڪرائجي، ان سلسلي ۾ پنهنجو پهريون وڏو بياض سن 1952ع ۾، منهنجي گهري گهاٽي دوست، يارغار ۽ هم ڪلاسي، محترم محبوب علي چنا، سابق پرنسپال سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۽ موجوده پرنسپال گورنمينٽ ڪاليج، جيڪب آباد جي حوالي ڪيو هئائون، جڏهن ”ادو محبوب“ هالا ڪاليج جو پرنسپال هو ته، ادي محبوب قلندرانه همت ڪري ان بياض کي صفحي جي هڪ طرف اتارڻ جو ڪم شروع ڪيو، ۽ انهيءَ تاڙ ۾ رهيا ته ان دلنواز مواد کي ڪيئن شايع ڪرائجي، پر سندن اشاعت وارو ڪم اڌورو رهيو، ڇاڪاڻ ته ادي محبوب جو راولپنڊي طرف تبادلو وچ ۾ وڏي سدِ راهه ثابت ٿيو، پر وري به آفرين هجي ادي جي مخلصانه همت کي، جو پروف اتي دور ديس ۾ گهرائيندو هو ۽ اتان اصلاح ڪري موڪليندو هو، وري سندس هت تبادلي تي، هن ڪم کي اچي تيز ڪيو ۽ سندس محنت جو ثمر موجوده ڪتاب جو قالب آهي.“ (متعلوي 1970ع ، ص - 7)
هن ڪتاب جو ديباچو به چنا صاحب پاڻ لکيو آهي، نورل سائين جي پهرين نوازش جي نظر کان وٺي، سندس فرزند سيد عبدالرحمان شاهه سان دلي گهرائپ، سائين نورل سائين سان ذڪر، فڪر جون ڳالهيون، سندس ڪلام جي روحانيت، عرفان ۽ معرفت، چنا صاحب جي دل کي اهڙو ته اثرانداز ڪري ڇڏيو، جو نورل سائين جي ڪلام کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جو پڪو ارادو ڪيو، پاڻ پنهنجي هن ديباچي ۾ هن طرح لکن ٿا ته:
”بنده تي قبله مرحوم نورل سائين جي نوازش جي نظر انهيءَ سمي کان وٺي هئي، جڏهن مان برادرم حاجي عبدالرحمان شاهه سان گڏ پڙهندو هوس، هي ,361935ع جو زمانو هو. اسان ٻئي مرحوم چاچا نور محمّد جي زيرِ نظر، نور محمد هاءِ اسڪول ۾ زيرِ تعليم هئاسين. جڏهن سندس فرزند عبدالرحمان شاهه، ڪراچيءَ ۾ انجنيئرنگ پڙهڻ ويو، تڏهن به منهنجون سندس سان رهاڻيون ٿينديون هيون، ۽ اتي قبلا مرحوم نورل سائين سان به ذڪر ۽ فڪر جون ڳالهيون هلنديون هيون. انهن قربدار گهڙين ۾، سندس اشعار به ٻڌبا هئا، مان انهن کي سڻي، هِنئن سان هنڊائي، ڏاڍو گدگد ٿيندو هوس، جنهن ڪلام ۾ روحانيت، عرفان، معرفت هجي، ان جو اثر، هر سنگِ خار جهڙي دل کي به موم بنائي ڇڏيندو هو.“
پاڻ وڌيڪ لکن ٿا ته، ” 1951ع ۾ سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ پرنسپال ٿيس ته مذڪور ارادو مصمم ٿيو ۽ ان ڪري سائين وڏن کان سندن بياض نقل ڪرڻ لاءِ ورتم، ڇو ته اها آرزو دل ۾ هئي ته ڪو نه ڪو موقعو پيدا ٿئي ته، هي ڪلام روحاني پيام ڇپائي ديس واسين آڏو پيش ڪندس.“ (چنا ، 1970ع ، ص ،ح )
اهڙيءَ طرح سروري اسلاميه ڪاليج جي اداري طرفان، پهرين ”سروري مخزن“ 52-1951ع ۾، سندس ڪافي بعنوان ”سڄڻ جا سور سهه سهه سهه“ شايع ڪرائي وئي، جنهن ۾ سيد نور محمد شاهه ”نورل“ جو مختصر تعارف به ڪرايو ويو.
چنا صاحب، انهيءَ ڳالهه جو به اظهار ڪيو آهي ته:” 1955ع ۾، نورل سائين مونکي هڪ منظوم خط لکيو، جنهن ۾ ڪلام شايع ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيل هئي، جيڪو ٻين خطن سان گڏجي ويو ۽ منهنجي ذهن تان به لهي ويو، پوءِ جڏهن منهنجي ملاقات، نورل سائين جي پٽ سيد عبدالرحمان سان 1968ع ۾ ٿي ته، ان مونکي سائين جا سڀ ڪتاب ڏنا، ان پراڻي بياض ۾ خط ڏٺو جو سائين اتاري ڇڏيو هو. ان خط جو به چنا صاحب ديباچه ۾ ذڪر آندو آهي.“
”تاريخ 3 جنوري 1955ع ۾، جناب مسٽر ميان محبوب علي چنا، پرنسپال ڪاليج سروري هالا نوان ڏانهن خط، لکيم، جنهن جا ڪجهه ٽڪرا لکان ٿو، وٽس منهنجي اڀري شعر جو بياض آهي، جنهن لاءِ فرمايو هئائين ته اتاريان پيو اميد آهي ته ڇپارائيندس، ان کي لکيم ته منهنجي حياتيءَ ۾، اهو ڪم ٿيندو يا مون کان پوءِ يا اچي ڪندا ڪوه، مُئي پڄاڻان مون پرين وارو ليکو ٿيندو.“ (نورل ، 1970ع ، ص ، ط)
هن ڳالهه مان خبر پوي ٿي ته، سائين نورل سائين کي پنهنجي شايع ٿيل ڪلام کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو، پر افسوس جو هن بزرگ سان زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ پنهنجو شايع ٿيل ڪليات، نه ڏسي سگهيو.
ڪليات نورل جي جائزي وٺڻ کانپوءِ خبرپوي ٿي ته، هي ڪليات سورنهن عنوانن ۾ ورهايل آهي، هرڪنهن ڪتاب جو آغاز خلقڻهار جي نالي سان ڪيو ويندو آهي، ان ڪري هن ڪتاب ۾ به ڪلام جو حمد، مناجات باري تعاليٰ تي مشتمل آهي ان کي ”فنافي الله“ جي عنوان ۾ مندرج ڪيو ويو آهي. ان کانپوءِ اسانجي برگزيده رسول فخر موجودات صلي الله عليه وآله وسلم جو وارو آهي، ان ڪري هن ڪلام ۾ نعتون ۽ مولود ان ضمن ۾ آندا ويا آهن. نورل سائين جي مام واري مرشد کيس محبت ۽ عشق جي نهائين ۾ پچائي رتو لعل ڪيو، ان ڪري ٽيون عنوان ”فنافي المرشد“ جو آهي.
”مدحيات“ به سنڌي ڪلام جي هاڪ ڀري ۽ عوامي صنف آهي، هن ۾ به نورل سائين جا دلچسپ عنوان آندل آهن، جن مان نورل سائين جي مذهب دوستي، حب الوطني، ۽ انساني همدردي ظاهر آهي. اسان جي عوامي ادب ۾، سي حرفيون به پنهنجو اعليٰ مقام ولارين ٿيون، جيڪي به الله وارا شاعر ٿي گذريا آهن، تن پنهنجي اندر جا درديلا آلاپ سي حرفين ذريعي ظاهر ڪيا آهن، سائين نورل سائين به انهن مان هڪ آهي.
”مثنويات“ ، هن ۾ ڪلام جو ڪريماڻو حصو ڏنو ويو آهي. سندس ڪلام ۾ قصيدا به ملن ٿا، پاڻ ٻين شاعرن وانگر خوب قصيدا چيا اٿن. جيئن ته شاهه صاحب مرحوم جن صاحب درد هئا. تيئن انهن جي درديلي دل جي پهلوءَ ۾ امام حسين عه جي شهادت عظميٰ جي دردناڪ واقعي جي لاءِ ضرور جاءِ هوندي، تنهنڪري پاڻ ”مرثيا“ به چيا آهن، اهڙي طرح سان سندس ڪلام ۾ “ڪافيون” به ڏنل آهن، “ڪليات نورل” جو وڏو حصو هن صنف جي نذر آهي.
مثال طور:
”سڄڻ لاءِ سانڍيو وتان سور ڙي،
ملي محب ڪريان سو مذڪور ڙي“
(نورل ، 1970ع ، ص ، س)
اسان جي ديس جا شاعر، ”ڪافي“ کي وصال جو وسيلو ۽ هجر جي داغ جو مرهم تصور ڪندا آهن. محبوب جي ساراهه، هجر جا تجربا، بي بس حالات، محبوب جي بي پرواهي ۽ بي رخي وغيره، مطلب ته عجيب و غريب احساسات ۽ جذبات جو موقعو آهي. سائين نورل سائين جي ڪافي به هڪ لاجواب ڪافي آهي ۽ هرڪنهن مذڪور صنعت مان سينگاريل آهي. نورل سائين ڪافي گو شاعرن جي پهرين صف ۾ جاءِ ولاري سگهي ٿو. ان کانپوءِ سندس موزون ڪلام، ”غزليات“آهي. غزليات کانسواءِ، شاهه صاحب موزون ڪلام جي ٻين صفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي، جهڙوڪ ”رباعيات“ ، ”قطعات“، ”افراد“ هنن ٽنهي عنوانن ۾، شاهه صاحب جو ٿورو شعر ملي ٿو، اهڙيءَ طرح هڪ عنوان ”منظوم خطن“ جي حوالي سان به ڏنل آهي، ان کانپوءِ وفات جي تاريخن، تي هڪ عنوان مشتمل آهي. مثلاً، هن عنوان ۾ شاهه صاحب ڪن دردناڪ موتن تي تاريخون لکيون آهن، يا مسجد شريف جي بنياد جي تاريخ يا جاءِ ٺهڻ جي تاريخ وغيره ، لکيون آهن. هن کانپوءِ شاهه صاحب جو متفرقه ”فارسي ڪلام“ به ڏنل آهي.
سندس فارسي ڪلام جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته:” فارسي دان حضرات کي معلوم ٿيندو ته، شاهه صاحب جو فارسي ڪلام، ”بلبلان فارس“ جي ڪلامن سان همسيري ضرور نه ڪندو. پر ته به ان جي ڪلام ۾ درد آهي. سوز آهي ۽ ساز آهي، ڪن ڪن هنڌن تي، شاهه صاحب قديم فارسي کي چڱي طرح سنواريو آهي، ڇو ته پاڻ مدرسي ۽ مڪتبي فارسي سکيائون ۽ وڏن وڏن استادن سامهون زانويء تلمذ طئي ڪيائون. ان حالات ۾ اگر فارسي تي طبع آزمائي ڪيائون ته بلڪل بجا هئي، بهر صورت شاهه صاحب اهو فطري شاعر هو، جنهن پاڻ کي هر صنف تي آزمائي، هڪ عوامي شاعر سڏائڻ جو دعويدار بنيو.“ (چنا، 1970ع ، ص ، ف)
ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، سائين نورل جن، فارسي ٻولي ۾ به وڏي مهارت رکندڙ هئا. آخر ۾ ٽي ضميما به ڏنل آهن.
ضميمو پهريون: شجره نسب، ضميمو ٻيون: قطعه تاريخ طباعت جناب اوستو غلام حسين، ”حسين“ ، ضميمو ٽيون: غلط نامو.
هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ اها خبر پوي ٿي ته، مرحوم سائين نور محمد شاهه “نورل ” تي، اسلامي رنگ جو اثر ڪجهه زياده هو، پاڻ به هڪ مذهبي، ماڻهو هو. پنهنجي ڪلام ۾ فنا في الله، جل جلاله، فنا في الرسول، فنا في المرشد جهڙيون صنفون آڻي خداوند ڪريم جي جلالت ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو شان مٺي انداز سان پيش ڪيو آهي، فنا في المرشد ۾ هن صاحب هر ڀٽڪيل انسان کي صحيح رستو ڏيکارڻ ، هن دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ خدا کي راضي ڪرڻ لاءِ رهبر ۽ رهنماءِ جو هجڻ ضروري سمجهي ٿو. سندس ڪلام ۾ جيڪي به شاعري جون صنفون ملن ٿيون، انهن ما ن خبر پوي ٿي ته، شاعري ۾ سندس انهن صنفن تي عبور حاصل هو. مطلب ته هي ڪتاب، علمي، ادبي ۽ اخلاقي حوالي سان، سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.

حوالا

1. “خليق” ايم صالح : اظهار صالح ، ”ڪليات نورل“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا ،حيدرآباد ،اداره صالح سيريز، لطيف آباد ، سال 1970ع ص ، الف.
2. متعلوي، عبدالرحمان، سيد: پيش لفظ،”ڪليات نورل“، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدر آباد ،اداره صالح سيريز، لطيف آباد ،سال ، 1970ع ص، 7 .
3. چنا، محبوب علي ، پروفيسر: ديباچو، ”ڪليات نورل“، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدر آباد ،اداره صالح سيريز، لطيف آباد سال ، 1970ع ، ص، ح.
4. نورل، سيد نور محمد شاهه: ”ڪليات نورل“ ، مرتب ،پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، اداره صالح سيريزلطيف آباد ،سال ،1970ع _ ط.
5. حواالو ساڳيو ، ص .
6. چنا، محبوب علي پروفيسر: مرتب، ”ڪليات نورل“ ،حيدرآباد، اداره صالح سيريز، ليطف آباد سال، 1970ع ، ص ، ف.
*
(iii) ڪچڪول طالب الموليٰ
هي ڪتاب، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جي، 1955ع کان اڳ جي چيل ڪافين، بيتن ۽ سنڌي، اردو ۽ فارسي غزلن جو مجموعو آهي. جنهن جي ترتيب پروفيسر محبوب علي چنا جن ڏني آهي.
