ڏهون خط ــ شميم مري، ڏانهن
اشڪا جو گهر ميهڙ
٧ مئي ٢٠٢٠ع
شميم،
اُميد ته چاق چڱي ڀلي هوندينءَ
لاڪ ڊائون جا ڏينهن
لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاريندي هوندينءَ
شميم،
هينئر رات جا هڪ لڳي چار منٽ ٿيا آهن ۽ مان تو ڏانهن هي خط لکي رهيو آهيان ۽ ها جيئن ئي مون خط لکڻ لاءِ پين ۽ پنو هٿ ۾ کنيو ئي مس ته ايتري ۾ ”هُن“ جا پُورا پنج ميسيج هڪ ٻئي پٺيان ڪونجن جِي قطارن جيان موبائل جي اسڪرين تي اڏندا آيا. اهي ميسيج ڇا آهن. اجهو هي آهن.
- الوداع
- ڪڏهن ڀلجي به ميسيج نه ڪجانءِ
- مان نمبر ڊليٽ ٿي ڪيان
- تو منهنجي روئڻ کي، منهنجي اُداسيءَ کي اداڪاري ڪيئن چيو۔؟
- الوداع
انهن ميسيجن کان پوءِ ”هُن“ منهنجو نمبر پنهنجي فون مان ڊليٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري واٽس اپ پروفائل تان ”هُن“ جِي تصوير هٽجي وئي آهي پر ”هُن“ جِي تصوير منهنجي اکين جي تلاءُ ۾ اڃا تائين تري رهي آهي ۽ ”هُن“ جون يادون منهنجي ذهن ۾ ڪچهريون لايون ويٺيون آهن ۽ ”هُن“ جا ٽهڪ دل جي دنيا آباد ڪيون ويٺا آهن ۽ ”هُن“ جون ڳالهيون منهنجي رڳن ۾ رت سان گڏ گردش ۾ آهن ۽ ”هُن“ جو وجود منهنجي جسم سان ايئن ملي ويو آهي، جو ان کي هاڻي جدا ڪري ئي نه ٿو سگهجي.
هاڻي
نه هُوءَ هُوءَ رهي آهي ۽
نه مان مان رهيو آهيان.
مون کي ان تي سوچيندي حيرت ٿيندي آهي ۽ ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن ته آخرڪار پيار ئي انسان جي جان جو دشمن ڇو بڻجي ويندو آهي۔؟
پيار رڳو اهو ته ناهي جيڪو ڪنهن خاص مقصد لاءِ ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪ ”جسم جي سوم ناٿ جو فاتح بڻجڻ“ يا وري ”اِزدواجي زندگي“ جي قلعي ۾ قابو ڪري رکڻ!
هتي مان پيار هر ان احساس کي ڳڻايان ٿو جيڪو پيءُ ماءُ، ڀيڻ ڀاءُ يا قوم سان ۽ دوستن سان به هجي ٿو. خبر ناهي ته ان جي پٺيان ڪهڙا سبب آهن جو جتي جتي به مون ڪنهن جِي راهه ۾ اکيون وڇايون آهن، اُتي اُتي بي رحميءَ سان انهن کي ڪانگن جو کاڄ بڻايو ويو آهي ۽ جڏهن جڏهن به پنهنجي وات جو گهر جنهن جنهن کي به آڇيو آهي، تڏهن تڏهن مون تي بُک جي ڀوت کي بڇيو ويو آهي.
پاتم سوچ نرالي شاڪر،
آنءُ ڏوهاري هيڏي جڳ ۾.
