تيرهون خط ــ فراق هاليپوٽي، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
١٧ مئي ٢٠٢٠ع
فراق،
اميد ته پُرباش هوندين
شاعري جي شهرَ ۾
خوبصورت مئخاني ۾ ويهي
شاعريءَ جي شراب جون
چُسڪيون وٺندو هوندين
۽ پنن تي نثري نظمن جا ننڍڙا پکي
ٺاهيندو اڏائيندو هوندين
جيڪي اُڏري ڪري پڙهندڙن جي
چپن جي ڇڄي تي لهندا
چهچائيندا
۽ تنهنجا گيت ڳائيندا هوندا.
فراق،
هنن وبا جي ڏينهن دوران گهر ۾ ويٺو آهيان ۽ لکڻ، پڙهڻ جي ڪرت سان لڳو پيو آهيان. اڪيلائي هئڻ ڪري ڪيترائي خيالَ صبح ۽ شام هليا ٿا اچن. ڪچهري ڪن ٿا ۽ آخر ۾ تخليق جو چولو پائي غزلن، نظمن جو روپ ڌاري پڙهندڙن جي پاڙي ۾ پهچي وڃن ٿا. مان تو ڏانهن هي خط لکڻ ويٺو آهيان ۽ تنهنجون ئي ڳالهيون توسان ڪرڻ ٿو چاهيان، جنهن ڳالهين مان شاعري ۽ شراب اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي ذڪر ڪرڻ سان ئي خمار جا در کُلي وڃن ٿا.
مون ته پاڻ کي شاعريءَ جي شهر جون مٽيون ڀريندڙ سڏيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته مون لاءِ اهو وڏو اعزاز ناهي ته مان ڪو شاعريءَ جي شهر جو رهواسي آهيان پر مون لاءِ وڏي ۾ وڏو اهو اعزاز آهي ته مان شاعريءَ جي شهر جِي تعميرات ۾ ڪتب ايندڙ پاڻي ڀريندو رهان ٿو ۽ جڏهن جڏهن به پاڻي کٽي پوندو آهي ته مان اکين جا ڳوڙها استعمال لاءِ پيش ڪندو آهيان.
مون ته پاڻ کي شراب جي ويجهو تڏهن رکيو آهي، جڏهن سياري جون ٿڌيون راتيون منهنجي ڪمري ۾ رهي پونديون آهن. شراب جيڪو شاعريءَ جي شجرَ کي گهاٽو بڻائي ٿو ڇڏي، شراب جيڪو شاعريءَ جي جسم ۾ شامل رت کي جوش وٺرائي ٿو ڇڏي ۽ شراب جيڪو شاعريءَ جي پيش ڪش ۾ بيساختگيءَ جا ڪونٽل ڪڏائيندو ٿو رهي.
فراق،
شاعري ۽ شراب جي ذڪر ڪرڻ وقت ڇوڪريءَ جو ذڪر نه ڪجي ته مان سمجهان ٿو ته شاعري ۽ شراب جو ذائقو ڦڪو ۽ چهرو ٻُسو ڏسڻ ۾ ايندو.
شاعريءَ لاءِ ڇوڪري هار سينگار سان گڏ ٿِرڪندڙ جسم به آهي ته تِرڪندڙ دل به آهي.
شراب لاءِ ڇوڪري جماليات جي جهان جا تاڪِيا کولي ڇڏيندڙ به آهي ته رنگن جُون جهنڊيون جهولائيندڙ به آهي.
شاعري، شراب ۽ ڇوڪري اهي ٽئي اهڙا موضوع آهن، جيڪي الڳ الڳ هوندي به هڪڙي شڪل رکندڙ آهن ۽ اها شڪل موکيءَ جي به ٿي سگهي ٿي ته عمر خيام جي رُباعِي جي به ٿي سگهي ٿي ته تنهنجي منهنجي گفتگو به ٿي سگهي ٿي.
فراق،
شراب ۽ شاعري جي ذڪر ڪرڻ تي مون کي ندا فاضليءَ جِي ان تقرير جو اهو حصو ياد اچي رهيو آهي، جيڪو تقرير جو مڪمل ڳَرُ آهي ۽ اهو هيءُ آهي؛
”اُڻويهين صديءَ جو واقعو آهي. داغ دهلوي وڏو مشهور شاعر هو. ان جو ساٿي امير مينائي هو. امير مينائيءَ جي تمام وڏي ڏاڙهي هئي. امير مينائيءَ هڪ ڀيرو داغ صاحب کي چيو ته داغ صاحب ڇا ڳالهه آهي؛ توهان به ان ٻوليءَ ۾ شاعري ڪيو ٿا. ان ٻوليءَ ۾ اسان به شاعري ڪيون ٿا.
