لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

ھي مقالو اصل ۾ علي اصغر اوٺي جو ايم فل لاءِ لکيل مقالو آھي، جنھن کي ڪتابي صورت ۾ ڇپايو ويو آھي. علي اصغر اوٺي هن مقالي ۾ وڏي محنت ڪري پروفيسر محبوب چنا سيوهاڻيءَ جي سوانح حيات، شخصيت، فن، فڪر، سندس ڪتابن، مقالن، شاعري ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت عرق ريزي ڪري ان جي علمي، ادبي، تحقيقي ۽ تعليمي خدمتن کي نروار ڪيو ويو  آهي.

Title Cover of book پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي

سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا (مقالو)

سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا (مقالو)
هن مقالي جو اصل مقصد هي آهي ته، مهراڻ رسالي جي نمبر، 1-2 ، سال، 1973ع جي، پرچي ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ مقالو بعنوان: ”سنڌي زبان ۾ دوراڙي لفظ“ شايع ٿيو هو، هن مقالي ۾ ميمڻ صاحب جي چوڻ مطابق ته، سنڌ جي قديم ترين تهذيب موهن جي دڙي تي دراوڙن جو فقط، ”اڻ لکو“ اثر پيو آهي. ان متعلق ايڊيٽر مهراڻ پاران لسانيات جي ماهرن جو توجهه ڇڪايو ويو ته، لسانيات جا مستشرقين توڙي ديسي عالم ان امر تي متفق آهن ته، موهن جي دڙي جي تهذيب، زبان ۽ ثقافت تي دراوڙ قوم جو ڪافي اثر رهيو آهي. ميمڻ صاحب جو دراوڙ قوم جي حوالي سان ته، ان جو اڻ لکو اثر هجڻ جي ڪري عالمن ان کي پنهنجي بحث هيٺ آندو.
پروفيسر محبوب علي چنا صاحب تاريخ جي حوالي سان، تمام گهڻي معلومات رکندڙ محقق هو. پر ساڳئي وقت پاڻ لسانيات جو به ماهر هو. سندس هڪ مقالو، ”سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دوراوڙ هئا“ ، جي عنوان سان، مهراڻ رسالي ۾ سال 1973ع ۾ شايع ٿيو، هن مضمون جي ڇپجڻ جو سبب لکندي، ان وقت جي مهراڻ جي ايڊيٽر محترم غلام محمد گرامي صاحب مضمون جي باري ۾ ۽ محقق پروفيسر محبوب علي چنا متعلق پنهنجي نوٽ ۾ هن ريت لکيو آهيِ:
”لسانيات جي ماهر ۽ محقق جناب پروفيسر محبوب علي چنا صاحب، ”سنڌي رسم الخط جي ارتقا“ ، نالي ڪتاب تيار ڪيو آهي. عالمن ۽ ڏاهن جي ڪيل تحقيقات ۽ ڇنڊڇاڻ مان واضح ٿئي ٿو ته، ”سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا، ان ڪري درواڙن جي تهذيب، زبان،ثقافت جو نه فقط گهڻي ۾گهڻو اثر سنڌو ماٿرتي رهيو آهي، پر ان سان گڏ، ان اثر کي، سنڌو ماٿر جي تهذيب تي، دراوڙن جي ثقافت جو بنيادي اثر به چئي سگهجي ٿو، جو اڳتي هلي ٻين قومن ۽ انهن جي ثقافتن جي ميلاپ سان وسيع ٿي ويو، ان سلسلي ۾ محترم پروفيسر چنا صاحب جوهي علمي مقالو پيش ڪجي ٿو، اميد ته مهراڻ جا پڙهندڙ ان کي دلچسپيءَ سان مطالع ڪندا.“ (گرامي، 1973ع، ص، 117)
هن مقالي ۾ چنا صاحب، ڪن عالمن جا رايا به حوالي طور ڏنا آهن، مثال طور ” سنڌي ادب ۾ دراوڙن جو داستان، ڪاڪي ڀيرو مل آندو، جنهن جو ڪوبه ذڪر، حوالو يا اشارو ميمڻ صاحب نه آندو آهي، ڀيرو مل صاحب پنهنجي تاليف، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ هن قوم جي ٻوليءَ (صرف ونحو) ۽ سنڌ ۾ هن قوم جي نشانن جي باري ۾ تيرنهن هنڌن تي ذڪر آندو آهي.
