سنڌ جا قديم تختگاهه (مقالو)
پروفيسر محبوب علي چنا جو تعلق سنڌ جي قديم شهر سيوهڻ سان هو، ان ڪري کيس سنڌ جي سڀني قديم ماڳن ۽ قديم تخت گاهن سان دلچسپي هوندي هئي تنهنڪري پاڻ سنڌ جي قديم تختگاهن جي حوالي سان هڪ طويل مقالو بعنوان: ”سنڌ جا قديم تختگاهه“ لکيائون جيڪو، ”نئين زندگي“ جي جون، جولاءِ 1970ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو.
چنا صاحب هن مقالي ۾ سنڌ جي قديم تختگاهن جهڙوڪ ملتان، الور، سيوستان، برهمڻ آباد، المنصوره، نيرون ڪوٽ، بکر، محمد طور، عمرڪوٽ، ساموئي، ٺٽو، جو احوال نهايت مفصل نموني قلمبند ڪيو آهي، پاڻ هن مقالي جي شروعات، سنڌ، سنڌو تهذيب جي قدامت متعلق هن ريت ڪئي آهي:
”سنڌ ۽ سنڌو تهذيب، اڄڪلهه دنيا وارن لاءِ توقير عزت ۽ عظمت جا لفظ آهن. هونئن به مسلمان جغرافيه دانن، جهڙوڪ سليمان المدائني، البيروني، ابن حوقل، الاصطخري، المقدسي، علامه مسعودي وغيره سنڌ ۽ هند ٻه جدا خطا ڪري ڏيکاريا آهن پر جيئن پوءِ تيئن سائنس ۽ آثار قديمه جا بلند مينار ظلمت جي ڪارن ڪڪرن کي ٽڙو ٽڙ ڪري رهيا آهن ۽ اسان جي سنڌو تهذيب کي سميري تهذيب جو مٽ سمجهن ٿا، جڏهن موهن جي دڙي جي کوٽائي ٿي ته، آثارن مان معلوم ٿيو ته، سنڌ جو هي خطو ٽي هزار قبل مسيح جو پيداوار آهي، ۽ هن جي عظمت سان ڪلهوڪلي سان ملائي بيٺي آهي، پر جڏهن آمري جي کوٽائي ٿي ته عالمن جا رايا پاڻ هڪ قدم اڳتي وڌيا، انهن اعلان ڪيو ته هيءَ تهذيب موهن جي دڙي جي تهذيب کان هڪ تهه اڃا اڳتي آهي، وري جڏهن ڪوٽ ڏيجيءَ جي دڙن کي ياد ڪيو ويو ته، آثار قديمه جي پارکن اها راءِ ڏني ته، هيءَ تهذيب آمريءَ جي سڀيتا کان به سرس آهي. سنڌي جي هڪ لوڪ ڪهاوت، “چري ڪيئن، چي ويران وير وڌ” وانگر اسانجي سنڌو ديس جي تهذيب جو به اهو حال آهي شال وڌي، وسي ۽ ويجهي آمين.“ (چنا، 1970ع، ص، 58).
چنا صاحب جي مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، اسانجي مختلف جغرافيه دانن اسانجي سنڌو تهذيب کي سميري تهذيب جي برابر سمجهيو اٿن، پر جڏهن آثار قديمه وارن ڪن هنڌن، موهن جي دڙي، آمري ۽ ڪوٽ ڏيجي جي کوٽائي ڪرائي ته مختلف عالمن جا مختلف رايا وڌڻ لڳا، ڪن موهن جي دڙي جي کوٽائي کانپوءِ اهو معلوم ڪيو ته، سنڌ جو هي خطو ٽي هزار قبل مسيح جو پيداوار آهي، آمري متعلق به مختلف رايا ڏنا ته، ڪوٽ ڏيجي بابت به مختلف رايا ڏنا، مطلب ته، هن تهذيب جي ارتقا جي باوجود پياري ديس جو ڪوبه قديم رڪارڊ موجود نه آهي. هيءُ سرد مهري ۽ بيرخي هن ديس ۾ صدين کان ٿيندي آئي آهي. پهرين اسانکي سنڌ جو تاريخي، احوال علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفيءَ جي گڏ ڪيل تاريخي مواد ”چچنامه“ مان ملي ٿو. هن تاريخي مواد جي حوالي سان چنا صاحب لکيو آهي ته: ”اگرچ هن تاريخ جي تاريخي حيثيت ايتري مصدقه نه آهي، ته به اسان بيخبرن لاءِ تاريخي مواد جو چڱو ذخيرو مهيا ڪري ٿي.“ (چنا 1970ع، ص ، 59 )
ان کانپوءِ چنا صاحب، سنڌ جي قديم تختگاهن کي به سندن قدامت مطابق نمبر وار رکي تفصيلي ذڪر پيش ڪيو آهي.
