ايڪويهون خط ــ حبيب ساجد، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٣ جُون ٢٠٢٠ع
حبيب،
اميد ته شال شاد آباد هوندين
وبا جا ۽ لاڪ ڊائون جا ڏينهن
تنهنجي اڪيلائيءَ ۾ اضافو ڪندي
تو لاءِ لفظن جا لشڪرَ
مطالعي جِي ميز تائين ڪيترن ئي
ڪتابن کي کڻي آيا هوندا
اڪيلائي تنهنجي اڱڻ تي
هڪ ڀيرو ٻيهر آئي آهي
سندس مهماني هر روز تون
هڪڙي نظم سان ضرور ڪجان.
حبيب،
لاڪ ڊائون جي ڏينهن ۾ لکيل خطن مان منهنجو هيءُ آخري خط آهي ۽ هيءُ خط مان تو ڏانهن انهيءَ ڪري به لکي رهيو آهيان جو تون جتي موجود آهين اها اهڙي جُنڪشن آهي جتي ڪيڏي به تيز رفتار سان هر گذرندڙ ريلَ بيهندي آهي. مسافر لاهيندي آهي، مسافر کڻندي آهي ۽ ساهه پٽيندي وري اڳتي سفر شروع ڪندي آهي، بلڪل اهڙيءَ ئي طرح تو ڏانهن آخري خط لکندي ٿوري ساهي پٽيندس وري بعد ۾ اڳتي پڙهڻ ۽ لکڻ جو سفر شروع ڪندس. يار؛ مسلسل پڙهڻ ۽ لکڻ ڪري منهنجي نظر ڪمزور ٿي وئي آهي. انهيءَ جي باوجود به مان پڙهي ۽ لکي رهيو آهيان. مان چشمو پائڻ کان الائي ڇو لهرائي رهيو آهيان.
مان هن خط ۾ تو ڏانهن هڪ خاص موضوع تي گفتگو ڪرڻ ٿو چاهيان. اهو موضوع ٽپاليءَ جو آهي ۽ مان دل کولي اڄ تنهنجي اڳيان رکڻ چاهيان ٿو تون؛ مهرباني ڪري منهنجي دل کي غور سان ڏسجان. ان مٿان توکي هڪڙو لفظ ”اشڪا“ لکيل نظر ايندو. ماڻهو پڇن ٿا ته اشڪا جي معنيٰ ڇا آهي؟ اهو اهڙو سوال آهي، جنهن جو جواب ڏيڻ به جهڙوڪ حيرت زده آهي. اها مون کي به خبر ناهي ته ان لفظ جي معنيٰ ڇا آهي ۽ اهو لفظ آهي به يا ناهي؟ مون اهو لفظ پنهنجن چئن محبوبائن جي نالن جي پهرين اکرن کي کڻي جوڙيو آهي ۽ انهيءَ ئي لفظ ۾ منهنجو نالو به شامل آهي. توکي؛ مزي جِي ڳالهه ٻڌايان ته مون پنهنجي نوٽ بُڪ ۾ اهو لکي ڇڏيو آهي ته جڏهن مان شادي ڪندس ۽ مون کي نياڻي ٿيندي ته مان ان جو نالو ”اشڪا“ رکندم ۽ جڏهن مان هن کي ڏسندس ته مون کي پنهنجون محبوبائون به ياد اينديون، ته پاڻ کي به ان ۾ ڏسي وٺندس.
حبيب،
هيءُ خط مان توکي پوسٽ ذريعي موڪلڻ ٿو چاهيان پر افسوس جو لاڪ ڊائون جي ڪري گهر ۾ رهڻ دوران اها خبر ڪونهي ته پوسٽ آفيس کليل به آهي يا نه ۽ مون کي اها به خبر ڪونهي ته هاڻي تنهنجو پوسٽ پتو ڪهڙو آهي. ڇاڪاڻ ته تون؛ ويجهر ۾ شايد گهر مٽائي ٻئي هنڌ وڃي ويٺو آهين، يار؛ تو ڪڏهن ان تي سوچيو آهي ته خط نويسيءَ جي تاريخ ڪيتري پراڻي آهي؟ جيڪڏهن ان تي سوچجي يا ان تي لکجي ته ڏينهن رات جي سَنڌي جو فرق ئي ختم ٿي وڃي.
