ٻارهون خط ــ ناشاد رضوان، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
١٣ مئي ٢٠٢٠ع
ناشاد،
اميد ته تمام جلد شاد ٿيندين
ٿر تي ٿڌو چنڊ
نِم جِي گهاٽي ڇانوَ
مِٺو پاڻي
۽ پيار جو پاڙيسري ٿيندين.
ناشاد،
اڄ چوڏينهنءَ جِي رات آهي. مان امان جي پاسي ۾ ستو پيو آهيان، دُنيا جي هر ڏُک کان ڏُور ۽ سُڪون جي سمنڊ جِي سپيءَ ۾ موتي جِي شڪل اختيار ڪري چڪو آهيان. توڏانهن خط لکڻ کان اڳ ۾ مان هڪڙو نظم لکي رهيو هئس، جيڪو مون ”شاعريءَ جهڙي خوبصورت ڇوڪريءَ“ جِي اکين تي لکيو آهي. مان ان نظم ۾ پنهنجي اکين جو سمورو نُور نچوئي ”هُن“ جِي اکين ۾ اوتي ڇڏيو آهي. توکي اهو به ٻُڌايان ته ”هُن“ تي مون جيڪي به نظم لکيا آهن، انهن ۾ ”هُوءَ“ هلي رهي آهي، مُرڪي رهي آهي، ڳائي ۽ رقص ڪري رهي آهي.
ناشاد،
اڄ رات چانڊوڪي رات آهي ۽ رات اهڙو ٽاڻو آهي، جنهن ۾ انساني تخليق جو ٻج پوکيو ويندو آهي، پيار جي پار سهڻي ڪهندي آهي، هر ڏوهه جي اکين کي اتان ئي روشني ملندي آهي، ڪنهن جي ڪُوڪ کي ان ئي سمي دٻايو ويندو آهي ۽ بارود کي باهه ڏيڻ جو به اهو ئي مناسب ٽاڻو آهي.
هر رات کي پنهنجو رنگ
هر رات کي پنهنجو راجا
۽ پنهنجي راڻي هوندي آهي
پر چانڊوڪي رات کي
چين ڦرڻ جو پنهنجو هُنر آهي
چانڊوڪي رات ۾ رڳو
چڪور اُڏري اُڏري
گفائن ۾ گم ٿي ناهي ويندو
چانڊوڪي رات ۾ رڳو
سمنڊ لُڇ پُڇ ۾ ناهي گذاريندو
پر چانڊوڪي رات ۾
هر اهو عاشق اذيت جي انگاس تي
ٽنگجي ويندو آهي
جيڪو جُدائيءَ جي جنگ ۾ مسلسل
تلوارن کي مُنهن ڏئي رهيو هوندو آهي
اتان بچي ويو ته
بد مست هاٿين جي پيرن ۾ ڏنو ويندو آهي.
ناشاد،
مون کي اها خبر ڪونهي ته چوڏينهنءَ جي رات ۾ ٿر ڪيئن لڳندو آهي، پر مان هڪ شاعر هئڻ جي حيثيت سان ٿر کي چوڏينهنءَ جِي رات ۾ جيڪڏهن نظم ۾ چٽيندس ته: چانڊوڪيءَ رات ۾ ٿر جِي واريءَ کي چانديءَ جيان چمڪندي ڏيکاريندس، ڀٽن کي ڀُورا، ناسي ڀريل بادل ڏيکاريندس ۽ چَونرن کي چنڊ جي مٿي تي جهومر ڪري پيش ڪندس
.
ٿر جيڪو پنهنجي اندر ۾ ڪيئي ڪيميائي جزا رکندڙ آهي، جنهن جي بدن تي ڪيئي وڻ ۽ وليُون وارياسي وجود تي لباس جيئن لڳنديون آهن.
ٿر جيڪو مور ۾ ٻولي ٿو ۽ ڊيل ۾ ڊوڙي ٿو.
ٿر جيڪو روهيڙي جي گُلن ۾ ٿاريلي جي گهاگهري ۽ گج ۾ ٽاڪيل شيشي ۾ چمڪي ٿو.
ٿر جيڪو چانڊوڪيءَ رات ۾ڪَر موڙي اُٿي ٿو ۽ حُسناڪيءَ جا تاڪيا کولي ڇڏي ٿو.