شميم،
هيءُ خط لکندي لکندي مان اُن ”شاعريءَ جهڙي ڇوڪريءَ“ بابت سوچي رهيو آهيان، جنهن کي سوچيندي سوچيندي منهنجي اکين اڳيان شاعريءَ جو سمنڊ ڇوليون هڻندو رهندو آهي ۽ مان ان مان نظمن جون ننڍڙيون ننڍڙيون نديون کوٽيندو رهندو آهيان ۽ ”هُوءَ“ هر هڪ نديءَ ۾ جل پريءَ جيئن ترندي رهندي آهي، ”هُن“ جو صاف شفاف جسم پاڻيءَ جي ستن تحن مان به تجلا ڏئي آتش فشان جيان اڀامي نڪري ايندو آهي.
منهنجي هر تحريرَ ۾ ۽ شاعريءَ ۾ ”هوءَ“ ايئن موجود آهي، جيئن چُرندڙ پُرندڙ جسم ۾ آڪسيجن موجود هوندي آهي. مان توکي، اهو به ٻڌائيندو هلان ته مون جڏهن به ڪجهه لکيو آهي. نثر يا نظم ته ”هُن“ جو آواز ٻڌي لکيو آهي ۽ ”هُن“ جِي تصوير ڏسي لکيو آهي ۽ جڏهن لکي بس ڪندو آهيان ته پهريان پهريان هن کي ميسيج ڪري ٻڌائيندو آهيان ته مون هينئر هينئر هيءُ لکيو آهي ۽ مان هاڻي ڪنهن کي ٻڌائيندس ته مان اڄ هيءُ خط لکيو آهي۔؟
هوءَ ئي هئي
جيڪا منهنجي
هر نڪور سٽ جي
پهرين پڙهندڙ، ٻڌندڙ
۽ پاس ڪندڙ هئي.
شميم،
مون کي تو سان ميرپُور جي باغن بابت به گهڻو ڪجهه ڳالهائڻو هيو ۽ انهن باغن ۾ طوطن جا انب ٽڪيندي اسڪيچ به وٺڻا هئا ۽ انهن باغن ۾ انبن جي وڻن جي ٿُڙن تي گڏجي اهي نالا به ڳولڻا هئا. جيڪي ڪڏهن ڪن پريمين پنهنجي يادگار طور سبت ڪيا هيا ۽ پنهنجي پيار جي پار پڄڻ جا خواب اکين ۾ ٽاڪيا هئا.
ڪهڙي نه حسين ياد اڳيان اچي بيٺي آهي.
مون کيس اُن ڏينهن هڪ باغ ۾ نڪتل تصويرون واٽس اپ ڪيون هيون. ”هُن“ چيو ته مان به باغ گهمڻ ٿي چاهيان. مون کيس چيو ته توکي ميرپُور جا باغ شميم، سان گڏجي گهمائيندس.
هڪ وک اڳتي وڌندي:
مون کي ڪجهه سالَ پهرين مجنُون جهڙا اهي سڀئي عاشقَ جيڪي جُدائي جي رڻ جا راهي بڻجي چريائپ جي ور چڙهي ويا. مون جن جي چريائپ تي هميشه شڪ ئي ڪيو هو. اڄ انهن تي پڪ جي مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ هي خط لکندي ”هُن“ جي جدائي بابت سوچيندي منهنجو ذهن پوري طرح سُن ٿيندو ٿو وڃي ۽ جسم مان سَتُ ڇڏائيندو ٿو وڃي ۽ مان پاڻ کي درد جي ان ڪيفيت مان ڪڍڻ جي جستجو ۾ جُٽو پيو آهيان.
شميم،
هي سڀ ڳالهيون توسان ان ڪري به ڪري رهيو آهيان جو مون کي اها ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته هڪ عورت ئي آهي، جيڪا درد کي سمجهي سگهي ٿي ۽ اها ڄاڻ مون امان جي زندگيءَ مان چورائي آهي. هُوءَ جڏهن جڏهن به درد جي درياهه ۾ سهڻيءَ جيان الله توهار ڪري لهندي آهي ۽ سُور جون سڀئي سرحدون ڪنڊي دار تارن جي هئڻ باوجود به پار ڪري ڏک جي ڏيهه تان ٿي ورندي آهي پر پوءِ به ٻڙڪ ٻاهر ناهي ڪڍندي ۽ عورت هميشه ٻين جا درد ٻڌي به مسڪرائيندي آهي ۽ ان مسڪرائڻ جي پويان جيڪو ڏک جو ڏيهه هوندو آهي، جنهن جي ڪا به سرحد ناهي هوندي. ان جي باوجود به هُوءَ لوڪ کي لکا ناهي ڏيندي. انهي ڪري مون ڄاڻي واڻي هي خط تو ڏانهن لکيو آهي.