(1) ملتان:
ابن حوقل مکيه مسلم جغرافيه دان (976ع، 366ع) جي لکت موجب منصوره ۽ ملتان جي اڪثر حصن ۾عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون، ان ڪري ملتان شريف کي سنڌ جو حصو تصور ڪري سندس گذريل عظمت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. چنا صاحب ملتان جي پرڳڻي جي قدامت جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”ملتان سنڌ پرڳڻي جي جهونن شهرن مان هڪ آهي، هن کي آباد ڪندڙ قوم ”مالهي قوم“ هئي ۽ ڪن روايتن مطابق “ مالوه قوم” جا سڪندر جي وقت ۾ موجود هئي، اسلام جي آمد کان اڳ يعني 92هه 711ع ۾، ملتان هندو رائن يا راجائن جي حڪم هيٺ هوندو هو.“ (چنا، 1970،ص، 60)
مٿيئن حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، انهن ڏينهن ۾ ملتان هندو يا ترين جو مرڪز هو ۽ هن ۾ شو جو وڏي ۾ وڏو مندر به موجود هو. هي شهر سنڌ جي اترئين ڇيڙي ۾ وڏي ۾ وڏو شهر ۽ مضبوط قلعي اندر محفوظ هو. چنا صاحب ساڳئي صفحي تي اڳتي هلي لکي ٿو ته: ”مسلمانن لاءِ هيءَ وڏي ڳالهه هئي ته اهڙي مضبوط ۽ محفوظ شهر کي زير ڪيئن آڻين، پر ربّ سائين جي نصرت ساڻ هين ۽ لاڳيتو ٻن مهينن جي محاصري بعد 95 هه 713ع ۾، ملتان شهر مسلمانن جي قبضي ۾ آيو، محمد بن قاسم حسب دستور اتي نظم و نسق لاءِ بندوبست ڪيو ۽ زياده تر انتظام رکڻ لاءِ مڪاني ماڻهن کي مامور ڪيائين .“ (چنا، 1970ع، ص،60 )
اهڙيءَ طرح ملتان ڪجهه وقت لاءِ محمد غزنوي جي قبضي ۾ رهيو، ان بعد 569 هه 1173 ع ۾ غوري خاندان جي قبضي ۾ به رهيو.غزنوي، غوري ۽ قرامطي خاندانن کانپوءِ، 847هه 1443ع تائين ملتان دهلي جي مسلمانن جي هٿ هيٺ رهيو شاهه حسن ارغون پنهنجو قبضو ڪيو ۽ ملتان شهر نذرانو ڪري بابر بادشاهه کي ڏنو. اهڙيءَ طرح هي شهر مختلف طاقتن جي قبضي هيٺ رهندو آيو، ملتان جي احوال سان گڏ پاڻ ملتان جي قديم خطي، ”اچ شريف“ جو به احوال ڏنو آهي. اچ شريف متعلق پاڻ هن ريت لکيو اٿن:
هن جو قديمي نالو اسڪلنده ” هو ۽ هندو راجائن جي زماني ۾، ستن وڏن قلعن مان هڪ هو.اچ ۾ اڳ ست وڏا ڳوٺ هوندا هئا، جن کي گڏي ”اچ “ سڏبو هو. پر هاڻي انهن مان وڃي ٽي بچيا آهن. هڪڙو اچ مخدوم جهانيان جنهن ۾، حضرت جلال سرخ بخاري ۽ مخدوم جهانيان جهان گشت جا مقبرا آهن، ۽ سندن معتقد رهن ٿا ٻيو اچ مغليه جنهن ۾ مغلن جو اولاد سڪونت پذير آهي، ۽ ٽيون اچ گيلاني، جتي حضرت پيران پير جي اولاد مان پير ۽ سندن معتقد رهن ٿا.“ (چنا، 1970 ع ، ص ، 61 )
هڪ راويت مطابق ته، هن خطي جي زمين مٿانهين هئي ان ڪري ان تي نالو ”اچ“ پيو، هن شهر ۾ به ڪيترائي ڌڻي ڌوئل هئا، جن جون مزارون موجود آهن، مثال طور: جهانيان بزرگ، مخدوم شيخ عبدالقادر ثاني، قاضي ابو الخير شيخ شجاع بخاري وغيره مشهور آهن.
(2) الور:
ملتان کانپوءِ سنڌ جي قديم تخت گاهه الور بابت احوال ڏنو ويو آهي، سنڌ جي هن قديم تختگاهه کي سنڌي ڳوٺاڻن ڪن روايتن ۽ تاريخن ”اروڙ“ سڏيو آهي. جو ستين صدي عيسوي ۾ راءِ برهمڻ جي راڄداني هو. هي قديم شهر هندو راجائن جي ڏينهن ۾، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ منجهس وڏو ڪوٽ هو.راجا ڏاهر انهيءَ ۾ رهندو هو بني اميه خليفن جي وقت ۾ هندو راجا دلوراءِ الور جو حاڪم ۽ الور کي ”دلور“ به سڏيندا هئا، اهو ڏاڍو ظالم هو ۽ انهي ئي ڏينهن ۾ شهر غرق ۽ ناس ٿيو.
هن قديم تختگاهه جي قدامت جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي: ”اروڙ جا قديم آثار، روهڙي جي ڏکڻ اوڀر، اٽڪل پنجن ميلن جي فاصلي تي اڀرندي ناري جي کاري ڀرسان اڃا به اکين وارن لاءِ عبرت جو مقام آهن، عربن جي فتح وقت، اروڙ راجا ڏاهر جي مها راڄڌاني هو . عربن پنهنجي گادي منصوره ۾ شروع ڪئي، ته به اروڙ هندن جي حڪومت گاهه جي صورت ۾، ٻن صدين کان وڌيڪ رهيو ۽ پوءِ ناپيد ٿيو، هن جي ناس ٿيڻ جي حڪايت برهمڻ آباد جي راجا دلوراءِ جي ظلم وستم ڏانهن منسوب ڪئي وئي آهي، پر ان ۾ ايتري حقيقت رونما نه آهي، ڇو ته اٺين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري، جڏهن سنڌونديءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو ته هي شهر اجڙي ويو، نديءَ جي وهڪري ۾ ڦيرو 341 هه 962 ع ڌاري آيو، جڏهن سنڌ ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو ۽ ڌرتي شديد طرح ڌٻي هئي.“ (چنا، 1970ع ، ص ، 62)
چنا صاحب هن حوالي سان اڄ جي سهڻي شهر روهڙي جو به ذڪر ڪيو آهي پاڻ هن شهر جي حوالي سان لکيو آهي ته : ” عرب جغرافيه نوسين اروڙ کي ”الرور“ ڏيکاريو آهي، جيڪڏهن ”ال“ عربي علت آهي ته باقي ”رور“ وڃي بچندو هن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته، روڙ جي باشندن رڙهي اچي نئون ”رور“ آباد ڪيو جنهن کي ”الرور“ نالو ڏنو ويو ۽ بعد ۾ ”روهڙي“ جي نالي سان معروف ٿيو، عربن هن کي ”لوهري“ به ڄاڻايو آهي.“ (چنا، 1970ع ، ص ، 62)
چنا صاحب جي مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ ٻنهي قديم شهرن جي نه صرف قدامت بيان ڪئي آهي پر تنهن دؤر جي حڪمرانن جو به سياسي، سماجي حالتن ۽ انهن تخت گاهن جي عروج ۽ زوال متعلق ڄاڻ ڏني آهي.