ٿر جيڪو چانڊوڪيءَ رات ۾ هاڪڙي کي کوٽي کڻي نئون وهڪرو بخشي ٿو.
توڏانهن خط لکندي، چنڊ کي ڏسان ٿو ۽ پوءِ پاسي ۾ سُتل امان جي چهري کي ڏسان ٿو، جنهن تي سندس اڇن وارن جي چَڳ چونڪي ڏئي رهي آهي.
ناشاد،
ڪورونا وائرس جتي سڄي دُنيا کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، اتي لاڪ ڊائون ۽ رمضان مهيني جي ڪري ڪيترن ئي مونجهارن کي به جنميو آهي. سماجي وڇوٽيءَ جي ڪري هڪ ٻئي سان رابطي جي اڻ هوند جدائي جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي. ان سڄي صورتحال ۾ تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ چنڊ آهي، جيڪو ميهڙ ۾ ويٺي توسان ۽ ٿر سان مون کي ملائي رهيو آهي ۽ هي خط لکرائي رهيو آهي.
اهو چنڊ ئي آهي، جيڪو اڄ چوڏينهن رات ۾ چانڊوڪيءَ جِي ونڊ ونڊي رهيو آهي ۽ هر کنڊ تي هڪ جيتري چانڊوڪي پکيڙي رهيو آهي. جڏهن مان چوڏينهن رات جي چنڊ کي غور سان ڏسي رهيو آهيان ته مون کي اتي هڪ حسين صورت ڏسڻ ۾ ٿي اچي، جنهن جي هٿن ۾ ڪتاب آهي ۽ پاسي سان پين ۽ پنا پيا آهن. ”هُوءَ“ مطالعي ۾ محُو آهي، گهڻي غور کان پوءِ سُڃاتي ته ”هُوءَ“ شاعريءَ جهڙي ڇوڪري ”امرتا“ آهي، جنهن جي سُونهن ۽ چانڊوڪيءَ جي سنگم منهنجي ڪيترن ئي نظمن، گيتن، غزلن کي جنم ڏنو آهي.
ناشاد،
هينئر رات جا ٻه ٿي رهيا آهن ۽ چنڊ جِي چانڊوڪي تيز ٿيندي ٿي وڃي ۽ رکي رکي اڀ ۾ ڪنهن پکيءَ جي پڪار ۽ چوڪيدار جِي سيٽيءَ جي تنوار مون کي ڇرڪائي ڇڏي ٿي ۽ مان امان کي ڀاڪر پائي کن پلَ لاءِ خوف کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان ٿو. مون کي امان جي هنج ۾ ننڊ ٿي اچي وڃي ۽ ايتري ۾ ”امرتا“ خواب ۾ اچي ٿي ۽ پنهنجو تازو لکيل نظم مون کي پڙهي ٻڌائي ٿي.
تنهنجي نالي....
مون هن جي اکين ۾
ڪڏهن اداسي ناهي ڏٺي
هن جي اکين کي سمنڊ نه چونديس
هن جون اکيون
ڪتاب جي ٻنهي پڙن جيان آهن
هو جيڪو
ڪتابن کان ڪنارا ڪشي اختيار ناهي ڪري سگهندو
هو جنهن جي رات ڪتابن سان گذرندي آهي
هو جيڪو ڪتابن ۾ ڪنول جا گل ڏسندو
۽ ڪائنات کي پڙهندو آهي
هو جيڪو پاڻ کي
عمر دراز سمجهندو آهي
ان ڪجهه سال پهرين جواني تي قدم رکيو آهي
هن جا ٽهڪ
هن جي شخصيت کان جدا آهن
هو لفظن جي سواري ۾ سفر ڪرڻ لڳو آهي
هو جنهن لفظن کي
شاعري جو لباس پارائي
شاعري کي نئين شاهراهه ڏيکاري آهي
هو سادگي جو ساٿي۔
معصوميت جو مجسمو
۽ خوبصورت شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي.