دل جو دفتر
دنيا کان ايڏو وڏو آهي
جنهن ۾ درد جون سڀئي سلطنتون
هٿ جِي تري تي رکي
تنهنجي اک جي آڏو آنديون آهي.
جيئن جيئن رات جي راڻي جهولندي جهومندي اسُر طرف وڌي رهي آهي، تيئن تيئن منهنجين اکين ۾ رت لهي رهيو آهي ۽ منهنجون آڱريون اگر بتين جيان ٻري رهيون آهن ۽ لفظن جي خوشبوءِ ڇڏي رهيون آهن، جن لفظن سان مان هيءُ خط لکي رهيو آهيان ۽ خط ۾ ”هُن“ جون يادون وڄ وراڪا بڻجي، مون کي ٻوڙي رهيون آهن.
شميم،
هِن خط جو ڪئنواس بلڪل به ننڍڙو آهي، ”هُن“ تي لکڻ لاءِ ستن آسمانن جيڏو پورٽيٽ گهرجي، جنهن تي ”هُن“ جي اکين کان ويندي چپن تائين، وارن کان ويندي چيلهه تائين، ڪُلهن کان ويندي ٺُوٺين ۽ گوڏن تائين ”هُن“ جي جسم جي هر هڪ حصي تي هڪ الڳ ۽ طويل نظم لکجي. ”هُن“ جِي مُرڪ تي ڪائناتن جو مُنڊجَڻُ ۽ انهيءَ کان پوءِ ”هُن“ جي اُمَالڪُ ٽهڪن جي پڙاڏن بابت اهڙو ناول لکجي، جنهن ۾ هن جي هر انهيءَ ادا جو ذڪر ڪجي، جيڪا مون ”هُن“ جي تصويري البمن ۾ ڏٺي آهي. جيڪي منهنجي اکين جي ماڻڪين ۾ محفوظ آهن ۽ جڏهن جڏهن به مان اکيون کولي بند ڪندو آهيان ته اهي ڪنهن فلم جي سين جيان اڳيان ايڪٽ ڪنديون رهنديون آهن. جن کي ڏسي مون کي هي پنهنجو شعر هانءُ تي هري ايندو آهي. جيڪو مون ان جي لاءِ ئي لکيو آهي.
تنهنجو هر انداز پيارو آ،
ڪا وڻي توکي ادا منهنجي؟
منهنجي اکين ۾ ڪڏهن به ڪنهن ڳوڙها ڪونه ڏٺا هوندا پر هيءُ خط لکندي منهنجي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا آهن ۽ مان ٽيپو ٽيپو ٿي ڳري رهيو آهيان، مون لاءِ ته ڪو ڪورونا وائرس ۽ هن لاڪ ڊائون جي گهڙين ۾ ”هُن“ جون يادون ۽ ڳالهيون جن کي مان هت قلم بند ڪري رهيو آهيان. تڪليف جو طوفان کڻي آيون آهن.
ڇا ”هُوءَ“ ايئن ئي اڌ واٽ تان هٿ ڇڏائي هلي ويندي ۽ پوئتي مڙي به نه ڏسندي۔؟ ان تي سوچيندي ۽ هيءُ سٽون لکندي منهنجيون اکيون اٿلي پيون آهن ۽ هٿن ۾ ٿڙڪڻي ٿي پئي آهي.
