خانداني پس منظر:-
سنڌو ماٿري پنهنجي ثقافتي ۽ تهذيبي حوالن سان دنيا ۾ مشهور آهي سنڌ جي قديم آثارن کي ڏسي اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته هن خطي ۾ انسان جي شروعات انساني سماج ۽ تهذيب جي اوسر جا آثار موجود آهن، جنهن کي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سڏيو وڃي ٿو، انهيءَ تهذيب جي خوبين بابت هر عالم پنهنجي راءِ پيش ڪندو رهيو آهي.
هند ۽ سنڌ جي نالي واري اديب ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، سنڌو ماٿري جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”سنڌو ماٿري جي ڪوزي ۾ انسان ذات جو سارو تت لبالب ڀريل آهي، ان لبالب ڀريل ڪوزي مان انسانيت وهي نڪتي ۽ دنيا ۾ دور دور تائين ڦهلجي وئي.“ (جوتواڻي، 2007ع، ص، 80 )
سنڌ جي سڀني قديمي آثارن ۾ سيوهڻ جو شهر قديم ترين شهر آهي، جو اڄ به پنهنجي سيني اندر سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ ادب صنعت ۽ تجارت جا هزارين داستان سانڍيو اچي، انهيءَ بابت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مقالي ۾ سيوهڻ بابت لکي ٿو ته:
”سنڌ ۾ سنڌو درياءَ صدين دوران پئي پنهنجا وهڪرا ڦيريا آهن، قديم دؤر ۾ جڏهن اهو وهڪرو اڀرندي طرفان، الهندي طرف وڌيو ۽ پهريون ڀيرو شهر واري ماڳ وٽان هٽيو ته ڪناري سان سيوهڻ واري بستي آباد ٿي، پوءِ ايندڙ سون سالن تائين سنڌو يا انجي شاخ (اڙل) واهه شهر ۽ علائقي کي آباد ڪيو، انهي ڪري سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي سنڌوءَ جي ڪناري لڳ آباد ٿيندڙ هن بستيءَ کي سنڌوسان يا سنڌوآستان سڏيو ويو“. (بلوچ، 2009ع، ص، 2)
سيوهڻ شهر جي نالي بابت به مختلف رايا ملن ٿا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب وري سيوهڻ جي نالي بابت هن ريت لکيوآهي:
”سيوهڻ جي قديم اوائلي نالن بابت اصخطري جي ڪتاب، ”مسالڪ الممالڪ“ ۾ شهر توڙي علائقي جو نالو “سندوسان” جي صورت ۾ ملي ٿو، ان بعد ابن حوقل جي ڪتاب ”المسالڪ والممالڪ“ ۾ ”سندوستان“ لکيل آهي ۽ پڻ ان پرڳڻي کي سنڌودرياءَ جي اولهه طرف وارو پرڳڻو ڪري ڄاڻايو آهي. ٿي سگهي ٿو ته، سندوسان ۽ سنڌوستان نالا سيوستان جي بدليل صورت هجن، پر جيئن ته اهي هڪ کان وڌيڪ تاريخي ماخذن ۾ ڄاڻايل آهي، انهيءَ ڪري اهو دليل وڌيڪ وزندار ٿئي ٿو ته اهي اوائلي نالا ”سنڌوسان ۽ سنڌوآستان“ هئا“. (بلوچ، 2009ع، ص ، 2 )
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، سنڌ ۾ سيوستان (سيوهڻ) جهوني ۾ جهونو شهر آهي، توڙي انجي آس پاس جون جاگرافيائي ۽ طبعي حالتون ثابت ڪن ٿيون ته، هتي به اوائلي دور جي انسان جا پير گهميا آهن، جن ماڻهن پهريان پهريان سنڌ ۽ هند کي وسايو اهي هاڻوڪن ڪولهين، سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا، انهن ماڻهن جون کوپريون سيوهڻ جي پريان شاهه بلاول واري واٽ تان لڌيون ويون، ان کانپوءِ 1922ع ۽ 1923ع ۾ به اهي ساڳئي قسم جون کوپريون، موهن جي دڙي مان لڌيون ويون.
