اٺون خط ــ سنڌو ستار پيرزادو، ڏانهن
٢ مئي ٢٠٢٠ع
سنڌو،
اميد ته خوش هوندينءَ
ڀائو رحمت ۽ سونوءَ سان
لاڪ ڊائون جا ڏينهن
کِلَ، ڀوڳَ ۾ تبديل ڪندي هوندينءَ
شاعريءَ جي شجر هيٺان ويهي
شاعري لکندي هوندينءَ
۽ ڀائو رحمت کي ٻڌائيندي هوندينءَ.
جڏهن کان لاڪ ڊائون شروع ٿيو آهي، تڏهن کان يادن جي دري کُلي آهي ۽ جڏهن ان دريءَ مان ڏسجي ٿو ته هڪ قديم پپرَ جو وڻ ڏسڻ ۾ ٿو اچي، جنهن جي هڪ هڪ پنَ تي هڪ هڪ ڏينهن جي ياد تحرير ٿيل آهي ۽ جڏهن مان پپر جو ڇڻيل پن کڻان ٿو ته ان تي هڪڙو نثري نظم لکيل آهي:
مون سمنڊ ناهي ڏٺو
هوءَ هر ڀيري
اهو ئي سوال
ڪندي آهي ته
تنهنجي شاعريءَ ۾
سامونڊي هوائن جو هُڳاءُ
ڇو ناهي هوندو؟
۽ آئون هر ڀيري
هن کي
سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ
نئين شاعري ٻڌائيندو آهيان
۽ هوءَ
شاعريءَ جي شهر جي
شهزادي بڻجي ويندي آهي
۽ آئون شهزادو.
ٻيو پن کڻي پڙهڻ لڳان ٿو، جنهن ۾ لکيل آهي ته:
”هي اهو شهر آهي، جنهن کي شاعريءَ جو استعارو چئي سگهجي ٿو. هي اهو شهر آهي، جنهن کي سنڌ جو شناختي ڪارڊ چئي سگهجي ٿو. ڪراچي! جيڪو ڪنهن به حوالي سان جيڪڏهن ڏسجي ٿو ته ان حوالي سان هزارين حُسناڪيءَ ڀريا حوالا ملي وڃن ٿا. هي اهو شهر آهي، جيڪو ڪنهن ڪنواري ڪامڻيءَ جِي ڪَرائِيءَ ۾ موتئي جي ٻانهونٽي جهڙو آهي.“
مٿيون پن پڙهڻ کان پوءِ مون ڪيترائي پنَ ميڙي ان ڊائريءَ ۾ کڻي رکيا، جنهن ۾ نڪور نظمَ ۽ غزلَ هڪ ٻئي سان گفتگو ڪري رهيا هئا ۽ مان پنڌ پنڌ سڌو سنڌي وڏي سمنڊ ڏانهن وڃان ٿو، جتي ڪيترا ئي ڪُٽنبَ ۽ ڇوڪريون ڇوڪرا سامونڊي ڇولين کي ڇُهي رهيا آهن ۽ واريءَ تي هلندي هلندي سامونڊي هوائن سان راند کيڏي رهيا آهن. هوا سندن وارن کي اڏاري رهي آهي ۽ هُو وار سنواري رهيا آهن ۽ انهيءَ دلچسپ منظرن مان جيڪو وڌيڪ وڻندڙ منظر منهنجي اک جي ماڻڪيءَ ۾ محفوظ ٿي وڃي ٿو. اُهو اِهو هو ته جيئن جيئن شام جي ڇوڪري پنهنجي چهري تي سيفون جو رئو تاڻيندي پئي وئي ۽ سج آهستي آهستي سمنڊ ۾ لهندو پئي ويو ته مٿان چنڊ تارن جي ڏاڪڻ رکي آڪاس تي ترندو پئي ويو. ان وقت سمنڊ جي مستي ڏسڻ وٽان هئي.
سنڌو!
مان سمنڊ تان واپس پنڌ پنڌ اڻ ڄاتل منزل ڏانهن هلڻ لڳو هئس ۽ هلندي هلندي اڌ رات اچي ٿِي هئي. پکي آکيرن ۾، ماڻهو گهرن ۾ آرامي وڃي ٿيا هئا پر، ڪراچي جو شهر جاڳي رهيو هو. مان هڪ چوراهي تي لڳل وڏي بلب جي روشني هيٺان وڃي ويٺس ۽ ڊائريءَ مان پپر جو پن ڪڍي پڙهڻ لڳس، جنهن تي لکيل هو:
”هن شهر جي آواز کي شهرِ خموشان ۾ تبديل ڪرڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي وئي ۽ هر نئين ايندڙ حڪومت هن شهر کي آهستي آهستي کڻندي، اڻ ڄاتل هنڌ ڏانهن قيد ڪري رهي آهي. ڪڏهن روزگار ته ڪڏهن امن ته ڪڏهن انسان.... اهڙيءَ طرح هيءُ شهر سهڻيءَ جيان مَڇَن جي گهيري ۾ آهي پر هر دؤر ۾ هن شهرَ کي مورڙي ميربحر جي صورت ۾ مَڇَن جي وات مان ڪڍي اچي ڪنڌيءَ لاتو آهي.“
سنڌو!
