پروفيسر محبوب علي چنا جي شايع ٿيل شاعري
هونءَ ته چنا صاحب جو ڪو اهڙو شاعري جو ڪتاب ته نه ٿو ملي، پر ڪن ڪتابن ۽ رسالن ۾، سندس شاعري ملي ٿي، سندس ڇپيل شاعريءَ کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، پروفيسر محبوب علي چنا هڪ سٺا ۽ پختا شاعر به هئا، کين شاعري جي، بحر، وزن جي پڻ سٺي ڄاڻ هئي.
سندس شعر لکڻ بابت، احمد خان آصف مصراڻي لکيو آهي ته: ” مرحوم ڪڏهن ڪڏهن شعر به چيو آهي، ”نئين زندگي“ ۾ سندس فقط هڪ نعت ۽ ڪجهه ابيات شايع ٿيل آهي، باقي سمورو مواد نثر ۾ آهي“ (آصف،1978ع، ص، 22 )
اهڙي طرح سٺي شاعر هجڻ جي خوبين جي حوالي سان، ڊاڪٽر غلام علي الانا، هن طرح ٻڌائي ٿو؛ ”چنا صاحب جي شاعري آهي ته گهٽ، پر اها لکن جي مٽ آهي،جيڪو حضرت قلندر لال شهباز تي لکي ٿو، ته اهو بلڪل سٺو شاعر چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهي انسان ۾ شاعر هئڻ جون سموريون خوبيون ظاهر هيون، ۽ اها ڳالهه مڃڻي پوي ٿي ته، چنا صاحب ’هڪ سٺو شاعر هو“ . (الانا، ذاتي انٽرويو،2011 )
پاڻ شاعريءَ جي جن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿن، اهي هڪ ”مرثيو“ ۽ ٻي ”نعت“ آهن. 22 سيپٽمبر 1955ع تي، پروفيسر محبوب علي چنا جي والده وفات ڪري وئي هئي، پاڻ پنهنجي امڙ جي وفات وقت موجود نه هئا، سي جيڪي ادبي پارا ” جيجل جي جهوري جي ورهه جي ورلاپن“ جي صورت ۾ سندس دل مان ظاهر ٿيا آهن، سي هيٺ ڏجن ٿا:
عنوان ،”جيجل جي جهوري“ (مرثيو)
(1) سمهان ته سمِهڻ نه اچي، وهان ته بي چيني
پاري صورت آهيان، عيني به عيني
ننڊ نه منجهه نيني، جو ڍولن ڍٽ قراريو.
(2) ڍولن ڍٽ قراريو، منهنجي من ۾ مانڌاڻ،
سٽجي ڪٽجي سور۾، سينو جيئن سانداڻ،
”ڪل نفس ذائقة الموت“، اٿئي قرآني اهڃاڻ،
”ياحي ياقيوم“ جو، ورد ڪندو رهه هاڻي،
جڏهن ڀرجي آيو ماڻ،تڏهن صبر سان سالم رهج.
(3) صبر ڪريان ته تلخ ٿئي، حقيقت هي حال،
موڙي نه اٿم اتقيٰ جي، ضبط جو نه اٿم حال،
سائين ڪرتون ڀال، نه ته هڄي ويندس هتڙي.
(4) هڄي ويندس هتڙي، جو ناهي پنڌ جو دم
وڏڙا اتم اُسري ويا، لاهي دهري وهم
ڇڏي ويا آهن هيڪلو، هاڙي منجهه هي لحم،
يتيميءَ جو سامهون، ڇوليون هڻندڙ يم،
قادر ساڻ ڪرم، ٻيلهائي جو ٻاڻ ڏي.
(5) ٻيلهائي جو ٻاڻ ڏي، ته هلجي منجهه هاڙي،
پهڻن پٻ پٿون ڪيا، قلب ڪريون ڪاڙهي،
پو ”لدني درس“ پاڙهي، ڪڍن فتني جي کوري مان.
(6) ڏينهن ٿيا هئم پنج، جو ڏٺم روئي جيجل جو،
نڪتس ٿي سفر تي، ڀريم دعائن سان هنج،
پسيم پرجي منهن جا، گهورن ڀريا گهنج،
اڀرا هٿڙا کڻي چيائين، لٿا محبن! تنهنجا لنج،
گنجن مٿان گنج،مادر هٿان مون مليا.