هي ڪتاب، ”بزم سروري“، سروري ڪاليج جي مطبوعات جو سلسلو پهريون آهي. هن ڪتاب جو شايع ڪندڙ، محمد بچل “محبوب ” هوسڙي وارو، سيڪريٽري ”بزم- سروري “ ، سنڌي سروري اسلاميه ڪاليج هالا سنڌ، طرفان شايع ڪيو. هي ڪتاب پهريون دفعو 1955ع ۾ شايع ٿيو. محمد بچل ”محبوب“ هوسڙي وارو، جيڪو ان وقت هالا ڪاليج ۾ انٽر آرٽس جو شاگرد هو ۽ ”بزم سروري“ جو سيڪريٽري به هو ان ”شڪريو“ ، عنوان هيٺ پنهنجا چند ڪلمات پيش ڪيا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:
” مان اڄ مسرت ۽ بهجت جي عالم ۾ هي اعلان ڪرڻ نهايت موزون ٿو سمجهان ته، قبله عالي جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي سرپرستي هيٺ ۽ محترم استاد محبوب علي چنا پرنسپال صاحب جي صدارت هيٺ، ”بزم سروري“ ان لائق ٿي آهي، جو هن کي قبله طالب الموليٰ سائين جي نادر ڪلام، مسرت انجام جي شايع ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي، هن دلچسپ ڪتاب جي اشاعت جو سمورو خرچ قبله طالب الموليٰ سائين جن ڪيو آهي، جيڪڏهن پاڻ اهو بار برداشت نه ڪن ها ته هي ڪتاب سطح طباعت تي نه اچي ها، هن ڪري مان پنهنجي بزم جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران، قبله طالب الموليٰ سائين جن جو عقيدت مندانه شڪريو بجا آڻيان ٿو، شال رب ڪريم کين دراز عمر عنايت ڪري، جيئن سنڌ جون ادبي محفلون آباد و شاد ٿينديون رهن.“ (محبوب ، 1955ع ، ص ، 2)
ان کان پوءِ تفصيل سجاده نشين درگاهه شريف، حضرت غوث الحق مخدوم نوح کان وٺي، 17 نمبر سجاده نشين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ تائين ڏنل لسٽ آهي. جنهن کانپوءِ مؤلف جي طرفان ڪتاب جو ديباچو پيش ڪيل آهي، چنا صاحب ديباچه ۾ تاليف جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿو ته:” بندي جي طالب الموليٰ سائين سان ڏيٺ ويٺ، ”آل يارهين سنڌ ادبي ڪانفرنس“ ، حيدرآباد جي موقعي تي 1950ع تي، جا ڪانفرنس سندن زيرسايه منعقد ٿي رهي هئي، بندي کي، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”ّخليل“ صاحب جي يادگيريءَ طفيل، استقباليه ڪاميٽي جو ميمبر ڪيو ويو هو. جڏهن بندي سروري اسلاميه ڪاليج جي پهرين پرنسپالي جون واڳون، 25 مئي 1951ع ۾ ورتيون، ان وقت کان وٺي منهنجي قلب ۾ هي خيال قراريو ته، جيئن قدرت هن سروري خاندان جي يڪتا شخصيت سان قرب ۽ قريبيءَ جو لياڪو لڙايو آهي ته، هن سعيد خاندان جي ادبي تاريخي ڪارنامن جو ذڪر ڪرڻ ۽ انهن جي اشاعت ڪرڻ نهايت ضروري آهي. هن خيال کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ، ”سروري مخزن“ کي انهن نادر احوالن جي اشاعت لاءِ بهترين ذريعو سمجهي، پهرين ئي پرچي جي طباعت سان اهو ڪم شروع ڪري ڏنم، ڪاليج جي پڌرنامي جي شايع ڪرڻ وقت به هن خاندان جي چند ميمبرن جو ذڪر خير ڏنم، ”ماهنامه فردوس“ ۾، هڪ مضمون بعنوان ”رتيءَ جي رهاڻ“ شايع ڪرايو هوم، جنهن ۾ سائين پکن ڌڻيءَ جي حياتي ۽ ڪلام جو ذڪر ڪيو هوم، ان بعد ان ديرينه آرزو جي عملي تصوير، موجوده ڪتاب ”ڪچڪول طالب الموليٰ“ جي تاليف آهي. جا مذڪور ”رتيءَ جي رهاڻ ”“يا ”ذوق واري ذري“ جي زير اثر آهي.“ (چنا، 1955، ص ، 6 ، 5)
جيئن شروع ۾ به، لطيف سائين جي سٽن ”رتي جي رهاڻ ، جيءَ اڙايم جت سين“ تمام گهڻو اثر ڪيو، ”جيئن جيءَ جڙايم جت سين“ چنا صاحب جو جيءَ به، مخدوم نوح جي خاندان سان ائين اڙجي ويو، ۽ پاڻ وقت بوقت هن خاندان متعلق بزرگ هستين تي لکندو رهيو. اهڙي طرح چنا صاحب ڪچڪول لفظ جي ڌاتوءَ جي لغاتي تحقيق مختلف احوالن سان ظاهر ڪئي آهي. جيئن پاڻ ڪچڪول متعلق لکي ٿوته:
”هي لفظ سنڌ جي عوام ۾ عام زد - عام فهم ۽ عام مستعمل آهي، دريائي ناريل مان جڙيل ڪاري ڪشتي کي، “ڪچڪول” چوندا آهن، هي ساميڙن جو ساٿي، گاروڙن جو گاڏو ۽ فقيرن جو رنبيل آهي.“ (چنا ، 1955ع ، ص - 7)
اهڙي طرح سان هن لفظ کي، فارسي اکر ”ڪشڪول“ جي ڦريل صورت تصور ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ديباچه ۾ چنا صاحب ڪتاب جي ترتيب بابت لکي ٿو ته:
”اسان ”ڪچڪول طالب الموليٰ“، قارئين ڪرام جي اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌ جي ادب نواز شخصيت ۽ قادرالڪلام شاعر، قبله مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جي ڪلام جو مرقعو آهي، هن ۾ اوهان کي غير موزون سنڌي ڪلام، فارسي ۽ اردو موزون ڪلام سان گڏ ڦلهايو نظر ايندو ، فارسي ۽ اردو جو ڳچ ڪلام، طالب الموليٰ سائين جي شاعريءَ جي ابتدائي دؤر جو آهي ۽ ان کي محفوظ رکڻ جي خاطر، بندي گهڻي اصرار تي اشاعت لاءِ مندرج ڪيو ويو آهي، سٽا جي سموهڻ ۽ سهيڙڻ جي خيال کان هي ڪتاب پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ۽ هن ۾ ادب جي مشتاقن کي ڪي ضروري اهڙا نڪتا هٿ ايندا جي، اڳ وارن تاليف ڪيل ڪتابن ۾ نه هوندا ۽ جن جي طفيل هي ڪتاب، ڪلام جي ڪچڪولن جي سرموڙ ۽ بياضن جو بدرقه ثابت ٿيندو.“ (چنا ، 1955ع ، ص ،14)
اهڙيءَ طرح ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، مخدوم صاحب جو هي ڪچڪول پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي، هن ڪلام جو پهريون ڀاڱو ”ڪافين“ متعلق آهي، جنهن ۾ سنڌي ڪافيون سروار ڏنل آهن، اهي سروري علم سنگيت (موسيقي) جي وقتن پٽاندار ڏنا ويا آهن، ڪتاب ۾ ڏنل هي سر واري ترتيب، سائين طالب الموليٰ جي علم موسيقيءَ جي مهارت جو ادنيٰ نتيجو آهي، ڪل چوڏهن سر آيل آهن. ”آسا“ جي صبوحي سُرَ کان قصو شروع ٿئي ٿو ۽ درباري سُرَ تي ختم ٿئي ٿو. سندس ڪچڪول ۾، سنڌي سرائڪي بيت به آيل آهن، جن ۾ ٽي سُرَ ڏنل آهن، هڪ مارئي، ٻيو سسئي جو، ٽيون سهڻي، ان بعد چوٿين نمبر تي مُتفرقا ابيات جو حصو اچي وڃي ٿو. اهڙي طرح سان ”سي حرفيون“ يا ٽيهه اکريون به ڏنل آهن جنهن ۾ ڪيترائي صوفيانه نڪتا، قرآن شريف جون آيتون، حديث شريف، تمام سهڻي نموني ۾ بيان ڪيون ويون آهن، اردو ڪلام به ڏنو ويو آهي، جو سندن ابتدائي شاعري جي شعله افشاني جو مظهر آهي.
ان کان پوءِ فارسي ڪلام به مندرج ڪيل آهي جنهن ۾ قديم فارسي محاورن ۽ ترڪيبن جي تار ڳتيل معلوم ٿيندي، هن ۾ سڀ کان پهرين غزليات، قطعات، رباعيات ۽ افراد ڏنل آهن، ان کانپوءِ قطعات، تاريخ، تاليف ڪچڪول ۽ صحت نامه ڏنل آهي. هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت متعلق ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي پي.ايڇ.ڊي ٿيسز ۾ لکي ٿو ته: ” سروري خاندان جي خدمتن کي ريسرچ لاءِ هي ڪتاب گهڻو مدد گار ثابت ٿيو آهي، منجهس مخدوم طالب الموليٰ جن جي سوانح حيات تفصيل سان ڏنل آهي ۽ ڪتاب جي مقدمي ۽ ديباچي ۾، طالب الموليٰ جي شاعري ۽ فن بابت ڪافي مواد موجود آهي، هي پهريون شعري مجموعو آهي جيڪو موسيقي جي اصولن موجب رٿيل آهي ۽ هر هڪ سر، راڳڻي لاءِ جداجدا مهلن ۽ وقتن لاءِ، جداجدا مضمونن موجب ترتيب ڏنل آهي.“ (قريشي، 1977ع، ص، 410)
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي جائزي وٺڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته مخدوم طالب الموليٰ سائين سنڌ جي نه رڳو روحاني شخصيت هو، پر پاڻ علم ۽ ادب جو بي بها موتي هو، ڪشڪول ۾، سندن ذهني معلومات علمي، ادبي ۽ اخلاقي گڻن جي خبر پوي ٿي، پر پاڻ ڪتاب ۾، جيڪي به شاعريءَ جون صنفون آنديون اٿن، انهن ۾ ”ڪافي“ ۽ “بيت” جهڙي مقبوليت، ڪنهن کي به نصيب نه ٿي. پاڻ واقع نگاري، سوز گداز، نازڪ خيالي، تسلسل جوش ۽ رواني تصوف، جهڙين حقيقتن کان چڱي طرف واقف هئا، سندن علمي، ادبي، ذهني اوسر بلند هئي، سندن متفرقه ڪلام اهڙو ڪلام آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ بقا جو ضامن بڻجي ٿو، پاڻ پنهنجي ڪلام ۾ سڀني روحاني رازن سان گڏ، ماضي توڙي حال جي حقيقت جي ضرورتن کي ورجائيندو رهيو آهي.

حوالا

(1) ”محبوب “، محمد بچل: شڪريو ،”ڪچڪول طالب الموليٰ“ مؤلف، محبوب علي چنا، سيوهاڻي ”بزم سروري“ هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال. 1955ع ، ص ، 2.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ديباچو،”ڪچڪول طالب الموليٰ“ مؤلف، محبوب علي چنا سيوهاڻي،”بزم سروري“ هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال - 1955ع، ص-6،5.
(3) حوالو ساڳيو ، ص ، 7.
(4) قريشي، عبدالرحمان ڊاڪٽر: ”سروري خاندان جون علمي، ادبي ۽ ديني خدمتون“، پي.ايڇ.ڊي ٿيسز، ريسرچ لائبريري ،انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سال - 1977ع، ص ،410.
*

(iv) لطيفي لنؤ
پروفيسر محبوب علي چنا سنڌي ادب جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، اهڙي طرح هن لطيفات تي به ڪافي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن، جيڪي مختلف رسالن ۽ مخزنن ۾ شايع ٿيل آهن.
چنا صاحب، جڏهن 1948ع کان 1951ع تائين، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾، فارسي ۽ سنڌي جو ليڪچرر مقرر هو، تڏهن هن ڪاليج ۾، پاڻ ”بزم لطيف“ جو بنياد وڌو ۽ پاڻ انجا صدر مقرر ٿيا، پاڻ بزم لطيف ذريعي استادن، اديبن ۽ شاگردن جا مضمون شايع ڪرائيندا رهندا هئا. هن کان اڳ بزم لطيف جي رسالي، ” لطيف نمبر“ شايع ڪرايو هو، جنهن کان پوءِ 1951ع ۾، ”لطيفي لنؤ“ جي عنوان هيٺ، هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو، ”لطيفي لنؤ“، جو هي ڀاڱو پهريون ڏنل آهي، ۽ هن ڪتاب جو مؤلف پروفيسر محبوب علي چنا آهي ۽ هي ڪتاب بزم لطيف گورنمينٽ ڪاليج حيدر آباد سنڌ جو، ٽرئڪٽ نمبر پهريون آهي. هن ڪتاب ۾ مؤلف جي طرفان مقدمو ڏنل آهي، جنهن ۾ ”بزم لطيف“ جي ڪاوشن کي ساراهيو ويو آهي، جنهن جي طفيل هي ڪتاب منظرِعام تي آيو، مقدمي جي آخر ۾، چنا صاحب، شاگرد ن جي عقيدتمندي جي حوالي سان لکي ٿو ته: ” اميد ته هي لطيفي لنؤ شاگردن جي عقيدتمندي جو گلدسته، شاهه صاحب جي شائقن لاءِ سلوڻي سوکڙي ثابت ٿيندو.” (چنا، 1951ع ، ص ، ب)
اهڙي طرح سان هن ڪتاب ۾ ڪاليج جي بي.اي جي، سينيئر شاگرد شيخ علي نواز جو لکيل مضمون بعنوان شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه (ان جي زندگي ۽ فلسفي تي تبصرو) شامل ڪيل آهي، هن مفصل مضمون ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سوانح بيان ڪيل آهي ۽ شاهه لطيف جي فلسفي جي حوالي سان مثالن جي ذريعي تبصرو ڪيل آهي.
مثال طور: سندس ڪلام تصوف جي کاڻ آهي ۽ معرفت الاهي جو مخزن آهي، پاڻ سچ چيواٿن ته:
”جي تون بيت ڀائين، سي آيتون آهين،
نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي“
ڪتاب ۾ شامل ڪيل ٻيو مضمون، ڪتاب جي مؤلف پروفيسر محبوب علي چنا جو بعنوان، “شاهه صاحب جو شعر ۽ ان جي اشاعت” شامل ڪيل آهي. شاهه صاحب جي شعر متعلق مؤلف لکي ٿو ته:” شاهه صاحب جو پيغام، اهل بصر وارن لاءِ سراپا راز آهي، مگر طالبن لاءِ خدائي محبت جو آغاز، قرآني حقائق جو تفسير سنت نبوي جو سرچشمو تصوف جي ڳوڙهن نڪتن سان لبالب ٿيل ڀنڊار ۽ معرفت جي راهه جو مشعل آهي.“ (چنا، 1951ع ، ص ، 26 ، 25 )
ان کان پوءِ چنا صاحب، انهن ڪتابن ۽ ليکڪن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ڪتابن ۾ شاهه صاحب جو ذڪر اچي وڃي ٿو، جيئن پهرين شاهه صاحب جي همعصر، مير علي شير قانع ٺٽوي جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ ۾ ذڪر ملي ٿو، ان کانپوءِ ٻين عالمن جهڙوڪ: سر رچرڊ برٽن، سر بارٽل فريئر، مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي وغيره ۽ ڪجهه تاريخن جي ڪتابن ۾ به ذڪر ملي ٿو.
اهڙي طرح سان ”شاهه جي رسالي ۾ توحيد جو مفهوم“ جي عنوان سان لسانيات جي ماهر، پروفيسر علي نواز جتوئي جو مضمون ڏنل آهي، هن مفصل مضمون ۾، جنهن جو شاهه جي رسالي سان تعلق آهي اهو آهي ”هم اوست وارو توحيد جو مفهوم“، پروفيسر علي نواز جتوئي توحيد جي مفهوم جي حوالي سان لکي ٿو ته:” توحيد جي تقاضا هيءَ آهي ته، الله پاڪ جي هستي هوندي، ٻئي جو قائل نه ٿجي، پاڙون، پن وغيره سڀ وڻ جي وجود ۾ ئي سمايل آهن، ڪوبه عاقل انسان انهن جي وجود کي الڳ تسليم نٿو ڪري اهي سڀ قائم آهن. وڻ جي جامع حقيقيت سان جو انهن مڙني جو مرڪزي وجود آهي، بلڪل اهڙي طرح ڪُلي ڪائنات جو مرڪزي وجود واحد الله آهي، جنهن ڪري هر ڪا شي موجود آهي، شاهه ڀٽائي رحه انهي راز کي ”سڏ“ ۽ ” پڙاڏي “ جي نسبت سان هن طرح کوليو آهي.”
”پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين،
هئا اڳ ۾ گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.“
(جتوئي ، 1951ع ، ص ، 49 ، 48)
مطلب ته الله جي هستي هوندي، ٻئي جي اڳيان نه جهڪجي، وڻ جو پن به الله جي حڪم کانسواءِ نٿو چُري سگهي.
”سر سهڻي“، جي عنوان سان، هڪ مضمون، سنڌ جي نامور اديب، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي جو شامل ڪيل آهي، جنهن ۾ شاهه جي سورمي “سهڻي” جي ڪردار، بهادري، منظر نگاري وغيره بابت مثالن ذريعي، مفصل نموني ذڪر ڪيو آهي.
