ٻيون خط ـــــــ مجيب اوٺي، ڏانهن
اشڪا جو گهر، ميهڙ
١٩ اپريل ٢٠٢٠ع
مجيب-
احوال خير
اُميد ته خوش هوندين.
ڳالهه اها آهي جو ڪلهه رات مون امان تي لکيل خاڪو فيئر پئي ڪيو ته ان وقت رات جا ٽي لڳي پنجٽيهه منٽ ٿيا هئا ۽ جڏهن خاڪو فيئر ڪري بس ڪئي ته منهنجي ذهن ۾ اوچتو هيءَ سٽ اُڀري آئي ته
”اولادَ جا ڳوڙها ماءُ جي قرض ادائگي هوندا آهن“
مون کي ان سٽ سمهڻ ئي ڪونه ٿي ڏنو. مسلسل انهي سٽ جي آڌار تي مان سوچيندو رهيس ته مون، امان! جو ڪڏهن به ايئن قرض ادا ڪونهي ڪيو، جيئن مٿين سٽ ۾ تو چيو آهي.
اڄ کان ٽي يا چار سالَ اڳ مون ڀارتي شاعر منور رانا کي يوٽيوب تي ٻڌو هو. ان جي گهڻي ته نه پر ڪافي شاعري مون کي متاثر ضرور ڪيو هو. اهو ان ڪري جو سندس شاعريءَ ۾ موضوع جي انفراديت هئي ۽ اُها انفراديت اِها هئي جو منور رانا جي شاعريءَ جو گهڻو موضوع گهر جي ڀاتين ۽ رت جي رشتن تي آڌاريل هو ۽ مون کي گوگل تان ان جو هڪڙو ڪتاب ملي ويو، جنهن جو نالو هيو’’ماں‘‘
مون اهو ڪتاب پڙهيو مون کي وڻيو. ان کان اڳ مئڪسم گورگي MOTHER ناول لکيو هو. ان ناول جي تعريف ڪهڙن لفظن ۾ ڪجي!؟ مون ڳالهه پئي ڪئي منور رانا جي ڪتاب جي ته ان کي پڙهڻ کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ هڪڙو خاڪو جڙي آيو ۽ اهو خاڪو هي هيو ته مان ”ماءُ“ تي هڪ مڪمل نظمن جو ڪتاب لکان ۽ ان سلسلي ۾ مون هينئر تائين ويهه، پنجويهه نظم پڻ لکيا آهن. مان سمجهان ٿو ته جڏهن به منهنجو هيءُ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو ته ادبي دنيا ۾ هيءُ ڪتاب ئي منهنجي سڃاڻپ جو سبب بڻبو.
توکي خبر آهي، هاڻي ته امان رليون به سِبڻ گهٽائي ڇڏيون آهن، ان جو سبب ڪهڙو آهي؟ مون ڪڏهن به امان کان ڪونهي پڇيو. سچي ڳالهه اها آهي ته نه ڪڏهن امان مون کان سوال پڇندي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن مان امان کان سوال پڇندو آهيان. اسان هڪ ٻئي جي اکين کي ڏسي اها ڳالهه پڙهي وٺندا آهيون، جيڪا اسان هڪ ٻئي کي چوڻ چاهيندا آهيون، پر چئي ناهيون سگهندا. سو مان سمجهان ٿو ته امان! رليون ان ڪري سِبڻ گهٽائي ڇڏيون آهن، جو اڳ گهڻي غربت هئي. بابا جي وفات کان پوءِ گذر سفر امان جي رلين جي سِبڻ تي هو ۽ ان کان علاوه ڀينرن جون شاديون به ٿي ويون. ان ڪري هاڻي خرچ پکي جي گهٽجن جي ڪري امان رليون سِبڻ جهڙوڪر ڇڏي ڏنيون آهن.
مجيب!
توسان اڄ اهڙي ڳالهه ٿو ونڊيان جيڪا مون ان کان اڳ نه ڪنهن سان ونڊي آهي ۽ نه ئي ڪٿي لکي آهي. ڳالهه اها آهي جو مون ٻه سال اڳ ”ماءُ“ نالي سان هڪڙو نظم لکيو هو ۽ اهو نظم جڏهن اسان جي تَر جي عالم پڙهيو ته مون کي گهرائي اهو چيائين ته جيڪڏهن ڏسڻ ۾ معصوم نه هجين ها ۽ منهنجو شاگرد به نه هجين ها ته هينئر ئي توکي مان اهڙي سزا ڏيان ها جو تنهنجي هم خيال ساٿين لاءِ عبرت جو سبب بڻجي ها. توکي خبر آهي، ان کي اعتراض ڇا جي ڪري هو. اهو نظم جي هنن سٽن جي ڪري هو.
ماءُ
هيءَ دعوا حقيقت ناهي
خدا جِي مالڪي
انسانن تي آهي
ڏهه مهينا
ڀڃ ڊاهه جا ڀنڊارَ
توئي ڀوڳيا
تنهنجي مالڪي جِي دعوا
هن ڌرتيءَ جي گولي کان
وزنائتي آهي.