(7) ”ورهه اٺ آهن“ گذريا، جو ابو ٿيو هوم ڌار
گوندر جي گوندين ۾ مونکي ڪيا ءِ گار،
پر مٺڙي مادر جي ڪري، دل ڪيم قرار،
خبر نه هيم ڪا نه ڪا، ته حال ٿيندم هي زار،
جو منهن نه ڏسندس امڙ جو، هئي هئَي قسمت جي هيءَ ڪار،
ڍڪجانءِ رب ستارا، ڏيئي پاند پناهه جو.
(8) جڙيل آهي جيءَ سان، ”جيجل جي جهوري“
دائم قائم شل رهي، هن جهوري جي لوري،
سو ڪيئن رهندو هن ري، جنهن سان هجر جو هاڃو ٿيو.
(9) والدين ماجدين تي تون رحمت اهڙي ڪر،
جهڙي ڪيائون بنده تي، جڏهن هو اصغر،
الله! منهنجا ور، شل ولهي جو والي ٿئين.
(چنا، 1955ع، ص، 15)
سندن ڪلام جي هن فڪر مان اهو پتو پوي ٿو ته، کين پنهنجي جيجل ماءُ سان تمام گهڻو پيار هو، پاڻ سندن وفات تي مرثيو لکي پنهنجي امڙ جي جدائي کان پوءِ، پنهنجي ڪيفيت لکي اٿن ۽ هن مرثيي ۾ پنهنجي والده سان گهاريل زندگي جو ذڪر ڪيو اٿن.سروري اسلاميه ڪاليج هالا، ۾ جڏهن پاڻ پرنسپال هئا، ته سندن ئي ايامڪاري ۾ پاڻ 1951ع ۾، ”سروري مخزن“ جو بنياد وڌائون، جيڪا سنڌ جي سڄڻن خواه تعليمي ادارن لاءِ، خدمت ۽ اخلاص جي پاڪ جذبات جي حامل ٿي.
سروري مخزن جي سال 60-1959ع واري پرچي ۾، سندس هڪ ”نعت شريف“ ڏنل آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.
نعت شريف
محبوب سندءِ ميخانه ۾، ميءِ خوار گهڻا مستانه گهڻا،
ميءِ باقي جي خمخانه مان، لبريز ٿيا پيمانه گهڻا،
(1) اي پير مغان تنهنجي نيڪ نظر، آهن ته نوايا شمس و قمر،
تنهنجي سنگ درتي سرخم ٿيا، فرزانه گهڻا ديوانه گهڻا،
(2) تنهنجي نرمل نيڪ نگاهه ڪري، تسنيم ۽ ڪوثر تابع ٿيا،
انهن جي ڪناري ڪيئي لڌا، خمخا نه گهڻا، ميءِ خانه گهڻا،
(3) جڏ ساقي سرڪي تو ڪيئي عطا،سڀ جن و بشر قربان،
هيءَ ارض وسما مان آئي ندا، آباد ٿيا ويرانه گهڻا،
(4) تنهنجي دؤر رنگين ۾ اي سنمک، ڪيئي دؤر هليا پيماني جا،
جن لازم پر ڪيو پنهنجن کي، مستانه ڪيا بيگانه گهڻا،
(5) هن بزم گرم تنهنجي ئي مٺا، صد شمعن کي هڻي شل ته ڪيو،
جڏ شمعن جو هي حال سڄڻ، قربان ٿيا پروانه گهڻا،
(6) تنهنجي رهاڻ رتيءَ جي زمزي جو، پر ذوق وارن وٽ ذڪر هلي،
ڪي ڳالهيون ڳالهين تي ٺاهين، ڪن پيش ڪيا افسانه گهڻا،
(7) اي مرڪز- دل سندءِ نظر ڪرم جي، آڏو حاضر ڪيم هيءَ دل،
مقبول پئي ”محبوب“ مٺا، ور توکي ٻيا نذرانا گهڻا،
(چنا، 60-1959ع، ص، 57)
محبوب صاحب لاءِ بنا ڪنهن جهجهڪ چئي سگهجي ٿو ته کين اسلام سان تمام گهڻي محبت هئي خاص طور تي عشق رسول صلي الله عليه وسلم ۽ ان جي ياد ۾ هميشه مگن رهندا هئا، هن نعت ۾ پاڻ نبي آخر زمان کان التجا ڪئي اٿن ته سمورن گنهگارن جا پاڻ ڀر جهلا ٿين.
حضرت قلندر لال شهباز کي ”منظوم ڀيٽا“ پيش ڪرڻ لاءِ پاڻ، بعنوان ”قلندر تنهنجي نگريءَ ۾“ نذرانه عقيدت پيش ڪئي اٿن.