مان نظم ٻڌان به پيو ۽ ”هُن“ جي چهري کي به ڏسان پيو ايتري ۾ امان؛ پاسو ورايو ته منهنجي ننڊ ڦٽي وئي ۽ مان وري چنڊ ڏانهن ڏسي رهيو آهيان. ان جي اڳيان ڪڪر اچي ويا آهن، جنهن کان پوءِ چنڊ وڌيڪ پُراسر لڳي رهيو آهي، ڪڪرن جو ڪارو پردو هٽي ٿو ته چنڊ ۾ ”امرتا“ جو چهرو چٽو ٿيڻ لڳي ٿو. سندس چهري جا تاثر خوشيءَ جا تاثر گلن جيان جهومڻ لڳن ٿا ۽ سندس چپن تي هلڪي مُرڪ رقصان آهي.
”هُن“ جي هٿ ۾ پنو آهي ۽ چئي رهي آهي ته نظم ارشاد آهي. مان؛ هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيان ٿو ۽ ”هُوءَ“ ڳلو صاف ڪندي نظم پڙهڻ کان پهرين چئي ٿي ته هي نظم مون تو تي ئي لکيو آهي ۽ مان لکڻ کان پوءِ پهريون دفعو خود به پڙهي رهي آهيان ۽ توکي ٻڌائي رهي آهيان:
احمد جي نالي....
مون کي خبر ناهي ته
تڪليف جي تيرن
پهريون دفعو ڪڏهن
هن جي دماغ کي زخمي ڪيو هوندو
مون کي خبر ناهي ته
تڪليفن تلوار جو روپ ڌاري
هن جي جسم کي ڪيترا دفعا چيريو آهي
اڃا ان جي عمر ايتري ته نه آهي
جيترو تڪليفن ان کي ڳاريو آهي
هو جيڪو لاغر جسم کڻي
سُک جي سفر لاءِ نڪتو آهي
سج جي بي رحم ڪرڻن
هن جي اگهاڙن پيرن کي ڪيترو ساڙيو آهي
دنيا جي طبقن هن کي ڪيترو ماريو آهي
هو ڪتابن جو ڪنور
هو لفظن جو چترڪار
جنهن مظلومن جي حالتن کي
هميشه لفظن سان نظمن ۾ چٽيو آهي
مان ڪيئن وساري ٿي سگهان
هو پاڻ به هڪڙو مظلوم آهي
هو جنهن جي اکين جي ڪٻٽ ۾
هزارين ڪتابَ سٿيل آهن
هن جي اکين ۾
مون ڪيترائي ڪتاب پڙهيا هوندا
هو شعور جي دنيا جو شاعر آهي
۽ پنهنجي شاعري ۾ شعور جا ڏيئا ٻاري ٿو.
هُوءَ؛ نظم پڙهي ڪري جيئن ئي پني تان اکيون هٽائي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي ته مون کيس داد جو گلدستو هن ڏانهن وڌايو ۽ ”هُن“ مهرباني چوندي ساڄو هٿ نرڙي تي آندو.
ناشاد،
توکي خبر آهي، اڄوڪي چوڏينهنءَ جِي رات مون لاءِ محبتن ۽ مُرڪن جو ملڪ اڏي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هڪڙو اهڙو محل به تعمير ٿيل آهي، جنهن ۾ ”هُوءَ“ شاعريءَ جهڙي ڇوڪري جهونگاريندي رهندي آهي، لاڏ ڪوڏ سان هندوري ۾ لُڏندي آهي. مون هڪ دفعو ٻيهر چنڊ ڏانهن نهاريو ته ”هُن“ جي چپن تي هڪ ٻي نظم جون سٽون چُرپُر ڪرڻ لڳنديون آهن. هُوءَ نظم پڙهي ٿي.
احمد کے نام....
سنو!
میں نے تمہارے رویے اور انداز میں
کبھی ایک انقلابی نہیں دیکھا
مگر تمہاری نظموں سے بغاوت چھلکتی ہے
تمہیں باغی کہنا مجھے زیب نہیں دیتا
باغی تو ذاتی مسئلہ ہے
ایک ذات نہیں اک قوم نہیں
اس دھرتی میں تم انسانیت کے حامی ہو
زباں تیری خاموش صحیح
جذبات تیرے انصاف کے راہی
الفاظ تیرے سب عاری ہیں
شاعری کے راہ سے
تم انقلابیوں کے ساتھی ہو
تم باغی نہیں انقلابی ہو.
ناشاد،
هُوءَ؛ ڪير آهي، ڪٿان جِي آهي، ڪٿي ٿي رهي ان لاءِ توکي منهنجي خاڪن جو ڪتاب پڙهڻو پوندو، جنهن ۾ مون ”هُن“ تي خاڪو محبت جِي مس ڪُپڙيءَ مان آڱريون ٻوڙي لکيو آهي.