شميم،
تون هن کي منهنجي شاعريءَ ۾ آسانيءَ سان ڳولي سگهين ٿي ۽ مهرباني ڪري تون هن کي ضرور ڳولي لهندينءَ ۽ جڏهن تون ان کي ڳولي لهين ته پوءِ منهنجو هي نياپو ضرور پهچائجانس ته توکي شاعر، شاڪر اڄ به شاعريءَ جي تخت تي شهزاديءَ جيان ويهاريون ويٺو آهي ۽ تنهنجي هر حڪم جي بجا آوري هو پنهنجو فرض سمجهي ٿو.
شميم،
هُن جي ڳالهين جا ڳوٺَ
شرارتن جا شهر به گهمڻ وٽان آهن
هوءَ جيڪا هڪ ادا سان
هينئين ۾ حُسناڪيءَ جون حدبنديون ٽوڙي
هڪ الڳ ڪائنات جوڙڻ جو فن ڄاڻي ٿي
مون کي حيرت ٿي رهي آهي ته
هُن وٽ مون لاءِ گهڻو ڪجهه هوندي به
ڪڏهن ڪجهه ڪو نه آڇيو آهي
۽ مان
کيس گهڻو ڪجهه ڏيندي به
ٿورو ئي ڀانيو آهي
هينئر رات جو پويون پهر آهي ۽ مان خط لکي پورو ڪرڻ تي آهيان. مون کي اهو خوف اندر ئي اندر ۾ کائي رهيو آهي ته جيڪڏهن مون ننڊ لاءِ اکيون ٻوٽيون ته اکين جي آرسيءَ مان ”هُن“ جِي تصوير غائب ٿي ويندي ۽ مان اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ته اڄ رات مان ننڊ نه ڪندس ۽ هڪ ٽڪ اُڀ ڏانهن ڏسندو ئي رهندس تصور جي تارازيءَ ۾ ”هُن“ جِي هر ياد کي توريندو رهندس.
”هُوءَ“ جيڪا منهنجي جاڳ جو سبب بڻي آهي، اها ئي منهنجي دل جي سمنڊ جِي جَل پَري آهي.
”هُوءَ“ جيڪا منهنجي سوچ تي حاوي آهي، اها ئي منهنجي هر خيال جو محور آهي.
”هُوءَ“ جيڪا منهنجي شاعري آهي، شاعري به اهڙي جنهن ۾ ”ميران“ ڳائيندي آهي، جنهن ۾ شيما ڪرماڻي رقص ڪندي آهي، جنهن ۾ چمين جون جهرڪيون اڏامنديون رهنديون آهن ۽ سندس ٿڙڪندڙ بدن جي گرم حرارت آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهبي آهي.
شميم،
مان ”هُن شاعريءَ جهڙي ڇوڪريءَ“ بابت تو ڏانهن هڪ ٻيو به طويل اهڙو ئي خط ترت لکندس جنهن ۾ ”هُوءَ“ توکي ڳائيندي نظر ايندي ۽ جيڪو گيت ”هوءَ“ ڳائي رهي هوندي. ان ۾ جماليات جا جوهر جرڪندي ۽ تارا ٽمڪندي نظر ايندا.
هوءَ سُر سان
جيڪڏهن شعر جِي هڪڙي به
مِصرَعَ چوندي آهي ته
سُڪون جون سڀئي سرحدون
کُلي وينديون آهن.
هن سُورَ جِي سنهڙي تار تان پار پُڄي ڪري مون کي ”هُن“ بابت لکيل نظمن کي به مڪمل ڪرڻو آهي ۽ امان لاءِ روزي رکڻ جو بندوبست به ڪرڻو آهي ۽ پنهنجي وجود جي ٽٽل ٽڪرڻ کي به ميڙڻو آهي.
چڱو موڪلاڻي ڪونهي.
احمد شاڪر