مختلف موضوع

پور وڇوٽ پاڇا

ھي ڪتاب احمد شاڪر پاران لاڪ ڊائون جي دور ۾ سنڌ جي اديبن ڏانھن لکيل خطن جو اھڙو مجموعو آھي جنھن ۾ شاعراڻي نثر جا رنگ سمايل آھن. خطن جي ھن مجموعي کي پڙھي ماڻھو لفظن جي سحر ۾ وڪوڙجي ٿو وڃي. احمد شاڪر لفظن جو جادوگر آھي، ھن وٽ جذبن جي اظھار جي سگهہ شدت سان موجود آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 50
  • 33
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • احمد شاڪر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پور وڇوٽ پاڇا

سورهون خط ــ آس ٻٻر، ڏانهن

اشڪا جو گهر ميهڙ
٢٤ مئي ٢٠٢٠ع

آس،
اُميد ته اکرن سان عشق
۽ شاعريءَ سان
نينهن نڀائيندو هوندين
پورهيي سان پيار
۽ ڪاڇي جِي۔
چيڪي مِٽيءَ سان محبت
ملهائيندو هوندين
وڻن جِي ڇانوَ ۾ ويهندو
پکين جُون ٻوليون ٻڌندو
۽ ٻارن کي گيت ٻڌائيندو هوندين.

آس،
لاڪ ڊائون جو فائدو وٺندي لکڻ ۽ پڙهڻ پاسي ڪُل وقتي رهائش اختيار ڪري ورتي آهي. ان دوران مون جڏهن پهريون خط لکيو هو ۽ تنهن کان پوءِ جڏهن خطن جي ڪتاب لکڻ جو سوچيو ته مون پهرين ڏينهن ئي پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته تو ڏانهن خط ضرور لکندس. خط لکندي لکندي دير ان ڪري ٿي وئي آهي، جو وچ ۾ مان وري ڪنهن ڪم ڪار سان لڳي ويو هئس ۽ ڪجهه گهر جي خرچ پکي لاءِ چرخو چورڻ جي ڪرت به ڪرڻي هئي.
”پيٽ جِي بُک ڪڏهن ڪڏهن ته آنڊا پٽي ڇڏيندي آهي ۽ اسان جي سماج ۾ اڄ به ڪيترائي خاندانَ بُک جي بحر ۾ ۽ ڏُک جي ڏهر ۾ غوطا کائي رهيا آهن!“

اڄ عيد جو ڏينهن آهي ۽ مان تو ڏانهن خط لکي رهيو آهيان. مون کي اها خبر ناهي ته ٻاهر ڇا ٿي رهيو آهي، ڪير ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ ڪير وهنجي سهنجي اڇو اُجرو ٿي سُرمو سينڌ ڪري بالم بڻيو اميريءَ کي اوج وٺرائي، غربت تي ٺٺول ڪري رهيو آهي پر مون کي اها ضرور خبر آهي ته منهنجي گهرَ ۾ ۽ منهنجي اندرَ ۾ ٻاهران کان گهڻو ڪجهه مختلف آهي.
امان اڇيون سيُون رنڌي اڳيان آڻي رکيون آهن جن جو ذائقو ستَ رڇي طعامن کان وڌيڪ آهي ۽ منهنجي دماغ ۾ ڪيترائي نظمَ ايئن گهمي رهيا آهن، جيئن چاڪيءَ جو ڏاند گهاڻي ۾ گول ڦري رهيو هجي. ان تڪليف جي باوجود به مان تو ڏانهن خط لکي رهيو آهيان. توکي خط لکڻ کان پوءِ مان نظمن جي ننڍي کنڊ ۾ پير رکندم جتي منهنجي آجيان شعري استعارا ڪندا.