مان؛ چنڊ ڏسان ٿو ڪڪرن جي قطار چنڊ اڳيان گذري ٿي هُوءَ؛ ظاهر ٿئي ٿي ۽ چئي ٿي ته هيءُ ٽئي نظمَ مون هڪ ئي ويهڪ ۾ تو لاءِ لکيا آهن. مان کيس مُرڪ جو ڦول ڏيان ٿو. هُوءَ؛ وصول ڪري هٿ هوا ۾ لوڏائيندي چنڊ جي چانئٺ اُڪري سڄي سرشٽيءَ ۾ چانڊوڪي بڻجي پکڙجي وڃي ٿي.
ناشاد،
توسان چنڊ جون چانڊوڪيءَ جُون ”امرتا“ ۽ سندس نظمن جون ڳالهيون ڪري جڏهن مان پاسي ۾ سُتل امان جي چهري کي ڏسي ۽ وري جڏهن چنڊ کي ڏسان ٿو ته مون کي علي بابا جِي ڪهاڻي ”چنڊ ۽ ماني“ ياد ٿي اچي وڃي.
ڇا ته ڪهاڻي آهي.
ڪهاڻي ناهي ڪو ڪَرب ڀريو قبليو آهي.
ڪهاڻيءَ ۾ ماءُ هنج ۾ سُتل بُکايل پُٽ کي لطيف ڳالهيون ٻڌائي رهي آهي ۽ جڏهن هُو بُک جو ماريل هيئن چئي ٿو ته؛
”امان مون کي بُک لڳي آهي.“
جهڙوڪ مون مٿان سُور جا ست آسمان ڪري ٿا پون ۽ سُور جا سڀئي سمنڊ ٻوڙي ٿا ڇڏن.
علي بابا؛ ان ڪهاڻيءَ ۾ دُنيا جي هر ديس جي بُکايل جو درد کڻي اچي رکيو آهي ۽ آلين اکين سان ڪهاڻيءَ ۾ ماءُ کان چوائي ٿو ته: ”ڏس پٽ! اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آھي؟ پاڻ غريب آھيون. پنهنجي مانيءَ جو حساب چنڊ وانگي آھي. ڪڏھن چوٿون، ڪڏھن اڌ، ڪڏھن سڄو ته ڪڏھن آھي ئي ڪونه.“
ناشاد،
روزي رکڻ جو وقت ويجهو ٿيندو ٿو وڃي ۽ چنڊ به آهستي آهستي چانڊوڪي جهڪي ڪندو ٿو وڃي. مان امان جي پاسي مان اٿي گهر جِي پويان ٻي گهر ۾ رهندڙ پنهنجي وڏي ڀيڻ شبيران؛ کي اٿارڻ ٿو وڃان ته جيئن هُوءَ ماني پچائي ڏئي ته امان کي آڻي ڏيان.
امان رمضان جا سڀئي روزا رکندي آهي. سخت گرمي هئڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن امان جي طبيعت خراب به ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن امان جي طبيعت خراب ٿي ويندي آهي ته مان سڀ کان پهريان ”امرتا“ کي ئي ٻڌائيندو آهيان ۽ ”هُوءَ“ ئي هوندي آهي، جيڪا مون کي هر ڀيري حوصلو ڏيندي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن به امان جي طبيعت خراب ٿيندي آهي تڏهن تڏهن حواس باخته ٿي ويندو آهيان.
چنڊ تي آخري نهار اڇلي تو ڏانهن لکيل خط کي اتي ئي ختم ٿو ڪيان ۽ پوءِ مان امان کي روزو رکرائي ننڊ ڪرڻ کان اڳ ۾ اُن اڌوري نظم کي فيئر ٿو ڪرڻ چاهيان، جنهن ۾ ”امرتا“ جِي اکين جو ذڪر آهي ۽ جنهن نظم ۾ ”هُن“ جُون اکيون مشالن جيان ٻري رهيون آهن.
چڱو موڪلاڻي ڪونهي.
ٿر جِي واريءَ تي هٿ رکي اکين تي رکجان
۽ امان جي پيرن تي هٿ رکي
چپن تي رکجان.
ساٿ سلامت
احمد شاڪر