پهريون خط ـــــــ رحمت سومري، ڏانهن
اشڪا جو گهر، ميهڙ
١٧ اپريل ٢٠٢٠ع
رحمت،
اميد ته خوشحال ۽ زنده آباد هوندين
ڪراچيءَ جي ڪَرائِيءَ ۾ سهڻي ڪنڱڻ جيان
ڦرندو رهندو هوندين
۽ سندس مٿي تي
بنديا جيان چمڪندو هوندين
۽ سندس مُک تي
تازي گلاب جيان
ٽڙندوهوندين!
احوال خير!
امر اقبال، پڇيو آهي ته ”لاڪ ڊائون دوران ڇا لکيو اٿوَ؟ يا ڇا لکي رھيا آھيو؟“ ۽ مون کان ويٺي ويٺي هيءُ سڀ ڪجهه لکجي ويو آهي، جيڪو به منهنجي اندر ۾ هيو ۽ اهو سڀ ڪجهه ميڙي سيڙي تو اڳيان اکرن جي صورت ۾ کڻي آيو آهيان ۽ ان دوران مان ڪيڏي پيڙاءُ مان گذريو آهيان. ان تڪليف کي مان ڪنهن ٻي ڀيري اوهان سان ونڊيندس. مان نه ٿو چاهيان ته تو، سميت مان پنهنجي ٻين يارن، پيارن، دوستن ۽ پنهنجي پڙهندڙن کي لُڙڪن، سُڏڪن جي سرحد تي وٺي هلان، افسوس! ته مون وٽ مُرڪن جي مالها ڪونهي، جيڪا تو، سميت پنهنجن يارن، پيارن، دوستن ۽ پنهنجن پڙهندڙن کي ڳلي ۾ پارايان.
هڪ ڀيري مون کي ڪنهن بزرگ دوست چيو هو ته ”تون سدائين تڪليف ۽ درد جي درياهه سان ٽُٻٽار نثر ۽ نظم ڇو لکندو آهين!؟“ مون ڪنڌ مٿي کڻي ڇلڪندڙ نيڻن جي ڪٽورن سان، ڀريل ڳلي سان ٿڌو ۽ ڊگهو ساهه کڻي چيو هو ته يار! منهنجي نظر ۾ نثر ۽ نظم اهو ئي اثرائتو آهي، جنهن ۾ سچائي بيان ڪيل هجي ۽ مون کي قسم آهي، امان ارباب جو ته مون ڪڏهن به خالي سکڻو ۽ ڪوڙ ڪونه اظهاريو آهي. منهنجي اندر ۾ جيڪو به ڪجهه آهي، منهنجي روح ۽ جسم تان جيڪا به تڪليف گذري آهي، مون ان ئي تڪليف کي پنهنجي تحريرَ ۾ ڇَٽي ڇڏيو آهي.
هي لاڪ ڊائون جا ڏينهن ۽ راتيون پاڻ ڏهاڙي ڪمائيندڙن لاءِ تڪليف جو سبب ضرور بڻيا آهن، پر ان هوندي به پاڻ پنهنجي پڙهڻ، لکڻ تي معاشي تنگيءَ کي حاوي ٿيڻ ناهي ڏنو.
”منهنجي وات مان
ڪير گرهه ته ڪڍي سگهي ٿو
پر منهنجي هٿ مان
ڪير به قلم ۽ ڪتاب نه ٿو کسي سگهي.“
مون کي اهو سوچيندي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن ۽ حيرت جا پَرت مون تي کُلي پوندا آهن ته منهنجو ڪُٽنب ٽن ڀاتين تي مشتمل آهي، اڌ بُک تي اڌ ڍوءَ تي ڏُکيو۔ سُکيو گذر سفر ڪري ٿو، پر جيڪي ڏهاڙي تي ويندڙ مزدورَ آهن ۽ ستن، اٺن گهر ڀاتين تي مشتمل آهن، انهن جو گذر سفر ڪيئن ٿيندو هوندو!؟
پنجويهين مارچ کان مان پنهنجي ڇهه سئو فٽن جي ننڍڙي سيل نما گهر ۾ جهڙوڪ نظربند آهيان ۽ ڪتابن جي ڪائنات جو سير ڪري رهيو آهيان، قلم سان ڪاڳر جي ڪئنواس تي نثر ۽ نظم جون ٻاريون ٺاهي رهيو آهيان ۽ پنهنجن احساسن جي انهن ۾پوکي ڪندو پيو وڃان. منهنجي اندر ۾ هڪ درد جِي ندي ڇوليون پائي رهي آهي. هي احساس به منهنجو آهي، جنهن کي مون غزل جو چولو پارايو آهي.
درد جي هڪ ندي کي چٽي ٿو مصور،
هڪڙي پوري صدي کي چٽي ٿو مصور.
لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۽ راتين دوران مون برابريءَ جي بنياد تي پڙهيو ۽ لکيو آهي.