مثال طور: سهڻي جي فطرت نگاري جي حوالي سان لکي ٿو ته:” سهڻي جو درياءُ ۾ گهڙڻ جو وقت نما شام آهي، جڏهن ٻانگ ٻڌبي آهي، پکي سڀ موٽي وڃي پنهنجن آکيرن ۾ آرامي ٿيندا آهن، شاهه صاحب اهو نظارو صفائيءَ سان هيئن ٿو پيش ڪري:

” وڻن ويٺا ڪانگ، وچين ٿي ويلا ڪري،
گهڙي گهڙو هٿ ڪري، سُڻي سانجهي ٻانگ،
سيئي ڍونڍي سانگ، جتي ساهڙ سپرين.“
(آڏواڻي 1951ع ، ص ، 61)
مطلب ته سهڻي جي گهڙي کڻڻ کان وٺي دريائي منظر ۽ ٻڏڻ جي منظرنگاري کي بهترين نموني سان پيش ڪيو اٿس. ڪتاب ۾ شامل ڪيل آخري مضمون بعنوان ” شاهه صاحب جا حياتيءَ جي راز بابت تاثرات“ جيڪو بي.اي جي شاگردياڻي، مس اي _ ايم عباسي جو لکيل آهي، هن مضمون ۾ انسان جي زندگي جي رازن بابت ڪامل مرشد لطيف سائين جا مثال ڏيئي، انسان کي صحيح رستي تي هلڻ لاءَ هدايتون ڪيون ويون آهن.مثلاً: پاڻ لکي ٿي ته:”شاهه صاحب انسان کي مختلف صورتن ۾، تصور ڪري سوز ۽ ساز سان ظاهر ڪيو آهي. هي بي بقا دنيا کي هڪ اونهو بحر سمجهي ٿو ۽ انسان جي بدن کي هڪ ڪشتي مثل سمجهي ٿو ۽ ان کي سمجهائي ٿو ته، جسم ۽ جان کي ڌوئي صاف ڪري حرصن حوسن کان پاڪ ڪري، هڪ ڪامل ڪشتيبان جي حوالي ڪري، جو مرشد جي صورت ۾ سندس دل کي معرفت جي موتين سان معمور ڪري، لهرن لوڏن کان بچائي مشاهدو ماڻيندو.“
مثال:
مان پڇنئي سپرين چت ۾ رکج چيت،
سڙهه ڌئاري صاف ڪر، صابڻ ساڻ سپيت،
سامونڊي سچيت ٿي ته، پهچين پار کي.
(عباسي ، 1951ع ، ص ، 78)
سرسريراڳ مان هي مثال ڏيئي، انسان کي هدايت ڪئي وئي آهي ته پنهنجي اندر مان ميرپائي ۽ ڪٽ کي يعني حرص ۽ حوسن کي ختم ڪري، پنهنجو اندر پاڪ ۽ صاف رکجي ، ته پوءِ انسان جي پوري زندگي ۾ ڪي به لهرون ۽ لوڏا نه ايندا.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ جيڪي به مضمون شامل ڪيا ويا آهن، سي لطيف سائين جي هر پهلو کي اجاگر ڪن ٿا ۽ لطيفي معلومات ۾ اضافو پڻ ڪن ٿا. ان ڳالهه مان به ظاهر ٿئي ٿو ته، چنا صاحب پنهنجي دؤر ۾ جن به ڪاليجن ۾ سربراهه ٿي رهيا، ته اتي نه صرف پاڻ مختلف عنوانن تي مضمون ۽ مقالا لکيائون، پر شاگردن کي به مضمون لکڻ لاءِ همٿايائون. جن جو ثبوت هن ڪتاب جي ٻن مضمونن ۾ ملي ٿو، سندس ڪاوشن سان اهڙن ڪاليجن مان مختلف رسالا، مخزن، لطيف نمبر نڪرندا رهيا، جن ۾اهي خوبصورت مضمون ۽ مقالا، شايع ڪرائي ، سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪندو رهيو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي پروفيسر: مقدمه، ”لطيفي لنؤ “، مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، بزم لطيف ،گورنمينٽ ڪاليج، سال _ 1951ع ، ص، ب.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو،” شاهه صاحب جو شعر ۽ ان جي اشاعت“ ”لطيفي لنؤ“، مؤلف پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد ،بزم لطيف،گورنمينٽ ڪاليج، سال.1951ع ، ص ، 26، 25 .
(3) جتوئي، علي نواز، پروفيسر: مقالو، ”شاهه جي رسالي ۾ توحيد جو مفهوم“، ”لطيفي لنؤ“، مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، بزم لطيف، گورنمينٽ ڪاليج، سال _ 1951ع ، ص ، 48،49.
(4) آڏواڻي، ڪلياڻ، پروفيسر: مقالو ، ”سرسهڻي“، ”لطيفي لنؤ“ مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد ، بزم لطيف ،گورنمينٽ ڪاليج ، سال - 1951ع ، ص ،61.
(5) عباسي، مس. اي-ايم: مقالو، ”شاهه صاحب جاحياتيءَ جي راز بابت تاثرات“، ”لطيفي لنؤ“، مؤلف، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، بزم لطيف ،گورنمينٽ ڪاليج، سال- 1951ع، ص-78.

(v) مسلمانن جي شاديءَ جو قانون
سماجي بهبود جي مسئلن جي حوالي سان هي ڪتاب پروفيسر محبوب علي چنا جو قانوني ڄاڻ متعلق ترتيب ڏنل آهي، جيڪو 1961ع ۾، شيخ پبليڪيشن، گدو روڊ حيدرآباد وارن شايع ڪرايو 36 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، آرڊيننس، قاعدا ۽ ٻي ضروري معلومات متعلق پيش ڪيل آهي. هن ڪتاب جا ٻه اکر ان وقت جي صدر پاڪستان، فيلڊ مارشل محمد ايوب ۽ مفتي محمد شفيع جي نالي مڪتوب ڏنل آهي.
اسانجي سماج اندر، مردن ۽ خاص طور تي عورتن جي وچ ۾ جيڪي مسئلا پيدا ٿين ٿا. مثلاً: شادي، نڪاح، طلاق، کاڌ، خوراڪ ۽ گهڻين شادين ڪرڻ جي مسئلن، گهڻي وقت کان مونجهارو پيدا ڪيو آهي، انهن مسئلن جي جاچ پڙتال ۽ درستين ڪرڻ لاءِ، سرڪار طرفان قانون جي ماهرن ۽ ٻين سماجي ڪارڪنن طرفان، هڪ ڪميشن جوڙي وئي. پروفيسر محبوب علي چنا “مسلم خانداني قانون” جي عنوان هيٺ لکي ٿو:”سن 1956ع جي پڇاڙيءَ ڌاري هڪ ڪميشن ٺاهي وئي، جا ڪن قانون جي ماهرن، اسلامي مفڪرن ۽ وڏن سماجي ڪارڪنن تي مشتمل هئي، ڪميشن جملي حالات ۽ سمورن ڪمن جو نهايت غور سان مطالع ڪرڻ بعد ضروري سفارشون، مرتب ڪيون، انهن سفارشن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پاڪستان جي صدر، تاريخ 2 مارچ 1961ع تي، مسلم خانداني قانونن جو آرڊيننس جاري ڪيو،“ (چنا، 1961ع، ص، 2-1)
اهڙيءَ طرح هن آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ، سڄي پاڪستان ۾ عمل شروع ٿي ويو، جنهن ۾ نڪاح نامه ۽ ٻيا لائسنس رجسٽرار جا فارم به جاري ٿيا، ان کانپوءِ عام ماڻهن جي واقفيت جي لاءِ نون قاعدن جي متعلق ضروري معلومات، آرڊيننسس قاعدا ۽ نڪاح نامه هن ڪتاب جي شڪل ۾ شايع ڪيا ويا.
هن قانون جي ماتحت بنيادي جمهوريتن جي چيئرمين کي اهم ذميداريون سونپيون ويون، جن جو ڪم هوندو هو ته اهي سماج اندر جيڪي مسئلا پيدا ٿين ته، چيئرمين پنچائتي يونين ڪائونسلن جي ذريعي انهن مئسلن کي حل ڪن. جڏهن ته انهن يونين ڪائونسلن ۾ ٽي ادارا اهم هوندا. يعني هڪ يونين ڪائونسلون، ٻيو ٽائون ڪاميٽيون، ٽيون يونين ڪاميٽيون. اهڙي طرح سان جيڪي نوان قانون ۽ قاعدا نافذ ڪيا ويا، انهن نون قانونن جا اهم مقصد هي آهن.
”(1) شاديءَ جي رجسٽريشن، يعني مڪمل رڪارڊ، هڪ قانوني دستاويز جي صورت ۾ محفوظ رکڻ.
(2) هڪ کان وڌيڪ، شادين تي شريعت جي قانون موجب مناسب پابندي لڳائڻ.
(3) طلاق جي رجحان جي حوصله شڪني.
(4) زالن جي مهر ۽ کاڌ خوراڪ جي ادائگي جو مؤثر انتظام ڪرڻ.
(5) ڏاڏي جي ملڪيت مان يتيم پوٽن کي وراثت جو حق ڏيارڻ.“ (چنا، 1961ع، ص ، 3 )
اهڙي طرح سان هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، چنا صاحب قانون به ڄاڻندڙ هئا، ڇاڪاڻ ته پاڻ (ايل.ايل.بي) جي ڊگري به حاصل ڪيائون، ۽ ان د ؤر ۾ جيڪا ڪميشن جوڙي وئي. ۽ ان ڪميشن جيڪي سفارشون جاري ڪيون، انهن جاري ڪيل شفارشن کي چنا صاحب، سهڻي نموني سان ترتيب ڏئي، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو، شايد هن کان اڳ ڪوبه اهڙو مسلم قانوني ڄاڻ مطابق ڪتاب نه هو. چنا صاحب جو هي ترتيب ڏنل ڪتاب ڏسڻ ۾ ته ننڍڙو آهي پر مسلم قانوني ڄاڻ جي حوالي سان سٺي معلومات ميسر ڪري ٿو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي پروفيسر: ”مسلمانن جي شاديءَ جو قانون“، حيدرآباد ،شيخ پبليڪيشن گدو روڊ، سال -1961ع ،ص ،2، 1.
(2) حوالو ساڳيو ، ص ، 3.
(vi) گلزارِ قلندر
هن ڪتاب جو مصنف، محمد پريل سولنگي سيوهاڻي آهي، ۽ ڪتاب جو سنواريندڙ پروفيسر محبوب علي چنا آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1392هه بمطابق سيپٽمبر 1972ع تي، سنڌ پرنٽنگ پريس، اڪال ڀونگا گهٽي حيدرآباد مان ڇپائي، محبوب علي چنا اعزازي سيڪريٽري، قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد مان شايع ڪيو، هي ڪتاب قلندر شهباز اڪيڊمي جو سلسليوار ڪتاب نمبر چار آهي، ڪتاب جو مهاڳ، سيد قطب علي شاهه حسيني، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف ۽ چيئرمين قلندر شهباز اڪيڊمي حيدرآباد، سنڌ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن قلندر شهباز اڪيڊمي جي ميمبرن ۽ خاص طور ڪتاب جي مصنف بابت پنهنجا ويچار هن ريت پيش ڪيا آهن:
”استاد محمد پريل سولنگي صاحب سيوهڻ جو رهواسي هو. پاڻ سيوهڻ جي هڪ علمي اداري جو سرواڻ هو، کيس تاريخ سان وڏي دلچسپي هئي، ان ڪري پاڻ هي ڪتاب گلزار قلندر لکيائون، هن ڪتاب ۾ هن صاحب سيوهڻ جي قديم روايتن کي نهايت سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. قلندر لعل شهباز جي سوانح حيات، شاعري، ڪرامات، سير و سياحت وغيره جهڙن عنوانن کان علاوه هن قلندري طريقي تي نهايت عمدو بحث ڪري سٺي اسلامي علمن جي ڄاڻ ڏني آهي، هن پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترين ئي اهڙين روايتن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي جن تي اڳ ۾ ڪنهن به تاريخدان نه لکيو آهي، هي ڪتاب قلندر لعل شهباز جي عقيدتمندن لاءِ نه رڳو ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، پر انهن جي عقيدت ۾ جيئن تيئن پوءِ اضافو ڪري ٿو.“ (سيد- 1972ع، ص، د).
ان کانپوءِ، ”اظهار محبوب“ جي عنوان هيٺ چنا صاحب، هن ڪتاب جي سنوارڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته:”ڪتاب جي ڪافي هنڌن تي مونکي واقعي جي سلسلي ۾ تڪرار ۽ پٽاڙ نظر آيا، مون سندس مرتب بابن ۾ وڏيون تبديليون آنديون، مثلاً: ”سيوهڻ شريف جو تاريخي جائزو“ آخر ۾ ڏنو ويو آهي، ان کي اڳيان آڻي سيوهڻ شريف جي ضمن ۾ ڏنو ويو آهي، ”درگاهه اوقاف جي تحويل ۾،“ نئون باب بنايو ويو آهي، ٽي فصل گڏي هڪ فصل عنوان، ”سندن فيض ابيض“ ڪيو ويو آهي.“ (چنا، 1972ع، ص، ز)
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، چنا صاحب، محمد پريل سولنگي جي هن قلندرانه ڪاوش کي نئين سر سنواري، سينگاري ۽ تحقيقانه انداز سان ڪجهه نيون ڳالهيون شامل ڪري، ڪتاب جي اهميت ۾ اضافو ڪيو، ۽ ڪاميٽي جي مقصدن کي توڙ تائين پهچايو، ۽ هن ڪتاب مان غير ضروري مواد ڪڍي، باقي مواد کي سهڻي نموني ترتيب ڏئي، حضرت قلندر لعل شهباز جي 719 ساله ورسي تي قلندر جي قربدارن جي هٿن ۾ هي ڪتاب پهچايو، سندس محنت ۽ جفاڪشي جو ثبوت هن ڪتاب جي مطالعي مان پڌري پٽ ظاهر ٿئي ٿو، چنا صاحب جي محنت ۽ جذبي کي ساراهيندي ڪتاب جو مصنف لکي ٿو ته: ”منهنجو محبوب سائين، پروفيسر محبوب علي چنا، جنهن جي حسن اخلاق، خنده روئي ۽ اُتم جذبي، اسان سيوهاڻين لاءِ درس عمل آهن هيءَ حقيقت آهي ته، جيڪڏهن محبوب صاحب منهنجي ڪتاب لاءِ پاڻ نه پتوڙي ها ته، منهنجو ڪتاب موجوده باجمال صورت وٺي هرگز شايع نه ٿئي ها، بلڪل تنگ وقت ۾ تحت الحاشيه نوٽ ۽ سمجهاڻيون به ڏنيون آهن.“ (سولنگي، 1972ع، ص، ڪ)
اهڙي طرح سان هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، حضرت قلندر لعل شهباز جي حوالي سان سندس ڪيترن ئي موضوعن تي بحث ٿيل آهي، جنهن ۾ قلندري طريقي، جي حوالي سان، مصنف لکي ٿو ته: ”قلندري طريقي اختيار ڪرڻ وارن مان ڪي ملامتيه طريقو پسند ڪندا آهن ۽ ڪي وري پنهنجي نفس کي تابع ڪرڻ لاءِ، وڏا وڏا پٿر ۽ ڳرا ڳرا زنجير، پنهنجي گردنن ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، جيڪي تزڪيه نفس ۽ تصفيه قلب جون منزلون طئي ڪري ويندا آهن، انهن کي قدرت جي طرفان ٽن طبقن ۾ ورهايو ويندو آهي، (1) مهري (2) قهري (3) دهري.“ (سولنگي، 1972ع، ص، 2)
(قلندر) حقيقت ۾، صوفياءِ ڪرام جو واضح ڪيل اصطلاح آهي، قلندر ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو پنهنجي ارادن، خواهشن ۽ تمنائن کي ترڪ ڪري، راضي به رضا الاهي رهي، يعني دل جي روحاني جذبن کي سموري توجهه جو مرڪز ۽ محور بنائڻ، قلندري طريقي جي خصوصيت آهي.