چوڻ لڳو، توهان جا شعرَ محفل ۾ گهڻو جاڳن ٿا. تاڙيون وڄن ٿيون پر جڏهن اسان جا شعرَ سامهون اچن ٿا ته ماڻهو سمهي پون ٿا.
داغ صاحب چيو؛ ته ڏس امير مينائي صاحب؛ مان توهان جي سوال جو جواب ڏيان ٿو، پر پهريان منهنجي ٻن سوالن جا جواب ڏيو.
داغ صاحب؛ چيو ڇا توهان سج لهڻ وقت شام ٿيندي ئي، گلاسن کي رنگين ڪيو آهي۔؟
امير مينائيءَ ڏاڙهي ڇنڊيندي چيو لا حول ولا قوة....
توهان ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو.
داغ؛ جو ٻيو سوال هيو، توهان گهر کان ٻاهر به اکين جو استعمال هيڏانهن هوڏانهن ڪيو آهي۔؟
امير مينائيءَ وري ڏاڙيءَ کي ڇنڊيندي وري به اهو ساڳيو ڪلمو پڙهيو لا حول ولا قوة....
داغ صاحب؛ چيو ميان! گهر واري کي ڏسندي شعرَ لکندي ته ايئن ئي ٿيندو.“
فراق،
مٿين ڳالهه ونڊڻ سان مان اهو سجهان ٿو ته جيڪو به هيءُ خط پڙهندو ته ان تي ايئن ئي خُمارن جي خزانن جا در کلي ويندا جيئن شام جو سج لٿي کان پوءِ توتي کلندا آهن. مون کي تون ان ڪري به پيارو آهين جو تون شاعر آهين ۽ شاعر به اهڙو جنهن جي شاعريءَ مان شراب جي خوشبوءِ کان وڌيڪ مِٽيءَ جِي خوشبوءِ ۽ وطن جِي نقشي جون حدون ملنديون آهن.
هڪڙو اهڙو شهر اڏجي جيڪو ايران جي شهر شيراز کان بلڪل مختلف هجي ۽ جديد سهولتن سان به آراستا هجي.
شيراز جيڪو صوف جي شراب ۽ شاعرن جي شهر سان سُڃاڻپ رکي ٿو. جتان جي شاعرن جِي شاعريءَ ۾ جنسي جماليات جا گهاٽا جهنگ آهن ۽ جن جي وچان وهندڙ واهن ۾ قسمين قسمين شراب وهندا ٿا رهن.
شيراز جنهن جي سُڃاڻپ جي سڀني حوالن تي مان سمجهان ٿو ته حافظ شيرازي وڌيڪ اثرائتو آهي ۽ حافظ شيرازيءَ جِي شاعري نه رڳو شيراز شهر جي پر ان کان ٻاهر ۽ نه رڳو پنهنجي دؤر پر ڪيترن دؤرن تي پنهنجي حاڪميت جو سڪو ڄمايون بيٺي آهي.
فراق،
پاڻ جيڪو شهر اڏينداسن. اهو بنهه مختلف هوندو، جنهن جِي سُڃاڻپ جا خوبصورت حوالا شاعري، شراب ۽ دوشيزائون هونديون ۽ اتان جي هر گهٽيءَ جِي مُهڙ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون مٽيون ڀريون پيون هونديون گهٽي ۾ داخل ٿيندڙ کي وڏين اکين واريون ڇوڪريون ڀري جام پِيارينديون ۽ جنت ۾ داخل ڪري ڇڏينديون ۽ جڏهن هُو جنت ۾ داخل ٿيندا ته اُتي شاعريءَ جِي محفل متل ڏسندا جنهن ۾ پيش ٿيندڙ شاعريءَ جي هر شعرَ ۾ شراب جِي شوخي ۽ ڇوڪريءَ جِي شرارت ڏسڻ ۾ ايندي.
هن وبا جي ڏينهن ۾ جيڪڏهن خوف خطري کي پاسي تي رکي شاعري ۽ شراب جِي شروعات تي سوچجي ته ڇا اهو عمل ڪارائتو ٿي سگهي ٿو۔؟
مان نه ٿو سمجهان ته ان تي سوچڻ ڪو فضوليت جي دائري ۾ ٿو اچي. ڇاڪاڻ ته لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي شعبي جي تاريخ تي، ماضيءَ تي، حال تي ۽ مستقبل تي به سوچي ٿو ۽ اتي وري شاعر / اديب به اکرن جي عالَمَ ۾ اکين جِي ماڻڪين ۾ غزلن ۽ نظمن جا خوبصورت خيال کڻي اڪيلو اڪيلو سفر ڪري ٿو ۽ شراب پِئي ٿو، ڇوڪريون ڏسي ٿو ۽ شاعري ڪري ٿو.