(3) سيوستان:
سيوستان جيئن ته چنا صاحب، جو آبائي خطو رهيو آهي، ان بابت پاڻ تمام گهڻو ڪم ڪيو اٿن، هن مقالي ۾، پاڻ هن قديم تختگاهه جي ماضي جي حوالي سان هن ريت لکيو اٿن: ”جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته، پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد سيوهڻ جو درجو اچي ٿو، يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر، فارسي قديم تاريخن خواه تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي ”چچنامه“ ۾ ڄاڻايل آهي ته، راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا.انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌيه، جنگان، روجهاڻ ، ڪوه پايه، ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو.”تاريخ معصومي“ به ان حقيقت کي دهرايو آهي. وري تحفته الڪرام جي صاحب سيوستان جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن، پنجين ولايت ۾ آهي ته هڪ قديمي شهر سنڌ جي اولاد ”سهوارن“ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو، سندس قلعو سنڌ جي مشهور ڇهن قلعن مان آهي انهيءَ کانپوءِ ڪئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو تخت گاهه هو پوءِ اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کانپوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو، شاهه بيگ اهو ڄام فيروز کان کنيو هو، مرزا شاهه حسن وري ٺٽي ۾ داخل ڪيو، جڏهن سنڌ، جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه جي درٻار جي گورنرن جي حڪم هيٺ آئي، تڏهن وري نئين سر علحده تختگاهه ٿيو.“ (چنا، 1970ع، ص ، 64)
چنا صاحب، سيوهڻ جي قدامت سان گڏوگڏ سيوهڻ جي قديم نالن جو به ذڪر ڏنو آهي. مثال طور: تاريخدانن هن قديم شهر جا ڌار ڌار نالا ڏنا آهن، ڪن هن کي يوناني سڪندر جي زماني جو سنڊيمانا، ڪن رامائڻ جي زماني جو سوستان، شروسان، سدوسان ۽ سدوستان يا سادو ستان سڏيو آهي.ڪاڪي ڀيرومل وري ڄاڻايو آهي ته، هي شهر راجا اشيز جي پٽ شبيءَ وسايو جنهن ڪري هن کي شبستان يا شوستان ڪري سڏيندا آهن. مشهور سياح ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته، سنڌ ۾ سيوستان نالي شهر آهي جو اصل ۾ شوستان هو، يعني شيوَ جو آستان، پر ماڻهن جي زبان تي سيوستان مشهور ٿي ويو.
مٿيئن مثالن مان خبر پوي ٿي ته، هي شهر ايترو قديم آهي جو سنڌ ۾ جيڪي به قديم شهر آباد آهن انهن ۾ هي سڀني کان آڳاٽو آهي. جيئن پروفيسر چنا صاحب لکيو آهي ته: ” نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪي جبلن جي قطار ۾ ۽ روهڙي وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن.“ (چنا، 1970ع، ص ، 66 )
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، سيوهڻ قديم زماني کان آباد ٿيندو آيو آهي ، اهڙو ڪو به ثبوت نٿو ملي ته سيوهڻ ڪنهن زماني ۾ کنڊرن جي صورت ۾ رهيو.، اهڙي طرح چنا صاحب سيوهڻ جي ڪيترن حاڪمن ۽ قلعي جو پڻ ذڪر ڪيو آهي، جيئن پاڻ لکي ٿو ته: ” محمد بن قاسم، نيرون ڪوٽ وٺي پوءِ سيوستان آيو ۽ اتي جو آسپاس ملڪ هٿ ڪيائين، سيوستان جي قلعي وٺڻ ۾ هن کي تڪليف ٿي. ڏاهر جي پاران سندس سؤٽ بجيراءِ ولد چندرا اتي جو حاڪم هو. محمد بن قاسم منجنيقن سان ڀت ڀڃي قلعو ورتو.“ (چنا، 1970ع، ص ، 66)
اهڙيءَ طرح مخلتف دؤرن جي حوالي سان سيوستان جو گذشته ماضي جو احوال مفصل نموني معلوم ٿئي ٿو، سيوستان جي تاريخ سان گڏوگڏ حضرت قلندر لعل شهباز جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جيئن پاڻ هن حقيقت جو اظهار هن طرح ڪيو آهي: ” جيتوڻيڪ سيوستان پنهنجي شهرت وڃائي چڪو آهي، مگر تيرهين صديءَ جي وچ ۾ هن مشهوريءَ جو ٻيو حق حاصل ڪيو جو هي اڪابر اولياءَ ڪرام مان هڪ بنام شيخ عثمان مرندي المعروف لعل شهباز جي مرقد جو مقام بنيو.“ (چنا، 1970ع، ص، 69 )
ڪيترن محققن، تاريخدانن، هن ڌڻي ڌوئل جي ذڪر خير کي افضل سمجهيو آهي، تاريخن مان ظاهر آهي ته مخدوم بلاول ۽ مخدوم جعفرجهڙا بزرگ به روحاني ڪچهري لاءِ ايندا هئا .لعل شهباز جي الاهي اثر ڪري سندن متولي متعلق به وڏا وليءَ الله ٿي گذريا آهن، سندن قلندرانه رنگ گهڻين ئي پرديسن کي قلندري سر زمين تي ڪشش ڪئي ۽ انهن هن پاڪ سر زمين کي پنهنجو ڪري پنهنجي زندگيءَ جا انمول ڏينهن هت گذاريا.