سيوهڻ ڀرسان کير ٿر جبل جون قطارون، قديم غار، سنڌوءَ جو وهڪرو، ايشيا تهذيب جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ، وڏا چراگاهه، ٻيلا ۽ قديم قلعي کي ڏسي اهو مڃڻو پوي ٿو ته، هن خطي جي تهذيب قديم تر آهي، سيوهڻ ۽ منڇر جي وچ واري حصي ۾ سنڌ جي قبيلي چنا جا ٻه ڳوٺ اڄ به موجود آهن، انهن مان هڪ، پڪا چنا ۽ ٻئي کي، ڪچا چنا (بچل چنا) به سڏيو وڃي ٿو. دراصل اهو علائقو چنا قبيلي جي هڪ رياست هو. ڳوٺ پڪا چنا ۾هڪ بزرگ درويش ”لال عيسن“ (1) جي مزار آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هي پنهنجي دؤر جو هڪ مبلغ هو، جنهن جو تعلق ملتان جي، حضرت بهاؤالدين ذڪريا ملتاني سان هو، هن جي مزار تي، هن وقت تائين هر سال 14 ربيع الاول تي هڪ شاندار ميلو لڳندو آهي. سيوهڻ تي مختلف حاڪمن جي حڪومت رهي آهي، انهن جي باري ۾ به مختلف رايا ملن ٿا. مثلًا، چنا قبيلي جي رياست جي حوالي سان ”الوحيد آزاد سنڌ“ نمبر ۾، خاڪي، پنهنجي مقالي ۾ سرايلئٽ ۽ ڊائوس جو هڪ تاريخي حوالو ڏنو آهي ته:
”چنن جي حڪومت سبي (سيوستان) ۾ هئي ۽ سنڌونديءَ جي اولهه طرف وارو ملڪ جو ٽڪر عربن چنن کان ورتو، جن جا پويان اڃا منڇر جي نزديڪ رهن ٿا. “ (خاڪي، 1979ع، ص 147)
فاتح سنڌ، عرب نوجوان سپهه سالار محمد بن قاسم جڏهن سنڌ کي فتح ڪندي 711ع ۾ سيوهڻ کي حاصل ڪيو ته ان وقت سيوهڻ جي انهن ڳوٺن ۾ چنا قبيلي جي هڪ ننڍڙي رياست هئي، هتي ٻيون به قومون رهنديون هيون، مگر پهريان ئي جنهن قوم اسلام قبول ڪيو، سا چنا قوم هئي ۽ جنهن نموني انهن اسلام قبول ڪيو، انجو ذڪر تاريخن ۾ هن ريت ملي ٿو:
” چنا قوم جا انهيءَ وقت هڪ وڏي جماعت هئي، جدا جدا جاين تان گڏ ٿي هڪ ماڻهو يعني جاسوس کي احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو، هو اهڙي وقت پهتو جو سارو لشڪر محمد بن قاسم جي پٺيان نماز پڙهي رهيو هو، هن قيام، قعود، رڪوع سجدي ۽ ٻي سموري چرپر ۾، امام جي تعبيداري ڏسي وڃي پنهنجي قوم کي چيو ته، جتي هزارين ماڻهو هر حالت ۾ بنا ڪنهن چون چران ۽ فرق جي هڪ ماڻهوءَ جا ههڙا تعبيدار هجن، تتي جيڪو هنن جي مخالفت ڪندو سو بدبخت چئبو. تنهن تي انهيءَ سڄي قوم جي ماڻهن لائق نذرانا کڻي اچي، سندن خدمت ۾ حاضر ٿيا، هو جنهن وقت پهتا تنهن وقت محمد بن قاسم جي مجلس ۾ دسترخوان وڇايو هئائون، محمد بن قاسم فرمايو ته، هيءَ جماعت ”المرزوق“رزق واري آهي، انهي ڪري چنا قوم کي ”مرزوق“ لقب مليو، بس پوءِ ته انهي وقت تعبيداري ۽ ڍل قبول ڪري موٽي ويا، اهو ئي سبب آهي جو اسلام جي فقيهن درياءِ جي هن ڀر واري زمين، جا چنن جي تصرف هيٺ هئي ”عشري“ لکيو آهي.“ (قانع ، 2004ع، ص _ 81)
چنا قوم جي سڃاڻپ جي حوالي سان آباد ٿيل ۽ مٿي بيان ڪيل ٻنهي ڳوٺن، پڪا ۽ ڪچا چنا ۾ اڄ به اڪثريت سان هي قوم آباد آهي، جيڪا هن وقت به خوشحال آهي، ان زماني ۾ به ٻن علائقن تي چنا قبيلي جي حڪومت هوندي هئي، هي قوم نه صرف خوشحال هئي، پر انهن جي سرداري وارو اثر پري پري جي علائقن تائين پکڙيل هو.