خطَ قصن ۽ ڪهاڻين ۾ ته اڄ به ڪبوترَ پهچائن ٿا. ٻن دلين جا رابطا بحال رکندي پيار جو پيغام رسائن ٿا ۽ چتونءَ جِي چهنبَ ۾ اڄ به قسمت جو لفافو آهي. مون کي اها خبر ڪونهي ته خط نويسي اڄ جي نئين سجاڳيءَ واري دؤر ۾ ڪيتري اهميت رکي ٿي پر مون کي اها خبر ضرور آهي ته خط لکڻ جون شڪليون تمام گهڻيون بدلجي ويون آهن. ڪاغذ ۽ قلم جِي جاءِ تي ڪمپوٽر ۽ موبائل جي اسڪرين اچي وئي آهي. اڳي خطَ پوسٽ ذريعي موڪلبا هئا ۽ ٽپالي سنڀالي هٿو هٿ پهچائي ويندا هئا ۽ اڄ خطَ پهچائڻ لاءِ وچ واري جي ته ضرورت ئي محسوس نه ٿي ٿئي.
يار؛ هيستائين خط لکندي ۽ خط بابت سوچيندي مون کي الائي ڇو گارشيا مارڪيز جو ناوليٽ ”ڪرنل کي ڪير به خط نه ٿو لکي“ (جيڪو تازو ئي پياري رحمت سومري؛ سنڌي ۾ ڏاڍو سهڻو ترجمو ڪري اسان کي ڏنو آهي) هر هر اکين آڏو تري اچي ٿو. خبر اٿئي ته ان جو سبب ڇا آهي۔؟ ان جو سبب اهو ئي آهي ته جيئن ڪرنل؛ پينشن جو انتظار ڪندو آهي ۽ بندر گاهه تي سامان پهچڻ کان ويندي پوسٽ آفيس پهچڻ تائين هو اکين سان ڏسندو رهندو آهي. ان سڄي عمل دوران هو؛ انتظار جي انگاس تي ٽنگيو رهندو آهي ۽ پنهنجي پينشن جي لفافي جي پهچڻ جي اوسيئڙي ۾ اکيون ٽپاليءَ جي هٿن ۾ پڪڙيل لفافن ۾ اٽڪيل هونديون اٿس ۽ هر ڀيري مايوسيءَ وچان گهر ورڻو پوندو آهيس ۽ پنهنجي جوان پُٽ جي نشاني ”ڪُڪڙ“ کي ڏسندو آهي ۽ دل کي وندرائيندو آهي. اها ساڳي صورتحال مون سان به ذري گهٽ لاڳو آهي ته مون هن وقت تائين پنهنجن به دوستن ڏانهن خطَ لکيا آهن، انهن جي جوابي خطن جي انتظار جي اذيت جِي اُس مان خود ايئن ئي گذري رهيو آهيان، جيئن گارشيا؛ جو ڪردار ڪرنل گذرندو آهي. ساجد؛ توسان مان هڪڙي وڌيڪ ڳالهه ونڊڻ چاهيان ٿو ۽ اُها ڳالهه اِها آهي ته؛
”هو هر روز صبح سان تيار ٿي کاڌِي جا ڪپڙا پائيندو هو. جيڪي مليشا سان ملندڙ جلندڙ هوندا هئا. ڪلهي ۾ ڪپڙي جو ٿيلهو، ٻانهه ۾ واچ ۽ قميص جي آڏو واري کيسي ۾ قلم رکي هٿن ۾ سائيڪل پڪڙي گهر جي ورانڊي کان ڪاهي ٽپڙي پري ڪري در جِي چانئُٺِ ٽپي گهر جِي گهٽي مان هٿن تي سائيڪل ڪاهيندو جيئن ئي روڊ تي پهچندو هو ته پينڊل تي پير رکي ٽاپ ڏئي ڳوٺ کي ڇڏي شهر ايندو هو. هو، ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هارين