آس،
توسان ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪرڻيون آهن خط ۾ سڀ کان پهرين مان توکي هڪڙي مختصر ڪهاڻي ٿو ٻڌايان جيڪا لاڪ ڊائون کان پوءِ جنم وٺي ٿي ۽ ڪهاڻي هيءَ آهي ته؛

”لاڪ ڊائون ۾ هڪ گهر ۾ اڪيلو اسي سالن جو ڪراڙو رهندو آهي سڄو سڄو ڏينهن ڪلاسيڪل موسيقي ٻڌندي وقت گذاريندو آهي. صبح ۽ شام جو گهر جي باغيچي ۾ وڃي گُلن سان گفتگو ڪندو آهي ۽ پکين سان پيار ڪندو آهي.
هڪ ڏينهن کيس بيچينيءَ جي بارش ڀڄائي ڇڏيو هو ۽ هو مسلسل انهيءَ تي سوچي رهيو هو ته آخر ڇا ڪجي جنهن سان سڪون جون سُرڪيون ڀري پيئجن. ٻاهر سُڃ جو صحرا آهي ۽ اندر ۾ اُڃ جو عالم آهي.
ڪُرسيءَ تي ويٺي ويٺي سندس دل جي در تي بيهي ٿورو اڳتي سُري دماغ جي در تي بيهي خيالَ ڪڙو کڙڪايو ۽ هو هڪدم اُٿي ڏاڪڻ تي ٻليءَ پير چڙهندو مٿين ڪمري ۾ داخل ٿي ۽ ان ڪمري ۾ ڪاٺ جي صندوق وٽ اچي بيهي رهي ٿو. صندوق کي ايئن گهوري ڏسندو رهندو آهي، جهڙوڪ آرسيءَ آڏو بيٺي هجي.
صندوق جو پُڙ مٿي ڪري ٿو ته سندس ڪيتريون ئي يادون هن جو استقبال ڪن ٿيون. هُن هڪ هڪ شيءِ ڪري ٻاهر ڪڍي رکي. هُن کي اُها ڊائري هٿ لڳي جيڪا کيس ٽيويهن سال جِي عمر ۾ پهرين پهرين پيار وٽان سالگراه تي تحفي جِي صورت ۾ ملي هئي، جنهن ۾ ڪيترائي واعدا، يادون، نظمَ ۽ خوابَ لکيل هئا ته ڪيترائي گُلَ به رکيل هئا.
هو ڊائري کڻي ڪمري جِي ڪنڊ ۾ رکيل ڪُرسيءَ تي ويهي ٿو. ٻاهر شام جو نارنگي رئو شهر مٿان ويڙهيل آهي ۽ هيڏانهن هن جي هٿن ۾ جهليل ڊائري مان سونو رُوپو سج اُڀري رهيو آهي. جوڀن جرڪي رهيو آهي ۽ هو ٻهڪي رهيو آهي.

هن جيئن ئي ڊائريءَ کي وچان کوليو ته هو ٽيويهن سالن جي عمر جو ٿي ويو هو ۽ هن پاڻ کي هجومن جي وچ ۾ بيٺل ڏٺو هو ۽ هر ڪو هن سان پيار ڪري رهيو هو. سڄي حال ۾ تاڙين جا ڪبوتر پئي اُڏاڻا.... کيس ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ آتو هو. هن ڦوڪ سان پهريان ٻرندڙ ميڻ بتيون وسايون ۽ پوءِ پنهنجي سالگراه جو ڪيڪ ڪٽيو. ان ڏينهن تي کيس سڀني دوستن ڪيترا ئي تحفا ڏنا هئا ۽ اها هٿ ۾ جهليل ڊائري ”امرتا“ ڏني هئي ۽ ان جي پهرين پني تي کيس نظم به لکي ڏنو هيائين.
هو ڊائريءَ ۾ رکيل گل کڻي چمي ٿو ۽ ڊائريءَ جي پهرين پني تي لکيل نظم پڙهي ٿو؛

تنهنجي نالي نظم....