قلندر تنهنجي نگريءَ ۾
قلندر تنهنجي نگريءَ ۾، گهڻيئي دانا ۽ ديوانا،
ڀري ڏي جام مستيءَ جا، سندءِ در تي ڪئي مستانا.
(1) پنهنجي لالي جلاليءَ جو، اثر توڪيو سڄيءَ سنڌ تي،
انهيءَ مستيءَ الستيءَ ۾ رڱيل پڻ يارَ فرزانه.
(2) جيڪو آيو قلندر تنهنجي چائنٺ چَاههَ واريءَ تي،
ڀري جهولي ويندوپنهنجي، ۽ پيمانن تي پيمانا.
(3) مرندي مير! جو آهي سندءِ منزل کان منهن موڙيل،
سدائين سو ٺَلهو ٺُڪريل، خالي هن جا سي تهه خانا.
(4) قلندر لعل سائين پيار پياسين کي اُهو پيالو،
جو فرزانه ٿين پاڳل،۽ پاڳل ٿين سي فرزانه.
(5) تنهنجي پِڙُ جو پياسي پڻ آهي” محبوب“ سيوهاڻي
جنهن لئي کول اي مرشد! محبت جا تون ميخانا.
(چنا، 1973ع، ص، 76)
محبوب صاحب قلندر جي نگري سان وابسته هو، سندن وڏن وٽ قلندر لعل شهباز جي عقيدت جا احوال هن صغير سِني کان ٻڌا هئا. پاڻ به جڏهن هوش ۾ آيو ته، هن جي به قلندر سان اهڙي عقيدت رهي، جو سندن هن سموري شعر ۾ قلندر پاڪ سان پيار ۽ پياس ۽ عقيدت جو پتو پوي ٿو.
اهڙي طرح سان ڪجهه ”ابيات“ جيڪي مختلف ڪتابن ۾ ملن ٿا، اهي هيٺ ڏجن ٿا.
ڪتاب ،”ڪليات امين“ ۾ سندس جا ٻه بيت ملن ٿا، انهن بيتن جي باري ۾”ڪليات امين“ جي صفحي اٺٽيهه تي چنا صاحب لکيو آهي ته:
هڪ دفعي قبله ”طالب الموليٰ“ سائين سان گڏ، هي ناچيز به 26 ڊسمبر 1955ع تي راهونڊ جي رمز واريءَ رات جو روحاني لطف حاصل ڪري آيو آهي، منهنجا تاثرات هيٺيان ٻه بيت آهن.
بيت- (1)
ٿي گڏ جاڻي رندن جي، راهونڊ مٿي رات،
ادا ڪري نه سگهجي، تنهن رات جي ڪا بات،
جتي“ تونهين تون” جي تات، تتي رند به رمزن ۾ رهيا،
بيت- (2)
رند به رمزن ۾ رهيا، پسي رنداڻي رات
“فاذُڪُرُوانِي اَذ ڪُرڪُم” جي، هر ڪنهين هئي تات،
محويت استغراق ڪري،رندن چپ چپات
قربن سندي ڪات، قريبن کي خم ڪيو،
(چنا، 1990ع، ص، 38، 39)
مٿيان ٻئي بيت، ڪليات امين ۾ آيل آهن. هن ۾ پاڻ رندانه طرز زندگي جو ذڪر ڪيو اٿن هنن بيتن مان هڪ بيت ۾، هڪ آيت کي شامل ڪري، پنهنجي شاعرانه ڪمال کي واضع ڪيو اٿن،
بيت- (3)
اچين جي هيڪار، پسين مک محبوب جو،
اها تند تنوار، ته جروهيئي جال ٿيئي!
مٿيون شعر چنا صاحب جي ڪتاب، ”اسلامي تاريخ جو مطالعو“ ۾ ڏنل آهي.
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جي لغت، بعنوان ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ ۾ به ،هڪ شعر ٻٽن لفظن جو ملي ٿو.
زيرو زبر:
”قالو بليٰ جو قول، يقين آهي سر ڪيو،
هر عهد بد جي آر کي، زيرو زبر ڪيو“
)سومرو، 1996ع، ص، 67(
هن شعر ۾ به سندن علمي شاهڪار جو پتو پوي ٿو ۽ ٻٽن لفظن جي استعمال جي فن جي خبر پوي ٿي.
پروفيسر محبوب علي چنا جا ڪجهه ابيات نه صرف سنڌيءَ ۾ ملن ٿا، پر فارسيءَ ۾ به ملن ٿا، سندس ترتيب ڏنل هڪ ڪتاب بعنوان”سردار قلندر“ جي ٽائيٽل واري صفحي تي سندس هڪ فارسي شعر ڏنل آهي، جيڪو هي آهي.