کي سلام ڪندو ايندو هو ۽ جيئن ئي شهر ۾ پهچندو هو ته سائيڪل تان لهي هٿ تي ڪاهي سڌو پوسٽ آفيس ايندو هو. آفيس پهچڻ شرط هو بيٺي پير ئي نظرون ڦيرائيندو وڃي ڪرسيءَ تي ويهندو ۽ سڀني ٺپن مان تاريخون مٽائيندو هو. هو؛ اڄ به انگريزن جي دؤر واري طور طريقي ۽ انهن جي ئي ڇڏيل سامان سان هر روز آفيس ۾ ڪم ڪار ڪندو هو. هو؛ جنهن آفيس ۾ ٽپاليءَ جي طور ڀرتي ٿيل هو. اها آفيس ڪچي ڪمري جي ٺهيل هئي، جنهن ۾ بلب جِي جهيڻي روشنيءَ ۾ هو ٽپال ڏسندو ۽ خانن ۾ وجهندو ويندو هو. انهيءَ سڄي عمل دوران جيڪڏهن ڪو آفيس ۾ آيو ويو ته ڪم ڇڏي به اڳلي سان اهڙو قرب ونڊيندو هو. جهڙوڪ اڳلو سندس ڳوٺائي هجي، هن جِي اهڙي پنهنجائپ آفيس جي عملي کي اصل ڪونه وڻندي هئي ۽ هو؛ مُرڪي سڀ کي جهڙو خاموشيءَ جو سگنل ڏئي ڇڏيندو هو.
هو؛ روزاني جي بنياد تي پهتل سامان ماڻهن تائين پهچائيندو هو، پر خاص ڪري خطَ وڏي شوق سان موڪليندڙن ۽ ملندڙن جون ايڊريسون پڙهندو هو ۽ اهي خطَ هٿن ۾ کڻي حسرت سان ڏسندو هو، جيڪي رنگين لفافن ۾ بند هوندا هئا. جن جي مٿان ڪبوترَ، گلاب جا گلَ ۽ ڪيُوپڊ جا تيرَ نشان ڪنده هوندا هئا. هو؛ خطن کي گهر گهر پهچائيندي مُسرت محسوس ڪندو هو. هو جنهن رستي جنهن گهٽيءَ مان سائيڪل تي لنگهندو هو ته ماڻهو هٿن جي اشارن سان ته ڪي وري وڏي آواز سان خطن جو پڇندا هئا ۽ هو؛ انهن کي (جن لاءِ گلابي لفافي ۾ خطَ ايندا هئا) هٿ جِي بريڪ ڏئي پاسي سان بيهي ڌيرج ۾ ٻڌائيندو هيو ته تنهنجو خط آهي يا ناهي.
هن جي ڪن ۾ اڪثر ڪري قلم لڳل هوندو هو ۽ اکين تي اڇو چشمو پاتل هوندو هو. هن آرهڙ، سيارو ٽپال جو ڪم خوشيءَ سان ڪيو هو. سندس چهري تي ڪڏهن به ڪنهن تِر جيتري ڪاوڙ ڪونه ڏٺي هئي. ڪاڙهي ۽ ٿڌ ۾ به ٽپال ماڻهن تائين پهچائيندو هو ۽ اوسيتائين سج به بيٺو هوندو هو جيستائين هو شام جو سائيڪل تي چڙهي گهر ورندو هو. هو جنهن وقت گهر جي گهٽيءَ ۾ پهچندو هو ته سائيڪل تان لهي هٿ ۾ ڪاهي ايندو هو پاڙي جا ٻارَ هن کي ڏسي گڏ ٿي ويندا هئا ۽ هو ٻارن ۾ ڪپڙي جي ٿيلهي مان کٽمٺڙا ڪڍي ورهائيندو هو ۽ ٻئي ڏينهن وري اها ساڳي ڪرت، وري اهي خط، اهو ٽپالي ۽ سندس سائيڪل ڦرندي رهندي هئي. گهٽي گهٽي، گهر گهر، در در.