هن ڇوڪري جي ٽهڪن جو آواز ٻڌي
ايئن محسوس ٿيندو آهي ته
تڪليف جهڙو نانءُ
هن ڪڏهن به ٻڌو نه هوندو
منهنجون تڪليفون ٻڌي به هو
کلندو آهي
ايئن محسوس ٿيندو آهي
هو ٽهڪن جي سياري مان
سفر ڪري بلڪل هينئر زمين تي پهتو هجي
هن جي هر ٽهڪ جي
اڀرندڙ آواز ۾
معصوميت ۽ مٺاس جي لهر هوندي آهي
هن جي ٽهڪن ۾
خوشي رقص ڪندي آهي
منهنجي ٻڌڻ جي حواس ۾
هن جا ٽهڪ ايئن حاوي آهن
جو منهنجي خاموش دنيا ۾
اداسيءَ جي رڙين کي رانڀوٽا ڏئي
محبت ارپيندا آهن
۽ منهنجي من ۾
اداسيءَ جي ديويءَ کي قتل ڪري
خوشيءَ کي جنم ڏيندا آهن
هن جا ٽهڪ ۽
پُراڻا ڪتاب مون کي
پاڻ ڏانهن ايئن ڇڪيندا آهن
جيئن ڪنهن بکايل کي ماني
پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي.

توکي؛ اهو به ٻڌائيندو هلان ته مان پراڻن ڪتابن جهڙي خوشبوءِ ٻين شين ۾ به ڳولڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي. ولايتي شرابن کان ويندي ٺري تائين ۽ تو کي اهو به ٻڌايان ته مون کي ڪنواري جسم جي ڇهاءُ ۾ به پراڻن ڪتابن جهڙي پُراسرار خوشبوءِ ڪونه ملي آهي.
هڪ عجيب نشو آهي ڪتابن جو جنهن بابت موهن ڪلپنا جي ڳالهه ڪيڏي نه خوبصورت شڪل اختيار ڪيون بيٺي آهي ته؛

”ڪتابَ تهذيب جا گتا آهن،
جيترا گهڻا ڪتاب اوترو گهڻو نشو“

آس؛
مون اڳ به ڪٿي لکيو آهي ته
” منهنجي وات مان
ڪير گرهه ته ڪڍي سگهي ٿو
پر منهنجي هٿ مان
ڪير قلم ۽ ڪتاب نه ٿو کسي سگهي!“

سو؛ مون ڳالهه پئي ڪئي، پراڻن ڪتابن جي ته پراڻن ڪتابن جِي ڪشش کي ڪهڙي تشبيهه جِي تارازيءَ ۾ تورجي۔؟ مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي پر مون کي اها خبر ضرور آهي ته پراڻن ڪتابن ۾ ماضيءَ جون مزارون پري پري کان ايئن چٽيون نظر اينديون آهن جيئن ڪچي کان ڪاڇي جي پريان کيرٿر جبلن جون چوٽيون نظر اينديون آهن.
توکي؛ اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته مون کي ننڍپڻ کان ڪتابَ پڙهڻ ۽ گڏ ڪرڻ جو شوق نه پر جنون رهيو آهي ۽ ان جنون مون کي هميشه ۽ هر هنڌ مانُ بخشيو آهي. انهن ڪتابن جي ڪائنات جي مسافري مون کي ڪيترن ئي طاعوسي تختن تي کڻي ويهاريو آهي ۽ اهي طاعوسي تختَ دوستن جي صورت جا به آهن ته محبتن جا به آهن ته عزتن جا به آهن.