(4) برهمڻ آباد:
برهمڻ آباد جو شهر، سنڌ جو قديم ترين شهر آهي، جنهن بابت به تاريخن ۾ مختلف احوال مليل آهن. جن ۾ هن شهر بابت مختلف عالمن جا رايا ڏنل آهن جيئن چنا صاحب جي هن طويل مقالي ۾ هن تاريخي شهر بابت تاريخي احوال هن ريت ملي ٿو.
”شهدادپور ضلعي سانگهڙ جي، اڀرندي اٺن ميلن جي مفاصلي تي، 25 ڊگريون 3 انچ اترين ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68 ڊگريون 49 انچ ڊگهائي ڦاڪ، جي قطر تي وسيع ڀرن جا ڀرون پسجن ٿا، جن کي ڳوٺاڻا ”ڀانڀرا“ ۽ ”دلور“ سڏيندا هئا، ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ ”بهمنه“ يا ”برهمڻ آباد“ مشهور آهي، مرزا قليچ بيگ هن کي ”ڀانڀرا“ کان ”ٻانڀڻاهه“ڄاڻايو آهي، يعني ”ٻانڀڻن جو شهر“. برهمڻ آباد بابت ٻي روايت موجب، بهمتنه يا بهمن آباد ان ڪري چيو وڃي ٿو ته، هي شهر بهمن بن اسفنديار جو ٻڌايل هو، ۽ عيسوي سن کان اٽڪل پنج سؤ ورهيه اڳي، پراڻي سنڌوندي هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي آباد ٿيو، برهمڻ آباد ستن وڏن قلعن مان هڪ هو، چچ جي راڄ ۾ اگهم لوهاڻو، برهمڻ آباد جو حاڪم هو.“ (چنا، 1970ع، ص ، 70 )
اهڙيءَ طرح هن شهر بابت وڌيڪ معلومات ملي ٿي ته، عربن جي دؤر ۾ انهيءَ آڳاٽي شهر جي جاءِ تي، منصوره وارو شهر ٻڌايو ويو، جيڪو وڌيڪ آباد هو، محمود غزنوي جي حملن کان پوءِ، اهو منصوره شهر به گم ٿي ويو، جڏهن الور گاديءَ جو هنڌ هو ته برهمڻ آباد هڪ وڏو آباد ۽ قلعي وارو شهر هوندو هو، جيڪو عربن جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ ويران ٿي ويو.
(5) نيرون ڪوٽ:
هن قديم تخت گاهه متعلق به عالمن طرفان، لکيل مختلف ڪتابن ۾ تاريخي ڄاڻ ڏني وئي آهي، هن تختگاهه متعلق چنا صاحب هن مقالي ۾ هن طرح رقم طراز آهي: ”هندو راجائن جي راڄ ۾ هت به ٻين وڏن شهرن وانگر هڪڙو قلعو هوندو هو، جنهن کي ڪافر قلعو ڪري ٿا سڏين. نيرون ڪوٽ درياءَ جي ڪناري تي واقع هو، پر درياءَ ان جي اڀرندي کان وهندو هو، اها خبر ڪانه آهي ته، هن شهر جو بنياد ڪڏهن پيو، پر چند تاريخ جي ڪتابن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته، اتي نيرون سمني نالي راجا راڄ ڪندو هو، ان جي پٺيان هن شهر جو نالو پيو.“ (چنا، 1970ع، ص ، 73 )
سنڌ جي قديم ۽ متواتر روايتن مطابق موجوده حيدرآباد جو شهر نيرون جي قديم بستيءَ تي آباد ڪيل آهي. جڏهن سن 1182 هجري 1768ع ۾، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي اتي نئون قلعو تعمير ڪرايو، جيڪو اڃا قائم آهي، اهو اصل هڪ ڳوٺ هوندو هو، ۽ پوءِ وڏو شهر بنجي ويو، ان نئين ٻڌل شهر جو نالو، حيدرآباد رکيو ويو، جنهن کانپوءِ هي شهر سنڌ جو تخت گاهه بڻيو، هي هن وقت صوبي سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، هتي ميرن جا قبا، ڪلهوڙن جا قبا، ڪچو قلعو، پڪو قلعو، مولا علي جا قدم مبارڪ ۽ ٻيا تاريخي ماڳ گهمڻ وٽان آهن.