اهڙيءَ طرح قلندري طريقي کان وٺي نذرانهء عقيدت تائين، مختلف عنوانن تي مفصل نموني بحث ڪيل آهي.
مطلب ته سيوهڻ ۽ قلندر لعل شهباز جي حوالي سان، هي ڪتاب تحقيق ڪندڙن لاءِ بهترين ثابت ٿئي ٿو.

حوالا
(1) حسيني، قطب علي شاهه، سيد: مهاڳ، ”گلزارِ قلندر“ مصنف، محمد پريل سولنگي سيوهاڻي، سنواريندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال، 1972ع، ص، د.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: اظهار محبوب، ”گلزارِ قلندر“، مصنف، محمد پريل سولنگي سيوهاڻي، سنواريندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال، 1972ع ص، ز.
(3) سولنگي، محمد پريل، سيوهاڻي: تمهيد، ”گلزارِ قلندر“، مصنف، محمد پريل سولنگي، سيوهاڻي، سنواريندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال 1972ع ص، ڪ.
(4) حوالو ساڳيو، ص - 2.
*

(vii) قلندر نامو سنڌي
هن ڪتاب جو مصنف، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي آهي، هن ڪتاب جي مهاڳ ۾، سيد قطب علي شاهه حسيني، چيف ائڊمنسٽريٽر اوقاف سنڌ، حيدرآباد، ڪتاب جي مصنف ۽ ڪتاب بابت لکيو آهي ته:
”مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو نام نامي تعارف ڪنهن جو محتاج نه آهي. هڪ طرف هو، صاحب سياست ۾ سرسو هو ته ٻئي طرف قلم جو شهسوار هو. سندس ڪيئي ڪتاب تفسير، تاريخ، تصوف ادب ۽ شاعريءَ ۾ مشهور آهن ۽ انهن مان ڪيترا اڄ ڪلهه ناياب آهن، انهن نادر نسخن مان موجوده ڪتاب، ”مخزن تذڪره لعل شهباز“ عرف ”قلندر نامو سنڌي“ به آهي، جو مرحوم مولوي صاحب 1322هه بمطابق 1904ع ۾ لکي پورو ڪيو ۽ هن کي منشي پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور شايع ڪرايو.“ (حسيني 1972ع، ص، 2 ،1)
اهڙي طرح سان لڳ ڀڳ ستر سالن جي عرصي کانپوءِ، پروفيسر محبوب علي چنا جي بي لوث ڪوششن سان هي ڪتاب وري نئين روپ ۾ صفحهء طباعت تي آيو، ان وقت چنا صاحب، قلندر شهباز اڪيڊمي جو اعزازي سيڪريٽري هو، سندس ئي ڪاوشن سان هن ڪتاب کي تحقيق واري انداز ۾، سنواري سينگاري ڪتاب جو ٻيو ڇاپو جولاءِ 1972ع ۾، ”قلندر شهباز“ اڪيڊمي جو سلسلو نمبر ٻه هو. هن ڪتاب جي شروع ۾، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي هڪ ناياب تصوير به ڏنل آهي.
هيءَ ”مخزن“، تذڪره قلندر لعل شهبازرح جي قديمي ماخذن مان هڪ آهي، جنهن کي چنا صاحب، قلندر لعل شهباز اڪيڊمي جي ميٽنگ ۾ رکيو. ڇاڪاڻ ته اها بوسيده ڪاپي هڪ ته قديمي هئي، ۽ اڻ لڀ به هئي، تنهنڪري هن “تذڪره قلندر لعل شهباز”، ٻيهر نئين سر اشاعت لاءِ اڪيڊمي جي ميمبرن سامهون آندو. چنا صاحب هن ڪتاب جي اشاعت جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”مولانا پروفيسر غلام مصطفيٰ قاسميءَ منهنجي بيان جي توثيق ڪئي ۽ چيئرمين صاحب بمع سڀني ميمبرن ان نادر ڪتاب جي اشاعت جي منظوري ڏني، مان ان بعد قلندر واري ڪم کي جنبي ويس، بفضل باري تعاليٰ بوسيده نسخي کي سهيڙي، پريس کي ڏنم.“ (چنا، 1972ع، ص ، 3)
هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، چنا صاحب پنهنجي همت، جذبي، ڏاهپ سان هن ڪتاب کي تحقيقانه انداز سان سهيڙي، شايع ڪرايو. ان کانپوءِ شيخ عبدالله ”عبد“، جي هڪ خط جو عڪس ڏنل آهي، جيڪو شيخ عبدالله ”عبد“ چنا صاحب ڏانهن لکيو هو، جنهن ۾ هڪ مضمون جو ذڪر ڪيل آهي، اهو مضمون حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي سوانح حيات متعلق هو، اهو مضمون هن ڪتاب جي منڍ ۾ حڪيم صاحب جي شخصيت، ڪردار، علمي، ادبي خدمتن جي حوالي سان شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب جي عنوانن کي ڏهن فصلن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾، حضرت قلندر شهباز جي تولد جو بيان، حضرت شهباز جي نسب جي تحقيق ۾، حضرت شهباز جي سلسلي جي تحقيق ۾، قلندري طريقي جي تحقيق ۾، شهباز جي ظاهري علم جي باري ۾، حضرت شهباز جي سيرت بابت، حضرت شهباز جي لقبن جي بيان ۾، درگاهه عالي جاه جي عمارت جي بيان ۾، حضرت شهباز جي مختصر ڪرامتن جي باري ۾، حضرت شهباز جي نوبت جي باري ۾، تاريخ طبع ڪتاب، حڪيم فتح محمد مرحوم به، تخلص ”صغير“ مدح، حضرت شهباز مرحوم سيد غلام محمد شاهه بلند پرواز به تخلص گدا، جي موضوعن تي بحث ڪيل آهي.
جيئن ته حضرت قلندر لعل شهباز سنڌ جو عظيم بزرگ هو، جنهن جي سوانح حياتيءَ جي مختلف دؤرن ۽ ٻين ڪافي اسمن تي، هن وقت تائين ايڏو مواد نه مليو آهي ۽ نه ئي ڪم ٿيو آهي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي قلندر نامو سنڌي لکي، هن کوٽ کي پورو ڪيو ۽ تقريباً صحيح روايتون ۽ حقيقتون پيش ڪيون آهن، سندس ڪيل محنت جي ڪري اسانکي قلندر شهباز جي سوانح حيات جي بهتر ڄاڻ ملي ٿي. ان سان گڏوگڏ سندس سلسله شهباز جي ڄاڻ ملي ٿي، پاڻ هن ڪتاب جي آخر ۾ هن ڪتاب جي اهميت ۽ شان بابت، پنهنجي شاعري نذرانهء عقيدت طور پيش ڪئي آهي، جنهن جون ڪجهه سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.
هي آهي ڪتاب شيرين گنج، فيض ڏيندڙ ۽ آهي نيندڙ رنج.
آهين شيرين سٺيون ڳالهيون، سي درج ٿيون فقيرن جون چاليون.
جيڪو ڏسندو هن ڪتاب تحفه کي، رکندو پاڻ وٽ هن تحفه کي.
لعل شهباز جو سڀئي احوال، جو محقق هيو ۽ صدق مقال.

حوالا
(1) حسيني، قطب علي، سيد: مهاڳ، ”قلندر نامو سنڌي“، مصنف، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سهيڙيندڙ، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، ڇاپو ٻيو: جولاءِ، 1972ع، ص، 2 ،1.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ٻه اکر، ”قلندر نامو سنڌي“، مصنف، مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سهڙيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، ڇاپو ٻيو، جولاءِ، 1972ع، ص ، 3.
* (viii) قطب قلندر
هي ڪتاب،”قطب قلندر“، دادو ضلعي جي مشهور اديب ۽ عوامي شاعر، حافظ محمد احسن چنا جو ترتيب ڏنل آهي، هن ڪتاب جو سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا آهي. جيڪو ان وقت، ”لعل قلندر شهباز ثقافتي ۽ ادبي ڪاميٽي“ جو سيڪريٽري هو، پاڻ هي ڪتاب، سنڌ پرنٽنگ پريس اڪال ڀونگا لين، حيدرآباد مان، سال 1973ع ۾ شايع ڪرايو.
اهڙيءَ طرح ڪتاب جو ديباچو، حافظ محمد احسن چنا جو لکيل آهي. مهاڳ، ان وقت جي وزير مال، قانون پارلياماني امور ۽ ٽرانسپورٽ سنڌ سرڪار، سيد قائم علي شاهه جيلاني جو لکيل آهي، جنهن ۾ ”لعل شهباز قلندر ثقافتي ۽ ادبي ڪاميٽي“ جي ميمبرن کي ساراهيو آهي، ۽ خاص طور تي ڪتاب جي مرتب جي محنت کي ساراهيو آهي. جنهن لاءِ لکي ٿو: ” هن ڪتاب جو مرتب سنڌ جو جهونڙو قادرالڪلام شاعر، حافظ محمد احسن چنا صاحب آهي، جنهن جي ڪوششن سان، مرحوم سيد ثابت علي شاهه کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين، حضور قلندر ۾ پيش ٿيل شعرن جو گلدستو شايع ڪرايو.“ (جيلاني 1973ع، ص – 14)
ڪتاب جا ٻه اکر، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف حيدرآباد سنڌ، سيد قطب علي شاهه حسيني جا لکيل آهن، جڏهن ته ”اظهار محبوب“ جي عنوان سان، پروفيسر محبوب علي چنا، سيڪريٽري، نيشنل بوڪ فائونڊيشن پاڪستان ڪراچي ۽ اسلام آباد ۽ اعزازي سيڪريٽري لعل شهباز قلندر ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي طور لکيو آهي. پاڻ پنهنجي “اظهار محبوب” ۾ لکي ٿو: ”جناب حافظ صاحب جيڪا هن مجموعي کي ترتيب ڏيڻ ۾ تڪليف ورتي آهي، سا قابل قدر آهي، پاڻ چوهٺ شعراءُ ڪرامن جو ڪلام گڏ ڪري منهنجي حوالي ڪيو، پنجهٺ نمبر ۾ مون ٻڍڙيءَ مائي وانگي، قلندري بازار ۾ خريداريءَ جو شوق ڪري پنهنجو نذر ڳنڍيو آهي، چاهيم ته پهرين فوت ٿيل شعراءِ ڪرامن جو ڪلام اچي ۽ ان بعد زنده شعرائن جو، اهڙي طرح ڪم سنوارڻ شروع ڪيم ۽ مسودا پريس کي موڪليندو رهيس.“ (چنا، 1973ع ص 19-18)
هن ڪتاب ۾ جن شاعرن جي شعرن کي شايع ڪيو ويو آهي، انهن شاعرن جي تاريخ، ولادت ۽ وفات ڏئي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جو هڪ وڏو ڪم ڪيو ويو آهي.
مثال طور:
علامه هدايت علي ولد الهداد تونيه نجفي عرف تارڪ علوي رانڪ لعلو
ولادت: 25 محرم 1312هه، 1860ع. وفات: 9 مارچ، 1939ع.
” قلندر سخي لعل شهباز آ“
”سخن حمدِ حق ساڻ آغاز آ، به نعت نبي روح و راز آ.
صفت پنجتن پرت پرواز آ، سندم ورد دائم هي دمساز آ.
قلندر سخي لعل شهباز آ، سندس عرش ڪرسيءَ ۾ آواز آ.“
(علوي، 1973، ص، 15)
مٿئين شعر مان هڪ طرف هڪ شاعر جي ولادت ۽ وفات جي تاريخ جي به خبر پئي ٿي ته ٻئي طرف، قلندر لعل شهباز جي نذرانهء عقيدت جي حوالي سان، شاعري متعلق به ڄاڻ ملي ٿي، ڄڻ ته ان دؤر جي حوالي سان هڪ تاريخ معلوم ٿئي ٿي.
ڪتاب جي تقريظ، مولانا پروفيسر غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊائريڪٽر، ”شاهه ولي الله اڪيڊمي“ حيدرآباد، لکي آهي.
تقريظ کان پوءِ، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، جي خوبصورت تصوير ڏنل آهي، جنهن کانپوءِ ڪتاب جي سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، سوانح حافظ محمد احسن صاحب، پڻ لکي آهي، جنهن ۾ حافظ صاحب جي زندگي جو احوال مختصر طور نهايت عمدگيءَ سان پيش ڪئي آهي.
هن ڪتاب جي متن ۾ پهرين، گذريل شعراءِ ڪرام، نمبر هڪ سيد ثابت علي شاهه کان نمبر تيرنهن، مرحوم درمحمد قريشيءَ تائين جن جي نذرانهء عقيدت طور شاعري پيش ڪيل آهي، جنهن کانپوءِ ” زنده شعراءِ ڪرام“ نمبر چوڏهن، مخدوم محمد زمان صاحب، طالب الموليٰ کان نمبر پنجهٺ، جناب غلام سرور ٻگهيو ”سرور“ تائين قطعات ۽ نظم ڏنل آهن.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي صفحي نمبر ڇاهتر تي ڪتاب جي سوڌيندڙ پروفيسر محبوب علي چنا، قلندر لعل شهباز جي شان ۾، بعنوان “قلندر تنهنجي نگري ۾” شاعري نذرانهء عقيدت طور پيش ڪئي آهي، جنهن جو هڪ شعر مثال طور پيش ڪجي ٿو.
”قلندر تنهنجي نگريءَ ۾، گهڻيئي دانا ۽ ديوانا.
ڀري ڏي جام مستيءُ جا، سندءِ در تي ڪَئي مستانا“
(چنا، 1973ع، ص ، 76)
هن ڪتاب کي پروفيسر چنا صاحب، جنهن انداز سان ترتيب ڏنو آهي، اهو سندس واکاڻ جهڙو ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ، سندن ولادت ۽ وفات جي سن جي تاريخ ڏني وئي آهي، جنهن مان پڙهندڙن کي مذڪوره شاعرن جي دؤر جي پڻ ڄاڻ ملي ٿي.
حوالا
(1) جيلاني، قائم علي شاهه، سيد: مهاڳ، ”قطب قلندر“، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ ، پريس اڪال ڀونگا لين، سال، 1973ع، ص، 14.
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: اظهارِ محبوب ، ”قطب قلندر“ ، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ، پريس اڪال ڀونگا لين، سال، 1973ع، ص، 19-18.
(3) علوي، هدايت علي، علامه: ”قلندر سخي لعل شهباز آ“، ”قطب قلندر“، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، سنڌ پرنٽنگ، پريس اڪال ڀونگا لين، سال، 1973ع، ص، 15.
(4) چنا، محبوب علي پروفيسر: ”قلندر تنهنجي نگريءَ ۾“، ”قطب قلندر“ ، مرتب، حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، پرنٽنگ، پريس اڪال ڀونگا لين، سال، 1973ع، ص، 76.
