تعليم:-
پروفيسر محبوب علي چنا ابتدائي ۽ ثانوي تعليم (اڳوڻي پنج اسٽينڊرڊ تائين) پنهنجي ئي شهر سيوهڻ ۾ مڪمل ڪئي، عربي ۽ فارسي جي تعليم قاضين جي درسگاهه ۾ مخدوم محمد حسن صديقي وٽان حاصل ڪئي. سندس انهيءَ عربي ۽ فارسي تعليم جي حوالي سان، سيوهڻ جي مشهور صديقي خاندان جي هڪ فرد مخدوم حڪيم محمد نصيرالدين “فاروق” صديقي وٽان معلوم ٿيو ته: ”چنا صاحب ڏاڏا حسن صديقي جي مدرسي ۾ (عربي ۽ فارسي) جي تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ بابا مخدوم محمد مراد صديقي سندن گهاٽو دوست هو. چنا صاحب جڏهن به حيدرآباد کان ايندا هئا ته پهريان بابا جن وٽ ايندا هئا ۽ دير تائين پيا علمي ۽ ادبي ڪچهريون ڪندا هئا.“ (فاروق، ذاتي انٽريو، 2009ع)
ڳوٺ بچل چنا جي ڀرسان هڪ ڳوٺ باغ يوسف جي نالي سان آباد آهي. ان ڳوٺ جي هڪ رٽائرڊ پرائمري استاد، ”محمد هاشم سرڪي” کان ذاتي انٽريو مان معلوم ٿيو ته: “چنا صاحب جا شروعاتي دؤر جا هم ڪلاسي ۽ ويجها دوست، هڪ لال محمد سولنگي جيڪو ڳوٺ (پنجوٿه) جو ويٺل هو. ۽ ٻيو گُل محمد سرڪي، هاشم سرڪي جو والد، جيڪو ڳوٺ باغ يوسف جو ويٺل هو، هي ٻئي چنا صاحب جا پهرين درجي کان پنجين درجي تائين جا هم ڪلاسي ۽ دوست هئا.“ (سرڪي، ذاتي انٽريو، 2009ع)
اهڙيءَ طرح چنا صاحب مئٽرڪ حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ (هاڻوڪو نور محمد هاءِ اسڪول) ۾ تعليم حاصل ڪئي. سندس ذهني صلاحيت ۽ تعليم سان دلچسپي جي ڪري، نور محمد هاءِ اسڪول جو باني”نور محمد “ کيس گهڻو ڀائيندو هو. 1939ع ۾ مئٽرڪ پـــاس ڪـــرڻ کـــانپوءِ، هــــن ڊي جي نيشنل حيدرآباد ڪاليج ۾ (ايف_ واءِ _ اي) ۾ داخلا ورتي ۽ هائير سيڪنڊري ڪلاس پاس ڪيائين، ڪن مجبورين جي ڪري انٽر آرٽس کان پوِءِ هو ڪجهه سالن لاءِ تعليم جاري ڪري نه سگهيو، پاڻ اڃا انٽر ۾ هو ته سندس، 5 مئي 1941ع ۾ شادي ٿي، انکانپوءِ 1944ع ۾ بي _اي آنرس جا ٻه سال ڪراچي ۾، ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ مـــڪمل ڪيائين. 1945ع ۾ بي _اي جي امتحان ۾ سنڌ مان پهريون نمبر آيو، ان ڪري بمبئي يونيورسٽي طرفان کيس اعزازي ”ڊڪشنا فيلو شپ“ مليو.
پروفيسر هدايت الله ميمڻ، پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”بي .اي آنرس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ وقت کيس ڊائريڪٽ (S.P) پوليس طور چونڊيو ويو پر سندس والد صاحب جناب محمد صالح چنا جي خواهش موجب هو ان عهدي تي نه چڙهيو.“ (ميمڻ، 1982ع ص، 25)
چنا صاحب جون ٻه ايم.اي ٿيل هيون، هڪ فارسي ۾ ۽ ٻي سنڌي ادب ۾. پاڻ 1947ع ۾ ايم.اي سنڌي ۾، سموري بمبئي يونيورسٽي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ بمبئي يونيورسٽي طرفان کين (جعفر قاسم موسيٰ) گولڊ ميڊل مليو.
چنا صاحب پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”بمبئي يونيورسٽي طرفان مونکي سونو ٻلو ۽ ولايت وڃي ڊاڪٽريٽ پڙهڻ لاءِ اسڪالرشپ ملي. اهڙو پريس نوٽ بمبئي يونيورسٽي طرفان بابي سائين جي ٽيجهي تي شايع ٿيو، جيجل کي پيرين پئي اها خوشخبري ٻڌايم، پر سندس شفيق اکڙين مان لڙڪ لڙي آيا، ڇو ته هوءَ پنهنجي لخت جگر کي ڏورانهين ڏيهه ڏي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي.“ (چنا، 1974ع ، ص 67،68)
اهڙيءَ طرح پروفيسر محبوب چنا پنهنجن مائٽن جي مرضيءِ جي خلاف اهڙو قدم کڻي،کين ڏک يا تڪليف وڇوڙو ڏيڻ نه پي چاهيو. انهيءَ ڪري پاڻ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر ملڪ نه ويا. پروفيسر محبوب علي چنا جي فرزند محمد صالح چنا کان ذاتي انٽرويو مان معلوم ٿيو ته: ”بابا جڏهن 1947ع ۾ ايم-اي سنڌي جو آخري پيپر، بمبئي يونيورسٽي جي سينٽر (سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي) ۾ ڏيئي رهيا هئا ته امتحان دوران سندس زندگي ۾ هڪ عجيب واقعو پڻ پيش آيو، پيپر ڏيڻ دوران سندس والد محمد صالح چنا جي وفات جو اطلاع امتحان دوران پرنسپال تائين پهتو، پرنسپال ۽ امتحاني هال جي انويجيليٽرس جي صلاح سان آخري پيپر جي مڪمل ٿيڻ تائين کين اهڙو ڏک ڀريو اطلاع نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته استادن چاهيو ٿي ته محبوب علي چنا هڪ با صلاحيت شاگرد آهي، جنهن کي پيپر ڪرڻ دوران اها ڏک ڀري خبر نه ڏيڻ گهرجي، جڏهن پاڻ پيپر ڏئي بس ڪيائون، تڏهن نهايت ئي دانشمندي جي انداز سان کين صبر ۽ تحمل جي تلقين ڪندي، اهڙو اطلاع ڏيئي ساڻس همدردي ڪئي وئي ۽ کين پنهنجي ڳوٺ تائين پهچائڻ جي سفر جو خرچ سندس استادن طرفان ڪيو ويو، مگر افسوس جو طويل ۽ ڏورانهون سفر هجڻ جي ڪري، پاڻ پنهنجي والد صاحب جو آخري ديدار ڪري نه سگهيا. سندن والد صاحب کي سيوهڻ جي قديم آبائي قبرستان ۾ دفنايو ويو .“ (چنا، ذاتي انٽرويو، 2010ع)