(6) المنصوره:
سنڌ ۾ حضرت محمد بن قاسم کانپوءِ عربن جيڪي شهر ٻڌايا يا وسايا انهن ۾ المنصوره شهر سڀني کان وڌيڪ اهم ۽ اعليٰ هو، هن قديم تختگاهه جي باري ۾ پروفيسر چنا صاحب لکيو آهي ته: ” المنصوره پکيڙ ۾ هڪ چورس ميل هو ۽ نديءَ جي هڪ شاخ سان گهيريل هو، اهڙيءَ طرح المنصوره، سنڌ جهڙيءَ وڏيءَ سلطنت جي گاديءَ جي لائق هو، جو قدرتي خواه ٻي طرح نهايت مضبوط ۽ جڪڙيل هو، اسلامي سلطنت جي 3 صدي هجريءَ يا 9 صدي عيسويءَ، ۾ هيءُ مکيه مرڪزي شهر هو. جنهن جو بحري خواه بري ذريعي ٻين اسلامي ملڪن سان گهاٽو تعلق هو، سڀني عرب سياحن، مؤرخن ۽ جغرافيه نويسن مطابق، منصوره کي چار دروازا هئا، بابِ ملتان اتر طرف، بابِ توران اولهه طرف بابِ البحر اولهه، ڏکڻ ۽ بابِ سندان اوڀرڏکڻ.“ (چنا، 1970ع، ص، 75 )
تاريخ مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، سن 750ع ڌاري منصوره بن جمهور سنڌ ۾ حاڪم هو، تنهن برهمڻ آباد کان ٿوري پنڌ تي هي شهر ٻڌايو، جنهن تي سندس نالو پيو، جڏهن سومرا سنڌ جا حاڪم هئا، تڏهن منصوره شهر سندن گاديءَ جو هنڌ هو ۽ انهيءَ کان اڳي به سن 871 ع ۾ جڏهن عربن جا نائب سنڌ جا حاڪم هئا، تڏهن به هي شهر گاديءَ جو هنڌ هو، جڏهن پوءِ الور۽ برهمڻ آباد شهر ڦٽا، تڏهن هي به ڦٽو سنڌ جي هن تختگاهه المنصوره جي ماڻهن جي پوشاڪ ۽ اخلاقي، معاشرتي، ۽ رسمن و رواج جو به جائزو ڏنو ويو آهي.
مثال طور: ”هن شهر جا باشندا ڏاڍا ذهين هئا، ڏاڍا ميل جول رکڻ وارا هئا، ۽ کين اسلام لاءِ وڏي عزت هوندي هئي، هي شهر واپار ۽ علم جو وڏو مرڪز هو، منصوره ۾ ماڻهن جي پوشاڪ عراقين جهڙي هئي، پر امير مقامي راجائن وانگر وڏا چوغا پهريندا هئا، راجائون وڏا وار رکندا هئا ۽ ڪنن ۾ واليون پائيندا هئا. هن مان ظاهر آهي ته عرب سنڌين جون مقامي رسمون به ادا ڪندا هئا.“ (چنا، 1970ع، ص، 76 )
مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي جهونا تاريخي شهر مهراڻ جي ڪناري تي ٻڌا ويندا هئا ۽ انهن جي شادابي ۽ آباديءَ جو دارو مدار مهراڻ جي موج تي هوندو هو، پر سنڌوندي ڏاڍي پورالي ثابت ٿي آهي، ان جي ڦرندڙ گهرندڙ وهڪرن ڪيترن شهرن جو نالو دنيا جي نقشي تان ميساري ڇڏيو سنڌوءَ جي انهن وهڪرن تان جو ايڏي عظيم شهر کي پٽ ڪري ڇڏيو، هاڻي اهو دڙن جي ڏيکاري ڏئي پيو ۽ فاني دنيا جي زوال پذير نقشي جي ترجماني ڪري ٿو.
(7) بکر:
فارسي ۾ هن کي ڀهڪر يا ڀڪر ڪري لکندا آهن ۽ انهي جو اصلوڪو نالو فرسته آهي. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ هن شهر جو نالو ئي ڪونه هو، تڏهن الور ( هاڻوڪو اروڙ) وڏو شهر هو، جڏهن اهو ڦٽو، تڏهن بکر آباد ٿيو. پروفيسر چنا صاحب، بکر جي تاريخي حيثيت ظاهر ڪئي آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته، غزنوي حاڪمن کان وٺي، بکر صفحه تاريخ تي چٽو لکيل آهي، پاڻ لکي ٿو ته:
”سن 417 هه 1026ع ۾، سلطان محمود غزنوي جي وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پهرين بکر وٺي پوءِ، سيوهڻ ۽ ٺٽي ڏانهن ويو، سن 624 هه 1227ع ۾، سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام الملڪ محمد بن اسعد، بکر جو قلعو اچي ورتو. سلطان علاؤالدين جي حڪم پٺيان نصرت خان ڏهن هزارن ماڻهن سان بکر ۾ آيو ۽ دارا شڪوه ۽ اورنگزيب جي وچ ۾ جا تخت حاصل ڪرڻ لاءِ لڙائي لڳي، ان ۾ بکر وڏو حصو ادا ڪيو. 1150هه مطابق 1736ع ۾ بکر سيوهڻ ۽ ٺٽي جي حڪومت ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ملي، جنهن کي ”خدايارخان“ لقب مليو.جڏهن ٽالپر سنڌ جا حاڪم هئا تڏهن مير نصير خان جي ڏينهن ۾، انگريز سرڪار 1938ع ڌاري بکر جو قلعو پنهنجي لشڪر لاءِ اڌارو ورتو ، جو لشڪر شاهه شجاع پٺاڻ جي مدد لاءِ ٿي ويو . 1842ع ۾ وري، انگريزن ميرن سان عهد نامو ڪري، بکر، سکر، روهڙي، ٺٽو ۽ ڪراچي پنهنجي ڪم لاءِ ورتا، پوءِ جڏهن سنڌ انگريزن حاصل ڪئي، تڏهن بکر ۾ توبخاني جي باروت رکڻ جو بندوبست ڪيائون.“ (چنا، 1970ع، ص، 77،78 )
مذڪوره حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، چنا صاحب بکر جي تاريخي حيثيت ظاهر ڪندي غزنوي دؤر کان وٺي، انگريزن جي دؤر تائين، بکر جي سياسي حوالي سان مڪمل ڄاڻ مهيا ڪئي آهي ،۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، انهن دؤرن ۾ ڪهڙن ڪهڙن حڪمرانن بکر جو قلعو حاصل ڪيو، بکر جي عروج ۽ زوال متعلق به ڄاڻ ملي ٿي.آخر ۾ بکر جي ساداتن۽ ناميارن بزرگن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. مثلاً:شيخ نوح بکري، مير ابوالبقا مير معصوم شاهه ، مير قاسم خان نمڪين، قاضي محمد افضل وغيره.