*
(ix) نذرِ شهباز
حضرت قلندر لعل شهباز جي، 709 ساليانه عرس جي موقعي تي، ”نذرِ شهباز“ جي نالي سان هي ڪتاب، پروفيسر محبوب علي چنا، سال 1963ع ۾ مرتب ڪيو، جيڪو محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب کي ٻن حصن ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي، حصي نثر ۾ سڀ کان پهريان ڊائريڪٽر محڪمه اطلاعات حيدرآباد، اسماعيل ايس خواجه طرفان ”نذرانو“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي، ان کانپوءِ ”الوحيد آزاد سنڌ نمبر“، وارن طرفان لعل شهباز قلندر متعلق هڪ تعارف ڏنل آهي. جنهن ۾ مختصر سوانح پيش ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف اسڪالرن جا تحقيقي مضمون ۽ مقالا شامل آهن، جيڪي قلندر لعل شهباز جي زندگيءِ جي مختلف پهلوئن تي لکيل آهن، مثال طور:
هن ڪتاب ۾ شامل پهريون مقالو، مرتب، طرفان ”قلندر شهباز سيوهاڻي“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ سيوهڻ جي تاريخ ۽ سيوهڻ جي مختلف نالن ۽ سنڌ جي هن بزرگ جي سوانح، سندس وطن، ولادت وفات، سيروسياحت، علم و فضل وغيره متعلق معلومات ڏني وئي آهي، ڪتاب ۾ مرتب پاران ٻيو به مقالو ”ميلي جو اکين ڏٺو احوال “ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي. هن مقالي ۾ ميلي جي سموري منظر کي ادبي حوالي سان قلمبند ڪيو ويو آهي چنا صاحب ميلي جي اکين ڏٺي احوال کي هن ريت قلمبند ڪيو آهي:
”سيوهڻ شهر جي دهلي دروازي کي چڱي طرح سينگاريو ويو هو، آخر به باب قلندر هو، انجي سڄي ڏاکڻي طرف، ادبي ڪانفرنس جو وسيع عريض ۽ خوشنما پنڊال واقع هو، ان جي قريب ۾ دادو ضلعي جي صنعت جو شاهڪار نمائش گهر هو، باب قلندر جي ساڄي ڏاکڻي طرف کان دوڪانن جون قطارون هيون، جو لئي لڳايون بيٺيون هيون، ٻيا دوڪان باب قلندر جي اترئين طرف کان شروع ٿيا ٿي. لوڪل بورڊ جي ڊاڪ بنگلي ۽ آفيس جي سامهون رستي جون ڪناريون دوڪانن ۽ هوٽلن جي جهرمر سان جهٻيل هيون . سيوهڻ جي صدر بازار جو ڏاکڻون خواه اتريون منهن به سينگاريل هئا ۽ نئين ڪنوار جي ڏيک پئي ڏنائون، مطلب ته سيوهڻ، ساري موهن جي دڙي جي کنڊراتي زماني مان منهن ڪڍي، لعل شهباز جي صدقي زمان حال سان روشناس روشنائي ٿي رهيو هو.“ (چنا، 1963ع ص ، 68 )
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته حضرت قلندر لعل شهباز جي ميلي تي سموري سيوهڻ کي هڪ ڪنوار جيان سينگاريو ويندو آهي،هر طرف رونق ئي رونق نظر ايندي آهي.اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ ڪجهه ٻين اسڪالرن جا مقالا، جنهن ۾،“ قلندر جو سلسلهء طريقت” جي عنوان سان مولانا غلام محمد گرامي جو مقالو پيش ڪيل آهي، هن مقالي ۾ قلندر لعل شهباز جي سلسلهء طريقت جي حوالي سان روشني وڌل آهي.جنهن ۾ قادري طريقو، سهرورديه، ملامتيه وغيره متعلق بحث آيل آهي. جيئن پاڻ لکيو اٿس ته : ”حضرت قلندر لعل شهباز پاڻ قادريه ۽ سهرورديه“ نسبتن جا جامع هئا ۽ هڪ ”قلندريه شهبازيه“ طريقي جا باني هئا.” (گرامي، 1961ع، ص ، 18 )
هن ڪتاب ۾”قلندر لعل شهباز جي عنوان سان، رحيمداد خان مولائي شيدائي جو مقالو ڏنل آهي، جنهن ۾قلندر شهباز جي سوانح حيات جو بيان آيل آهي. ان کان سواءِ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو مقالو، ”قلندري آستاني تي“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي. ”لعل شهباز قلندر“ جي عنوان سان هڪ ٻيو مقالو منظور احمد عرساڻي جو ڏنل آهي، هن مقالي ۾ به لعل شهباز قلندر جي سوانح حيات جو بيان پيش ڪيل آهي. ان کان پوءِ حافظ محمد احسن چنا جو مقالو، بعنوان ”حضرت قلندر لعل شهباز “ ڏنل آهي، چنا صاحب جي هن مقالي ۾ سوانح حيات جو بيان پيش ڪيل آهي. ان کان پوءِ مولانا عبدالڪريم چشتيءَ جو مقالو، ”مخدوم سيد عثمان مروندي“ ڏنل آهي، هن مقالي ۾ به حضرت قلندر لعل شهباز جي سوانح پيش ڪيل آهي. ”سرتاج اولياءَ “ جي عنوان سان عبدالمالڪ افندي جو مقالو به ڏنل آهي، هي مقالو، نهايت ئي خوبصورت طريقي سان، حضرت قلندر لعل شهباز جي شان متعلق بيان ڪيل آهي، ان کان علاوه هن ڪتاب ۾”عظيم المرتبت صوفي“ جي عنوان سان راڻا ڀڳوانداس ڀڳوان جو مقالو به ڏنل آهي هن مقالي ۾ حضرت قلندر لعل شهباز کي ”عظيم صوفي“ طور پيش ڪيو ويو آهي، سعيد ابن احسن مارهروي جو ”حضرت شهباز “، جي عنوان سان مقالو پيش ڪيل آهي .اهڙيءَ طرح نثر واري حصي ۾ شامل آخري مقالو ”فلسفهءَ قلندريه ۾ مستيءَ جو تصور“ جي عنوان سان رئيس ضياءُ الدين بلبل جو پيش ڪيل َآهي . هي مقالو اڳ ۾ بلبل صاحب انگريزيءَ ۾، سال 1962ع، تي قلندر شهباز جي 708 ساله ورسي جي موقعي تي پڙهيو هو، جيڪوگهڻو مقبول ٿيو، ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو، پروفيسر محبوب علي چنا ڪيو. هن مقالي ۾ ضياءُ الدين بلبل صاحب، قلندر لعل شهباز جي ”مستي“ جي تشريح ڪندي لکيو آهي ته:
”قلندر واري مستي، جذباتي ۽ تصوراتي انسان جي همت جو مظهر آهي، جا حق ۽ انصاف ڪري اڀري ۽ حالات جي رستي موافق تمام توثيق سان عمل ۾ هڪ رستو اختيار ڪيائين، جو ترد ۽ تاويل جي وهمن کا ن بالاتر هو، مستيءَ جو حرف ”ميم“ مان محبت، مدد ۽ مجاهده جو مفهوم وٺڻ گهرجي، جو اهي صحيح عمل جا سر چشمه هوندا آهن، ان جو ”س“ سخاوت ٿو ڏيکاري، جو صحيح عمل جو جذبو ۽ ماڻ هوندو آهي، ”ت“ تخرج قربانيءَ جي سلسلي ۾، رت ۽ لعل هجڻ جو اشارو ٿي ڪري، قلندرکي ”لعل“ به انهيءَ ڪري ئي ڪوٺيو ٿو وڃي. ”ي“ يم جي معنيٰ رکي ٿي، جا درياهه جي موج مان ورتل آهي، مهراڻ جي ڪناري تي بيهي، ان جي لاهه چاڙهه، پائيندڙ ۽ ڇولين کي ڏسي ۽ ان مان ساوڪ، سبزي، آبادي ۽ اناج کي اڀرندو ڏسي، هن خدا واري بزرگ مستيءَ جو صحيح مفهوم جهٽيو،ساڻس جو، ”ميندي ۽ ڳاڙهي گهوٽ“ جهڙين صفتن کي منسوب ڪيو ويو آهي، ان مان به ڪامراني فتح و نصرت، سدا بهاري ۽ سرخ روئيءَ جو اهڃاڻ ملي ٿو.“ (بلبل، 1963ع ، ص ، 59 )
مطلب ته مستي، محبت جو انتهائي درجو آهي، جنهن ۾ مصلحت جي مونجهاري کان پري رهڻو پوي ٿو.ان کانپوءِ ڪتاب ۾ شامل ٻيوحصو ”نظم“ تي مشتمل آهي. هن حصي ۾ نامور پنجن شاعرن جي شاعري نذرانه عقيدت طور پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ هڪ اردو نظم بعنوان، ”نذرانئه عقيدت“ سعيد ابن احسن مارهروي جو ڏنل آهي. لعل شهباز قلندر کي منظوم ڀيٽا واري اسم ۾ هيٺيان شاعر جهڙوڪ، احمد خان آصف مصراڻي، سيد اظهر گيلاني، حسين بخش ”خادم“ ۽ پروانو ڀٽي شامل آهن.
مثال طور: سيد اظهر گيلاني، ”احسان قلندر“ جي عنوان سان ڀيٽا پيش ڪئي آهي، جيڪا هن ريت آهي:
”ڪريان اظهار ڇا شان قلندر،
ٿي مرضي خدا، آن قلندر،
مئل دين کي جياريائين نئين سر!
اهو آ دين تي احسان قلندر،
ڇڏي باطل، وٺو دامان حق کي،
هيو سيوهڻ ۾ اعلان قلندر،
وئي ٿي مرد بازار هنودي،
کُلي ويو جيئڻ جو دڪان قلندر،
مڃو ٿي ”بودلي“ جي ٻوٽي ٻوٽي،
حضور دل سان فرمان قلندر!
تتل تئي ۾ به سڏ سان سڏ ڏنائين،
خطا ٿيا ڪين احسان قلندر!
در حيدر جو سگ آهي قلندر،
ٿيو ”اظهر“ ثنا خوان قلندر. (گيلاني، 1963ع ، ص ، 77 )
مٿئين نظم مان به قلندر لعل شهباز جي تعليم و هدايت، ۽ دين حق کي پکيڙڻ جي حوالي سان گهڻي ڄاڻ ملي ٿي.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، قلندر لعل شهباز ادبي ۽ ثقافتي ڪاميٽي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ، ادبي ڪانفرنس ۾ جيڪي مقالا، مضمون ۽ شعر پڙهيا ويندا هئا، تن کي سيهڙي، سينگاري، ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. قلندر لعل شهباز ميموريل ڪاميٽي کان پهرين، سيوهڻ ۽ قلندر لعل شهباز متعلق ڪو مس ڪٿي ڪٿي ذڪر ملندو هو. انهي حوالي سان محڪمه اطلاعات جي ڊائريڪٽر پنهنجي پيش لفظن ۾ هن طرح لکيو آهي:
”هن خوشگوار حقيقت سان گڏ نهايت ڏک سان اِهو تذڪرو ڪرڻو ٿو پوي ته، سنڌي زبان ۽ ادب جي هيڏي وڏي سرمايه ۾، سيوهڻ جي شهباز قلندر عثمان مروندي عليه رحمته جي حالات ۽ ڪلام تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ معياري مضمون مس ٿو نظر اچي، تنهنڪري انهيءَ ڪميءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان ”نذر شهباز “ پيش ڪري هن ڏس ۾ پهرين وک وڌائي رهيا آهيون، ۽ اميد ٿا ڪريون ته اديبن ۽ عالمن جي تعاون سان آئنده به اهڙا نذرانا پيش ڪندارهنداسون.“ (خواجه ، 1963ع ، ص ، الف)
مطلب ته هن ڪتاب ۾، حضرت قلندر لعل شهباز جي زندگي ۽ فلسفي جي حوالي سان بهتر ڄاڻ ملي ٿي ۽ پڙهندڙن کي اهو پتو پوي ٿو ته ، سندس سلسله طريقت ڪهڙو هو، ۽ سندن قلندريه فلسفي ۾ مستيءَ جو مقام ڇا آهي، ان کان علاوه سندن زندگيءَ جي ڪافي ٻين پهلوئن تي پڻ روشني وڌل آهي، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل سڀ مضمون توڙي نظم وڏي محنت سان، سنڌ جي مختلف اسڪالرن جا لکيل آهن. جيڪي قلندر شهباز بابت مڪمل ڄاڻ ڏيندڙ آهن. هي به هڪ تاريخ جو دؤر آهي، جنهن کي چنا صاحب محفوظ ڪيو آهي.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”ميلي جو اکين ڏٺو احوال“، ”نذر شهباز“ حيدرآباد، محڪمه اطلاعات، مغربي پاڪستان، سال، 1963ع ص، 68 .
(2) گرامي، غلام محمد، مولانا: مقالو، ”قلندر جو سلسلئه طريقت“، ”نذر شهباز“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان، سال، 1963ع ، ص ، 18 .
(3) بلبل، ضياءُالدين، رئيس: مقالو، ”فلسفئه قلندريه ۾ مستيءَ جو تصور“، ”نذرشهباز“، مرتب ،پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان، سال، 1963ع ص،59 .
(4) گيلاني، اظهر، سيد: نظم، ”احسان قلندريه“،”نذرشهباز“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، محڪمه اطلاعات، مغربي پاڪستان، سال، 1963ع ، ص ، 77.
(5) خواجه، اسماعيل، ايس: ٻه اکر”، نذر شهباز “، مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد محڪمه اطلاعات مغربي پاڪستان سال، 1963ع، ص، الف.
(x) ضياءُ القلندر
سال 1965ع ۾، حضرت قلندر لعل شهباز جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، پروفيسر محبوب علي چنا هي ڪتاب “ضياءُالقلندر” جي نالي سان ترتيب ڏيئي، قلندر شهباز اڪيڊمي طرفان شايع ڪرايو، هن ڪتاب جي “ ٻه اکر” ۾ چنا صاحب ، انهيءَ جي وضاحت ۾ هن ريت لکيوآهي ته:”اسان جي خوش بختي هئي جو، محترم آغا رفيق احمد صاحب، سي_ ايس_ پي ، دادو جي ڪليڪٽريءَ جون واڳون ورتيون ۽ هن صاحب جي ايماءُ ۽ ارشاد تي، گذشته ٻن سالن جي ادبي ڪانفرنسن جون ڪاروايون قرب سان ڪٺيون ڪري ”ضياءُالقلندر“جي عنوان سان عقيدتمندان قلندر جي مطالعي لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون.هن عنوان جو انتخاب خود متن جي هڪ تحقيقاتي مقالي تان ورتو ويو آهي، جو عزيزي رئيس ضياءُالدين “بلبل” جي رشحات قلم ۽ طبع جي جولان جو نتيجو آهي.“ (چنا، 1965ع ،ص، الف)
اهڙيءَ طرح هي ڪتاب ”ضياءُالقلندر“ ٻن حصن تي مشتمل آهي، پهريون حصو نثر آهي،جنهن ۾ ڇهن اديبن، عالمن جا تحقيقي مقالا ۽ مضمون شامل آهن.جيڪي قلندر لعل شهباز جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي لکيل آهن.