ڪڏهن ڪڏهن ڪراچيءَ کي تصور ۾ آڻن سان ڪيترائي خوبصورت خيالَ ڪَر موڙي اُٿندا آهن ۽ جڏهن اٿي بيهندا آهن ته اهي ايڏا اوچا لڳندا آهن، جهڙوڪ ڪڪرن کي ڇهندا هجن ۽ هڪ ڏينهن اهي خيال منهنجي هٿ ۾ ننڍڙو بُرش ڏئي ويا ۽ مون هٿ تري کي رنگن جي وٽي بڻائي انڊلٺ جا رنگ چورائي ڪراچي جي نانءِ نظم لکيو هو، جنهن جون آخري سٽون هيءُ آهن:
اهو شهر
چترڪار جي چترن تي
چنڊ جئن چمڪي ٿو
۽ ڪنوار جي هٿن تي
مينديءَ جئن مهڪي ٿو
ساري سنڌ کي پاڻ ڏي سوري
ڀاڪر ڀري
پيشاني تي
چُميءَ جو چنڊ سجائي ٿو.
رات جو پويون پهر ريل جيان ڪُوڪندي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ مان ڊائريءَ مان پپر جو پن ڪڍي پڙهي رهيو آهيان، جنهن ۾ ڪراچيءَ جِي پُراڻين عمارتن جو ذڪر ٿيل آهي ۽ انهن عمارتن جي جارن ۾ ڏيئو ٻري رهيو آهي.
”هن شهر جي پُراڻين عمارتن ۾ لڳل ڪاٺ جا درَ ۽ دريُون اڄ به انهن هٿن جي ڇهاءُ کي ساريندي کڙڪندا ۽ روئندا آهن، جن درن ۽ ڪڙن کي ڇُهيو هو ۽ انهن عمارتن جِي بالڪونين ۾ هاڻي پپر جا وڻ بيٺل نظر ٿا اچن، جن بالڪونين ۾ ڪڏهن ڪنهن شاعريءَ جهڙي ڇوڪري ڪنهن جو بيٺي انتظار ڪيو هوندو يا شام جي وقت ڪرسي رکي چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ جهلي ڍُڪ ڍُڪ پيئندي ناول پڙهندي هوندي، جنهن ناول جي پهرين باب ۾ ئي مرڪزي ڪردار کي انگاس تي ان ڪري ٽنگيل ڏيکاريل هوندو آهي، جو هُن پيار سان گڏ انقلاب جو ڳاڙهو جهنڊو به هٿ ۾ ڇو کنيون هو.“
سنڌو،
هن وقت جڏهن سڄي دنيا اندر ڪورونا وائرس جي ڪري لاڪ ڊائون دوران ڪراچيءَ جا روڊ رستا، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون جتي خاموشيءَ جي ور چڙهيل آهن، اتي اهي سُپر مارڪيٽون به موت جهڙي ماٺ جي پاسي ۾ بيٺل آهن، جتي ماڻهن جِي اچ وڃ سان رونق لڳي پئي هوندي هئي.