حبيب،
هر روز دنيا ترقيءَ طرف گامزن آهي. ارتقا جو اهو پنڌ اڳتي کان اڳتي پيو وڃي. سائنس به جديد کان جديد تر ٿيندي پئي وڃي ۽ هر انسان کي سهولتن تي سهولتون مهيا ڪندي پئي وڃي. هٿن ۽ اکين جي اشارن سان شين ۽ مشينن جي چُرپُر يقيني بڻائي وئي آهي. جتي هر شعبي ۾ ترقي ٿي رهي آهي، اتي ٽپال کاتي ۾ به ترقي ٿي آهي. اسان وٽ توڙي جو انگريزن جي دؤر جون سڪون لاهيندڙ ٽپال کاتو آهي ۽ ان جو رومانس به پنهنجو آهي پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به امريڪا ۾ ڪجهه وقت اڳي روبوٽ اسڪوٽر ايجاد ڪيو ويو هو. جيڪو ٽپاليءَ جي جڳهه تي ڪم ڪري ٿو، ”ريوون“ نالي ٽن ڦيٿن وارو ٽپالي روبوٽ اسڪوٽر پنڌرنهن ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي ٿو ۽ گهر گهر سامان پهچائي ٿو. انهيءَ سڄي صورتحال ۾ جيڪو ٽپاليءَ جو خاڪو آهي، اهو مون لاءِ انتهائي محترم ۽ احترام وارو آهي، جيڪو پنهنجي فرض شناسي ۾ ڪنهن به بهاني کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ٿو ڏي.
ٽپاليءَ جي نالي....
تنهنجا هٿَ
هر روز ڪيترائي خطَ
ڇُهندي ٿڪجن نه ٿا
خطَ جن ۾ سڪ ۽ ڇڪ
اکرن ۾ اڪريل آهي
اکرَ جن ۾ ڪنهن جا ڪنهن لاءِ
پيارَ ڀريا احساسَ به آهن ته
اميد جي ٻرندڙ اگربتيءَ جِي
خوشبو به آهن.
حبيب،
اڄوڪو خط لکندي مان ايئن محسوس ڪري رهيو آهيان ته جهڙوڪ منهنجي مٿان مصيبت جِي مڻين وزن رکندڙ ڇپ هٽي ويئي آهي ۽ مان پاڻ کي ايترو ئي هلڪو ۽ آزاد محسوس ڪري رهيو آهيان، جهڙوڪ هوا ۾ اڏرندڙ اڇو پکيءَ جو پَرُ هجان. هڪ تخليقڪار ان وقت تائين بيچينيءَ جِي وڏ ڦُڙي ۽ ڳڙي سان وسندڙ مينهن ۾ سٽڪندو رهندو آهي، جنهن لاءِ ڪابه ڀر پاسي ۾ پناهه گاهه ناهي هوندي. ان سڄي تڪليف ده صورتحال ۾ هن؛ کي پين، پنو ۽ اڪيلائي ڳل ڳراٽي پائيندي آهي ۽ انهيءَ دوران جڏهن هو؛ ڪوري ڪاڳر تي قلم کي هلائيندو آهي ۽ ڪجهه تخليق ڪندو آهي تڏهن ئي سڪون ڀري منزل تي دم کڻندو آهي ۽ ٿوري ساهي کڻي وري اهو جوڳي اهو پنڌ!
حبيب!
منهنجو ايڏانهن اچڻ جو ارادو آهي، رڳو ٿورو ماحول معمول مطابق ٿي پئي ته نڪري اچان تو سان سکر ۽ روهڙيءَ جِي سنگت سان ملندي. اڳتي گهوٽڪي طرف وڃڻ جو ارادو آهي. جتي مون کي گهڻو وقت اڳي وڃڻ گهرجي ها پر ڪورونا وائرس، لاڪ ڊائون ۽ گرميءَ جي گڏيل گهيري جي ڪري گهر جِي ڪنڊ ۾ جهڙوڪ ڪنوار جي ونواهه جيان ويٺو آهيان ۽ پڙهڻ، لکڻ ۾ ڏينهن رات مشغول آهيان.
چڱو سدائين گڏ
موڪلاڻي ڪونهي.
احمد شاڪر