هن کي اهو اعتراض هو ته تو خدا کان وڌيڪ ماءُ کي ڇو سڏيو آهي! هاڻي مان کيس ڇا ٻڌايان ته ماءُ ڇا آهي ۽ ان جي مالڪي انسان تي ڪيتري آهي. ان واقعي کان پوءِ مون نه رڳو امان تي پر وطن تي به دل کولي لکيو، ڪنهن به خوف خطري کي پنهنجي سوچن تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو.
ان ڏينهن اقرار پيرزادي پڇيو ته ”احمد ڪنهن جو راڳ ٻڌندو آهين؟“مون کيس جواب ڏنو ته ”شاهه لطيف جو مڪمل رسالو عابده پروين جي آواز ۾، مرزا غالب جي شاعري جڳجيت ۽ چترا جي آواز ۾ ڪڏهن ڪڏهن استاد بڙي غلام علي خان جي ٺُمري ”ياد پِيا کي آئی“، راڳ مالڪوس ۽ سورٺ ٻڌندو آهيان ۽ بس!“
وري چيائين ته ”درگاھ واري وائي ٻڌندو ڪر!“
مون کيس جواب ڏنو ته ”راڳ جي ڄاڻ ڪونهي مون کي پهريان مٿين جا اسم وڻيا پوءِ مون جاچ ورتي ڪنهن ڄاڻو دوست ٻڌايو ته اهي اسم فلاڻي راڳڻين ۾ ڳاتل آهن، راڳداري جي ڄاڻ جنهن کي سمجهه ۾ اچي. خوش نصيب آهن، اهي جن کي اهو علم آهي“
اقرار ٻڌايو ته ”ها! راڳ جي ڄاڻ ته وڏي شيءِ آھي پر درگاھ واري وائي ڀٽائي صاحب پاڻ ڳائيندو هو. هو راڳ جي اهڙي لي ٻڌي ويو آھي جو نه سمجهڻ باوجود ماڻهو جا ڳچ ڳري ٿا پون“
انهي تي مون کيس ٻڌايو ته ”امان منع ڪندي آهي گهر ۾ ڀٽائي کي هلائڻ کان! هڪ دفعي ڌڪ هڻي ڪڍيائين. موبائل پرتي اڇليائين ۽ تيز ڳالهايائين ته تون مان جو (منهنجو) دشمن آهين! مون کانئس پڇيو ته ڳالهه ڪهڙي اَهي (آهي) ته چيائين مان لطيف کِ (کي) ٻڌان ٿي ته ڀڄي ڀُري ٿي پوان ۽ تڪليف جي ڪڙهائيءَ م (۾) ڪڙهڻ لڳان ٿي ۽ غمان (غمن) جِي غار م غرق ٿي وڃان ٿي!“
مجيب!
توکي حيرت ٿيندي ان ڳالهه جي ته امان ستَ حج پڙهيا آهن ۽ تقريبن پنڌرنهن، سورنهن سالَ سعودي عرب ۾ رهي آهي، پر هن تي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به مذهبَ جو مڪمل پاڇو ڪونه پيو آهي.
سندس چپن تي ماسٽر چندر جو ڳايل اباڻا فلم جو گيت:
(وطن کان جدا ٿي لڏيندا وڃن ٿا۔
پکي ديس پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا!)
ايندو آهي ته اکيون ڀرجي اينديون اٿس. هڪ ڀيري مون کانئس پڇيو ته امان! تو ته ورهاڱو ڏٺو ئي ڪونه هو پوءِ تون انهيءَ درد کِ (کي) ڪيئن ٿي محسوس ڪرين۔؟ مون کي هڪڙو جملو چئي ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي ۽ اڱڻ ڏانهن وڃي کٽي تي ويٺي وري ساڳيو ماسٽر چندر جو گيت ڳائڻ لڳي. خبر اٿئي ته امان جواب ڪهڙو ڏنو هو۔!؟ چيائين ته
”مان اٺان (اٺن) ٻاران جي ماءُ آهيان ۽ ماءُ ٻچي جي ٻاتي ٻول کِ (کي) ئي سمجهي وندي (ويندي) آهي. ماسٽر چندر ته وڏي واڪي سان درد کِ (کي) ٿو بيان ڪري سو مان اُن نُون ڪيئن ڪن لاٽار ڪيان“
اڪثر گهر ۾ پنڻ ايندڙ فقيرياڻين / باگڙياڻين سان ايئن رلي ملي ويندي آهي، جهڙوڪ ڪو پيءُ، ماءُ جي گهران ڀاتي اُڪير مان پڇڻ آيو هجيس.
”هُوءَ ته مون کي
اوائلي دؤر جي
اها عظيم عورت لڳندي آهي
جيڪا اَن اُپائي ٿي
ٻار ڄڻي ٿي
پينگهو لوڏيندي
گيت ڳائي ٿي
۽ دنيا تي حڪمراني
ڪري ٿي!“
پاڙي جي مسيت مان ملان اسُر جي اذان ڏيندي ڌڻيءَ جي وڏائي بيان ڪري رهيو آهي ۽ مان تو ڏانهن خط لکندي امان جي تعريف ۾ ريشم / لفظن جا تاڪيا کولي رهيو آهيان!
مجيب!
موڪلاڻي ڪونهي.
خط جو جواب ضرور ڏجان ته جيئن رهجي ويل ڳالهيون دريافت ٿي سگهن ۽ توکي خط جي ٻِي قسط ۾ ارسال ڪري سگهان.
فقط تنهنجو
احمد شاڪر