(1) سردار عارفان وسرخيل عاشقان،
سرمست سر قلندر شهباز لامڪان،
دردير لقا آمد با مقصد الستي،
ظلمت مبدل شد در نورِ مهر تابات.
(چنا، 1967ع، سرورق)
ضياءُ الدين ايس بلبل جي، روح پر فتوح لاءِ مغفرت جي دعا گهرندي سندس پر ضيا ياد هن طرح ڏني آهي:
”اے همنفسان محفل ما – رفتي مگر نه ازدل ما“
(چنا، 1967ع، ص، 5)
گورنمينٽ ڪاليج،حيدرآباد طرفان سال 49-1948ع ۾ رساله ”بزم لطيف“، لطيف نمبر شايع ڪيو، چنا صاحب ان رسالي جو تنهن دؤر ۾ نگران هو ۽ اتي ليڪچرر به هو. بزم لطيف جي “تعارف” ۾ سندس هڪ فارسي شعر ڏنل آهي، جيڪو هي آهي:
”برگ سبز آست تحفهءِ درويش
گر قبول آفتدز هے عزو شرف“
(چنا، 49-1948ع، ص، 1)
چنا صاحب جي علمي، ادبي ڪماليت ۾اهو به شامل آهي ته، پاڻ فارسي به سٺي نموني لکي، پڙهي سگهندا هئا، نه رڳو اهو پر فارسي ۾ به ڪجهه شاعري ڪيائون، مٿيان سڀ شعر سندن فارسي علم جي پختي ۽ شاعريءَ جي فن جو اظهار ڪن ٿا،
اهڙيءَ طرح چنا صاحب جي شايع ٿيل شاعريءَ جي جائزي وٺڻ کانپوءِ انهي نتيجي تي پهچجي ٿو ته، چنا صاحب شاعريءَ ۾ مختلف صنفن، جهڙوڪ: مرثيو، نعت ۾ بحر وزن بهتر ڄاڻندا هئا ۽ پاڻ هڪ پختا شاعر هئا، پر سندس شاعريءَ جو ڪو به اهڙو مڪمل مجموعو ڪونه ٿو ملي.
حوالا
(1) مصراڻي، احمد خان ”آصف“: مضمون، ”مرحوم محبوب علي چنا، ۽ رسالو نئين زندگي“ ماهوار رسالو، ”نئين زندگي“ جلد- 3 نمبر3، ايڊيٽر ڪفيل احمد،ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن، مارچ، 1978ع، ص، 22
(2) الانا،غلام علي،ڊاڪٽر: ذاتي انٽرويو، سال، 2011ع،
(3) چنا،محبوب علي، پروفيسر؛ مرثيو، ”جيجل جي جهوري“، ماهوار رسالو ،”نئين زندگي“ ، جلد، 8، نمبر، 11، ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن ،نومبر 1955ع، ص، 15.
(4) چنا،محبوب علي، پروفيسر ؛ نعت شريف ،”سروري مخزن“ هالا، سروري اسلاميه ڪاليج، سال، 60-1959ع، ص، 57.
(5) چنا، محبوب علي، پروفيسر؛ نظم،” قلندر تنهنجي نگريءَ ۾“ ،”قطب قلندر“، مرتب حافظ محمد احسن چنا، سوڌيندڙ، پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، قلندر لعل شهباز ثقافتي ۽ ادبي ڪاميٽي، سال، 1973ع، ص، 76.
(6) چنا،محبوب علي، پروفيسر؛ ابيات ،”ڪليات امين“ ،مخدوم امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا، ڄام شـــورو، سنڌي ادبي بـــورڊ، ڇاپــــو ٻيــــو، ســـال، 1990ع، ص ،38،39 .
(7) سومرو، غلام قادر،ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ ،ڪراچي ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ ،سال، 1996ع، ص، .67
(8) چنا، محبوب علي، پروفيسر ؛”سردار قلندر“، مرتب، پروفيسر محبوب علي چنا ،سيوهڻ، قلندر شهباز ميموريل،ڪاميٽي،سال ،1967ع، ص، سرورق.
(9) حوالو ساڳيو، ص، 5.
(10) چنا، محبوب علي، پروفيسر: تعارف ، رساله، ”بزم لطيف“ (ليطف نمبر) جلد-1، نگران،پروفيسر محبوب علي چنا، حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج سنڌ ، سال،49 ، 1948ع، ص، 1.
*