اهڙي طرح سنڌو ماٿرجا اصلي باشندا جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکي ٿو:
”بشريات ۽ حضريات جي عالمن سنڌو ماٿري جي اصلي باشندن جو نسلي جائزو ۽ جسماني ساخت جو اندازو ٻن قسمن جي حاصل ڪيل شين مان ڪيو آهي، هڪ هت جون کوپريون ۽ هڏن جا پڃرا ۽ ٻيو ڪنجهي ۽ پٿر جا بنيل انساني مجسما، موهن جو دڙو، هڙاپا ۽ چنهو دڙي جي کوٽاين مان ڇهه کن کوپريون، چند انساني هڏن جا پڃرا ۽ لا تعداد، هڏا مختلف هنڌن ۽ مختلف حالتن ۾ پکڙيل مليا آهن، پر افسوس هي آهي ته ، هنن هڏاون پڃرن جو اڃا تائين تفصيلي جائزو نه ورتو ويو آهي،ان ڪري جي ڍانچا موهن جي دڙي جي گهٽين يا مڪانن مان لڌا ويا آهن، انهن جي تحقيق جي رپورٽ تي، اسانکي ڀروسو ڪرڻو پوندو، اهڙيون رپورٽون ، مارشل، ميڪي، ڪرنل سميول ۽ مسٽر گوها شايع ڪيون آهن، انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته، موهن جي دڙي ۾ چئن مختلف نسلن جا باشندا آباد هئا، هڪ پروٽو آسٽر لائڊ (Proto australoid) يا آسٽريلوي نسل، ٻيو بحر رومي يا ميڊيٽرينين(Mediterranetn) نسل، ٽيون الپائني (Alpinoid) ۽ چوٿون منگولي.” (چنا، 1973ع، ص ، 119)
مٿين عالمن جي کوجنائن مان اهو پتو پوي ٿو، ته دراوڙ لوڪ موهن جي دڙي جي شاهوڪار سڀيتا جا بانيڪار ۽ معمار پڻ هئا. دريافت ٿيل کوپرين ۾ اڌ کان وڌيڪ هڪ ئي نسل سان تعلق رکن ٿيون ۽ هي نسل بحر رومي آهي، هن نسل جا ماڻهو آئبيريا (اسپين، پور چوگال) کان هندوستان تائين، گهڻي تعداد ۾ ڦهليل هئا. هن جنس جا خاص قسم فلسطين جي اندر نطولي دؤر ۾ ملن ٿا، هي گروهه اتر آفريڪا جي ڏاکڻي پاسي ۽ ايشيا جي اندر هڪ ٻئي کان ممتاز ٿيو هوندو:
ڪرنل سيوي جو چنا صاحب حوالو ڏيندي، هن نسل بابت هن طرح لکيو آهي: ” تحقيق موجب، سنڌو ماٿر ۾ هن نسل جي مردن جي لمبائي، پنج فُٽ سوا چار انچ هئي ۽ عورتون، چئن فوٽن نون انچن کان چئن فوٽن ۽ سوا چئن انچن تائين لمبيون هيون.“ (چنا، 1973ع، ص. 120)
اهڙيءَ طرح ٽي کوپريون، پروٽو آسٽرلائڊ يا آسٽريلوي نسل جون مليون آهن، هي ننڍي قد جا هئا، هنن جي لمبائي سراسري پنج فوٽ ۽ هڪ انچ هئي، هنن جو رنگ گهاٽو ڪارو، وار ڪارا ۽ گهنڊيدار، مٿو ڊگهو، نڪ ويڪرو، چپ ٿلها ۽ گوشت سان ڀريل هوندا هئا. هن نسل جا باشندا اڄ به وچ ڏکڻ هندوستان ۾ موجود آهن. منگول نسل جي فقط هڪ کوپري ملي آهي، موهن جي دڙي جي لڌل کوپرين مان هڪ يقيني طرح ۽ ٽي شبهي طور، الپائني (آلپس جبل جي آسپاس) قرار ڏنيون ويون آهن، بشريات جي ماهرن ڏيکاريو آهي ته، مشرق بعيد يا برفاني دؤر جي آخرين حصي جا آثار نظر آيا آهن جي چند لک سال اڳ حضرت مسيح عليه السلام کان اڳ ( ق _ م ) آهن، پر چند ماهر هن خيال جا آهن ته، منگولي نسل جي ماڻهن جا آثار قديم هجري دؤر ( پٿر وارو دؤر) جي مٿين تهن جا معلوم ٿين ٿا.