(8) محمد طور:
سومرن حاڪمن جي ڏينهن ۾ هي شهر لاڙ ملڪ جو نڪ هوندو هو ۽ سومرن جي نامياري گاديءَ جو هنڌ هو، چنا صاحب هن تختگاهه متعلق لکيو آهي ته: ”محمد طور سومرو 654 هه مطابق 1256ع ۾ سنڌ جو تاج ڌڻي ٿيو ۽ پندرهن ورهيه راڄ ڪيائين ان شهر جو باني هي بادشاهه هو، جو هن جي نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو.” (چنا، 1970ع، ص، 81)
اهڙي طرح سان محمد طور جي ڀرسان ٻيا به شهر مشهور هئا. جيڪي سومرن ٻڌايا هئا. جهڙوڪ: رڙهي ۽ ٿرڙي رڙهيءَجا واپاري تمام گهڻو مشهور هوندا هئا. تاريخ مان اها به خبر پوي ٿي ته، جڏهن سما سنڌ جا حاڪم ٿيا تڏهن هنن محمد طور جو شهر ڦٽائي ڇڏيو ۽ ٻيا شهر درڪ پرڳڻي ڪلان ڪوٽ ساموئي ۽ ٺٽوآباد ڪيائون، محمد طور شهر متعلق هڪ روايت ملي ٿي ته، جڏهن علاؤالدين جو لشڪر سنڌ ۾ وارد ٿيو ته هن به محمد طور کي بي طور ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح سان تاريخ مان، معلوم ٿئي ٿو ته محمد طور جو شهر سومرن جي ڏينهن ۾ هڪ مکيه شهر هو ۽ محمد طور سومري جو تختگاهه هو.
(9) عمرڪوٽ:
عمرڪوٽ سنڌ جو هڪ مشهور شهر آهي، جيڪو ٿرپارڪر ضلعي ۾ اچي وڃي ٿو. هن شهر جي به هڪ تاريخي حيثيت آهي ۽ خاص طور تي شاهه لطيف جي سُر مارئيءَ ۾ به هن جو ذڪر اچي ٿو. هن شهر بابت مختلف عالمن ڄاڻ ڏني آهي ۽ سومرن جي هن تخت گاهه جي حوالي سان چنا صاحب هن ريت لکيو آهي ته:
”هي ٿر پارڪر پرڳڻي جو وڏو شهر هو، انهيءَ ۾ هڪ جهونو قلعو آهي جو اڃا تائين اکين وارن کي عبرت جو درس ڏئي ٿو هن شهر جو بنياد عمر سومري ولد دودي سومري ڏانهن منسوب ٿئي ٿو جو 793هه مطابق 1390ع ۾، عمرڪوٽ ۾ گادي نشين ٿيو ۽ 35 ورهيه بادشاهي ڪيائين، عمر ۽ مارئي جو مشهور قصو، هن جي ڏينهن ۾ٿيو. هندو مؤرخن اها ڪوشش ڪئي آهي ته هن عمرڪوٽ جي باني امر سنگهه سوڍي راجپوت کي بڻائي، هن کي “امرڪوٽ” لکن، پر اسانجي تاريخن جي رڪارڊ مان معلوم ٿيو آهي ته، 13 صدي عيسويءَ ۾ سومرن کان عمرڪوٽ پارمر سوڍي راجپوت کٽي ورتو ۽ سَوَن سالن تائين، سوڍن ٿر تي حڪومت هلائي.“ (چنا، 1970ع، ص ، 81 )
اهڙيءَ طرح سان تاريخ جي ورقن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته، همايون بادشاهه به اتي آيو ۽ اڪبر بادشاهه به اتي ڄائو. ڪلهوڙن مان ميان نورمحمد ڪلهوڙي عمرڪوٽ ورتو ۽ پوءِ اهو جوڌپور جي راجا ورتو، جنهن کان وري ٽالپرن حاصل ڪيو، سن 1842ع ۾ سر چارلس نيپيئر ميرن سان عهد نامو ڪيو، جنهن موجب عمر ڪوٽ، سبزلڪوٽ، شڪارپور ۽ ڪراچي، انگريز سرڪار کي مليا. اهڙيءَ طرح سنڌ جو هي تاريخي شهر، پنهنجي دؤر ۾ هڪ مشهور تخت گاهه ٿي گذريو آهي، ۽ مذڪوره حوالي مان مختلف دؤرن جي حڪمرانن ۽ بادشاهن جي پڻ خبر پوي ٿي، جن عمرڪوٽ جي قلعي کي فتح پئي ڪيو.