منهنجي ڪُتب خاني ۾ جيڪي به جيلَ ڊائريون موجود هيون. اهي مون ٻيهر پڙهيون آهن ۽ ان سان گڏوگڏ آريسر صاحب جي ڪتابن جو مڪمل سيٽ پڙهيو آهي، هينئر گارشيا مارڪيز جي ڪتاب جو اردو ترجمو ’’وطں میں جلاوں‘‘ پيو پڙهان. ان کان پوءِ اورحان پاموڪ جي ڪتاب جو اردو ترجمو ’’سرخ میرا نام‘‘ پڙهندس. اهي مٿيان ٻئي ڪتاب تو ئي مون کي ڏنا هئا ۽ مان تنهنجي شڪر گذاري ڪهڙن لفظن ۾ ادا ڪيان ..... شڪر گذاري ادا ڪيان به ڪي نه.... ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ شڪر گذاري ڀائرن سان يا دوستن سان نه ٿي ڪري سگهجي. واقفڪارن سان يا ڪنهن اوپري جي شڪر گذاري ڪرڻ گهرجي. پنهنجو ته روح جو رشتو آهي، جيڪڏهن اهو نه هجي ها ته پوءِ سُٺا ڪتاب پڙهائڻ جي شڪر گذاري ادا ضرور ڪيان ها!
هڪ وک اڳتي وڌندي:
رحمت،
توئي ٻڌايو هو ته ”گارشيا چئي ٿو ته مون کي انهن اديبن تي حيرت ٿيندي آهي، جيڪي پنهنجي ايندڙ ڪتابن جا خاڪا ٻڌائيندا آهن.“ پر، هاڻي ڳالهه ڇا آهي، جو هر انسان پنهنجي واٽ ٺاهيندو آهي، منهنجي خيال ۾ جيڪو انسان پنهنجي واٽ نه ٿو ٺاهي وٺي ته اهو انسان ئي ناهي. سو مٿين ڳالهه جيڪا تو گارشيا جي ٻڌائي آهي، اهو گارشيا جو خيال آهي ۽ منهنجو يعني احمد شاڪر جو خيال ڪجهه مختلف آهي ۽ اُهو خيال اِهو آهي ته مون کان جيڪڏهن ڪير پڇا ڪري ته فلاڻو ڪم تو ڪيو آهي؟ جيڪڏهن مون اهو ڪم ڪيو هوندو ته ها ۾ جواب ڏيندس، پر ڪوڙ ڪڏهن به ڪونه ڳالهائيندس. سو امر اقبال! پڇيو آهي ته ”لاڪ ڊائون دوران تو ڇا لکيو آهي؟ يا ڇا لکي رھيو آھين؟ “ مون کيس ٻڌايو ته،
لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ مون ابابيل جي پنجين ڪڙي جو ڪم جهڙو مڪمل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان اميد سان ته وري رونقون بحال ٿينديون ۽ پهرين جون تي ابابيل جي پنجين ڪڙي پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهچائيندس. ابابيل ڪتابي سلسلو مان سمجهان ٿو ته تون ۽ مان رڳو سهيڙي / ڇپرائي پڙهندڙن تائين پهچايون ٿا، پر ان ڪم جي پٺيان اصل هٿ اسان جي پڙهندڙن / پيارن جا آهن، جن اسان جي انهي ڪم کي پڙهيو، پسند ڪيو ۽ ساراهيو آهي.
لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ ڪيان پيو. لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ خاڪن جو ڪتاب لکڻ جو ارادو رکان پيو، جنهن مان ٻه خاڪا ”ڇا هُو جان ڪيٽس جيتري عُمر ماڻي سگهندو ۽ وبا جي وقت ۾ آيل ڪومل جو جنم ڏينهن“ فئس بُڪ تي پڻ رکيا آهن ۽ اِن ڪتاب جي سلسلي جا ٽي خاڪا ٻيا به لکي ڇڏيا آهن جيڪي آهستي آهستي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪبا.
۽ آخري ڳالهه اها ته جيڪو منهنجو ڪتاب ڪجهه مهينا پهريان ڇپجي پڌرو ٿيو هو، ”هڪ نظر هيڏانهن بِه“ مون مڪمل ان کي ٻيهر لکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي. خاص ڪري جديد سنڌي نظم جي شاعرن تي لکڻ جو ڪم جيڪو اڌ کان وڌيڪ ان کي اڪلائي چڪو آهيان ۽ منهنجي اها ئي ڪوشش هوندي ته هن ڪتاب جو ايندڙ ڇاپو نج ادبي ۽ تنقيدي هجي.
ان ڏينهن الائي ڪنهن پڇيو ته ڪٿي ۽ ڪيئن پيو وقت گذري؟ مون کان بي ساخته جملو نڪري ويو ته
”امان، بابا ۽ ڪتابن جي ڇانوَ ۾ پيو وقت گذري!“
انهن سڀني ڳالهين جي ونڊڻ کان پوءِ جيڪا مان آخري ڳالهه ونڊڻ چاهيندس اُها اِها ته ان خوشخبري جو هر پل شديد انتظار رهي ٿو ته من ان وبا ڪورونا وائرس جي وئيڪسين جي جُڙڻ جِي دنيا جي ڪنهن ڪنڊ مان ڪا خوشخبري اچي وڃي.
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
شاعريءَ جي شهر جون مٽيُون ڀريندڙ:
احمد شاڪر