اهڙيءَ طرح مٿين بيان ڪيل نسلن مان نه رڳو انهن ماڻهن جي لڌل کوپرين ۽ هڏن مان، انهن نسلن جي تاريخ جي خبر پوي ٿي، پر انهن جي قد ڪاٺ، شڪل شبيهه ۽ ٻين جسماني عضون ۽ رهڻي ڪهڻي جي به خبر پوي ٿي ۽ اها به خبر پوي ٿي ته هر نسل، ٻئي نسل سان پاڻ ۾ ڪيئن ۽ ڪيتري مشابهت رکندا هئا.
پروفيسر چنا صاحب، دراوڙ لفظ تي روشني وجهندي هن طرح لکيو آهي ” دراوڙ جو لفظ برصغير هندو پاڪ ۾، غير آريائي زبان ڳالهائڻ وارين سڀني قومن لاءِ استعمال ڪيل آهي. جنهن مان هي ڳالهه بخوبي سمجهه ۾ اچي ٿي ته، دراوڙ نسلي گروهه کان وڌيڪ لساني گروپن جو نالو آهي، چناچه هتي جا اهي باشندا جن کي پراچين هندوستان جا ” بلسي“ چيو وڃي ٿو ۽ اڄ به وچ ۽ ڏکڻ هندوستان ۾ نيم وحشي زندگي گذارين ٿا، ۽ پروٽو آسٽرلائڊ (آسٽريلوي) نسل سان لاڳاپو رکن ٿا، دراوڙ سڏجن ٿا، اهي باشندا به دراوڙ سڏجن ٿا، جن جو تعلق، بحر رومي نسل سان آهي، هنن جي باري ۾، هي خيال ڪيو ويو آهي ته هو هندوستان ۾ آرين جي آمد کان ڪئين هزار سال اڳ داخل ٿي چڪا هئا، ڪن عالمن جي تحقيق موجب دراوڙن وارو انگريزي لفظ (Dravidian ) يا (dravida ) دميله (Damila ) لفظ جي ڦريل شڪل آهي جنهن کي بعد ۾ تامل (Tamil) سڏيو.“ (چنا، 1973ع، ص، 126)
گهڻو ڪري اڪثر ڪتابن دراوڙن کي، محض ڏکڻ هندوستان جا رهواسي ڪري ڄاڻايو آهي، دراوڙسنڌ ۽ پنجاب جي آثارن کان اڳ چار هزار ق-م ۾، بلوچستان ۾ واسو ڪيو. جنهن جا چٽا اهڃاڻ سندن تعلق واري قوم “بروهي” آهي، اهوئي سبب آهي جو هيءَ دراوڙي قوم آرين جي ڪاهه جو پهريون شڪار رهي ۽ جنهن کي ويدن ۾ “دسيوس” سڏين ٿا، يعني ڊاڪو يا رهزن، البته ايترو چئي سگهجي ٿو ته، سنڌو ماٿر جا چند باشندا، اهڙي قسم جا هئا جي مغرب بعيد ۾ ملن ٿا ۽ انهن جا پؤنير هاڻي هندو ستان ۾ موجود آهن.