رات رڙهڻ لڳي هئي، تارا آهستي آهستي گم ٿيڻ لڳا هئا ۽ پکين جو آواز ٻڌائي رهيو هو ته سج وِهِنجي سِهِنجي تيار ٿي اجهو ٿو نڪري.... مان هڪڙي سُپر مارڪيٽ جي دڪي تي اخبار وڇائي ستل آهيان ۽ ڊائري منهنجي مٿي هيٺان رکي آهي. ڪُتن جي ڀونڪڻ تي ننڊ جو ننڍڙو پکي ڀڙڪو کائي اڏري وڃي ٿو ۽ مان ڳورين اکين سان چوطرف ڏسان ٿو ڪوئي به اهڙو ڪونهي، جنهن کي ڏسي آٿت جو احساس ٿئي. مان ڊائري کڻي ان مان پپر جو آخري پن کڻي پڙهان ٿو، جنهن ۾ نظم جا حصا ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهن، جن جون ڪجهه سٽون ڊهي ويون آهن ۽ جيڪي ظاهر ٿي رهيون آهن، انهن تي ڪراچيءَ جي نانءِ بابت اهو لکيل آهي ته:
”اهو شهر
جنهن جي روشن هر رات
جنهن جو هر ڏينهن
ٻرندڙ مشالا
***
اهو شهر
جنهن کي، جيءَ ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ
جيءُ جهان جيڏو گهرجي
جنهن جي گهر گهٽيءَ کي
شاهراهن ۽ چوراهن کي
هٿَ تريءَ تي رکي ڏسجي
چين حاصل ڪجي ۽
اکين کي جوت ڏئي سگهجي
***
اهو شهر
منهنجي ۽ تنهنجي
اسان سڀ جي
بُک مٽائي ٿو
صبح کان سانجهي تائين
ماني پچائي ٿو
۽ پالڻهار جا فرض نڀائي ٿو“
آخري پنو پڙهڻ کان پوءِ مون ڊائري جي پوئين اڇي پني تي هيءُ سٽون لکيون:
”اي ڪراچي! ڪير ڪيتري به ڪَنَ لاٽارَ ڪري پر تون اها ماءُ آهين، جنهن هميشه پراوا پيٽ ڄايا پنهنجي هنج ورتا آهن ۽ انهن کي سنڌوءَ جي پاڪ جَل جِي ٿڃ پياري آهي ۽ انهن کي اٿڻ، ويهڻ، گهمڻ ڦرڻ کان ويندي جيئڻ جو هُنر سيکاريو آهي. جڏهن جڏهن به تنهنجي ڇاتي تي ڪو بم ڦاٽو آهي يا ڪا گوليءَ جِي گونجار ۾ ڪا ڪُک رت روئي دم ڏنو آهي ته ان جي پٺيان اهي ئي پراوا پيٽ ڄايا اڻ سُڌريل اولاد ئي رهي آهي، جيڪي هميشه خاڪي ورديءَ جِي ڇانوَ ۾ ماڻهو مارڻ جي سکيا ورتل هوندا آهن.“
مون مٿيون سٽون لکڻ کان پوءِ خالي پيٽ سان اُڃيو ۽ بُکيو اٿيس مون کي جنهن پاسي کان ٿڌي هوا پئي آئي ان طرف رخ رکيو.
هڪڙو سمنڊ منهنجي سيني ۾ آهي. جيڪو سڄڻن جِي سِڪ ۾ هر وقت موج ۾ رهندو آهي. هڪڙو سمنڊ منهنجي ذهن ۾ آهي. جيڪو تخليق جو موتي ڪنهن وقت منهنجي قلم جِي قط تي رکي ويندو آهي. هڪڙو سمنڊ هن شهر ۾ ماڻهن جو ۽ ٻيو اهڙو سمنڊ آهي، جنهن جي دم سان ڪراچي .... ڪراچي آهي.
سنڌو،
تو ڏانهن خط لکندي لکندي خط تي ڪراچي شهر حاوي ٿي ويو آهي. ڪراچي شهر ته ماڻهن جِي دلين تي به حاوي ٿي ٿو وڃي هي ته وري به خط آهي. تمام گهڻيون ڳالهيون تو سان ونڊڻيون هيون. تنهنجي شاعريءَ بابت.... ڀائو رحمت جِي شاعريءَ بابت ۽ مِٺي رحمت سومرو بابت به گهڻو ڪجهه لکڻو هو. هُن جي ڪراچيءَ واري ان ننڍڙي ڪمري بابت به ته ساڻس انهن تاريخي جڳهين بابت به ڳالهائڻو هيو. جيڪي پاڻ گڏجي گهميون هيون ۽ مون کي ڪراچيءَ بابت اها به ڳالهه تو سان ونڊڻي هئي ته انهيءَ شهر ۾ هڪڙي اهڙي به منهنجي ياد آهي، جيڪا هن خط لکڻ دوران دريافت ٿي آهي ۽ مون اها ياد نوٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ ايندڙ خط ۾ اظهاريندس.... ڇاڪاڻ ته هي خط طوالت اختيار ڪري ويو آهي!
چڱو موڪلاڻي ڪونهي.
ڪراچيءَ جِي ڪَرائيءَ ۾ ڪنگڻ جيان هوندينءَ
شاعريءَ جي پکي کي اک جو پاڻي پيئاريندر رهندينءَ
هميشه ڀائو رحمت ۽ سونُوءَ سان سلامت هوندينءَ!
نيڪ تمنائن سان
احمد شاڪر