آس،
ننڍو هوندو هئس ته ناناڻي ڳوٺ فريدآباد وڃڻ ٿيندو هو، اتي ماما جا ڪتابَ هوندا هئا. ناناڻي گهر ۾ منهنجي پسند جي جڳهه ماما جو ڪمرو هوندو هو، جنهن ۾ ٽن وڏن جارن ۾ ڪتاب ۽ رسالا سٿيا پيا هوندا هئا. مان جڏهن جڏهن به ناناڻي گهر ويس ته انهن ڪتابن کي هيٺ لائي هڪ هڪ ڪتاب ۽ رسالي کي ڇنڊي ڦوڪي وري ورائي جارن ۾ رکندو هئس. انهن ئي ڪتابن ۾ مون پهريون ڀيرو شاهه جو رسالو به ڏٺو ۽ پڙهيو ته انهن ئي رسالن ۾ مون سهڻي، روح رهاڻ، مهراڻ، نئين زندگي ۽ ساڃاهه مخزن سميت پنهنجي دؤر جي معياري مخزنن جو مُک به ڏٺو۽ پڙهيو.
اوچتو ئي اوچتو هڪ ڏينهن اهي ڪتابَ منهنجو ماروٽ اياز کنڀي کڻي حيدرآباد ويو، جنهن ڏينهن هن ڪتابَ کنيا پئي. مان ان ڏينهن ڳوٺ هئس مون کيس ڏاڍو روڪيو ته نه کڻي وڃ پر هو نه مڙيو ۽ کڻي ويو. مون کي رڳو اتي هڪڙو ڪينجهر جو تنقيدي نمبر ڪنهن ڪنڊ ۾ بچيل نظر آيو ۽ ماڻ کڻي پڙهڻ ويٺس. هن پرچي ۾ انتهائي سٺا ۽ ڪارائتا تنقيدي ڄاڻ ڏيندڙ مضمون هئا ۽ انهن مان هڪڙو طويل مضمون ڪينجهر جي ڏهن شاعرن تي تنهنجو هيو. مون کي اهو مضمون ڏاڍو وڻيو. ان مضمون ۾ لکيل ادبي تنقيد جي ڪٿ کي جيڪڏهن اڄ ڏسجي ٿو ته جن جن تي به تو علمي، ادبي ۽ تنقيدي راءِ ڏني هئي، اڄ اها سچ ثابت ٿي آهي. انهيءَ مضمون کان پوءِ مون لاءِ تون؛ هڪ اهم ليکڪ هئين. مون توکي ڏاڍو ڳوليو ۽ پڇائون ڪيون. توسان پهرين شناسائي ماما جي ڪُتب خاني ڪرائي، ملايو ذوالفقار گاڏهي؛ تون مون کي ان ڪري به پيارو آهين جو امان، امرتا ۽ ڪومل جي ڪاڇي جو رهواسي آهين، مون کي ڪاڇي جا ماڻهو ايترا ئي پيارا آهن، جيترو ڪنهن کي پنهنجو پاڻ سان پيار هوندو آهي.

آس،
لاڪ ڊائون جي ڏينهن دوران مون کي تنهنجي ڳوٺ جي اها ٻير به ڏاڍي ياد ايندي آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ پاڻ پهريون ڀيرو هڪٻئي کي ڏٺو هو ۽ ڀاڪر ۾ ڀريو هو. انهي گهاٽي ٻير کي ڏسي ڪري مون کي ڪاڇي جي ڪنڌيءَ تي جهڙوڪ نٿ جو ٽڪو لڳندي آهي ۽ وڻَ ته مون کي پکين جي پناهه گاهه به لڳندا آهن ته پيار ڪرڻ وارن جِي ڇٽي به لڳندا آهن، جن جي ڇانوَ ۾ پريمي هڪٻئي جي گوڏي تي ڪنڌ رکي وارن ۾ آڱريون گهمائي ڇلا ٺاهيندا آهن ۽ آئيندي جا خواب اُڻيندا آهن ۽ ٻه چپ ملي ڪري چئن چپن جون سرحدون ٺاهيندا آهن.