مثال طور: پهريون مقالو، مرحوم ضياءُالدين ايس ”بلبل“ جو، ”ضياءُالقلندر“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ هن قلندري طريقت، قلندري تصوف عمل جا نمونا ۽ بنياد، قلندرانه وصفون ۽ وٿون جي عنوانن تي بيان ڪيون آهن، رئيس ضياءُ الدين بلبل، قلندري طريقي جو امتيازي فرق ڄاڻائيندي لکيو آهي ته :
”قلندر دراصل اهو صوفي آهي، جنهن جو عقل بقول امام محمد غزالي نه رڳو دينوي تخت جي ارد گرد گهمندڙ هجي ۽ هڪ طرف روح القدس ( عقل ڪل) سان ته ٻئي طرف رسول ڪريمﷺ سان وابسته هجي. تفاوت رڳو هي آهي ته، امام غزالي هي ڪم عقل کي سوپي ٿو، پر ٻيا صوفي عشق يعني قلبن کي اڳواڻ مڃين ٿا. مقصد ساڳيو آهي ته هر معامله ۾ امر الاهي جي تلاش هجي. عرف عام ۾ هن کي چئبو آهي، هٿ هاج ۾ ، دل يار ڏي. (بلبل )، 1965ع ص، 6 )
جڏهن انسان قدر ۽ جبر جي مسئلي ۽ عقل ۽ عشق جي جهيڙي جي اونهي جاچ ٿو وٺي تڏهن هن لاءِ اسلام کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي، جيڪي هر معاملي ۾ امر جو انتظار ڪن ٿا، اهي قلندر آهن. اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جو ٻيو مضمون مولوي مخدوم امير احمد جو ”قلندر لعل شهباز رحه“ جي عنوان سان ڏنل آهي، جنهن ۾ قلندر لعل شهباز جي حالات زندگي پيش ڪيل آهي، جيئن مضمون نگار ،هن مضمون ۾ لکيو آهي ته :
”حضرت قلندر لعل شهباز، جڏهن سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيا ته انهيءَ وقت، سنڌ جا وڏا وڏا مرڪزي شهر جهڙوڪ الور اروڙ، ديبل، نيرون ڪوٽ وغيره، ڪن تاريخي ۽ جاگرافيائي سببن ڪري، پنهنجي مرڪزي حيثيت وڃائي چڪا هئا. ديبل ختم ٿي چڪو هو. الور ۽ نيرون ڪوٽ نهايت ننڍڙن ڳوٺڙن جي صورت ۾ تبديل ٿي چڪا هئا، ٺٽو اڃا وجود ۾ ئي ڪونه آيو هو، بکر کي انهيءَ زماني ۾ ڪا خاص اهميت حاصل ڪانه هئي، ٻيو ته پنجاب جي رستي تي هئڻ ڪري، هن شهر ۾ امن ۽ سلامتي بلڪل ڪانه هئي، بلڪ هر گهڙي جان ۽ مال جو خطرو درپيش هو.خصوصاً حضرت مخدوم قلندر شهباز واري زماني ۾ ته تاتاري يعني چنگيزخاني مغلن جا هندوستان تي حملا جاري هئا،۽ اهي حملا بکرجي رستي کان ئي ٿيندا ٿي رهيا. خود قلندر لعل شهباز جو ميزبان، شهزادو خان شهيد به تاتاري مغلن هٿان شهيد ٿيو هو.“ (مولوي مخدوم، 1965ع ، ص ، 16،17 )
مٿئين حوالي مان، انهي دؤر جي تاريخ ۽ سياسي اثر جي حوالي سان معلومات ملي ٿي.
”قلندر لعل شهباز جي عظمت“ جي عنوان سان، سيد ڏنل شاهه جو مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ قلندر لعل شهباز جي عظمت کي بيدل سائين هينئن فرمايو آهي:
قلندر چون محمد رھنما ھے،
قلندر چون علی مشکل کشا ھے،
میرا مرشد مکمل ھے قلندر،
حسینی حیدری سلطان سرور،
(سيد ڏنل، 1965ع ،ص، 25)
اهو ته فقط رند جو شان آهي، قلندر جي عظمت اسانجي عقل کان ٻاهر آهي، اهڙي طرح هن ڪتاب ۾ شامل نالي واري اديب تاج صحرائي جو مقالو ”حضرت عثمان سيوهاڻي“ پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ قلندر لعل شهباز جي روحاني پهلوءَ تي روشني وڌل آهي، ۽سندس سوانح مختصر نموني پيش ڪئي وئي آهي، مثال طور جيئن تاج صحراحي لکيوآهي ته :
”سيرو سفر واري دؤر ۾، حضرت عثمان پاڻ کي پاڻ ۾ ڳوليندو،پنهنجي روح جي بلندين کي پهچڻ جي ڪوشش ڪندو، پنهنجي دل کي پرچائيندو هلندو ٿي هليو، ڪڏهن قضا ۽ رضا جي راهن ۾ گم ٿِي ٿي ويو، ڪڏهن سزا ۽ جزا جي جدولن ۾ جذب، ڪڏهن فنا ۽ بقا جي اصولن ۾ غرق، ته ڪڏهن حيات ۽ مصات جي معاملن ۾ منجهي ٿي پيو، ڪڏهن حسن ۽ جمال جو مشاهدو ٿي ماڻيائين ته ڪڏهن حلال ۽ڪمال جون منزلون ٿي طئي ڪيائين ته، ڪڏهن خاڪ ۾ غلط ٿيندو ۽ خارن تان نچندو ٿي هليو.“ (صحراحي، 1965ع ، ص ، 30 )
ان پاڻ کي ۽ حق کي ڳولڻ ۽ سڃاڻڻ، پرچائڻ ۽ پرڀائڻ واري دؤر مان جڏهن انسان لنگهي پار پوي ٿو، تڏهن سندس دل روشن ٿيو پوي ۽ قلب کي هڪ دائمي سڪون ۽ اطمينان حاصل ٿئي ٿو.
اهڙي طرح سان محمد علي دائود جو هڪ تحقيقي مقالو، ” علم تصوف ۽ قلندر شهباز سيوهاڻي“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي. هن مقالي ۾، علم تصوف تي روشني وڌل آهي. جيئن، علم تصوف مان اسانجو مطلب اسلامي تصوف آهي، اسلامي تصوف جي ابتدا انهن اسلامي بزرگن ۽ درويشن ڪئي، جيڪي خدا ۽ رسول اطهر جا شيدائي هئا. علم تصوف جي تاريخ جي حوالي سان محمد علي دائود پوٽه صاحب هن طرح لکيو آهي:
”جيڪڏهن هن تصوف جي تاريخ کي ڏسبو ته تصوف تي نه رڳو اسلامي روايتن جو اثر آهي، مگر افلاطوني فرقي، پراڻن يهودين، نصارن ۽ ويدانيت جو پڻ اثر اچي ويو آهي، ۽ ڪيتريون غير اسلامي روايتون تصوف ۾ دخل انداز ٿي اسلامي تصوف تي غلط رنگ چاڙهي رهيون آهن، ٻي حالت ۾ اسلامي تصوف بلڪل جدا ۽ علحدو آهي . جنهن جو بنياد شريعت، طريقت،معرفت حقيقت تي ٻڌل آهي، جنهن به فعل ۽ قول جي شريعت سان مناسبت نه آهي، اهو اسلامي تصوف کان ٻاهر آهي. هن حقيقت جي گواهي قلندر شهباز پنهنجي شعر ۾ ڏئي ٿو ته:
”رسيد م من بدريائے کھ موجش آدمى خوارست،
نه کشتى اندرآن دريا، نه ملاحى عجب کاراست،
شريعت کشتىء دارد، طريقت بادبان او،
حقيقت لنگرى دارد، کدراه، فقردشواراست“
اسلامي تصوف جا ٻه فرقا آهن، هڪڙا ”وحدت الوجود“جا قائل آهن، ته ٻيا ”وحدت الشهود “جا حامي آهن، يعنيٰ هڪڙا همئه اوست جا پيروڪار ته ٻيا ”همئه ازاوست“ جا علمبردار. وحدت الوجود جي گروهه جا اڳواڻ، بايزيد بسطامي، ذوالنون مصري، حسين بن منصور حلاج، ابن العربي، شمس تبريز ۽ اسانجو قلندر شهباز آهن، ساڳئي وقت اها پڻ حقيقت پيش ڪندي آءُ فخر ٿو محسوس ڪريان ته خواجه با يزيد بسطامي جو اسلامي تصوف ۾ بلند مقام رکي ٿو، ان جو مرشد پڻ اسانجي سنڌ جو بزرگ ابوالعلي سنڌي هو، جيڪو سنڌ جو پهريون صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي.“ (دائودپوٽه، 1965ع، ص ، 38 ،37 )
مطلب ته تصوف، دل جي پاڪيزگي، اخلاق ۽ عشق الاهي ۾ گم ٿيڻ جو نالو آهي، صوفي بزرگن تصوف جي روشني ۾ انسانيت، ّاخلاق اقدار محبت اخلاص ۽ عشق الاهي جو پيغام ڏنو آهي، نبي ڪريم ﷺ سان محبت ڪرڻ ۽ سندن پيروي ڪرڻ جو درس ڏنو آهي.
اهڙي طرح سان ”حضرت شهبازقلندر ۽ خواجه منصور“ جي عنوان سان، مولوي غلام محمد دادوي جو مقالو پيش ڪيل آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته :” حضرت قلندر پاڻ کي، خواجه منصور جو يار ٿو سڏائي، ان ڪري محسوس ٿو ٿئي ته هن يار به منصور واري پيالي مان پر جام پيتو هو ۽ منصور وانگر رب تعاليٰ جي محبت ۽ عشق ۾ ايترو محو ۽ مست ٿي ويو، هو جو باهه جي گرمي، خاڪ جي تپش ۽ ڪنڊن جي سوزش جو ڪو احساس نه رهيو هوس ۽ اهو ئي آهي خدا جي محبت جو مقام.
سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،
وڃڻ تن پيو ، نالو نينهن ڳنهن جي.
(دادوي ،1965ع ،ص ، 65 ، 64 )
ڪن ڪتابن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، حضرت قلندر شهباز جڏهن مرد عامل جي درجي کي رسيو، تڏهن شيخ منصور جي خدمتن ۾ پهتو ۽ گهڻو فيض حاصل ڪيائين، ان حوالي سان حضرت قلندر جو هيٺيون شعر شاهدي طور ڏنو ويو آهي.
”منم عثمان مروندي که يارى خواجه منصورم،
ملامت مى کند خلقي و من برداري رقصم“
يعني، مان اهو عثمان مروندي آهيان، جنهن جو يار خواجه منصور آهي، مان انهي ملامت کان نٿو ڏڪان ۽ مان سوري تي نچان ٿو،“ (دادوي، 1965ع ، ص ، 45 )
ان کانپوءِ هن ڪتاب جو ٻيو حصو شاعري تي مشتمل آهي، هن حصي ۾ سورهن نامور شاعرن جي شاعري، منظوم ڀيٽا طور پيش ڪيل آهي، انهن شاعرن مان حافظ محمد احسن چنا، جي شاعريءَ جو عنوان ”قلندر شهباز“ جو(مستزاد). مثال طور، هيٺ ڏجي ٿو:
”ڇا شان چوان تنهنجو ۽ عزت و عظمت _شهباز قلندر
الله ڪئي توکي عطا، عشق جي دولت _ شهباز قلندر
تون عالم و عامل ۽ ڪمالات ۾ ڪامل _ فياض ۽ فاضل
تون حافظ قرآن ۽ باشرع و طريقت _ شهباز قلندر
تون رند هئين، تنهنجو ٿيو مشرب _ اعليٰ اهو منصب
تون مست است آهين، سدا محو محبت _ شهباز قلندر“
(چنا، 1965ع ، ص ، 57 )
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته، هن ڪتاب مان پڙهندڙن کي قلندر لعل شهباز جي سوانح عمري سان گڏوگڏ لعل شهباز جي عظمت، سندن علم تصوف ۽ خواجه منصور سان وابستگيءَ جو پتو پوي ٿو، ۽ شاعري واري حصي ۾ سندن قلندرانه مقام، نگاهه مستي جو پيغام ملي ٿو.
حوالا
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: ٻه اکر، ”ضياءُالقلندر“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص ، الف.
(2) بلبل، ضياءُالدين ، ايس: مقالو،” ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص ، 6.،
(3) احمد، مخدوم امير مولوي: مضمون، ”قلندرلعل شهبازرح“، ”ضياءُالقلندر“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص،17 ،16 .
(4) شاهه، سيد ڏنل: مضمون،”قلندر لعل شهباز جي عظمت “،”ضياءُالقلندر“ مرتب ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص،25.
(5) صحرائي،تاج: مضمون،”حضرت عثمان سيوهاڻي“، ”ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص ،30.
(6) دائودپوٽه، محمد علي : مقالو، ”علم تصوف ۽ قلندر شهباز سيوهاڻي“، ”ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع، ص ،37،38.
(7) دادوي غلام مصطفيٰ، مولوي: مضمون،”حضرت شهباز قلندر ۽ خواجه منصور“، ”ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ،ص،64،65.
(8) چنا، حافظ، محمد ”احسن“: نظم، قلندرشهباز (مستزاد) ”ضياءُالقلندر“ مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، شهباز ، ميموريل ڪاميٽي، سال، 1965ع ، ص ،57.
(xi) سردار قلندر
قلندر لعل شهباز ميموريل ڪاميٽي طرفان، هي ڪتاب بعنوان ”سردار قلندر“ پروفيسر محبوب علي چنا جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو لعل شهباز قلندر 714 سالانه ورسيءَ جي موقعي تي مرتب ڪيو، ۽ سال 1967ع ۾، تاج محل پريس حيدرآباد مان قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سيوهڻ طرفان شايع ڪيو ويو.
هن ڪتاب ۾ هڪ حصو نثر، جنهن ۾ ”نذرانئه مسرور“ جي عنوان سان، محترمه مسرور حسن خان صاحب، سي ايس پي تمغه پاڪستان سان شروعات ڪيل آهي، جنهن ۾ هن قوم کي قلندرانه صفتن جي حوالي سان آگاهه ڪري ٿو. مثال طور، پاڻ لکي ٿو ته:”اسانجي قوم کي قلندرانه صفتن جي اشد ضرورت آهي، اسانجي قوم هي ثابت ڪري ڏيکاريو ته، اسان جي سڄي قوم قلندرانه صفتن سان سنواريل ۽ سينگاريل آهي، بقول اقبالرح جي ”مومن ہے تو، بے تیغ لڑتا ہے سپاھی“. اسان پاڪستانين جي قلندرانه قوم کي، کاڌي جي ڪمي، بي روزگاري وغيره جهڙيون مادي صفتون مرغوب نه ڪنديون، پوءِ اسانکي حضرت قلندر لعل شهباز، بلند پرواز جي قلندري مقام جو پرو پوندو ۽ ان نتيجي تي پهچنداسين ته، اسان جي قوم جي هر فردکي قلندري جهدوجهد جي ضرورت آهي.“ (خان صاحب، 1967ع ، ص ، 1)
قلندر لعل شهباز پاڻ به ڪيترين خوبين جو مالڪ هو، پر هن جڏهن سيوهڻ جي ڀٽڪيل ماڻهن کي صحيح رستو ڏيکاريو، ۽ سيوهڻ کي سيوهڻ شريف جهڙي خوبي سان مالا مال ڪري ڇڏيو، جيڪو اڄ تائين به سيوهڻ شريف سڏجي ٿو. اهو سمورو ڪمال هن ڪامل وليءَ جي صفتن جو هو.ان بعد ”سنيهو“ جي عنوان سان، محترم سيد سردار احمد خان، سي.ايس.پي جي طرفان پيش ڪيل آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته: ”حضرت لعل شهباز قلندررح جي روحاني فيض جو متل مهراڻ، ديسين خواه پر ديسين کي سيراب ڪري ٿو. ان ڪري اسانجو فرض آهي ته، هڪ طرف حضرت لعل شهباز قلندر جي قلندرانه فلسفي ۽ الستي ڪلام کي عام ڪريون ۽ ٻئي طرف سندس درگاهه ۽ آخرين آرمگاهه سيوهڻ شريف کي صحيح معنيٰ ۾ سينگاريون.“ (احمد، 1967ع، ص، 3)
سيد احمد پنهنجي سنيهي ۾ سنڌي عوام کي قلندر لعل شهباز جو روحاني فيض، قلندرانه فلسفي ۽ الستي ڪلام کي عام ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي، ۽ سندس آخري آرامگاهه سيوهڻ کي تمام سهڻي نموني سان سينگارڻ جي به هدايت ڪري ٿو.
ڪتاب ۾ شامل ٻه اکر، مرتب پروفيسر محبوب علي چنا جا لکيل آهن، جنهن ۾ هن هر سال ٿيندڙ سالانه ورسين متعلق ڄاڻ ڏني آهي.
ان کانپوءِ سيد ڏنل شاهه جو، ”قلندري مشرب“ جي عنوان سان ، پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ قلندر لفظ جي معنيٰ، قلندري مشرب طريقو وغيره جي باري ۾ وضاحت ڪيل آهي.