خاڪي، ”سنڌ جا پهريان مسلمان“ مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”جڏهن محمود غزنوي سومناٿ تي ڪاهه ڪئي ۽ سنڌ مان اچي لنگهيو، تڏهن سنڌ ستن علائقن ۾ ورهايل هئي، جنهن مان ٻه علائقا چنن جي حوالي هئا، هڪ سيوستان (سيوهڻ) جنهن ۾ ”پنهون چني“ جي حڪومت هئي ۽ ٻيو ڀاڳنائي ”ڀاڳناڙي“ جنهن ۾ ”جان محمد الهڏنه چنا“ جي حڪومت هئي.“ سيوهڻ تي محمود غزنوي حڪومت ڪئي هئي. انهي جي باري ۾ وڌيڪ وضاحت ڪندي خاڪي لکيو آهي ته:
”محمود غزنوي جي ڪاهه وقت سکر ۽ اپر سنڌ جا علائقا چنن جي هٿ ۾ هئا، مگر اهي ملتان جي حاڪم کي ٻين صوبن وانگر ڍل نه ڏيندا هئا، ڇو ته عربن سندن سموري زمين تي فقط عشره (پيدائش جو ڏهون حصو) مقرر ڪيو هو، ڪن تاريخن ۾ ائين به ڄاڻايو آهي ته، ”چناب ندي“ به چنن جي کوٽايل آهي ان ڪري مٿس نالو (چنا + آب) پيو آهي.“ (خاڪي، 1979ع، ص 147ع)
چنا نالي بابت به مختلف قياس آرايون آهن ته اهو نالو ڪيئن پيو، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته، هي قبيلو پنهنجي خوبصورتي، بهادري ، قد ڪاٺ ۽ سياڻپ جي ڪري جڳ ۾ مشهور هو، سندن قبيلي کي چـڱن ۽ سٺن لڇڻن وارو قبيلو به سڏيو ويندو هو، جيڪي اڳتي هلي چڱا مان ڦري چنا ٿيو هجي.
اهڙي طرح سان تاريخ “جنت السنڌ” جي مصنف به چنا قوم لاءِ هن طرح لکيو آهي:
”چنا مالدار قوم هئي، جن کي عرب سندن دولت موجب ”المرزوق“ رزق واري قوم جي لقب سان سڏيو آهي.“ (شيدائي، 1985ع، ص، 36 )
مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته، هي قبيلو سنڌوءَ جي الهندي ڪپ تي آباد ۽ خوشحال هو، درياءَ سنڌ جي ڪپ تي آباد هئڻ ۽ ايشيا جي ڍنڍ منڇر ڍنڍ جي ڀرسان هئڻ ڪري هن علائقي ۾ چؤطرف بهاريون هيون مڇيون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي دريائي خوراڪون، هنن ماڻهن جي علائقي جي خوشحالي جون ضامن هيون، چنا پنهنجي علائقي جا حاڪم هئا، هنن پر امن نموني اسلام قبول ڪيو، هنن وٽ ڄاڻ ۽ علم جو قدر هوندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن قبيلي جا اڪثر ماڻهو اڄ به اهلِ علم آهن.
(1) سنڌ جي درويش لال عيسن متعلق آراضي جي، پروفيسر امداد علي ”سروري“ ٻڌايو، جيڪو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سيوهڻ ۾ پروفيسر آهي.
اهڙي طرح سان محمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيندي، هن قوم مان اڳتي هلي ڪيترائي اهلِ علم فرد پيدا ٿيا، جن مان اوڻويهين صدي جي آخر ۾ جنم وٺندڙ ”الهڏنه چنا“ پنهنجي دؤر جو هڪ يگانو مرد ٿي گذريو، جيڪو پنهنجي دؤر ۾ معاشي سببن ۽ علم جي حصول لاءِ سيوهڻ جي اڇي گور پاڙو(1)، هاڻوڪي قاضي غلام رسول پاڙو ۾ اچي رهائش پذير ٿيو.