فراق،
هتي هن وقت هڪ عجيب غريب ماحول جُڙندو ٿو وڃي. هاڻي ته هڪٻئي کان حال پُڇڻ کان به ماڻهو هليو ويو آهي، اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي.
سڀ ڪنهن کي پنهنجي ساهه جي ۽ سهولتن جِي ڳولا آهي پر پنهنجي پاڙيسريءَ جو پتو ناهي! هڪ ڪورونا وائرس ٻيو لاڪ ڊائون ٽيون رمضان ۽ روزا انهن سڀني گڏجي هڪ ڀيانڪ شڪل اختيار ڪئي آهي. اڄ ٽيويهون روزو آهي ۽ عيد ۾ ست ڏينهن آهن. عيد توڙي جو رسمن ئي صحيح هڪ اهڙو ڏينهن ضرور هجي ٿو، جنهن ڏينهن تي پري پري رهندڙ ڀينرون ۽ ڀائر پيءُ، ماءُ جي گهر ۾ گڏجي گذارين ٿا ۽ کِل ڀوڳ ۽ خوشيون ونڊين ٿا.
هن ڀيري لاڪ ڊائون جي ڪري بيروزگاريءَ ڀيانڪ صورت اختيار ڪري ويئي آهي. ان سڄي صورتحال ۾ ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدورن جي گهرن ۾ بُک جو فصل پچي راس ٿيو آهي. انهن مزدورن لاءِ هيءُ ڏهاڙا خاص ڪري رمضان جا ڏينهن ٻٽي تڪليف جِي تکي تلوار کڻي آيا آهن.
اسان جي سماج ۾ اڳي ئي مزدور طبقو جهڙوڪ روزن ۾ رهي ٿو.اڌ، بُک تي اڌ، ڍءُ تي ۽ مٿان وري هي ڏينهن ته مزدورن لاءِ جهڙوڪ ڏانئڻ بڻجي ڏاڙهي رهيا آهن. هاڻي انهي سڄي صورتحال ۾ وري جڏهن عيد اچي رهي آهي ۽ انهيءَ خوشيءَ ڀريي ڏڻ تي جڏهن ڪنهن امير جي تن تي نون ڪپڙن جو جوڙو پاتل هوندو ۽ انهن جي ٻارڙن کي هار سينگار ٿيل هوندو ته انهي سڄي منظر کي جڏهن هڪ مزدور ڏسندو ته ضرور پاڻ کي ڪرب جي ڪُن ۾ ڦاٿل ڏسندو ۽ کيس طبقاتي نظام تي ڪاوڙ کائيندي ۽ سُور پيئندي نظر ايندو.
ويندي، ويندي؛
مون شعوري ڪوشش ڪري شراب پِي توڏانهن خط لکڻ پئي چاهيو پر ٻن مهينن جي لاڪ ڊائون ڪري ۽ رمضان مهيني جي ڪري ڪٿي به ڪونه ٿو ملي ۽ مان سڄي ميهڙ شهر جي مختلف هنڌن تان پڇائون ڪري ڪري گهر پهتو آهيان ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جِي پيروي ڪندي سليماني چانهه پيئندي توڏانهن خط لکي رهيو آهيان. مون گهڻو ئي چاهيو پئي ته سعادت حسن منٽو جِي پيروي ڪندي شراب پِي ڪري توڏانهن خط لکان ها ۽ جيڪڏهن شراب ملي وڃي ها ته مان توکي خط ۾ اُتر جون اهي به حدون گهمايان ها جيڪي کيرٿر جي پهاڙي سلسلي ۾ آهن، جتي انساني ارتقا جون شاهديون ملن ٿيون ۽ مان توکي خط ۾ ڪاڇي جِي لُڪ کان آگاهه به ڪري پئي سگهيس جنهن ۾ انسان جِي نڙيءَ ۾ اُڃ جِي رُڃ رڙيون ڪندي آهي ۽ ڪُونجَ ڪُرلائيندي ڪُرلائيندي ڪٿي ڪرندي آهي ۽ سڪتو ڪري پوندو آهي.
فراق،
چڱو موڪلاڻي ڪونهي.
شال خوشحال ۽ زنده آباد هوندين.
لاڙ جِي ڳٽن تي شاعريءَ جِي لالي لائيندين.
وري ٻيهر خط ۾ يا روبرو ملنداسين
احمد شاڪر