منهنجي عادت رهي آهي ته مان جڏهن جڏهن به سفر تي نڪرندو آهيان ته منهنجي ٿيلهي ۾ هڪ ڪپڙن جو جوڙو هوندو آهي ته ڏهه ڪتابَ هوندا آهن ۽ منهنجي اها به عادت رهي آهي ته ڪنهن به دوست ڏانهن ويندو آهيان ته ڪتابي تحفو ضرور کڻي ويندو آهيان. مون عيد جا ڪپڙا وٺڻ وساريا هوندا پر ڪتاب وٺڻ وسارڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. چون ٿا ته ارسطو؛ پنهنجي دؤر جو تمام گهڻ پڙهيو شخص هيو ۽ سندس گهر ۾ تمام وڏو ڪتابن جو ذخيرو هيو. منهنجو ان وقت ڪنڌ فخر سان اوچو بڻجي ويندو آهي، جڏهن پورهيت جي هٿ ۾ ڇيڻي، هٿوڙو، هاريءَ جي هٿ ۾ ڪوڏر، ڏاٽو ۽ انهن جي ٻارن جي هٿن ۾ ڪتابَ ڏسندو آهيان.

آس؛
مون کي جنگين جي تاريخ پڙهندي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جهڙوڪ مان گهاڻي ۾ پيڙجندو رهندو آهيان ۽ جڏهن جنگين جي تاريخ پڙهندي ڪنهن ڪُتب خاني کي لڳل باهه جو ذڪر پڙهندو آهيان ته منهنجي بدن کي باهه وڪوڙي ويندي آهي ۽ اکين مان ڳوڙها ڳڙندي ٻاڦ بڻجي ويندا آهن ۽ سڙندڙ ڪُتب خاني جي باهه مٿان وسندا رهندا آهن.

توکي؛ مان اهو نظم پڙهائڻ ٿو چاهيان، جنهن نظم ۾ هڪ اهڙو ڪردار آهي، جيڪو ڪتابن کي محبوب جو مُک سمجهندو آهي، چپن جيان چمندو آهي ۽ اکين کي ڏسندو ۽ پڙهندو آهي؛

پڙهڻ واري جو گهر....

آرٽ واري اک هن کي آهي
هر ڏسا هو،
هڪ عاشق واريءَ اک سان ڏسندو آهي
هو جوانيءَ جي ان حصي تي پهتو آهي
جتان جذبا
جوانيءَ جي ڪميت تي
شهسواري ڪندا آهن
هن جي ڪمري ۾
موناليزا جي مُرڪ مان ڦٽي نڪتل
مرڪ جي مورت ۽
ڪجهه انقلابين جون تصويرون
فريم ٿيل آهن
هو هر روز ڀٽائي جي مجسمي آڏو
تازو گلاب رکندو آهي
هن جون ٻئي ٻانهون
ٻن، ٻن ڪتابن سان
رڌم تي رمنديون آهن
هو هر روز باغيچي ۾
پٿر جي بينچ تي ويهي
ڪتابن ۾ ڪائنات جي باري ۾ پڙهندو آهي.

آس،
مون ۽ رحمت تو ڏانهن اچڻ جو پروگرام ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن دنيا تان ڪورونا وائرس جِي ڪاري چادر هٽندي، لاڪ ڊائون جا ۽ گرميءَ جا ڏينهن جيئن ئي ختم ٿيندا ته تنهنجا مهمان هونداسين. پوءِ انهيءَ ٻير جي وڻ هيٺان ويهي ڪچهرين جو ڳوٺ ٻڌبو، جنهن ڳوٺ ۾ شاعريءَ جهڙي ڇوڪري رقص ڪندي رهندي ۽ گيت ڳائيندي رهندي!
چڱو موڪلاڻي ڪونهي.

مون نه ڪنهن کي عيد مبارڪ ڏني آهي ۽ نه ئي ڪنهن کان وصول ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته عيدون ۽ ميلا ٻارن لاءِ هوندا آهن.
پاڻ جڏهن آزادي ماڻينداسين ته
تڏهن ئي عيدون ملهائينداسين.

تنهنجي عاشقن مان هڪڙو
احمد شاڪر