(10) ساموئي :
هي سومرن جي زماني ۾، محمد طور جو تختگاهه هو، جيڪو سلطان علاؤالدين جي لشڪر تباهه ڪري ڇڏيو هو. هن شهر جو تاريخي احوال چنا صاحب هن ريت لکيو آهي: ” ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي، جنهن 914 هه مطابق 1508ع ۾ پنجاهه سالن جي حڪومت بعد وفات ڪئي ، پنهنجي حڪومت جي شروعات ۾، يعني 864 هه مطابق 1459ع ۾ ساموئي ڇڏي ٺٽي جو شهر اچي ولاريو، سمن جي دؤر جو آغاز، 752 هه مطابق 1351ع ۾ ٿيو ۽ ڄام انڙ بن بابينه پهريون حاڪم ٿيو، سندس پيءُ بابينه اهو شهر ٻڌايو، ان حساب سان ساموئي جي بنا 752هه مطابق 1351ع ڌاري پئي هوندي، پر ڪتابن ۾ لکيل آهي ته محمد طور جي ڦٽجڻ بعد، سمن حاڪمن ڪلان ڪوٽ وٽ تختگاهه بنايو، جنهن جو ”تغلق آباد“ نالو رکيائون ۽ ان کي پوءِ ”ساموئي“ سمن جي نالي پٺيان سڏيائون.هن شهر جي بنياد بابت ٻي روايت آهي ته، هي شهر ڄام بابينه ثاني بن انڙ جو ٺهرايل آهي، ”لب تاريخ“ مطابق، تغلق آباد جو باني، ڄام تغلق شاهه بن ڄام سڪندر سمو هو. هي شهر مٿي دڙي تي ٺٽي کان ٽي ميل اتر- اولهه ٻڌايو ويو، آثار قديم وارن جي رپورٽ هن شهرلاءِ هي آهي ته، هاڻي چند جهوپڙين جو ڳوٺ مٿي دڙي تي آهي، جتي هڪ اهم پير جو قبو آهي، قدامت جا آثار بنهه گهٽ ملن ٿا، سواءِ هڪ سادي سرن جي مسجد جي بنيادن جي، جي ڳوٺ جي هڪ لهواري پاسي ڏسجن ٿا، ساموين وارا مشهور بيت، جي سنڌ جي حڪومت جي پيشنگوئي ڪن ٿا سي به هت چيا ويا، ۽ اهي ست بزرگ جيڪي ست ساموئي فقير ٿا سڏجن سي هت ماريا ويا.“ (چنا، 1970ع،ص ،83 )
اهڙيءَ طرح هڪ ٻي به روايت آهي ته، اتي ڪي پاڪ دامن ڇوڪريون سومريون هيون.سي دنيا کي ترڪ ڪري، حق بخشائي، اتي واريءَ جي دڙن ۾، خدا تعاليٰ جي عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهنديون هيون، ڪن ظالمن ۽ عياش پرست وڏيرن، انهن ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ ٿي گهري، هڪ ڏينهن اهي دستور مطابق صبح جو درياءَ ڪناري تي غسل ڪرڻ لاءِ آيون، جتي هو اچي پهتا ۽ ڇوڪرين تي زور زبردستي ڪرڻ لڳا، جنهن ڪري اهي ڇوڪريون، شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي ٻيڙيءَ تي چڙهي، ٻئي ڪناري ڏانهن وٺي ڀڳيون، پوءِ اهي ماڻهو به سندن پٺيان پيا ۽ ٻئي ڪناري تي اچي پهتا. نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي، هنن خدا تعاليٰ کان پناهه گهري، جنهن ڪري اوچتو زمين ڦاٽي پئي ۽ اهي ست ئي اندر هليون ويون انهن جون اتي ست ڪچيون قبرون ٺهيل آهن، جن کي ”ستين جو آستان“ به سڏيو وڃي ٿو، هاڻي اهو زيارت گاهه بڻجي ويو آهي.
هيءَ روايت تاريخ جي سڀني ڪتابن ۾ ملي ٿي، ۽ اتي ست ئي قبرون گڏ آهن ٿي سگهي ٿو ته اهي انهن ستن عورتن جون ئي آهن، جن کي ستيون جتيون به چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح سان ساموئيءَ جي خطي ۾، جي بزرگ اچي وڃن ٿا تن جو به مختصر طور ذڪر ڪيو ويو آهي، مثلاً : شيخ حماد جمالي، شيخ عيسيٰ لنگوٽي، ملا عبدالرحمان عباسي المعروف ”ملالٽر“ شيخ جهنڊو پاتڻي وغيره شامل آهن.