پروفيسر چنا صاحب دراوڙي ٻولين جي قدامت جي حوالي سان لکيو آهي ته ” دراوڙي ٻولين جو ذريعو، آسٽريلوي قديم ٻوليون آهن، جيڪڏهن بشريات جي تاريخ (Anthropology) تي غور ڪبو ته معلوم ٿيندو، ته آسٽريليا جي خطي ۾ به جاوا وانگر انسانيت جا پهريان آثار نطر آيا آهن، جاوا مان ودجڪ (Wadjak) ۽ آسٽريليا جي تلگائي (Talgai) ۽ ڪيلور (Keilor) جي مقامات تان جي هڏاوان پڃرا لڌا ويا آهن، سي ڏيکارين ٿا ته، هي پليسٽوسن دؤر اٽڪل چاليهه هزار سال اڳ جي آخري دؤر جا آهن ۽ انسانيت جي آسٽريلوي نسل جا پڙا ڏاڏا آهن.“ (چنا، 1973ع، ص، 129 )
دراوڙي ٻولين جو خاندان يا ڪل ئي نرالو آهي، جنهن ۾ تامل، تيليگو، ڪئنريز، ڪرگو ۽ معيالم ٻوليون مکيه آهن. سنڌ خطي ۾، تاريخ کان اڳ واري زماني ۾، ڪافي نسلي ڦيرا ڦيريون ۽ هجرتون ٿيون،انهن مان چار مکيه مثال پيش ڪيا ويا آهن. پهريون نسل آڳاٽا دراوڙي ، ٻيو آڳاٽا بحر رومي، ٽيون دراوڙ ۽ چوٿون آپسيني، انسانيت جي پهرين بيٺڪ جو ته پورو پرو نٿو پوي پر انسانيت جي ماهرن، پيڪ (Peake) ۽ فليور (Fleure) جي نظريي، مطابق صحرا، ميسوپوٽيما ۽ عربستان، انسانيت جا پهريان گهوارا هئا انسان جي قديم تاريخ ۾ هڪ حادثو رونما ٿيو جڏهن يورپ کنڊ جي اترئين طرف برفاني دؤر ختم ٿيو ۽ صحرا جي مٿان سرد هوائن جا طبق گم ٿي ويا ۽ صحرا جا چراگاهه بدلجي بيابان ٿي پيا، ۽ جيئن ته ان مان جانور دنيا جي اترين خطن ۾ ڀڄڻ لڳا. تيئن شڪاري به، انهن جي ڪڍ لڳا، هي شڪاري ننڍي شڪار تي گذران ڪندا هئا، جيڪي هئا قديم بحر رومي، پروفيسر چنا صاحب جي تحقيقي راءِ مطابق ته:
”برصغير هندو پاڪ جي مرڪزي حصن ۾، هي نسل آباد آهي ۽ هنن کي اسان ”منڊا قوم“ سڏيون ٿا، ان بعد ٻي قوم نسلي نقل و حرڪت بحر رومي سان گڏ دراوڙن جي آئي جا بلوچستان، سنڌو ماٿر، گجرات کان دکن ۽ هندوستان جي ڏاکڻي طرف پهتي ۽ اڃا به اوڀر طرف ڌوڪيندي وئي، سنڌو ماٿر جي اتر-اولهه ۾ هڪ خاص، مختلف ڪلچر پڻ موجود هو. چوٿين نسلي نقل و حرڪت الپيني نسل جي آهي، جو نسل هند و پاڪ جي، الهندي ڪناري تي آباد آهي.“ (چنا، 1973ع، ص، 131 )
سنڌو ماٿر جي اها سڀيتا قديم دراوڙ لوڪن جي آهي ۽ اهو ميسو پوٽيما ۽ مصر ملڪ جي قديم سڀيتا سان ملي اچي ٿي، پرڪن ڳالهين ۾ انهيءَ کي به شهه ڏئي وڃي ٿي، هن مان ظاهر آهي ته دراوڙ لوڪن جي ميسو پوٽيميا طرف وارن سان گهڻي لهه وچڙ هئي، جنهن ڪري سندن، تهذيب به اتي جي ماڻهن جهڙي ٿي. دراوڙ اول اتر هندوستان ۾ آيا جتان پوءِ ڏکڻ ڏي ويا. ڪن جو چوڻ آهي ته، دراوڙ اصل ڀونچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن مان نه هئا اهي اصل هندوستان جا رهاڪو هئا. چنا صاحب آمريڪا جي دوري دوران، جڏهن پاڻ هارورڊ يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ڊاڪٽر، ايڊ منڊ آءِ گارڊن سان ملاقات ڪئي.
تڏهن ان سان به بحث مباحثو ڪيو، ۽ ان بحث مباحثي جو هي نتيجو نڪتو ته: ” آرين کان اڳ سنڌوءَ ۾، آباديءَ جا ٽي طبق هوندا هئا، هڪ منڊا قوم ٻي هنزا ۾ آباد ٿيل قديم قوم، جنهن جي ٻولي نه داردي هئي ۽ نه دراوڙي پر گڏيل، ٽي دراوڙي قوم.“ (چنا، 1973ع، ص، 132 )
انسان جي ارتقا جي تاريخ ڏانهن اگر نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته، اٽڪل ڏهاڪو هزار سال اڳ ”انسان“ تمدني زندگيءَ ڏانهن مائل ٿيو ۽ هن جا مکيه چار، نسل دنيا ۾ مشهور ٿيا، پهريون ڪاڪيزي (Caceriod) ٻيو آسٽريلوي (Australoid) ٽيون، منگولي (Mangoloid) ۽ چوٿون، حبشي (Negroid) سنڌو ماٿر جي هن خطي ۾ چئن ئي نسلن جا نشان ملن ٿا.