مثال طور: قلندري مشرب وارن جي وضاحت ۽ واکاڻ ڪندي لکي ٿو ته:”قلندري هڪ اهڙو گروهه آهي، جنهن کي صوفي چئجي ٿو ۽ اهي پاڻ کي ملامتي به سڏيندا آهن، قلندر جي حقيقت اها آهي، جو مجلس ۽ ڳالهه ٻولهه جي آدابن جا پابند نه هوندا آهن ۽ اهي پاڻ وٽ ڪجهه به ذخيرو نه رکندا آهن ۽ نڪي مال دولت کي ميڙيندا آهن، دنيا وارن کان پاسيرا رهندا آهن.“ (شاهه، 1967ع ، ص ، 10 )
اهڙيءَ طرح سان الاهي انوارن کي پسڻ ۽ ڌڻي جي پرستش مان مزو ماڻڻ مڙني صوفين جو مرڪ۽ من جي مراد رهي آهي، پر انهيءَ مقصد کي ماڻڻ لاءِ انهن جون رياضتون،ذڪر و فڪر ۽ ٻيا ذريعا جدا جدا رهيا آهن ، ان ڪري سندن مشرب، طريقو ۽ دائرو به جدا جدا ٿي ويو ۽ اهي ڪن بزرگ صوفين جي نالن ڏانهن نسبت ڪري هنن فرقن ۾ ورهائجي ويا. قادري، سهرودي، چشتي ، نقشبندي، شطاري، جنيدي، اويسي ، ملامتي ۽ قلندري وغيره.”پرينءَ جي پانڌيئڙن کي خطاب“، جناب محمد علي دائود پوٽه جو پيش ڪيل آهي، هن پيش ڪيل خطاب ۾، حضرت قلندر لعل جي ميلي ۾ ايندڙ پانڌيئڙن لاءِ هن طرح لکيو آهي:
”پرينءَ جي پانڌيئڙي مان، منهنجي مراد لعل جو پانڌيئڙو“ آهي، وسن مينهن ۽ ملن مارو، قلندر شهباز جي محبت جي، سنڌ مهراڻ جي ماڻهن کي ميڙي ميلي ملاقي ڪري ٿي، هر ڪو سڪ سانڍي لعل جي پڙ ۾ پير پائي ٿو، مست مست ڪندو ميدان ۾ اچي ٿو، هر ڪو هيج مان مست قلندر لعل چئي، پنهنجو جذبو ظاهر ڪري ٿو، قلندر جي ڪشتي ۾ پير پائي قلندري سڏائي ٿو پر اي پانڌيئڙا، ”پير پرجهي پاءُ ماڻهن جي مجلس ۾“، ڇاڪاڻ ته: ”هر آن که سرمي تراشد قلندر نمي شود“ ها! تون هلين ٿو، گهمي ٿو، ڦرين ٿو، پنهنجي طبيعت ۽ مزاج آهر هت بازارون ڏسين ٿو، وکر وهائين ٿو، پر اي پانڌيئڙا، ”وکر اهو وهاءِ ۽ جو پئي پراڻو نه ٿئي.“ هي ويل هٿان ويئي وري نه ايندي، ميلو موٽي ايندو، متان تون نه موٽين، توکان اڳ ڪئين قلندري آيا، پڪون ۽ پيالا پي ونڊ وٺي ويا ۽ وري نه آيا“ (دائود پوٽه، 1967ع ،ص ، 12 )
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته، جڏهن قلندرلعل شهباز جو ميلو ايندو آهي ته، پري پري کان پوري دنيا مان پانڌيئڙا ڏورانهون سفر طعي ڪري ايندا آهن، اهي پانڌيئڙا اڃا جڏهن سيوهڻ جي ويجهوئي هوندا آهن ته انهن تي هڪ مستيءَ جو اثر ڇائنجي ويندو آهي ۽ پري کان سخي شهباز قلندر مست ۽ جيئي لعل سيوهاڻي جا نعرا گونججهي ويندا آهن ، انهن پانڌيئڙن مان ڪي اهڙا به هوندا آهن، جيڪي قلندري فيض وٺي پنهنجي ماڳ روانا ٿيندا آهن.
اهڙيءَ طرح سان هن ڪتاب جو ٻيو حصو، شاعريءَ تي مشتمل آهي، ڪتاب جي هن حصي ۾ قلندرکي منظوم ڀيٽا واري اسم ۾ هيٺين شاعرن، مخدوم طالب الموليٰ، حافظ محمد احسن چنا، جناب احمد خان آصف مصراڻي جناب پير علي محمد اظهر، شهباز علي ملازم سروري، حاجي رحيم بخش صاحب ”قمر“ وغيره . جي شاعري منظوم ڀيٽا طور شامل ڪئي ويئي آهي.
مثال طور: مخدوم طالب الموليٰ جو هڪ شعر هيٺ ڏجي ٿو:
”وري شهباز جي اهل خمستان کي مبارڪ ڏيو،
انهن چاڪ گريبان، چاڪ دامان کي مبارڪ ڏيو،
قدم جيڪي وٺي آيا هتي اي طالب الموليٰ،
انهن پاران قلندر شاهه شاهان کي مبارڪ ڏيو.“
(طالب الموليٰ ، 1967ع ،ص ، 17 )
طالب الموليٰ جي مٿئين شعر ۾، ميلي ۾ ايندڙ پانڌيئڙن کي، ”مبارڪ“ جي حوالي سان آڌر ڀاءُ ڪيو آهي، ته وري شهباز جو ميلو اچي ويو ۽ پانڌيئڙا به اچي ويا، تن کي مبارڪ پيش ڪئي وئي آهي.
ڪتاب جي عنوان، ”سردار قلندر“ جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”جيئن ته حضرت مخدوم سيد عثمان قلندر لعل شهبازرح سنڌ جي اوليائن جو سردار آهي. تيئن ڪتاب جو نالو ”سردار قلندر “ تجويز ڪيو ويو آهي، اميد ته لعل سائين جي لنؤ وارن کي پسند ايندو.“ (چنا، 1967ع، ص، 6 )
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ خبر پوي ٿي ته، هي ڪتاب نهايت محنت ۽ دانشمندي سان مرتب ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ شامل ڪيل مضمون ۽ شاعري، قلندرانه فلسفي ۽ الستي ڪلام جي حوالي سان ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ۾ بهترين اضافو ڪن ٿا ۽ قلندر جي نذرانئه عقيدت ۾ هڪ ادبي گلدستي جي حيثيت رکي ٿو.
حوالا
(1) خان صاحب، مسرورحسن:”نذرانئه عقيدت“، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال _ 1967 ، ص ، 1.
(2) شاهه، سردار احمد، سيد: ”سنيهو “، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال _ 1967، ص ، 3.
(3) شاهه، ڏنل سيد: مضمون، ”قلندري مشرب“، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سال _ 1967 ، ص ،10.
(4) دائودپوٽو، محمد علي: ” پرينءَ جي پانڌيئڙي کي خطاب “ ،”سردار قلندر“ ، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سال _ 1967 ، ص ، 12.
(5) طالب الموليٰ، محمد زمان، مخدوم: نظم”مبارڪ “، ”سردار قلندر“ ، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي ، سال - 1967 ، ص، 17.
(6) چنا، محبوب علي، پروفيسر : ”ٻه اکر“، ”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، سيوهڻ ، قلندر شهباز ميموريل ڪاميٽي، سال - 1967، ص، 6.
*
(xii) سيوهاڻي بادشاهه
پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، ”سيوهاڻي بادشاهه “ نالي هڪ ڪتاب، حضرت قلندرلعل شهباز جي 718 سالا ورسي جي موقعي تي مرتب ڪيو، جيڪو زينت پرنٽرس، کوکر محلا حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپيو، ۽ قلندر شهباز اڪيڊمي جي اعزازي سيڪريٽري، پروفيسر محبوب علي چنا طرفان، سيپٽمبر 1972ع ۾ شايع ڪيو ويو. ڪتاب ”سيوهاڻي بادشاهه“ ۾ ڏنل مواد جو وچور ڪجهه هن طرح آهي.
سڀ کان پهريان مرتب پاران، ”مختصر تعارف“ جو عنوان ڏنو ويو آهي، هن مختصر تعارف ۾ سورهن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف ڏنو ويو آهي.
ان کانپوءِ هن ڪتاب کي ٻن حصن م ورهايو ويو آهي، هڪ نثر ۽ ٻيو نظم. نثر واري حصي ۾ مختلف اديبن، عالمن جا تحقيقي مقالا شامل آهن، جيڪي قلندر لعل شهباز جي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي لکيل آهن.
مثال طور: ”علم ۽ عرفان جو آفتاب“ جي عنوان سان، پروفيسر مولانا قاسمي جو مقالو ڏنل آهي. جنهن ۾ مولانا قاسمي صاحب، حضرت قلندر لعل شهباز کي علم جو عرفان ۽ آفتاب سڏيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته: ”حضرت مخدوم عثمان قلندر رحه، علم۽ عرفان جا اهي آفتاب عالم تاب آهن، جن ڇهين ۽ ستين صدي هجريءَ ۾، نه رڳو پنهنجي آبائي وطن ۽ ان جي آسپاس کي فيضياب ۽ قلندري مشرب کان متعارف ۽ روشناس ڪيو، پر، برصغير جي هن پاڪ خطي سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن پرڳڻن کي، علم ۽ عمل جي برڪت سان مالا مال ڪري ڇڏيو.“ (قاسمي ، 1972ع ، ص ، 1)
اڳتي هلي پاڻ وڌيڪ لکن ٿا:” هن بزرگ ولي، ٿوري ئي مدت ۾، سنڌ کي پنهنجي علم ۽ عرفان سان منور ڪري ڇڏيو ۽ روحاني طور اڄ تائين هن خطي تي، سندن حڪومت جاري آهي انهيءَ ڪري کين سنڌڙيءَ جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو.“ (قاسمي ، 1972ع ، ص ،7)
هن مقالي مان اها خبر پوي ٿي ته، قلندر لعل شهباز علم ۽ عرفان جي منزل تي فائز هئا. پاڻ فقيريءَ سان گڏ علم جي حاصلات حاصل ڪئي، ۽ وري ان کي ٻين تائين پهچايو هن مقالي ۾ مولانا صاحب ڪيترن ئي ٻين عالمن جا حوالا ڏيئي اهو ثابت ڪيو آهي ته، لعل شهباز قلندر، علم ۽ عرفان جا آفتاب هئا.
پروفيسر زيب ڀٽي، جو مقالو، بعنوان ”قلندر جي شعر جي تحقيق ۽ سندس شاعرانه حيثيت“ پيش ڪيل آهي، جنهن ۾ پروفيسر زيب صاحب، قلندر لعل شهباز جي شاعرانه حيثيت جي حوالي سان هن طرح لکي ٿو ته :
”قلندر شهباز جي شاعرانه حيثيت ۽ سندس شعر جي تحقيق اڃا تحقيق طلب آهي، جيتوڻيڪ قلندر سائين وڏو عالم فاضل ۽ شاعر هو. سنڌ جي مڪتبن ۾ جيڪي ڪتاب پڙهيا ويندا هئا.تن ۾ حضرت قلندر شهباز جا ڪتاب عقد، قسم دويم، اجناس ، ميزان صرف پڻ شامل هئا. پر جيئن ته اڄ اهي ڪتاب اڻ لڀ آهن، تن جي پڻ تحقيقات ڪري، پراڻين لئبريرين مان پتو ڪڍجي ته، جيئن اسان کي ثبوت مهيا ٿي سگهن. قلندر شهباز جي شاعريءَ جي عظمت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ڇوته پاڻ ڪامل ولي، درويش، مفڪر، عالم ۽ فاضل سان گڏ، صرف ونحو جو وڏو ماهر، زباندان ۽ قابل سيار هو.ان ڪري شهنشاهه جي صوفيانه شاعريءَ ۾ پختگي، بلند پروازي، فطرت نگاري، بلاغت ۽ سلاست اتم هوندي هئي، نه فقط سندن مشاهدي جا مهٽيل تجربا هوندا هئا، پر منجهس روحاني روشنيءَ سان سڀ راهون روشن هونديون هيون.“ (ڀٽي ، 1967، ص ، 10 )
هن مضمون ۾ زيب صاحب، ڪن اسڪالرن جا حوالا به ڏنا آهن، ڪن اديبن جي اها راءِ آهي ته، جيڪو ڪلام حضرت قلندر لعل شهباز ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، اهو سندس نه آهي، بلڪه شيخ عثمان انصاري جو آهي. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته، سنڌ تي ڌارين قومن جي ڪاهن جيڪا تباهي مچائي ڏني، تنهن طوفان ۾ ڪيئن روشن ڏيا وسامي ويا. ڦرلٽ جي دؤر ۾ ڪئين خزانه لُٽجي ويا ۽ دٻجي ويا. شهرن جي بربادين ۽ وسندين جي ويرانين ڪري، اسان جي ادب جو سمورو سرمايو ۽ وڏن جو ورثوتباهه ۽ برباد ٿي ويو، اهڙي طرح حضرت قلندر لعل شهباز جي شاعريءَ جو سلسلو به، ڪٿي ڪنهن واقعات جي وات ۾ ويڙهجي ويو هجي، جو چند فارسي شعرن کانسواءِ سندس سارو ڪلام ڪونه ٿو ملي.
جڏهن ته مٿين دليلن مان ثابت ٿيو ته، حضرت قلندر لعل شهباز شاعر ضرور هو پر سندس ڪلام گم ٿيل آهي ۽ چند شعرن جي آڌار تي ٻين شاعرن تتبع ڪيو هجي، تنهن کانسواءِ ڪن شعرن ۾، ” عثمان مروندي “ ”قلندر “ ۽ ” شهباز “ لفظ تخلص طور ڪم آيل آهن. هن ساري مضمون مان معلوم ٿيو ته قلندر شهباز شاعر ڪامل هو، پر سندس ڪلام جي تحقيقات اڃا تحقيق طلب آهي، جيڪو فرض اسان جا محقق ۽ مؤرخ عالم ۽ اديب سرانجام ڏئي سگهن ٿا.”حضرت قلندر لعل شهباز جي تعليم“ ، جي عنوان سان نامور عالم ۽ محقق، مولانا غلام مصطفيٰ دادوي جو مضمون ڏنل آهي، جنهن ۾ هو لکي ٿو ته :
”جڏهن کان الله تعاليٰ هن دنيا کي پيدا ڪري منجهس حضرت آدم خليفو مقرر ڪيو، ان وقت کان وٺي بني آدم جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ وحي جو سلسلو جاري ٿيو. ان وحي جو پهريون مهبط ۽ مخاطب حضرت آدم عليه السلام هو ۽ پويون ۽ آخري حضرت محمّد رسول الله صليٰ الله عليه وسلم هو. ان ڪري ئي حضرت محمّد رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو آهي ته: ”علماء امتي کانبياء بني اسرائيل“ يعني، منهنجي امت جا علماء بني اسرائيل جي نبين جهڙا آهن. هن مان اها ڳالهه معلوم ٿي ته ، هن امت جي اصلاح ۽ سڌاري لاءِ، رسول الله جو فرض علماء ۽ اولياء کي سپرد ڪيو ويو آهي. اسانجي سنڌ جي لعل شهباز قلندررح کي به، انهي ئي فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ مروند جي شهر کي الودع ڪري، سيوهڻ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻي پئي، جتي ڪفرستان هو ۽ جيڪو گناهن جو مرڪز هو، حضرت شهباز قلندر، هڪ وڏو ماهر لسانيات، عالم فاضل ۽ صاحب حال ۽ قال هو. تنهن هن سرزمين ۾ توحيد جو درس ڏنو، گمراهه انسانيت جي رهنمائي ۽ رهبري ڪئي ۽ ڪفر ۽ شرڪ جي پاڙ پٽي.“ (دادوي ، 1972ع ، ص ، 14)
مطلب ته حضرت قلندر لعل شهباز سيوهڻ ۾ اچي، راهه راست تان ڀٽڪيل انسانن کي پنهنجي حقيقي مالڪ کي سڃاڻڻ ۽ سندن ڪٽيل قلبن کي اسلام جي تعليم سان روشن ڪري، ظلم جي پاڙ پٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مقصد نه هو، ڇاڪاڻ ته قلندر لعل شهباز سيوهڻ ۾ اچڻ شرط، ڪنهن به طاقت جي پرواهه نه ڪندي ڪرامتن جو اظهار ڪرڻ ۽ کليءَ طرح اسلامي تبليغ ڪري، هتان جي ماڻهن جي دلين تي وڏو اثر ڪيو، جنهن ڪري سڀ سندن بزرگيءَجا قائل ٿي ويا، ڪيترن سندن عملي زندگي ۽ محبت مان فيض حاصل ڪري پنهنجون مرده دليون جيئاري، پنهجي تاريڪ زندگي روشن ڪئي، انهن مان ڪيترا صاحب ڪرامت بنيا ته ڪي پرهيزگار ۽ زاهد و تقويَ جا مالڪ بنيا ته ڪن وري پنهنجي اڳ ڪيل خطائن جي معافي وٺي، پنهنجي زندگي سنواري ۽ بارگاهه رب العزت ۾ عاجزي ڪري، پنهنجاٻئي جهان موچارا ڪري، ابدي آرام حاصل ڪيو،يعني حق آيو ۽ باطل مٽجي ويو.