(11) ٺـٽو:
ٺٽو يا نگر ٺٽو، تمام جهونو شهر آهي، اڳي انهيءَ هنڌ سمنڊ جو کارو پاڻي هو.جو پوءِ سُڪي پٽ ٿيو ۽ جڏهن الور جو شهر ڦٽو ۽ درياءُ، سيوستان يا سيوهڻ کان وهڻ لڳو ۽ جڏهن سومرن حاڪمن جو وڏو شهر، محمد طور ڦٽو ۽ سما ڄام حاڪم ٿيا. تڏهن مڪليءَ جي ويجهو سامائي جو شهر ٻڌائون ۽ پوءِ آسپاس ملڪ آباد ٿيڻ لڳو. هيءَ ڳالهه وڏي بحث هيٺ آهي ته هن شاهاڻي شهر جو پهريون باني ڪير هو. سڀني تاريخن هن بيان کي دهرايو آهي ته، هن جو باني ڄام نظام الدين عرف نندو، سمن جو سليقي شعار شاهه هو. ٺٽي جي بنياد جو امڪاني سال 893 هه بمطابق 1585ع ڏيکاريو ويو آهي، پر چنا صاحب جي تحقيق مطابق ته: ”اها حقيقت صحيح نه آهي، هڪ طرف مستشرق عالمن ۽ مؤرخن هن روايت جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ٻئي طرف اسانجي ديسي محققن به دليلن سان ڏيکاريو آهي ته هيءَ روايت درست نه آهي.“ (چنا، 1970ع، ص ، 85 )
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته، هن شهر درياءَ شاهه جي پائڻ ڪري جايون پئي مٽايون آهن باقي ٺٽو لفظ ”ٺٽ“ مان نڪتو آهي، ٺٽ معنيٰ خشڪ ميدان يا ماڻهن جو گوڙ گهمسان پروفيسر چنا صاحب سنڌ جي هن تاريخي تخت گاهه جو، تاريخي تذڪرو هن ريت ڪيو آهي:
”سن 696 هه بمطابق 1296ع ۾، علاؤالدين خلجي، نصرت خان کي وڏي لشڪر سان موڪليو جنهن ٺٽي ۽ ٻين سنڌ جي وڏن شهرن ۾، پنهنجا حاڪم مقرر ڪيا، سومرن ۽ سمن ڄامن جي ڏينهن ۾ ٺٽو سندن گاديءَ جو هنڌ هو. 896 هه بمطابق 1490ع ۾، ڄام نظام الدين ٺٽي جو شهر نئين سر آباد ڪيو ۽ سينگاريو، منجهس مسجدون۽ ٻيون عمارتون ٺهرايائين ارغون ۽ ترخان حاڪمن جي راڄ ۾ به ٺٽو گادي جو هنڌ هو. ترخانن کانپوءِ دهليءَ جي بادشاهه جا نواب ٺٽي ۾ حاڪم ٿي رهيا. 1150 هه بمطابق 1737 ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي نادر شاهه ٺٽو ۽ سيوستان ڏنو. جڏهن حيدرآباد جو بنياد پيو ته ٺٽي جو زوال ٿيڻ لڳو، ٺٽي شهر ۾ شاهجهان بادشاهه جي زماني جون ٻه يادگيرون وڃي رهيون آهن، هڪ جامع مسجد جا شاهجهان جي حڪم سان 1647 ع ۾ جڙي راس ٿي ۽ ٻي دٻگرن جي مسجد جا شهر جي وچ ۾ آهي، جا امير خسرو ٺهرائي، امير خسرو، مرزا عيسيٰ ترخان جي زماني ۾ ٺٽي جو نواب هو“ . (چنا، 1970ع، ص ، 86 )
مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته، انهيءَ دؤر جون سياسي حالتون ڪهڙيون هيون، ڪهڙا حڪمران، مختلف دؤرن ۾ ٿي گذريا آهن، جن ٺٽي تي پنهنجي حڪومت ڪئي، انهن حڪمرانن مان ڪن جون ڪي ياد گيريون اڃا به صحيح سلامت آهن، جن کي ڏسي اڄ جو عوام عبرت ۾ پئجيو وڃي. اهڙيءَ طرح ڪي تاريخ دان ٺٽي کي سڪندر وارو پٽالو شهر ٿا ڄاڻن. انهيءَ ۾ ته شڪ ڪونهي، ته انهيءَ شهر درياءَ جي پائڻ ڪري جايون پئي مٽايون آهن، ٽي ڀيرا ته باهه ساڙي ناس ڪيس، پهرين سن 1521 ع ۾، فرينچ ماڻهن ۽ پوءِ سن 1591ع ۾، مرزا جاني بيگ، جڏهن اڪبر لشڪر کي سامهون ٿي ٿيو، مطلب ته جيسين ڪلهوڙن سنڌ جو تختگاهه حيدرآباد ڪيو، تيسين ٺٽو تخت گاهه رهيو.
اهڙيءَ طرح پروفيسر محبوب علي چنا جي هن طويل مقالي کي پڙهڻ کانپوءِ، اسان جي راءِ آهي ته ، مٿيئن عنوان تي چنا صاحب جيڪا حقيقت بيان ڪئي آهي اها هڪ تحقيقي ۽ تاريخي آندي آهي، سڀني شهرن جي احوال سان پاڻ پنهنجا رايا بيان ڪري، گويا پاڻ انهن شهرن جي حوالي سان حقيقت بيان ڪري، نئين نسل ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ هڪ تاريخي انمول تحفو ڏئي ويا آهن.ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ته، سنڌ ۾ ڪيترائي قديم ماڳ، مڪان، شهر اڃا به موجود آهن، جن جي تاريخي ڇنڊ ڇاڻ سان مزيد معلومات ملي سگهي ٿي، چنا صاحب جي هن مقالي جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ اها به خبر پوي ٿي ته پاڻ هن عنوان تي تمام گهڻي محنت ڪري لکيو آهي، هر هڪ شهر جيڪي قديم دؤر ۾ تختگاهه ٿي رهيا، انهن جو جامع ۽ مفصل احوال پيش ڪيو آهي، سندن هي تاريخي مقالو اسان لاءِ هڪ روشن منزل جي آگاهي ڏئي ٿو.
حوالا:
(1) چنا، محبوب علي، پروفيسر: مقالو: ”سنڌ جا قديم تختگاهه“، ماهوار، ”نئين زندگي“ ،سنڌ نمبر، ايڊيٽر، شمشيرالحيدري، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشنس، جون، جولاءِ، سال 1970ع، ص، 58.
(2) حوالو ساڳيو، ص، 59
(3) حوالو ساڳيو، ص،60
(4) حوالو ساڳيو، ص،61
(5) حوالو ساڳيو، ص،62
(6) حوالو ساڳيو، ص،64
(7) حوالو ساڳيو، ص،66
(8) حوالو ساڳيو، ص،69
(9) حوالو ساڳيو، ص،70
(10) حوالو ساڳيو، ص،73
(11) حوالو ساڳيو، ص،75
(12) حوالو ساڳيو، ص،76
(13) حوالو ساڳيو، ص،77،78
(14) حوالو ساڳيو، ص،81
(15) حوالو ساڳيو، ص،81
(16) حوالو ساڳيو، ص،83
(17) حوالو ساڳيو، ص،85
(18) حوالو ساڳيو، ص،86
*