اهڙيءَ طرح سان پروفيسر چنا صاحب، مختلف عالمن جي راين سان بحث ڪندي پاڻ هي نتيجو ڪڍيو آهي ته:
”منهنجي اها تحقيق آهي ته، مهراڻ جي ماٿريءَ جا نامور باشندا آڳاٽا دراوڙ (Proto Dravidion) منڊا آهن، ان سلسلي ۾، مون 1961ع ۾ آمريڪا جي دوري دوران، لسانيات جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ هندي، اردو ۽ منڊا زبانن جي ڊائريڪٽر، پروفيسر نارمن زدي سان اورنٽيل انسٽيٽوٽ شڪاگو يونيورسٽيءَ ۾، ”منڊا“ نسل ۽ ٻوليءَ بابت مفصل بحث ڪيو هو، هن صاحب جو به هي پختو رايو هو ته برابر منڊا بر صغير هندو پاڪ جا قديم ترين نواسي آهن.“ (چنا، 1973ع، ص، 133 )
ڪن محققن پاران هن نسل کي آسٽريلوي نسل چيو ويو آهي، حالانڪ مٿي آيل طويل بحث مان هي ظاهر ٿيو ته، آسٽريليا ۾ خود لڏ پلاڻ سبب، باشندا ايشيا جي سر زمين تان آيا هئا، ٻين قومن جي لڏ پلاڻ جي ارتقائي تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته، دنيا جون قومون لڏپلاڻ جي وقت هڪ ئي رخ اختيار ڪنديون آيون آهن.قومن جي مرڪزي هنڌ آرمينيا يا ايشيا مائنر کان يا صحرا ۾ اڀرندي آفريڪا کان قومن جي هجرت اڀرندي ۽ ڏکڻ اڀرندي ٿي هوندي اها لهرن وانگر هڪ ئي طرف هوندي، انڪري بر صغير هندو پاڪ مان قومون هجرت ڪري ملائشيا يا آسٽريليا طرف ويون هونديون.
بهرحال واديءَ سنڌ، سنڌو ماٿر تهذيب جي ٻولين جي باري ۾ هيءَ اٽڪل متفقه راءِ يا اڪثريت راءِ اها آهي ته، هتي جيڪي ٻوليون ڳالهائيون وينديون هيون، سي دراوڙي ٻوليون هيون ۽ دراوڙن جي اولاد ماڃر جا مهاڻا ۽ اوڏ اڄ به سنڌ ۾ موجود آهن.
اهڙي طرح سان، هي مقالو چنا صاحب جو هڪ يادگار ڪاوش آهي، جنهن مان نئين نسل کي بهتر ڄاڻ ملي سگهي ٿي، ۽ نئين تحقيق ڪندڙ حضرات کي هن مقالي مان رهبري ملندي. اگر چنا صاحب جو اڻ ڇپيل ڪتاب، بعنوان“سنڌي رسم الخط جي ارتقا” شايع ٿئي ها ته اهو به نئين تحقيق ڪندڙن لاءِ گهڻو فائديمند ثابت ٿئي ها ڇاڪاڻ ته هن مقالي ۾ ان اڻ ڇپيل ڪتاب جا ڪافي حوالا مثال طور ڏنا ويا آهن.

حوالا
(1) گرامي، غلام محمد، مولانا: مقالو، ”سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا.“ مقالا نگار، پروفيسر محبوب علي چنا، سعه ماهي مهراڻ، جلد، 22 _ نمبر، 4 ، ايڊيٽر، غلام محمد گرامي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، آڪٽوبر،نومبر،۽ ڊسمبر_ 1973 ع، ص ،117 .
(2) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو، ”سنڌو ماٿر جا اصل باشندا دراوڙ هئا“ ،سه ماهي مهراڻ جلد، 22 _ نمبر، 4 ، ايڊيٽر غلام محمد گرامي، ڄام شورو، سنڌي ادبي بورڊ، آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر _ 1973ع ، ص، 119 .
(3) حوالو ساڳيو، ص 120
(4) حوالو ساڳيو، ص، 126
(5) حوالو ساڳيو، ص، 129
(6) حوالو ساڳيو، ص، 131
(7) حوالو ساڳيو، ص، 132
(8) حوالو ساڳيو، ص، 133
*