هن ڪتاب ۾، هڪ مضمون بعنوان “ڌمال” محمد علي دائودپوٽو جو ڏنل آهي، جنهن۾ هن ڌمال تي روشني وجهندي هن طرح لکيو آهيِ:
”قلندر لعل شهباز جي ميلي جي ريتن رواجن ۽ رسمن مان، ”ڌمال“ پڻ هڪ متبرڪ رسم آهي، جا ميلي جي ٽنهي ڏينهن تي درگاهه جي عَلَم هيٺان، صبح جو فجر نماز کانپوءِ، پهرين ڏينهن سوا پهر، ٻئي ڏينهن ڏيڍ پهر ۽ ٽئين ڏينهن ٻن پهرن تائين لڳندي آهي.“
پاڻ ڌمال لفظ جي حوالي سان وڌيڪ لکن ٿا ته، ”ڌمال کي ايڏي اهميت ڇو ڏني وئي،اهو انهيءَ لاءِ ته ”ڌمال“ ، لفظ دم. آل جو مرڪب آهي، جنهن جو مطلب آهي ”دم“ يعني ”ساهه“ مٿي ۽ هيٺ کڻڻ، دراصل هي سهروردي طريقي جو ذڪر آهي، جو منصور حلاج ۽ مولانا رومي کان ساز ۽ سماع سان شروع ٿيو.“ (دائود پوٽو، 1972ع، ص 17، 18)
لفظ ”ڌمال“ جي حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هن طرح لکي ٿو: ”ڌمال هندي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ٽپ ۽ ڪڏ ڏيڻ“ شور و غل ڪرڻ، هي لفظ ڌمال مان ورتو ويو آهي، ڌمال هڪ سرتار جو نالو آهي، جنهن ۾ چوڏهن ماترائون آهن، هي سرتار هندي هوليءَ جي ڏڻ تي وڄائيندا آهن.“ (ميمڻ، 2007، ص: 186)
اهڙي نموني ڪتاب گلزار قلندر ۾، محمد پريل سيوهاڻي لکيو آهي ته :” ڌمال جو صحيح لفظ آهي دم+ آل= يعني دم گهٽي الله پاڪ جو قلبي ذڪر ڪرڻ، مگر ان جي صحيح مقصد ۽ صحيح نالي کي بگاڙي ”ڌمال“ سڏيو پيو وڃي. جو وري هندي ٻوليءَ جو لفظ بنجي پيو، جنهن جي وري معنيٰ آهي ٽپ، ڪڏ، شور و غل، فقيرن جو ڪڏڻ، راڳ جو قسم وغيره.“ (سيوهاڻي، 1972ع، ص 203)
مطلب ته ميلي جا ٽئي ڏينهن، روزانو ڏينهن رات، هزارين عقيدتمند هر گهٽي، چونڪ ۽ صحن ۾ وڏن دهلن جي وڄت تي ڌمالون مست، مست جا نعرا هڻندا، شاندار وڏا چادرن جا جلوس ڪڍي، نچندا ڪڏندا آهن، جن ۾ ننڍا ٻار، عورتون، جوان توڙي ضعيف عمر وارا ماڻهو به شامل هوندا آهن، ڌمال جي مستي ۽ جنون ۾ اچي، پنهنجي حال کان بي خبر بنجي اچي درگاهه تي حاضري ڏين ٿا. اهي منظر ڏسي دل کي اهو مڃڻو پوندو آهي، ته هن سجاڳيءَ ۽ جديد دؤر ۾ به ڌمال جي سرود جا عام ماڻهو قائل آهن ۽ قلندر لعل سان سندن ڪيڏي نه حقيقي عقيدتمندي آهي. ڪتاب ۾ نثر واري حصي ۾ آخري مضمون، غلام حيدر سولنگي سيوهاڻي جو بعنوان، “لعل ڪنوار” ڏنل آهي، جنهن ۾ قديم روايتن تي هڪ ڪهاڻي طور پيش ڪيل آهي.
مثال طور: ”ڪملا، جيڪا هتي جي ڪمارين جو نڪ هئي، اها هميشه وانگر هار سينگار ڪيو پنهنجي ماڙي تي بيٺي هئي، هن ڪئين ڪنڌر ڪُهي ڇڏيا، تنهن ڪري سرسي ڪيل ملهه وانگر ميدان ڪيو بيٺي هئي. هڪ ڏينهن هڪ حسين اجنبي جوان جي ڪنن ۾ دُر (ڪنن ۾ پائڻ جو هڪ ڳهه) پيل هئا، کيس ڳاڙهو لانگوٽوٻڌل هو، هو بلڪل بي نياز ٿيو، هن بستيءَ جو سير سفر ڪرڻ لڳو، ڪملا جي نظر جڏهن نانگي تي پئي، تڏهن مومل وانگر مت وڃائي ويٺي، سندس جادو وارو محل ڊهي پيو، ڪملا پوتي ڳچيءَ ۾ وجهي ڊوڙي اچي سندس قدمن ۾ ڪري، اکيون قدمن تي رکي زار زار روئي رهي هئي، حضرت قلندر لعل شهباز جون نظرون آسمان ۾کُتل هيون، هو مالڪ سان مخاطب هو، ”مالڪ! تو انسانن کي ته پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو، کين اشرف المخلوقات جو لقب عطا ڪيو، هنن کي گهرجي هو توسان پيار ڪن، پر هو گمراهه ٿي، توکي وساري ويٺا آهن، کين روشن راهه ڏيکار. ڪملا جي ڳوڙهن سان، سندس قدم پسي پيا هئا. هندن جا ميڙ اچي مڙيا، : شهباز سائين ڪملا کي مٿي تي هٿ رکي چيو، ”مائي خدا تنهنجو ست سلامت رکندو.“ پوءِ سندس مٽن کي هدايت ڪيائين ته، ڪملا کي باهه حرام آهي، تنهن ڪري سندس وفات تي کيس دفنايو وڃي. ڪملا جي زندگيءَ ۾ وڏي تبديلي اچي وئي، ان ڏينهن کان پاڪائيءَ واري زندگي گذارڻ لڳي. ماڻهو کيس ”لعل ڪنوار“ ڪري ڪوٺيندا هئا.“ (سولنگي، 1972ع، ص: 23)
مختلف ڪتابن ۾ سيوهڻ جي کڏ محلا جي ”قانوگن“ محلا جيڪو هندن جو خاص محلو هوندو هو، ان محلي ۾ هندن بابت مختلف روايتون ملن ٿيون، سولنگي صاحب انهن روايتن مطابق، هڪ ڪهاڻي ”لعل ڪنوار“ جي نالي سان لکي آهي. حقيقت ۾ اها ئي پهرين خوش نصيب عورت هئي، جنهن کي قلندر لعل شهباز جي نظر ڪرم نصيب ٿي، جنهن جي طفيل سندس جسم ظاهري طرح باهه ۾ سڙڻ کان بچي ويو،انهيءَ ڪري ان جي قبر لاءِ به اهو چيو ويو ته، اها لعل سائينءَ جي ڪنوار جي قبر آهي.
هن ڪتاب جو ٻيو حصو شاعريءَ تي مشتمل آهي، هن حصي ۾ نامور ارڙهن شاعرن جي شاعري شايع ڪيل آهي. مثلاً: حافظ محمد احسن چنا، عبدالڪريم گدائي، مولانا عبدالله اثر، امداد حسيني، قطب الدين “تاب”، احمد خان آصف، محمد خان مجيدي ۽ استاد بخاري وغيره.
حافظ محمد احسن چنا جو شعر مثال طور: “ستاره منور” قلندر“ جي عنوان سان پيش ڪيل آهي.
”مسيح زمان هت قلندر ٿي آيو،
ڀليل گمراهن لاءِ رهبر ٿي آيو.
طريقو قلندر جو اعليٰ علحدو،
سخي شاهه عثمان سڪندر ٿي آيو.
سدا مست مستي ۾ مست و قلندر،
سڌارڻ لئه ماڻهن جي اظهر ٿي آيو.
جي عاشقن ۽ ”احسن“ ۽ طالب تمامي،
انهن لاءِ دلدار دلبر ٿي آيو.“
(چنا، 1972ع، ص: 26)
چنا صاحب جي مٿئين شعر ۾، حضرت قلندر لعل شهباز جي روحاني تعليم ۽ تبليغ جي حوالي سان معلومات ملي ٿي، ڇو ته پاڻ سيوهڻ ۾ اچي گمراهه ۽ ڀٽڪيل انسانن کي صحيح دڳ لاتو.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ شامل مواد نه رڳو معلوماتي ۽ بامقصد آهي، جنهن مان هر دؤر جو تحقيق ڪندڙ ۽ عام مطالعو ڪندڙ استفادو حاصل ڪري سگهي ٿو.
حوالا
(1) قاسمي، مولانا، پروفيسر، مقالو، ”علم ۽ عرفان جو آفتاب“، ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال 1972ع، ص: 1.
(2) ڀٽي، زيب، پروفيسر: مضمون، ”قلندر جي شعر جي تحقيق“ ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال 1972ع، ص: 10
(3) دادوي، غلام مصطفيٰ، مولانا: مضمون، ”حضرت قلندر شهباز جي تعليم“، ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب: پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، 1972ع، ص: 14.
(4) دائودپوٽو، محمد علي: مضمون، ”ڌمال“ ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب: پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال، 1972ع، ص: 18، 17.
(5) ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: ”سوانح، حضرت قلندر لعل شهبازرح“، ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن، سال 2007ع، ص: 186.
(6) سيوهاڻي، محمد، پريل، سولنگي: ”گلزار قلندر“، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال 1972ع، ص: 203.
(7) سولنگي، غلام، حيدر، سيوهاڻي: مضمون، ”لعل ڪنوار“، ”سيوهاڻي بادشاهه“ ، مرتب پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي، سال، 1972ع، ص: 23.
(8) چنا، حافظ، محمد احسن، نظم، ”ستاره منور قلندر“، ”سيوهاڻي بادشاهه“، مرتب: پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز اڪيڊمي، سال1972ع، ص: 26.
(xiii) ضياءُ الشهباز،”,English Book: “Zia-u-Sh-Shahbaz
هيءُ ڪتاب، ”ضياءُ الشهباز“ مرحوم رئيس ضياءُ الدين ايس بلبل جو انگريزي زبان ۾ شايع ڪيل آهي. هن ڪتاب جو مرتب پروفيسر محبوب علي چنا آهي، جنهن قلندر شهباز جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1966ع ۾، سنڌ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد ۾ ڇپيو، ۽ قلندر شهباز اڪيڊمي، حيدرآباد جي سيڪريٽري طرفان شايع ڪيو ويو، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1972ع ۾ شايع ٿيو.
ڪيترن محققن قلندري فلسفي کي نظر انداز پئي ڪيو آهي، انهي حوالي سان ضياءُ الدين ايس بلبل مهاڳ ۾ لکيو آهي ته:
”قلندر لعل شهباز جي خدمتن ۽ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ گهري تحقيق جي ضرورت آهي، سڀ کان اول هن بزرگ جي جلال کي سمجهڻو پوندو، ڪيترن ئي محققن صرف وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود تي ڪم ڪيو آهي ۽ قلندري فلسفي کي هنن مڪمل نظر انداز ڪيو آهي، تنهن ڪري اها ضرورت محسوس ڪئي وئي ته، حضرت قلندر لال شهباز جي باري ۾، انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب شايع ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي گهربل ڄاڻ ملي سگهي ۽ پوءِ ان کي سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرائجي .“ (بلبل ، 1966ع، ص، 11)
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته، قلندر لعل شهباز جي زندگي جي مختلف پهلوئن جي حوالي سان، هن ڪتاب کي انگريزي زبان ۾ ان ڪري لکيو ويو ته، جيئن اهي ماڻهو جيڪي سنڌي ۽ اردو نه ٿا سمجهي سگهن، اهي به قلندر لعل شهباز جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هن ڪتاب ۾ رئيس ضياءُالدين ايس بلبل جي مختصر سوانح حيات، مرتب طرفان ڏني وئي آهي. جنهن ۾ مرحوم ضياءُالدين بلبل جي خوبصورت تصوير به ڏني وئي آهي، سندس مختصر سوانح ۾ ولادت، تربيت ۽ روحاني تعليم جيڪا سندن هڪ عظيم بزرگ مولانا غلام محمد سودهر جن ڪئي، ضياءُالدين بلبل هڪ وڏو مدبر، اديب، صحافي ۽ شاعر به هو، پاڻ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا لکيائون، سندس ڪجهه محفوظ ڪتابن جا نالا به ڏنا ويا آهن جيڪي هي آهن.
(1) ديوان ضياءُ (2) مجار بتور ضياء
(3) ضياءُ الشفا (4) ضياءُ الحديث
(5) ام الحڪمت (6) مضامين ضياءُ
(7) ضياءُ الادب (8) راهه نما،
(9) درد ناڪ دوستي (10) عشراء ضياءُ
(11) اڪثر ضياءُ (12) ضياءُ الحج
(13( ضياءُ النجم
اهڙيءَ ريت قلندر شهباز اڪيڊمي ۽ پروفيسر محبوب علي چنا جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان هن ڪتاب کي خوبصورت نموني سان ترتيب ڏيئي قلندر جي شائقين لاءِ شايع ڪرايو ويو ۽ خاص طور تي سنڌي ۽ اردو نه ڄاڻندڙن ۽ لاءِ هي ڪتاب سٺي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو.
هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ اهو نتيجو حاصل ٿئي ٿو ته، هي سمورو مواد، قلندرانه زندگي ۽ قلندر جي فڪر ۽ فلسفي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي، ۽ قلندر لعل شهباز جي وطن، جنم، تعليم، سيروسياحت، قلندري وصفون، شاعري، وفات وغيره جي ڄاڻ ملي ٿي، انگريزي زبان ۾ شايع ٿيل هي ڪتاب، دنيا جي انهن مفڪرن ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو، هي ڪتاب غير مسلم ۽ دنيا جي ٻين قومن لاءِ به هڪ بهترين ڄاڻ جو ذريعو آهي.
حوالو
(1) بلبل، ضياءُ الدين، ايس ، ”ضياءُ الشهباز “، مرتب، پروفيسر، محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر شهباز، اڪيڊمي ، ڇاپو پهريون، سال، 1966ع ، ص ، 11.
*